وليم - ٿامس ڊيڪر
”سائين! توهان صرف اڌ ڪلاڪ اڳ اچو ها. بورڊنگ ڪارڊ ته اسين پاڻهي ڪڍرائي ڇڏيون ها.“
ڪيئن ٻڌايان ته گهر واري ته پنجين وڳي صبح جو اٿاريو آهي ته متان مون کي دير نه ٿئي.
امارات ايئر لائين جي جهاز ۾ آرام دهه سيٽ تي وڃي ويٺس. جيئن ئي جهاز رن وي ڇڏي فضائن جي انهيءَ منزل تي پهتو، جتي سيٽ بيلٽ ٻڌي رکڻ واري هدايت جي بتي وسامي ته رنگ به رنگي پوپٽ مثل خوش شڪل ۽ من موهڻيون فضائي ميزبان ٽراليون کڻي مهمانن جي آڌرڀاءُ لاءِ جهاز ۾ هلڻ لڳيون. انهيءَ کان اڳ گرم خوشبودار ننڍڙا ٽوال کڻي ڏنائون ته هٿ ۽ منهن صاف ڪري وٺجن. رومال نما ٽوال ته خوشبودار هيا پر ميزبانن جي خوش اندام جسم مان نڪرندڙ مِهَڪَ دل و دماغ تي سرور جي ڪيفيت طاري ڪري ڇڏي. اڃان انهيءَ واس جي نشي ۾ هئس ته هڪ ٻي ميزبان ٽرالي گهليندي اچي ڀرسان بيٺي.
”ڊرنڪ سر؟“ موناليزا جي مُرڪَ کان به وڌيڪ من موهيندڙ مسڪراهٽ واريءَ پڇيو.
”زهر ڏيندئين تڏهين به پي ويندس.“ دل ۾ چيم.
پر کيس نهاريندي چيم:‘No Thanks’ نه، مهرباني.
منهنجي ڀرسان ئي هڪ ٿلهي پيٽ ۽ سنهين ڄنگهن وارو همراهه ٽراليءَ ڏي ششت ٻڌي پيو ڏسي.
ميزبان فراخ دليءَ واري مرڪ وري ڏانهس اڇلائيندي پڇيو:
”Your sir، سائين توهان (ڇا پيئندو.)؟“
فضائي ميزبان جي موتيءَ داڻن اڇن ڏندن جي نمائش جي موٽ ۾ منهنجي ڀَرَ واري همراه پنهنجا ٻٽيهه ئي پانن ۾ لٿڙيل ڳاڙها ڏند ٻاهر ڪڍندي وراڻيو:
”جن ۽ ٽانڪ واٽر.“
مون ڏي نهاري چيائين: ”توهان ڪونه پيئندا آهيو ڇا؟“
”پيئندو آهيان، پر صبح جو صرف کير يا چانهه.“
”ها.... ها....“ وڏو ٽهڪ ڏئي ذري گهٽ تاڙو ٿي ملايائين.
اڃان فضائي ميزبان اتي ئي بيٺي، ساڄي پاسي واري سيٽ تي ويٺل کي جوس جو گلاس پئي ٺاهي ڏنو ته همراهه جن ٽانڪ کي ڳيت ڏئي پي ويو ۽ فضائي ميزبان کان فرمائش ڪيائين ته هڪ ٻيو گلاس ٺاهي ڏي.... انهيءَ کان اڳ جو ڀائو ٽئين گلاس جي فرمائش ڪري فضائي ميزبان اڳيان نِڪري وئي. اڃا سندس وجود جي ٻهڪندڙ خوشبو جَهڪِي به ڪانه ٿي ته پويان ناشتي جي ٽرالي کنيو، هڪ ٻي مھ جبين اچي نروار ٿي. هرهڪ کان سندس پسند پڇندي ويئي ۽ ناشتو سندس سيٽ جي سامهون ٽري تي رکندي ويئي. مون ڇري ڪانٽو کڻي ناشتو کائڻ شروع ڪيو.
منهنجي ڀرسان ويٺل همراهه کي ڳالهائڻ جي اُڻ تُڻ اچي ٿي. شايد نيراني پيٽ جن ٽانڪ ڪجهه وڌيڪ اثر ڪيو هئس.
”توهان ڪيڏانهن پيا وڃو؟ دبئي“ مون ڏي نهاري پڇيائين،
”نه“ وراڻيم.
”پر هي جهاز ته دبئي پيو وڃي.“ ٿلهي پيٽ واري چيو.
”ها، پر اتان اڳيان قاهره به ويندو“، چيومانس.
”اڇا؟ اوهان مصر پيا وڃو.“ عجب مان چيائين.
”توهان چوندؤ ته کڻي نه ويندم،“ رکائي مان چيم. (اصل ۾ ماني کائيندي ڳالهائڻ نه وڻندو اٿم.)
”ها ها ها....“ وڏو ٽهڪ ڏنائين ”مزيدار ماڻهو آهيو.“
”لوڻ مرچ لڳائي ناشتي تي کائيندو ته وڌيڪ مزو ايندَوَ.“ ٻرندي جواب ڏنم.
”واهه سائين واهه....! ڪيڏو نه لطيف ۽ سهڻو مذاق ٿا ڪريو.“
همراهه چيو ”منهنجو نالو امجد آهي. آئون دبئي ۾ امپورٽ ايڪسپورٽ جو ڪاروبار ڪندو آهيان.“
کيس پنهنجو نالو ٻڌايم. ڪرت به ٻڌايم. اچي شروع ٿيو. ڪاروبار جا فائدا. الاهي ڪيترن ڪامورن جا نالا وٺي ويو ته انهن جو دبئي ۾ ڪاروبار آهي. ڪي شيخ ته ڪي ميمڻ ۽ ڪي سيد ڪامورا هئا. ڇا ٻڌايانس ته آئون انهن مان ڪونه آهيان. ٻڌندو رهيس. تان جو دبئي ايئرپورٽ اچي ويو. دبئي تي جهاز ڏيڍ ڪلاڪ کن بيٺو. امجد صاحب مان الله جان ڇڏائي. هو دريءَ جي ڀرسان ويٺل هيو. ڀرسان سيٽ خالي هئي ۽ لَنگهه (Aisle) واري سيٽ تي يعني راهداري کي ويجهي سيٽ تي آئون ويٺل هئس. هاڻ جو سيٽ خالي ٿي ته آئون اٿي دريءَ جي ڀرسان سيٽ تي ويٺس؛ پر پوءِ خيال آيم ته ٽرانزٽ وارا مسافر به ته ٽرانزٽ لائونج لاءِ لهندا. جيئن ڳوٺن ۾ لاري تي سيٽ پڪي ڪرڻ لاءِ رومال يا انگوڇو رکندا آهيون، تيئن هٿ ۾ کنيل ناول دريءَ واري سيٽ تي رکيم ۽ ٻين ٽرانزٽ مسافرن سان گڏ لهي پيس. ڏيڍ ڪلاڪ کان پوءِ جڏهن واپس آيس ته ٻه گورا ويٺا هئا، انهن مان ڪوته پڪ دريءَ واري سيٽ جي نمبر تي هوندو. پر ڪتاب ڏسي اشرافن ٻيون سيٽون سنڀاليون. منهنجي اچڻ تي اٿي مون کي جڳهه ڏنائون ته آئون وڃي اتي ويهان. وڃي سيٽ سنڀاليم. ٿوريءَ دير ۾ جهاز جو دربند ٿيو. جهاز هلڻ شروع ٿيو. جيئن ئي فضا ۾ هموار ٿيو ته سيٽ بيلٽ کولياسون، مون کي ڪجهه لڄ محسوس ٿي. ڀروارا شڪل مان برطانوي لڳا ٿي. هڪ ته انگريز لڳم ۽ پوءِ خبر پئي ته اندازو ذري گهٽ صحيح هيو. هڪ انگريز هيو ۽ ٻيو آمريڪي پر هيو اصل ۾ آئرش.
”معاف ڪجو! مون اوهان مان ڪنهن هڪ جي سيٽ تي قبضو ڪيو آهي.“ کلندي کلندي چيم.
”ڪو فرق ڪونه ٿو پوي اوهان جي چاهيو ته Aisle واري سيٽ تي ويهو جي هتي ويٺا هجو تڏهن به اسان لاءِ ٺيڪ آهي.“ ڀرواري چيو.
”مهرباني.“ مون وراڻيو.
”معاف ڪجو. جي ذاتي سوال نه سمجهو. توهان انگريز ٿا لڳو.“ مون پڇيو.
”ها ۽ اوهين....؟“ پڇيائين.
”پاڪستاني، منهنجو نالو آفتاب آهي، احمد چئي سگهو ٿا.“
”وليم- رابرٽ وليم، آئون لنڊن جي ڀرسان هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ سان تعلق رکان ٿو. انجنيئر آهيان. هيءُ منهنجو دوست آمريڪي آهي، ڊيڪر- ٿامس ڊيڪر. اسان ٻيئي دبئيءَ ۾ آرامڪو آئل ڪمپنيءَ جي آفيس ۾ انجنيئر آهيون.
”آئون به انجنيئر آهيان!“ مون چيو.
”توهان سان ملي خوشي ٿي.“
۽ ائين اسان ڪچهري شروع ڪئي. ٻنهي همراهن کي نه صرف مشرقِ وسطيٰ پر پوري خطي جي باري ۾ ڏاڍي سٺي ڄاڻ هئي. وليم انگريز کان وڌيڪ پاڪستاني هيو. سندس پيءُ اڻ ورهايل هندستان ۾ ريلوي ۾ ملازم رهيو هيو. ۽ اتي ئي هڪ سِکڻيءَ سان عشق ٿي پيس ۽ شادي ڪري ڇڏيائين. زال مڙس، مڙس جي رٽائرمينٽ کان پوءِ انگلينڊ موٽي آيا. سِکڻي جو نالو امرتا ڪور هيو. آخر تائين پنهنجو نالو ۽ مذهب نه ڇڏيائين. پر سندس اولاد گهٽ ۾ گهٽ نالي جي حد تائين ڪرسچين رهيو. وليم ذهني طور لامذهب هيو پر سڀن مذهبن ۽ متن جي لاءِ عزت ڀريو ڳالهائيندو رهيو. سندس خيال ۾ مذهب ذاتي مسئلو هيو ۽ انسان ذات سڀ کان مٿڀري هئي.
”توهان وٽ وري فوج حڪومت تي قابض ٿي آهي.“ وليم نواز شريف جي حڪومت جي وڃڻ ۽ پرويز مشرف جي حڪومت جون واڳون سنڀالڻ ڏي اشارو ڪندي چيو.
”ڪڏهين قابض ڪونهي؟“ مون وراڻيو.
”Well said (چڱي ٻڌايئي)“. وليم چيو.
”چڱي يا خراب چئي نٿو سگهان. حقيقت بيان ڪئي اٿم.“ مون جواب ڏنو.
”پر توهان صحيح ٿا چئو، جمهوريت جو ڪو نعم البدل ڪونهي.“ وليم چيو.
”آهي به ۽ ڪونهي به...“ مون ترندي ٻڏندي چيو.
”ڇا مطلب؟“ چيائين.
”ماءِ ڊيئر وليم- جي اسين پڙهيل لکيل ذهنن وانگيان ڳالهايون ٿا ته، ڳالهه هيءَ آهي ته مغرب جي تمام تر جمهوريت نواز ۽ جمهوريت پسند نعرن جي باوجود، هڪ پاسي صرف نصابي جمهوريت يعني هڪ ماڻهو هڪ ووٽ جي ڳالهه آهي ته، ٻئي پاسي علم سياسيات ۾ يا سوشل اينٿروپولاجي ۾ ماڻهن جي تقديرن جي فيصلي لاءِ نظام جي تشڪيل جي ڳالهه آهي. افلاطون اشرافيه جي حڪومت جي ڳالهه ڪئي آهي ته مارڪس ۽ لينن پورهيت جي تمام وسيلن تي اقتدار جي ڳالهه ڪئي آهي ته ميڪاولي وري بادشاهه جي حڪومت جي دوام جي ڳالهه ڪئي. جيتوڻيڪ ميڪاولي جو پرنس (Prince)، توڙي ڊسڪورس (Discourse)، ’چانڪيه‘ جي ’ارٿ شاستر‘ مان چوري ڪيل آهي. جمهوريت ڇا آهي؟ گونگن ۽ ٻوڙن جي ڌَڻ کي هڪ مَڌُرَ سُرَ واري بانسريءَ جي ليءَ تي مست ڪري هلائڻ لاءِ هڪ جادوگر کپي. ڪڏهين چرچل ته ڪڏهين هٽلر ته ڪڏهين مسوليني. سڀ مقبول عام چونڊيل ليڊر هئا نه؟ اها ٻي ڳالهه آهي ته تاريخ جي مذاق هڪ کي هيرو ڪيو ته ٻئي کي ولين (Villian). پر ولين جو به ڪهڙو ڏوهه آهي؟ جي شيڪسپيئر جي ڊرامي جو ڪيليبان پنهنجي ڪوجهي صورت آئيني ۾ ڏسي رڙيون ۽ رانڀا ڪندو هيو ته ان ۾ ڪيليبان جو ڪهڙو ڏوهه هيو؟ شڪل ٺاهڻ وارو ته ٻيو ڪير آهي؟
خيام جي رباعي جي هڪ سٽ ٿي ياد اچيم:
‘Did then hand of the potter shake’
(ڇا تڏهين ڪنڀار جا هٿ ڏڪيا هئا (مون کي ٺاهيندي؟).)
وليم نهاريندو رهيو ۽ آئون ڳالهائيندو رهيس، اندر جا وَڍَ اوريندي چيم:
”حڪومت ۽ حڪومتي نظام ڇا آهي؟ ماڻهن جي اشتراڪ جو هڪ ضابطي ۾ مربوط هئڻ جو معاهدو. ائين نه؟ پر نه! اڃا ترسو. ائين آهي به ته ڪونهي به. حڪومتن ۽ حڪومتن جي نظام جي اصليت ڇا آهي؟ رڍن ۽ ٻڪرين جي ڌَڻ کي سندن اڳيان لُوسڻ جي ڀري رکي، پويان لَٺَ سان سڌو ڪرڻ!سگهاريون ڌريون ماڻهن جو استحصال ۽ حقن جي پائمالي تي پنهنجو ٽڪسال ۽ ڪوڙ جو ڪوٽ جوڙي حڪومتون هلائين ٿا. اسان جهڙن ملڪن ۾ فوج، سياستدان، وڏيرا، مير ۽ پير هن ٽڪسال جا ڪل پرزا آهن ته توهان جي ترقي يافته ملڪن ۾ وڏيون ڪمپنيون، جنرل موٽرز، آءِ بي ايم، فورڊ، وسيلن تي قبضو ڪرڻ ڪاڻ هڪ هٽي نظام قائم ڪيو ويٺا آهن.“
”عجيب فلسفو آهي تنهنجو- پر غلط به ڪونهي. تاريخ جو اڀياس چڱو اٿئه.“ وليم عجيب لهجي ۾ چيو.
”تاريخ! هون!.... تاريخ هڪ مذاق آهي ۽ تاريخ دان ڀولڙو... جو بادشاهن جي ڊگڊگي تي ٺينگ ٽپا ڏي.“ مون وراڻيو.
‘I am Impressed” (مان متاثر ٿيو آهيان) ڪٿي پڙهيو آهين؟“
چيائين،” (Harvard) هار ورڊ؟“
”نه“ جواب ڏنم.
اڃان وليم وري ڪيمبرج جو نالو ورتو ته ٿامس وچان ٽپو ڏيندي چيو: ”آڪسفورڊ يا لنڊن اسڪول آف اڪنامڪس؟“
”نه يار- آئون ته هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ ۾ پڙهيو آهيان، جتي جنهن کي انگريزي ۾ ڏهن پکين جا نالا، ڏهن ڀاڄين جا نالا، ڏهن ميون جا نالا ايندا هئا. تنهن ٻار کي هوشيار ٻار سمجهيو ويندو هيو.“ مون چيو.
”پوءِ..... هي سڀ ڪيئن؟“ وليم عجب مان چيو.
”ڪاش! تنهنجو اردو ادب پڙهيل هجي ها. ڪرشن چندر هڪڙو ننڍڙو ناول لکيو هيو، ”دادرپل ڪي بچي.“ خدا سمجهي ٿو ته ٻار ڏاڍو معصوم آهي. هرڪو ٻار کي پيار ڪري ٿو ڇو نه آئون پنهنجو ٺاهيل سنسار ڏسڻ لاءِ معصوم ٻار جي شڪل ۾ هيٺ وڃان. سڀ پيار ڪندا. اهو سوچي خدا عرشِ معليٰ تان هيٺ لهي پنهنجي سنسار ۾ وڃي ٿو. هڪ گهر ۾ معصوم ٻار جي شڪل وٺي پيدا ٿئي ٿو. پنهنجي ڄم تي هر طرف خوشيون ۽ شادمانيون ٿينديون ڏسي ٿو. جيئن ٿورڙو ئي وڏو ٿئي ٿو ته يتيم ٿي وڃي ٿو. پنهنجن جي هٿان به خوار ٿئي ٿو. نيٺ گهران ڀڄي نڪري ٿو. آخرڪار ساڻس جيڪو سلوڪ ڪن ٿا تنهن جو ذڪر هڪ علحده باب آهي. پر پوءِ کيس اپاهج ڪري پنڻ لاءِ ڇڏي ڏين ٿا. آخري موقعي تي کيس بمبئي جي دادرپل جي هيٺان بي نور نابينا اکين سان پنندي ڏٺو ويو. مون اهو معاشرو صرف ناول ۾ نه پر اکين سان به ڏٺو آهي.“ مون ذري گهٽ روئيندي چيو: ”۽ مون پڪو پهه ڪيو ته هر ناانصافي، هر ظلم ۽ ڏاڍ خلاف جنگ جوٽيندس، پر ائين ڪرڻ لاءِ توهان کي طاقت. جي ضرورت آهي. علم ۽ ڄاڻ جي طاقت. انهيءَ جذبي مون کي اُتساهيو.“
وليم ڏي نهاريم. سندس اکين ۾ لڙڪن جي لار لٿل هئي. ذري گهٽ سڏڪا ڀريندي چيائين:
”احمد! ڪٿان کان ڪٿي هليو وئين. ڏاڍ ۽ ظلم خلاف ويڙهه هر آدرشوادي جو مقصد آهي. انسان جي عظمت ۽ خدمت ئي هڪ عالمي مسئلو آهي. متن ۽ ڀيدن ۾ ڪي ڪونهي رکيو.“
”ڇڏ يار! آئون پاڻ وڦلان پيو- سُورَ آهن جي کُٽن ئي ڪونه ٿا.
پر تون به ته ٻڌاءِ ڪجهه پنهنجي. مصر ڪيئن پيو وڃين؟ سرڪاري ڪم سان يا گهمڻ.“ پڇيومانس.
”گهمڻ! مون کي ۽ ڊيڪر کي Egyptology (علمِ مصريات) سان هميشه کان دلچسپي رهي آهي. هي سحر آفرين رنگا رنگ تهذيب ۽ تمدن هميشه کان مون کي ڇڪيندي آهي. مميون، اهرام، هيءَ عجوبا، فراعين، نيل ندي... اليگزينڊرا، سڪندر ِاعظم، جوليس سيزر، مارڪ انٽوني جهڙا فاتح مصر، قلوپيٽرا جي عيش و عشرت جا داستان، پيغمبرن ۽ نبين جا داستان، ابوالهول، خوفو سڀ عجيب ۽ تضادن جو ڀرپور مظهر جهڙو هتي آهي، شايد ورلي ڪٿي هجي.“ وليم چيو.
اڃان اهي ڳالهيون پئي هليون ته اعلان ٿيو ته حفاظتي پٽو ٻڌي ڇڏيو جو جهاز قاهره جي هوائي اڏي تي لهڻ وارو آهي.“
لڳي ٿو ته ابوالهول کي اسان جو ڳالهائڻ نه وڻيو.“ مون کلندي چيو.
وليم ۽ ڊيڪر وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ چيائون ته توسان ملي ڏاڍي خوشي ٿي.
هڪ ٻئي کي قاهره جي هوٽلن جا نمبر ڏناسين جتي اسان کي رهڻو هيو. منهنجي رهائش جو بندوبست آرڊو سيڪريٽريٽ وارن ڪيو هيو ۽ هوٽل جو نالو، فون نمبر موڪلي ڏنا هئائون جي مون وٽ هٿيڪا هئا. وليم وارن جي بڪنگ اڳواٽ ئي ڪنهن هوٽل ۾ ڪرايل هئي.