سفرناما

نيل نديءَ ڪناري

آفتاب ميمڻ جو هي ناول نما سفرنامو آهي، جيڪو نه صرف تاريخ ۽ تهذيب جي ڄاڻ سان ڀرپورمعلوماتي ۽ تفريحي ڪتاب آهي پر ان ۾ هڪ اهڙي پيار ڪهاڻي به شامل آهي جا دل کي ڇُهندڙ ۽ خوابناڪ آهي.
مصر جي نيل نديءَ جو ذڪر ڪندي هو اسان کي لنڊن جي ٽيمز ندي، يورپ جي وولگا ۽ سنڌ جي سنڌو نديءَ جي به ڪَپَر تي وٺي اچي ٿو. ڪٿي ڪٿي هو تاريخ ۾ به جهاتي پائي ٿو ته انسان جي رَوين جي به ڳالهه ڪري ٿو. سفر دوران ساڻس ملندڙ ماڻهن جا خاڪا هو دلچسپ انداز ۾ بيان ڪري ٿو. سندس سفرنامو هڪ گائيڊ بوڪ وانگر بَور نه پر هڪ دلچسپ ناول لڳي ٿو، جنهن جا ڪردار انهن مُلڪن جي گهٽين ۾ جيئرا جاڳندا نظر اچن ٿا.
  • 4.5/5.0
  • 1877
  • 703
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • آفتاب ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نيل نديءَ ڪناري

يوحنا نبي - مسافرِ شام - حُسيني برهمڻ

”يوحنا نبي دمشق ۾ رکيل آهي؟“ مستل عيسائي هئي ۽ کيس شايد خبر نه هئي.
”ها مستل! حضرت يحيٰ جنهن کي انجيل مقدس ۾ يوحنا نبي ڪري لکيو ويو آهي، حضرت عيسيٰ عليه السلام کان پهرين نبوت تي مبعوث ٿيو توڙي جو ٻنهي جي عمر ۾ گهڻو فرق ڪونه هيو. حضرت يوحنا جي تبليغ کان بني اسرائيل متاثر ٿيڻ لڳا. بادشاهه وقت هيروڊيٽس بدڪار ۽ ظالم هيو. هو هونئن به يوحنا نبي جي مقبوليت کان خائف هيو. هيروڊيٽس پنهنجي ڀاءُ جي زال سان ناجائز تعلق رکيو. يوحنا نبي هيروڊيٽس کي ڀري دربار ۾ ملامت ڪئي. عورت جنهن جو نالو سلومي هيو، حُسن ۾ يڪتا هئي. هڪ روايت مطابق هوءَ اسرائيلي مذهب خلاف هئي ۽ ٻي روايت مطابق هُن حسين يوحنا نبيءَ کي پاڻ ڏي ڇڪڻ چاهيو پر ناڪام ٿي ۽ وري يوحنا نبي جي هيروڊيٽس بادشاهه کي ملامت ڪرڻ تي ڪاوڙ ۾ اچي ويئي ۽ بادشاهه سان شرط رکيائين ته ساڻس وصال تڏهين ڪندي جڏهين هو يوحنا نبيءَ جو سِر کيس پيش ڪندو. هَوسِ ۽ عشق ۾ انڌي بادشاهه جي حڪم تي يوحنا نبي جو سر مبارڪ طشت تي رکي هُن ملعون ۽ بدڪار عورت کي پيش ڪيو ويو. جو پوءِ اُتي ئي محل جي ڀرسان ايندڙ سالن ۾ ٺهيل گرجا ۾ رکيو ويو. جڏهن وليد عيسائين کان گرجا خريد ڪري مسجد اُميه ٺاهڻ جو ڪم شروع ڪرايو ته تعميرات تي معمور نگران کي پٿر جي هڪ ٽوڪري ۾ رکيل سر مليو جنهن تي لکيل هيو ته هي سر يوحنا نبيءَ جو آهي. وليد کي اطلاع ڏنو ويو. احترام سان سر مبارڪ مسجد ۾ دفن ڪرايائين ۽ هڪ عاليشان مقبرو به ٺهرايائين ۽ خبر اٿئه ته جڏهين ڪربلا جي لُٽيل قافلي کي ملعون ابنِ زياد يزيد جي دربار ۾ وٺي آيو ته امام عالي مقام جو سر مبارڪ شهيد ڪري آندو هئائين. انهيءَ مسجدِ اُمويه واري هنڌ ئي امام عالي مقام جو سر مبارڪ رکيو ويو. ملعون يزيد کي همٿ ڪانه ٿي جو ٻيو ڪو فيصلو ڪري. اتي ئي دمشق ۾ جنابِ سيده بي بي زينب بنت علي ڪرم الله ۽ همشيره امام عالي مقام ۽ سيده معصومه سڪينه بنت امام عالي مقام جون آخري آرامگاهون آهن.“ مون چيو.
مستل ۽ ايمان يڪ ٽڪ مون ڏي نهارينديون رهيون. امام عالي مقام ۽ پاڪ بيبين جي ذڪر تي منهنجيون اکيون آليون ٿي ويون. ايمان ڏي ڏسندي ڀريل آواز ۾ چيم:
”ايمان! تون جڏهين واپس وڃين ته ويندي ئي معصومه سيده سڪينه ۽ جنابه سيده بيبي زينب جي مزار تي وڃي منهنجي طرفان دعا گهُرجانءِ.“
ائين چوندي مون کي ڀٽ ڌڻيءَ جي سندس والد شاهه حبيب کي ڏنل ورندي ياد آئي:
سچا سامي، سچا سامينَ پنڌَ
هوتِ وَسي هر هنڌ، هُنين لَڌو هنگلاج ۾
۽ آئون جهونگارڻ لڳس.
”سچا سامي، سچا سامين پنڌَ“
نه اکين ۾ ايندڙ آلاڻ کي روڪي سگهيس ۽ نه ئي وري ”سچا سامي، سچا سامين پنڌَ...“ جي تڪرار کي جهلي سگهيس. ايمان ۽ مستل حيران مون ڏي ڏسي رهيون هيون ۽ آئون ”هوت هر هنڌ“ جي وحدت الوجود جي رنگ ۾ معمول ٿيو هست کان نيست ڏي پنڌ جي عجب اسرار جي معنيٰ ڳولڻ ۾ گُم.
”احمد! ٺيڪ ته آهين؟ Are you ok.“ ڪُلهي تي هٿ رکندي شيام سُندر پرشاد چيو.
خبر ئي ڪانه پيم ته ڪيڏيءَ مهل شيام اچي لانگهائو ٿيو ۽ اسان کي ڏسي اسان ڏي لڙي آيو.
”آئون ٺيڪ آهيان.“ اکين جي آلاڻ کي هٿ جي تريءَ سان اُگهندي جهيڻي آواز ۾ چيم.
”احمد مسافرِ شام جنابه سيده بي بي زينب بنت علي ڪرم الله وجهه ۽ معصومه سيده سڪينه جي ذڪر تي جذباتي ٿي ويو آهي. ائين نه، احمد.“
ايمان چيو: ”خبر نه آهي ته توهان کي تاريخِ اسلام سان ڪيتري دلچسپي آهي؟“
”ڀارت تي اسلام جا اڻ مٽ نقش آهن. هتي ته مسلمانَ سوين سال حڪمران رهيا آهن. ۽ اسلامي تهذيب، توڙي رهڻي ڪهڻي جي ڇاپ خاصي آهي. اسان ته سچ جي تلاش ۾ رهندڙ ماڻهو آهيون. هي هندستان ئي آهي جتي شهزادي سدارٿ محل ڇڏي جوڳ ڪڍيو ۽ شاڪيه مني ٿي راههِ حق جي طلب ۾ دنيا کي تياڳ ڏنائين. هندستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو بادشاهه چندر گُپت موريا راڄ پاٺ ڇڏي جيني ڌرم اختيار ڪيو ته عظيم اشوڪا فتوحات ڪندي چارئي پاسن لاشن جا انبار ڏسي تخت و تاج ڇڏي ٻُڌ ڀڪشو ٿيو. اسان جي مٽيءَ ۾ ته حق جي تلاش آهي. هي جو پُڇين ٿي ته مون کي رسول عربي (ﷺ) جي خانوادي ۽ معصوم شهزادين جي باري ۾ ڄاڻ آهي ته ايمان، تون حيران ٿيندئين ته اسان وٽ هندستان ۾ برهمڻن ۾ هڪ گهراڻو اِهڙو آهي جو پاڻ کي حُسيني برهمڻ سڏائيندو آهي. هي برهمڻ نه ته مندر ۾ ويندا آهن، نه ئي ديوي ديوتائن جي اڳيان سيس نوائيندا آهن. هُو خدا جي وحدانيت جا قائل آهن ۽ سندن عقيدي مطابق برهما انهيءَ قوت لازوال ۽ ازل کان ابد تائين رهندڙ واحد جي علامت هيو جنهن کي پوءِ هندومَتَ ڪٿائن جي آميزش ڪري عجيب شڪل ڏيئي ڇڏي.“ شيام چيو.
”برهمڻ!؟“ ايمان ۽ مستل ذري گهٽ هڪ آواز ٿي عجب مان پڇيو.
”هندومت جي عقيدي مطابق برهمڻ، برهما يعني لازوال قوت جي سِسي مان جنم ورتو آهي تنهن ڪري هو مانَ وارا آهن ۽ آسماني صحيفه يعني اشلوڪ پڙهڻ، ياد ڪرڻ، هنڊائڻ ۽ مذهبي رسمن جي استعمال تي توڙي مندرن جي رکشا تي صرف برهمڻ جو ئي حق آهي. کتري يا کشتري، سپاهي ۽ سالار آهن جيئن ويش واپاري يا هنر مند توڙي کيتي ڪندڙ آهن. انهيءَ ريت شودر صرف خدمتگار هوندا آهن ۽ نيچ ڪم سندن حوالي ڪيا ويندا آهن.“ شيام سمجهايو.
”پر مون پڙهيو آهي ته هاڻي ڀارت ۾ شودر ڪونه چيو ويندو آهي. مهاتما گانڌي شودرن کي هريجن يعني ديوتائن جي اولاد جو درجو ڏنو ۽ شودر جي لفظ جي استعمال جي منع ڪئي.“ مستل چيو.
”برهمڻ ته سمجهيوسين پر هي حُسيني برهمڻَ ڪير آهن ۽ اهو لفظ ڪٿان آيو.“ ايمان پڇيو.
”اِهو ئي ته ٻڌايم پئي ته هندستان ۾ هڪ گهراڻو پاڻ کي حُسيني برهمڻ سڏائيندو آهي. هو امام عالي مقام جي عقيدت ۾ پاڻ کي حُسيني سڏائيندا آهن. ماه محرم ۾ عزأداري ڪندا آهن. سندن خاص نشاني ڳلي تي تلوار جي ڌڪ سان ڪُسجڻ جيان ڪَٽَ جو نشان هوندو آهي جنهن تي هو فخر ڪندا آهن. اصل قصو خبر نه آهي ته ڪيئن آهي. پر روايت آهي ته جڏهين امام عالي مقام، رسولِ عربي جو ڏوهٽو ڪربلا ويجهو يزيدي لشڪر جي گهيري ۾ آيل هيو ته اُتان هڪ قافلو لانگهائو ٿيو جنهن ۾ هي برهمڻ جنهن جو نالو راهب ٻڌايو وڃي ٿو پنهنجن ستن پٽن سان شامل هيو. جڏهين معصوم ٻارن، عورتن ۽ ڪجهه باريش حسين جوانن کي هزارن جي لشڪر ۾ گهيريل ڏٺائين ته اول يزيدي لشڪر کان ئي پڇا ڪيائين ته هي ڪهڙو قافلو آهي جنهن کي توهان جو هيڏو سارو لشڪر ڪڙو ڏيو ويٺو آهي.
”هي آلِ بنو هاشم آهن. نبيءَ جي ڏوهٽي جي سرواڻي ۾ هنن خليفي يزيد بن معاويه جي خلاف خروج ڪيو آهي.“ يزيدي لشڪر جي هڪ سالار وراڻيو.
”اوهان تي خدا ۽ خدا جي رسول جي تا محشر لعنت هجي. ڪهڙي قوم جا فرد آهيو جو پنهنجي نبيءَ جي آل ۽ اولاد سان جهيڙو ٿا جوٽيو.“ راهب ٽامڻي ٿيندي چيو.
ائين چئي راهب قافلي ۾ وڃي پنهنجن ستن ئي پٽن کي ساڻ وٺي امام عالي مقام جي حضور ۾ حاضر ٿيو ۽ حاضر رهڻ لاءِ منٿ ڪري اجازت ورتائين. راهب جا ست ئي پٽ شهزادن تان صدقو ٿيا البته راهب زخمي ٿيو. شهادتِ امام عالي مقام کان پوءِ جڏهين معصوم ۽ پاڪ بيبين سان گڏ صرف هڪ بيمار امام زين العابدين مسافرِ شام ٿي روانا ٿي ٿيا ته امام زين العابدين راهب کي اجازت ڏني ته هو پنهنجي مُلڪ روانو ٿئي. يزيدي لشڪر ته بنو هاشم ۽ آلِ رسول (ﷺ) کي ئي خليفي ڏي وٺي وڃڻ جا پابند هيا تن راهب کي وڃڻ ڏنو. راهب مُلڪان مُلڪ ٿيندو اچي هندستان پهتو ۽ پاڻ کي حُسيني برهمڻ سڏرائي عزأداري شروع ڪيائين. سندس خاندان صدين کان اِها رسمِ وفاداري نڀائيندو اچي. خبر اٿوَ!! اداڪار سُنيل دت ۽ سنجي دت انهيءَ حُسيني برهمڻ خانوادي مان آهن.“ شيام چيو.
ڇو ته مون اِهو ذڪر ڪٿي پڙهيو هيو تنهن ڪري عجيب نه لڳو پر ايمان ۽ مستل ڏاڍيون حيران ٿيون.
”مستل جو حيران ٿيڻ واجبي آهي پر ايمان، تون ته مُلڪ شام جي رهندڙ آهين. توکي ته خبر هوندي ته عقيدت ۽ محبت جي هِن راهه ۾ عجيب عجيب مظهر آهن.“ مون ايمان ڏي ڏسندي چيو.
”مطلب!“ ايمان پڇيو. شايد ڪو مثال پُڇڻ پئي چاهيائين؟
”حلب ڪانه وئي آهين؟ ڪيترو پري آهي دمشق کان. دنيا جي قديم ترين شهرن مان آهي. ائين نه؟ روايت آهي ته حضرت ابراهيم ؑ به حلب ۾ آيو هيو ۽ ڪافي وقت رهيو.“ مون چيو.
”ڇو حلب سان ڇا منسوب آهي؟ آئون واقعي ڪانه وئي آهيان ۽ مذهب جو ايڏو مطالعو به ڪونهي.“ ايمان چيو.
”حلب ۾ هڪ عمارت کي مشهدِ حُسين چوندا آهن. مسجد ٺهيل آهي. حُجرا ٺهيل آهن ۽ وچ ۾ شيشي جو هڪ وڏو باڪس رکيل آهي. انهيءَ باڪس جي وچ ۾ هڪ پٿر رکيل آهي. هيءُ مُتبرڪ پٿر آهي جنهن تي امام عالي مقام جو سِرُ مبارڪ رکيو ويو هيو ۽ وهنجاريو ويو هيو. هن پٿر تي وجههءِ تخليق ڪائنات رسول عربي جي ڏوهٽي جو رت لڳل آهي ۽ تا قيامت نشان رهندو. چون ٿا ته جڏهين يزيدي سپاهي آلِ رسول کي قيدي بڻائي حلب جي شهر مان لنگهيا ته هڪ عيسائي راهب ڏٺو ۽ سپاهين وٽ آيو. پڇيائين:
”هي ڪير آهن جن کي کنيو پيا وڃو.“
”قيدي، خليفي جا باغي.“ جواب مليو.
”۽ هي سِر ڪنهن جو آهي؟“
”حسين جو.“
”حسين ڪير؟“
”حُسين ابن علي“
”حسين ابن علي! رسول عربي جو ڏوهٽو!“ راهب کان رڙ نڪري ويئي.
”ها!“ جواب مليس
”توهين انڌا ٿي ويا آهيو. پنهنجي رسول جي ڏوهٽي جو سِرُ ڪٽي هيئن کڻي پيا وڃو!!“
يزيدي لشڪر ماٺ.
”توهان تي خدا جي لعنت هجي! قهر نازل ٿئي توهان تي الله جو! هي ڇا ڪيو اٿوَ؟ بدبختو!!“ راهب رڙندي چيو.
”هي سر ڪيڏانهن پيا کڻي وڃو؟“
”دمشق“
”هاڻي ته رات ٿي ويئي آهي. صبح جو سفر ڪندؤ.“
”ها!“
”مون کي رات لاءِ هي سِرُ ڏيندؤ.“
”نه!“
”صرف اڄ رات لاءِ. ڏهه هزار دينار ڏيندس.“
حرص ۽ طمع جا ماريل يزيدي لشڪري تيار ٿي ويا پر اِن شرط تي ته ڏهه هزار دينار هاڻي ئي ڏيندين ۽ اسين گڏ رهنداسين
راهب منظور ڪيو. سِڪن جي ڀريل صندوق حوالي ڪيائين ۽ سِرُ مبارڪ کڻي پنهنجي حجري ۾ آيو. سر مبارڪ کي چميائين. وارن مبارڪ کي لڳل ڪربلا معليٰ جي مِٽي پنهنجي اکين کي لڳايائين. پٿر تي سِر مبارڪ رکي غسل ڏنائين.
انهيءَ پٿر تي امام عالي مقام جو رت مبارڪ لڳي ويو جو اڄ ڏينهن تائين ظاهر آهي. راهب سڄي رات عقيدت سان سِرُ مبارڪ جي سامهون ويٺو رهيو. وقت گذري ويو آهي پر راهِ عشق جي هڪ نشاني ڇڏي ويو مون ٻُڌل ۽ پڙهيل داستان کين ٻڌايو.
”ڇا حقيقت آهي؟“ مستل پڇيو.
”محبت، عشق ۽ عقيدت ۾ اهڙيون ته عجب نشانيون ظاهر ٿين ٿيون جي اسان جي سمجهه کان ٻاهر آهن. هي جڳهه موجود آهي. پٿر آهي. زيارت آهي. دنيا جي مختلف مُلڪن کان ماڻهو زيارت ڪرڻ لاءِ ايندا آهن ۽ اِهو عقيدو رکي ايندا آهن ته هتي امام عالي مقام جي سر مبارڪ کي غسل ڏنو ويو هيو ۽ غُسل ڏيندڙ عيسائي راهب هيو. مُحبت مذهب جي ويڇي کان مٿڀري آهي.“ مون هنن ڏي نهاريندي چيو.
شيام ڏي ڏٺم ته لڳم ته کيس ننڊ پئي اچي. مون کي ٿورڙو عجيب لڳو جو هو ڪافي دير کان اچي ويٺو هيو ۽ اسان کيس چانهن لاءِ به نه پڇيو هيو. مون تي فرض هيو ته پڇانس ها.
”يار! معاف ڪجانءِ ڇا پيئندين؟“ مون چيو.
”ڪجهه به نه. آئون ته ٻاهر سگريٽ وٺڻ نڪتو هئس. واپسي ۾ توهان کي ڏٺم ته سوچيم ته ٻه چار منٽ ويهان ٿو پر ڊگهي ڪچهري ٿي ويئي. هاڻ ته ننڊ جو وقت آهي.“ شيام چيو.
”صحيح ٿو چوين. هلڻ جي ڪجي.“
ائين چوندي مون واچ ڏي ڏٺو. مستل سمجهي وئي ته هاڻ اُٿڻ جي ڪجي. اشارو ڪري ويٽر کي سڏ ڪيائين ته هو بِل کڻي اچي. منهنجي اصرار جي باوجود مستل مون کي پئسا ڏيڻ ڪونه ڏنا. خدا حافظ چئي اسان پنهنجن پنهنجن ڪمرن لاءِ روانا ٿياسين.