بطليموس - سَتَ رَپِ - قلوپيٽرا
بطليموس خاندان جا چوڏنهن حڪمران رهيا. بطليموس تيرهين مان بطليموس چوڏهون ۽ بطليموس پندرهون ٻه پٽ هيا ته بيني رِس چوٿين ۽ فلوپيٽرا ٻه ڌيئرون هيون. بيني رِس چوٿين 58 قبل مسيح تائين ٽي سال حڪومت ڪئي ته فلوپيٽرا راڻي قلوپيٽرا جي نالي سان ايڪيهه سال حڪومت ڪئي جنهن وچ ۾ پنهنجن ٻن سڳن ڀائرن بطليموس چوڏهين ۽ بطليموس پندرهين سان شادي ڪري گڏجي حڪومت به هلائي ته جوليس سيزر ۽ مارڪ انٽوني جي طرفان حڪمران ٿي به حڪومت ڪيائين. عجب ڳالهه آهي ته قلوپيٽرا کي سيزر مان جو پٽ ٿيو. جنهن جو نالو سيزيرين رکيو ويو. سو ناجائز اولاد ڪري سمجهيو ويندو هيو ته قلوپيٽرا جو پيءُ يعني بطليموس تيرهون به حرامي ٻار هيو. هر بطليموسي بادشاهه جي ڪهاڻي عجيب هئي. بطليموس پهرئين کي ته سڪندراعظم پنهنجي نمائندي طور مصر جي حڪمراني حوالي ڪري ويو هيو پر سڪندر اعظم جي مرڻ کانپوءِ سن 323 قبل مسيح ۾ هُن پاڻ ئي مصر جي مطلق العنان حڪمران طور واڳون سنڀاليون ۽ پاڻ کي ’ست رپ‘ سڏائڻ لڳو.
ساساني ۽ ايراني، جي گورنر مقرر ڪندا هئا تن کي ’ست رپ‘ سڏيندا هئا. اڄ به ادب ۾ ’ست رپ‘ وڏي ماڻهو يا گورنر وغيره جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندو آهي. ڪٿي ذڪر آهي ته سڪندر اعظم پنهنجي جرنيل بطليموس کي ست رپ ڪري مقرر ڪيو هيو ته ڪٿي صرف اِهو آهي ته بطليموس کي مصر جو انتظام حوالي ڪري اڳيان دنيا فتح ڪرڻ هليو. بهرحال بطليموس پهريون سڪندر اعظم جي موت يعني سن 323 قبل مسيح کان پوءِ ئي ست رپ ڪري لکيو وڃي ٿو. سڪندر جي موت کانپوءِ مقدونيه يا يوناني حڪومت انتشار جو شڪار ٿي ته سن 304 قبل مسيح ۾ بطليموس پهرئين پاڻ کي مصر جو بادشاهه سڏايو ۽ بطليموسي خاندان جي حڪومت جو بنياد رکيائين جنهن مصر تي ٻه سو چوهتر سال حڪومت ڪئي. (304 -30 قبل مسيح). بطليموس ٻئي، چوٿين، ڇهين، ستين، ڏهين، يارهين، تيرهين ته پنهنجي ڀيڻن سان به شادي ڪئي پر بطليموس ٻارهين جو هن خاندان جو آخري حلالي ٻار هيو تنهن وري ماءُ سان شادي ڪئي. سندس ماءُ قلوپيٽرا بيرينيس ٽين بطليموس يارهين جي زال هئي ته وري پٽ بطليموس ٻارهين جي به زال بڻي. اِها ٻي ڳالهه آهي ته بطليموس ٻارهون سندس ڪُک مان پيدا ٿيل ڪونه هيو. بطليموس ٻارهون آخري جائز وارث سمجهيو وڃي ٿو. بطليموس تيرهين کي حرامي ٻار ڪري سمجهيو ويندو آهي. سندس ئي ڌيءَ جڳ مشهور قلوپيٽرا هئي جنهن بطليموس پندرهين يعني ڀاءُ سان شادي ڪئي ته ساڳئي دور ۾ وري جوليس سيزر جي سُريتِ رهي ۽ وري جڏهين سيزر کي روم واپس گهرايو ويو ته ڀاءُ مڙس کي مارائي اڪيلي سر ملڪ جا مزا ماڻيائين. چئن سالن کانپوءِ جڏهين مارڪ انٽوني آيو ته ڏهه سال هُن جي سُريت رهي ته ڀاءُ بطليموس چوڏهين جي زال به رهي. تان جو سن ٽيهه قبل مسيح ۾ مصر سلطنتِ روم جو حصو بڻجي ويو.
ائين ٽوٽڪن ۾ ڊاڪيو مينٽري يا فلم هلندي رهي. مون کي رکي رکي ايلزبيٿ ٽيلر ياد آئي جڏهين ويڙهيل غاليچي کي حبشي غلام فرش تي کولي ٿو ته منجهائنس حشر سامان ايلزبيٿ ٽيلر بشڪل قلوپيٽرا نڪري ٿي. ننڍي هوندي فلم قلوپيٽرا ڏٺي سين. 1963ع ۾ هالي ووڊ جي فلم ڪمپني ايم جي ايم ڪروڙين ڊالرن جي خرچ سان فلم ”قلوپيٽرا“ ٺاهي هئي. هيءَ فلم جڏهن پاڪستان ۾ آئي ۽ ڪراچي ۾ اُن جي نمائش جي شروعات ٿي ته، پوري شهر جي فلمي شوقينن ۾ جوش ۽ ولولو هو. اُهي ماڻهو جيڪي بليڪ تي ئي سهي پهرين ڏينهن پهرين شو جي ٽڪيٽ وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا هئا، اهي ڏاڍو خوش هئا ۽ جيڪي ان ڪوشش ۾ ناڪام ٿيا هئا، انهن جي چهرن تي اداسي هُئي. ”قلوپيٽرا“ مون پنهنجن اسڪولي دوستن سان گڏ ڏٺي.
تن ڏينهن ۾ آئون پيٽاري ۾ پڙهندو هئس. فلم ڏسڻ جو شوق به هيو ته فلمون به سٺيون هونديون هُيون. ڪراچي جي دوستن ذڪر ڪيو ته سٺي فلم آهي. هڪ دوست کي ته ڊائلاگ به ياد هئا. جڏهين ٻڌائين ته قلوپيٽرا جوليس سيزر جو هٿ کڻي پنهنجي اُرهن تي رکي لڳائي ۽ وري سندس هٿ کي پويان جو نظارو ڪرائيندي چوي ٿي:
“My Breasts are full
And my hips are round
Such women, they say;
bear many a children….”
(منهنجا اُرهه ڀرپور آهن. منهنجا ڍَڳَرَ (Hips) گول آهن. چوندا آهن ته اِهڙيون عورتون زرخيز هونديون آهن.)
اهو ٻُڌڻ کان پوءِ شوق جي باهه وڌيڪ تيز ٿي. ڪيئن ايلزبيٿ ٽيلر جي اُرهن سان شناسائي ٿي هوندي. پر جملي جي بيهڪ ۽ زرخيزيءَ وڌيڪ حيران ڪيو. نيٺ هڪ ڏينهن آچر جي موڪل ڪري صبح پنجين وڳي پيٽاري مان نڪتاسين ته صبح جو يارهين وڳي وارو شو ڏسي سگهون. ڇا ته حُسن جي حڪايت هئي. وري منهنجي ذهن ۾ ڪنهن ليکڪ جون اُهي سٽون چٽجي ويون، جيڪي هن قلوپيٽرا جي اُن شاهي جلوس جي باري ۾ لکيون هيون، جڏهن هوءَ مارڪ انٽوني سان ملڻ وئي ٿي. ان جلوس جو ذڪر ليکڪ هيئن ڪيو آهي:
”طرطوس ۾ داخل ٿيڻ وارو شان اهڙو عجيب و غريب هو جو هر طرف هلچل مچي وئي هئي ۽ جنهن جنهن به ڏٺو ٿي پنڊپهڻ ٿيو ٿي ويو ته ڪا شهزادي آهي يا آسمان جون پريون يا ديويون آسمان تان لهي آيون آهن. هن جي ٻيڙي نهايت ئي پُرتڪلف، خوبصورت ۽ سون سان ڳاڙهي ٿيل هئي. ڇوته ان تي هر هنڌ سون ۽ چانديءَ جو پاڻي چڙهيل هو. ۽ نظر کي دوکو ڏيندڙ چِٽَ چٽيل هئا. پتوار ۽ کينا چانديءَ جا هئا ۽ هڪ ارغوني رنگ جو نهايت ئي سٺي رنگ وارو جهنڊو لڳل هو، جيڪو هوا تي ڦڙڪي رهيو هو. ٻيڙيءَ جي مٿان زربفت جو هڪ شاميانو وڏي نفاست سان چڙهيل هو. جنهن جي منقش جهالر سج جي سنهري ڪرڻن سان ويتر چمڪي رهي هئي. ان جي هيٺان هوءَ پاڻ سون سان مڙهيل، پيرن کان مٿي تائين زيورن سان ٻُٽيل، ڀڙڪيلا ڪپڙا پاتل ۽ جواهرن سان ڍڪيل ديوين جي شان جيان ويٺي هئي. انهن ڏينهن ۾ جيئن ته سڄي ملڪ جو مذهب يوناني ۽ رومي بت پرستي هو، روم ۽ يونان واسين جي عقيدي ۾ حسن و جمال جي ديوي وينس (زهره) هئي، جنهن جي خوبصورتي جي شهرت هئي. اهڙي خيال مطابق قلوپيٽرا وينس جو ٻيو روپ ڪري ۽ ان ناز سان گڏ عجيب مان مرتبي ۽ وقار سان ان شامياني جي هيٺان ڀرت ڀريل وهاڻي کي ٽيڪ لڳائي ويٺي هئي. خوبصورت ڇوڪرا جيڪي عشق جي ديوتا ڪِيُوپڊ جي روپ ۾ هئا ۽ تير ڪمان ساڻ هُئن، ڀرسان بيٺا پکو هڻندي ناز ۽ نخرا ڪري رهيا هئا. سوين حسين ۽ پرين جهڙيون خوبصورت ڇوڪريون جيڪي آسماني پرين جي ويس ۾ هيون، خدمت ۾ حاضر هيون. گهڻيون ئي حورون ۽ چنڊ جهڙيون ڇوڪريون جل پرين جي ويس ۾ هيون جيڪي پاڻيءَ ۾ لٿل ٻيڙيءَ کي سُڪيءَ ڏانهن ڌڪي رهيون هيون ۽ ڇڪينديون ٿي ويون. بس ائين پئي لڳو ته اصلي وينس آسمان مان لهي آئي آهي ۽ ان جي تخت کي پريون اڏاري کڻي وڃي رهيون آهن.“
هي اهو ئي شاهي جلوس هو، جنهن مارڪ انٽوني جو دل ۽ دماغ فتح ڪيو. ان کان پهرين هوءَ جوليس سيزر کي فتح ڪري چڪي هئي ۽ سيزر جي موت کان پوءِ به انٽوني جيڪو سلطنت روما جي قبضي هيٺ آيل ملڪ مصر کي فتح ڪرڻ ۽ پنهنجي تحويل ۾ وٺڻ جي لاءِ آيو هو پر قلوپيٽرا پنهنجي ذهانت ۽ پنهنجي حسن سان ان کي ائين اسير بڻايو جو موت ئي اُن کي آزادي ڏياري.
اڄ تائين اُها من موهڻي شڪل اکين آڏو ڦرندي آهي. ڇا ته حسن هيو. پر ڪن جو لکڻ آهي ته قلوپيٽرا رنگ جي سانوري هئي. اِها ڳالهه آئڙي ڪانه ٿي. يوناني نسل بطليموسي سهڻن نقش نگارن ۽ صاف رنگ جا هئڻ کپن. فلم ڏسندي ننڊ پئجي ويم.
ٻئي ڏينهن وري ساڳيو ئي هال ۽ ساڳيو ئي ماحول. ايندڙ سڄو هفتو مختلف ماهرن جا ليڪچر هلندا رهيا. انهيءَ وچ ۾ سڄي گروپ کي ٽن ننڍن گروپن ۾ ورهايو ويو هو، جن جي جوڙجڪ هن ريت هئي. پهرئين گروپ ۾ پنج، ٻئي ۾ ڇهه ۽ ٽئين ۾ ڇهه ميمبر نمائندا هئا ۽ باقي ماهر يا ٽيڪنيڪل سپورٽ (مددگار) ميمبر هئا. ٽئين گروپ ۾ وري اسان جي يار ڪونجل گهڻي شوق ۽ لئه بازي ۾ پاڻ ئي چيو ته چيئرمن آئون آهيان تنهن ڪري سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ ڪارروائي سهيڙيندڙ ۽ پيش ڪندڙ به آئون پاڻ هوندس ۽ انهيءَ تي ڪنهن اعتراض ڪونه ڪيو. هر گروپ کي ٽي ٽي Issues ڏنا ويا جن تي هو سڄي ورڪشاپ دوران ڪم ڪندا.
گروپ اي
1- ڊاڪٽر محمد شاڪر ماهر مصر
2- مريم ماس يعقوب چيئرپرسن مليشيا
3- آفتاب احمد ميمڻ سيڪريٽري پاڪستان
4- مس شن-ي- وانگ ميمبر تائيوان
5- جيڪب آنانگ تيتهي ميمبر گهانا
6- ڪن ووڪ ڪم ميمبر ڏکڻ ڪوريا
7- عبدالوحيد انور آرڊو عملدار ڀارت
گروپ بي
1- زوڪي پلي عبدل ماهر مليشيا
2- شاهه ديو سنگهه گڊيءَ چيئرمين ماريشس
3- انوپ ڪمار بوس سيڪريٽري بنگلاديش
4- چنگ سوهنگ ميمبر تائيوان
5- غالب- ايم هدا دين ميمبر لبنان
6- ايمان الرزاق احمد ميمبر شام
7- تيري سيتا ايم مستل شريڪ چيئرمين فلپائن
8- راجيشور ديال عملدار آرڊو ڀارت
گروپ سي
1- يحيٰ آدم اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل آرڊو ۽ ماهر
2- وشو اديپ ڪرم چند ڪونجل چيئرمن ۽ سيڪريٽري ماريشس
3- شيام سندر پرشاد ميمبر ڀارت
4- ڊاڪٽر مي يونگ هووان ميمبر ڏکڻ ڪوريا
5- مريم يوحنا ايد ميمبر لبنان
6- احمد صالح الهاشمي ميمبر شام
7- نوريسني بنت موسيٰ ميمبر مليشيا
8- راجيشور ديال عملدار آرڊو ڀارت
منهنجو نالو گروپ اي ۾ هيو. جي ٽي مسئلا (Issues) اسان جي گروپ کي ڏنا ويا سي هِن ريت هئا:
پهريون: ميمبر ملڪن ۾ زراعت سان وابسته ڪاروبار کي رڪاوٽ وجهندڙ مسئلن جي نشاندهي.
ٻيو: زراعت سان وابسته ڪاروباري صلاحيت کي وڌ ۾ وڌ اُپت وارو بڻائڻ لاءِ ڳوٺاڻي ترقي جي هڪ مضبوط ۽ مربوط نظام ۽ سرشتي جي نشاندهي.
ٽيون: اهڙيون ڪوششون جن کي هٿي ڏيڻ سان ڳوٺاڻن علائقن ۾ ڪاروباري خود ڪفاليت جو پروگرام ڪارآمد ٿئي تن جي نشاندهي ڪرڻ.
ايئن ئي ٻين گروپن کي به مختلف مسئلا ڏنا ويا ۽ عام ورڪشاپ پروگرام هلندا رهيا. اڃان ٽي چار ڏينهن مس ٿيا ته اسان آرڊو وارن کي چيو ته مهرباني ڪري هن اسڪول سان گڏ ڪو گهُمڻ ڦرڻ جو اجتماعي پروگرام به ڪيو. مختلف تجويزون ورتيون ويون. نيٺ ايندڙ ڏينهن لاءِ جي چند پروگرام طئي ٿيا تن ۾ اهرام ِمصر جو سير، قاهره ميوزيم، جامعه الازهر، سلطان صلاح الدين مسجد، بازار خليلي، ۽ پراڻي قاهره جو سير هو. باقي نيل ندي ڪروز ڇاڪاڻ ته ڪجهه مهنگو هيو ۽ عياشي جي زمري ۾ آيو ٿي تنهن ڪري انهيءَ کي آرڊو جي سرڪاري پروگرام جو حصو ڪونه ٺاهيو ويو. هاڻ اسان انتظار شروع ڪيو ته ڪڏهين ٿو پروگرام ملي. خدا خدا ڪري هفتي جو پروگرام مليو جنهن ۾ اندرون شهر، جامعه الازهر، صلاح الدين مسجد، بازار خليلي، جيزا جا اهرامَ ۽ قاهره ميوزيم جو سير رکيل هو. مون کي اهرامِ مصر ڏسڻ جي اڻ تڻ هئي. پڇڻ تي خبر پئي ته ٻئي هفتي جي وچ ڌاري منجهند کان پوءِ اهرام مصر جو پروگرام رکيل آهي. اها پڇا ڪرڻ لاءِ مون کي پروگرام آفيسر انور ئي موزون ماڻهو لڳو. انور سان بيٺو اڃان گپ شپ ڪيم ته شاهه ديو لانگهائو ٿيو ۽ اچي اسان سان شامل ٿيو. هن به اهو پروگرام ٻڌو. ڇو ته ڏينهن جو پروگرام ختم ٿي چڪو هيو ۽ اسان شام جي هن اختتامي چانهه تي بيٺا هئاسين سو ترت ئي واپسي جي ڪئي سين.
هوٽل پهتاسين، ڪمري ڏانهن هلندي شاهه ديو چيو ته هن ۽ ڪونجل پروگرام پئي ٺاهيو ته شام جو ڪيبري تي هلجي.
چيومانس، ”جيئن چوين. هي ڪيبري ته هر هنڌ ملي ويندو. هتي جي خاص شيءِ آهي ”نيل ڪروز“ ۽ ٻڌو اٿم ته ڪي ڪروز جي ٿورڙا مهنگا ته آهن پر انهن جو بيلي ڊانس ڪنهن به ڪيبري کان سٺو آهي. باقي جيئن چوين.“
”چڱو، ڪلاڪ ڏيڍ آرام ڪريون ٿا، پوءِ واڪ تي صلاح ڪنداسون.“ شاهه ديو چيو.
شام ساڍي ڇهين ڌاري واڪ تي آئون، شاهه ديو ۽ ڪونجل گڏ نڪتاسين. واپسي تائين فيصلو ٿي ويو ته نيل ندي جي مشهور زمانه ڪروز تي هلنداسين. واپسي تي ڪمرن ۾ وڃڻ کان اڳ هوٽل جي ٽريول ڊيسڪ تان معلوم ڪيوسين. هڪ سمارٽ جهڙي نوجوان ڪافي مدد ڪئي. اسان کي مختلف ڪروزن جي باري ۾ معلومات ڏنائين ۽ ٻڌايائين ته مختلف ريٽ آهن. ڪٿي صرف درياءَ جو سير ۽ هلڪي ڦلڪي موسيقي آهي ته ڪن وڏين جهاز نما ٻيڙين تي بيلي ڊانس، ڪيبري ۽ شراب سان ماني انهيءَ ٽڪيٽ ۾ شامل آهن. پوءِ ٻه ڪلاڪ جو ڪروز، ته وري ٽي ڪلاڪ جو ڪروز. چار پنج ڪلاڪ جو ڪروز ۽ ماني سان، ڪٿي صرف بيئر شامل آهي ته ڪٿي صرف هڪ ويلڪم ڊرنڪ ته ڪٿي انگور جي شراب جي بوتل. ٽڪيٽ جي قيمت ٻيڙيءَ جي سفر جي وقت جي مدت ۽ شراب جي تواضع توڙي بيلي ڊانسر جي مشهوري سان منسلڪ هئي. ڪوشش جي باوجود اسان کي ان ڏينهن لاءِ ٽڪيٽ ڪانه ملي سو ٻئي ڏينهن لاءِ ٽي ٽڪيٽون چيوسين. في ماڻهو اسي ڊالر لڳا ٿي. اڃا بيٺا هئاسين ته تيري سيتا مستل، ايمان الرزاق ۽ انهن سان گڏ تائيوان جي شن-ي- وانگ ۽ چنگ سُو هِنگ اچي اسان مٿان بيٺا.