ٻن تهذيبن جي سنگم جو سفرنامو : گلشن لغاري
سنڌي ٻولي ۾ سفرنامن جي تاريخ الطاف شيخ کان شروع ٿي ان تي ئي دنگ ڪري ٿي،توڻي جو ان جي نقش قدم تي عمل پيرا ٿي ٻين به ڪيترن سفرناما لکيا آهن پر شيخ صاحب جي قد ڪاٺ کي نه ڇُهي سگهيا آهن نه ئي اوتري مقبوليت ماڻي سگهيا آهن،ڇاڪاڻ ته سندس سفرنامادلچسپ ۽ معلوماتي هئڻ سان گڏ سياحن لاءِ ڪنهن گائيڊ کان گهٽ ناهن.الطاف شيخ کان پوءِ آفتاب ميمڻ سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ نئين قسم جي ناول نما سفرنامي جو بنياد رکيو آهي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ مون پهريون ڀيروهن قسم جو سهڻو رومانوي ناول نما سفرنامو پڙهيو آهي جيڪوآفتاب ميمڻ صاحب جي قلم جي ڪاوش آهي.مان سمجهان ٿي ته هن سنڌي ٻولي ۾ سفرنامي کي ناول جو انداز ڏيئي نئين روايت قائم ڪئي آهي.منهنجي خيال ۾ ان طرز تحرير جي ضرور پذيرائي ٿيندي.
هن ڪتاب کي پڙهڻ ويٺس ته هڪ ئي ويهڪ ۾ پڙهي پورو ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهيس.ڇاڪاڻ ته ايترو ته دلچسپ،معلومات سان ڀرپورخوبصورت۽ پُرڪشش رومانوي انداز تحريراوهان جو پلئه پڪڙي وٺندو۽ پورو پڙهڻ کانسواءِ اوهان جو پيڇو نه ڇڏيندو.
” نِيل نَدِيءَ ڪِناري“ نه صرف هڪ دلچسپ ۽ دل کي ڇُهندڙ رومانوي سفرنامو آهي پر ان ۾ تاريخ ، تهذيب ۽ سياست متعلق جيڪي ڀرپور قسم جا تفصيل درج آهن اهي ليکڪ جي وسيع مطالعو۽ بهترين معلومات ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪن ٿا ته هو مُشاهدي ۽ مُطالعي کان وانجهيل سيکڙاٽ اديب ناهي.هو پنهنجي لکڻ پڙهڻ واري ٻاڙَ مصروف زندگي مان وقت ڪـڍي پوري ڪندو رهي ٿو.۽ جيڪڏهن هو ان طرف باقاعدگي سان ڌيان ڏي ته گهڻن کي پوئتي ڇڏي سگهي ٿو.
مون کي سڀ کان وڌيڪ سندس جيڪا ڳالهه وَڻي، اها سندس پنهنجي ديس واسين ۽ ديس سان سندس دلي وابستگي آهي جنهن جو اظهار سندس تحرير مان ڇلڪي ٿو.اهم سرڪاري عهدي تي هجڻ باوجود سندس اَوليتون اهي ئي آهن جيڪي هڪ محب وطن انسان جون هجڻ گهرجن.ورنه عيش و نشاط واري زندگي نصيب ٿيڻ بعد گهڻو ڪري ان لڏي مان انسانيت ئي نڪري ويندي آهي.
”نِيل نَدِيءَ ڪِناري“ جو موضوع ئي پڙهندڙ کي هڪ قسم جي سَحَر ۾ مبتلا ڪري ڇڏڻ لاءِ ڪافي آهي،مٿان وري قلوپيٽرا جي ڪهاڻي،اسلامي تاريخ جي جرئتمندانه اُپٽار۽ سنڌو، نيل ۽ ٽيمز ندين جو تقابلي جائزو.....!سچ ته منهنجي لاءِ اها شيءِ تمام اهم هئي ۽ اها ڄاڻ مون کي پهريون ڀيرو هن ڪتاب وسيلي ملي ته انهن ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
هن سفرنامي جي سڀ کان خوبصورت، دل لُڀائيندڙ ۽ خوابن جي وادين ۾ وٺي ويندڙ ڪٿا ايمان سان رومانس......! پر انجام صفا حقيقت پسنداڻو...!ان کي ڪو به ڊرامائي رنگ نه ڏيئي آفتاب هڪ انوکو تجربو ڪيو آهي.
حسيني برهمڻ واري باب ۾، بيبي معصومه سڪينه ۽ سانئڻ زينب جي ذڪر تي سندس جذباتي ۽ پُرنِم ٿيڻ نج سنڌي ماڻهن جي ئي مزاج جو خاصو آهي.
ليکڪ وٽ ڪا به اجائي لَٻاڙ ۽ مصنوعي لفاظيت ڪانهي.سندس پاران تاريخي معلومات جا تفصيل ،سندس تاريخ ۾ جَجهي دلچسپي جو مظهر آهن جيڪو موضوع پٽاندڙ به آهي.
مونکي ”نِيل نَدِيءَ ڪِناري “ ٻن تهذيبن جي سنگم ۽ وڇوڙي جي اداس ڪري ڇڏيندڙ داستان سان گڏ ڪنهن سندر سپني جي قلمبند ڪيل ڪٿا جيان محسوس ٿئي ٿو.
ڪٿي ڪٿي مون کي آفتاب ننڍي کنڊ جي عظيم ليکڪا قرت العين حيدر جا پيرا کڻندي محسوس ٿئي ٿوپر اها انڌي تقليد نه پر قديم ۽ جديد جو حسين امتزاج محسوس ٿئي ٿو.
مونکي پڪ آهي ته هي ڪتاب پڙهندڙن وٽ ضرور مڃتا ماڻيندو.۽ ها آخر ۾ آئون ليکڪ کي الطاف شيخ صاحب واري لکڻ کي جاري رکڻ واري صلا ح ڏيڻ نه وِسارينديس.
گلشن لغاري
گلستان سجاد.حيدرآباد
پهرين مئي 2011ع