سفرناما

نيل نديءَ ڪناري

آفتاب ميمڻ جو هي ناول نما سفرنامو آهي، جيڪو نه صرف تاريخ ۽ تهذيب جي ڄاڻ سان ڀرپورمعلوماتي ۽ تفريحي ڪتاب آهي پر ان ۾ هڪ اهڙي پيار ڪهاڻي به شامل آهي جا دل کي ڇُهندڙ ۽ خوابناڪ آهي.
مصر جي نيل نديءَ جو ذڪر ڪندي هو اسان کي لنڊن جي ٽيمز ندي، يورپ جي وولگا ۽ سنڌ جي سنڌو نديءَ جي به ڪَپَر تي وٺي اچي ٿو. ڪٿي ڪٿي هو تاريخ ۾ به جهاتي پائي ٿو ته انسان جي رَوين جي به ڳالهه ڪري ٿو. سفر دوران ساڻس ملندڙ ماڻهن جا خاڪا هو دلچسپ انداز ۾ بيان ڪري ٿو. سندس سفرنامو هڪ گائيڊ بوڪ وانگر بَور نه پر هڪ دلچسپ ناول لڳي ٿو، جنهن جا ڪردار انهن مُلڪن جي گهٽين ۾ جيئرا جاڳندا نظر اچن ٿا.
  • 4.5/5.0
  • 1877
  • 703
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • آفتاب ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نيل نديءَ ڪناري

قاهره جو عجائب گهر

اڄ منجهند جي مانيءَ تائين گروپس جي Presentation رکيل هئي. تنهن کان پوءِ ٻين وڳي اسان کي قاهره عجائب گهر ڏي وڃڻو هيو. طبيعت ۾ سستي ۽ بيزاري هئي پر پنهنجي گروپ جي طرفان مون کي ئي Presentation ڏيڻي هئي ۽ گروپ سان گڏ وڃڻو به ضروري هيو. منجهند جي مانيءَ کان پوءِ اسان ڪوسٽرز ۾ چڙهي عجائب گهر پهتاسين. انور اسان سڀني جا ٽڪيٽ ورتا ۽ اسان هڪ گائيڊ سان گڏ عجائب گهر ۾ داخل ٿياسين.
مصري نوادرات جو عجائب گهر، مصري عجائب گهر جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. قاهره ۾ وڏي تعداد ۾ قديم مصري نوادرات ملن ٿا. هڪ لک ويهه هزار قيمتي نوادرات هن عجائب گهر ۾ رکيل آهن. مصري عجائب گهر قديم مصري تاريخ جو اهڃاڻ آهي، جيڪو فرعوني نوادرات ۽ بادشاهه طوطخ آمون جي خزاني جو دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو مرڪز پڻ آهي.
1830ع ۾ مصري نوادرات ۽ خزانو مصر مان ٻاهر اسمگل ٿيڻ لڳو. ۽ وڏي تعداد ۾ خزانو چوري ٿيڻ لڳو. جنهن کان پوءِ فرانس جي آگسٽ ميريٽ (Auguste Mariette) کي مصر ۾ موڪليو ويو جنهن جي نگرانيءَ ۾ مصري حڪومت 1835ع ڌاري ازبڪيه گارڊن ۾ هن عجائب گهر جي تعمير ڪئي. عجائب گهر ٿوري ئي عرصي ۾ 1858ع ڌاري بولاق منتقل ڪيو ويو ڇو جو عمارت تمام ننڍي هئي ۽ نوادرات تمام گهڻا هئا. 1855ع ۾ جڏهن نوادرات ٻئي هنڌ منتقل ڪيا ويا ته اهو ڪم آسٽريا جي ڊيوڪ ميڪسملن جي حوالي ڪيو ويو، جنهن فرانسسي ماهر تعمير مارسل ڊورگنون (Marcel Dorgnon) کي نوادرات لاءِ نئين بلڊنگ ٺاهڻ جو ڪم سونپيو. عجائب گهر جي نئين عمارت نيل نديءَ جي ڪناري بولاق ۾ ٺاهي وئي. 1878ع ۾ جڏهن نئين عمارت جُڙي تيار ٿي، ته اُن وقت نيل نديءَ ۾ ٻوڏ اچڻ سبب نوادرات کي ڪجهه وقت لاءِ جيزا (Giza) ۾ اسماعيل پاشا جي محل ۾ منتقل ڪيو ويو. جنهن کان پوءِ 15 نومبر 1902ع ۾ موجوده عجائب گهر (جيڪو تحرير اسڪوائر قاهره ۾ آهي) ۾ تمام نوادرات منتقل ڪيا ويا ۽ ان جي سرڪاري طور تي رونمائي ڪئي وئي. تازو مصري انقلاب (2011ع) ۾ عجائب گهر کي نقصان رسايو ويو، جنهن سبب ٻه مَميون ۽ ڪجهه نوادرات مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا آهن.
گيسٽن ماسپيرو (Gaston Maspero)، ٻيو ڊائريڪٽر آف ائنٽيڪوئيٽيز سروس نامزد ڪيو ويو، جنهن آگسٽ ميريٽ جي ڪم کي اڳتي وڌايو ۽ عجائب گهر ۾ موجود نوادرات جي ڪئٽلاگ جا 50 واليوم تيار ڪيا ۽ يورپ ۽ آمريڪا جي ڪيترن ئي عجائب گهرن کان فنڊ ورتو، جيڪو عجائب گهر جي واڌاري لاءِ استعمال ڪيو. ماسپيرو 1916ع تائين ڊائريڪٽر رهيو.
موجوده عجائب گهر ٻه ماڙ عمارت تي مشتمل آهي. گرائونڊ فلور ۾ 42 ڪمرا آهن ۽ پهرئين فلور ۾ 47 ڪمرا آهن. عجائب گهر ۾ 107 هال آهن. ان کان علاوه فوٽوگرافي جو سيڪشن پڻ آهي.
عجائب گهر جا ست حصا آهن:
• پهرئين حصي ۾ طوطخ آمون جو خزانو رکيل آهي.
• ٻئي حصي ۾ شاهي گهراڻي ۽ پراڻي بادشاهت جا يادگار رکيل آهن.
• ٽئين حصي ۾ پهرين وچئين دور ۽ وچين بادشاهت جا يادگار رکيل آهن.
• چوٿين سيڪشن ۾ جديد بادشاهت جا يادگار رکيل آهن.
• پنجين سيڪشن ۾ يوناني، رومي ۽ آخري بادشاهت جا يادگار رکيا ويا آهن.
• ڇهين سيڪشن ۾ سڪا ۽ ريٺي جا ڪاغذ (جنهن کي پائپرس (Papyrus) چوندا آهن) تنهن تي ٿيل لکت رکيل آهي.
• ستين سيڪشن ۾ صندوقي تابوت رکيل آهن.
گرائونڊ فلور ۾ مصري قديم دور ۾ استعمال ٿيندڙ لکت لاءِ ڪاغذ ۽ سڪن جو وڏو تعداد رکيو ويو آهي. لکت وارن ڪيترن ئي ڪاغذن جو وڏو حصو پوين ٻن صدين دوران ڦاٽي پيو آهي. لکت وارن انهن ڪاغذن تي ڪيتريون ئي ٻوليون لکيل آهن، جن ۾ يوناني، لاطيني، عربي ۽ قديم مصري لکت به موجود آهي. جيڪي سڪا موجود آهن اُهي ڪيترن ئي ڌاتن جا ٺهيل آهن جن ۾ سَون، چاندي ۽ ڳاڙهسري رنگ جا آهن. سڪا نه صرف مصري آهن، پر يوناني، رومي ۽ اسلامي دور جا پڻ رکيل آهن جيڪي محققن کي مصري تهذيب کي سمجهڻ ۾ وڏي مدد ڏين ٿا. گرائونڊ فلور ۾ نئين بادشاهت جي دور جي دستڪاري پڻ رکيل آهي جيڪا 1550 کان 1069 قبل مسيح جي آهي. دستڪاريءَ جو وڏو حصو شروعاتي صدين ۾ تيار ڪيل آهي، جنهن ۾ مورتيون، ٽيبلون ۽ تابوت آهن.
پهرينءَ فلور تي موجود نوادرات قديم مصر جي آخري ٻن شاهي گهراڻن ۽ فرعونن تيتومسس ٽئين (Thutmosis III)، تيتومسس چوٿين (Thutmosis IV)، آمن هوتپ ٻئين (Amenhotep II) ۽ هشپت جي مقبري سان واسطو رکن ٿا. ان کان علاوه بادشاهن جي واديءَ جا نوادرات پڻ موجود آهن، جنهن ۾ بادشاهه طوطخ آمون جو سامان وڌيڪ آهي. بادشاهه طوطخ آمون جي استعمال جون شيون جنهن ۾ چٽسالي ٿيل صندوق (جيڪا گهڻو ڪري ڪپڙا رکڻ لاءِ استعمال ٿيندي آهي) هاٿيءَ جا ٻه ڏند، سوني جا ڪنگڻ، هار ۽ ٻيا آرائشي زيورَ پڻ موجود آهن. طوطخ آمون جي مقبري مان اسلحي جو سامان ۽ ٻيا اوزار پڻ مليا آهن جيڪي بادشاهه استعمال ڪندا هئا. جيتوڻيڪ هن مقبري ۾ 3500 نوادرات موجود هئا پر دريافت ٿيڻ تائين اُنهن مان ڪافي تباهه ٿي چڪا هئا. طوطخ آمون جي دفن ٿيڻ کان پوءِ مقبري ۾ ڪيترا دفعا چوري پڻ ڪئي وئي جنهن ۾ ڪافي سامان لٽيو ويو. پر پوءِ به ڳچ سامان بچيو جيڪو عجائب گهر ۾ موجود آهي. بادشاهه جي استعمال ٿيل سامان ۾ طوطخ آمون جو اُهو سونو خول وڌيڪ مشهور آهي جيڪو بادشاهه پنهنجي چهري تي هميشه چاڙهيندو هو. اُهو سونو خول تقريباً 11 ڪلوگرام وزني آهي ۽ خالص سونَ جو ٺهيل آهي، جيڪو بادشاهن جي شان جي عڪاسي ڪري ٿو.
عجائب گهر ۾ ڪيترن ئي مشهور فرعونن جا لاش به پيل آهن، جن ۾ راميسس ٽين جو به آهي جيڪو هڪ ويڙهاڪ فرعون هو. انهن مَمي ٿيل فرعونن ۾ ڪيترائي فرعون اهڙا آهن جن جي باري ۾ معلومات ناهي ته اُهي ڪڏهن پيدا ٿيا يا انهن جي حڪومت جو دؤر ڪهڙو هو. محققن ٽائيم جو صرف هڪ ڪاٿو لڳايو آهي. آمن هوتپ چوٿين جي تاريخ جو ڪاٿو 1372 قبل مسيح لڳايو ويو آهي. اها خبر به ائين پيئي ته آمن هوتپ ٽيون جڏهن وفات ڪري ويو ته ان جي تاريخ قبر تي لکي ويئي هئي.
عجائب گهر ۾ لائبريري پڻ آهي جيڪا 1902ع ۾ قائم ڪئي وئي هئي. لائبريري جي نگرانيءَ لاءِ هڪ اعليٰ اختياري ڪونسل جوڙيل آهي. هن لائبريريءَ ۾ پراڻي مصري دور جي تهذيب جو چڱو خاصو مواد پيل آهي. مثلاً تاريخ، رياضي، ادب، آرٽ ۽ ميڊيڪل. هن لائبريريءَ کي دنيا جي خاص مضمونن واري لائبريريءَ ۾ مڃتا مليل آهي.
لائبريريءَ ۾ 42500 ڪتاب ۽ رسالا عربي، انگريزي، فرانسسي ۽ ڊچ زبان ۾ موجود آهن. هر مهيني 20 کان 30 ڪتاب ۽ رسالا هن لائبريري ۾ شامل ڪيا ويندا آهن. لائبريريءَ ۾ محققن ۽ شاگردن کي وڃڻ جي اجازت آهي. ان کان علاوه ٻاهرين ملڪن جي محققن کي پڻ اتي سهولتون ڏنيون وڃن ٿيون.
اسان جو گروپ گائيڊ سان گڏ هلندو رهيو ۽ گائيڊ اسان کي عجائب گهر جي باري ۾ ٻڌائيندو هليو. شيام ۽ آئون ڪجهه پوئتي واري ميڙاڪي ۾ هئاسين پر گائيڊ جو آواز صاف ۽ چٽو پئي آيو. اوچتو مون کي ماحول ۾ اجنبيت محسوس ٿيڻ لڳي. شيام جو هٿ جهلي کانئس پڇيم:
”توکي دلچسپي آهي وڌيڪ ٻُڌڻ ۾.“
”ڇو؟ تون بيزار ٿي پيو آهين ڇا؟“ شيام چيو.
”يار! بيزاريءَ کان وڌيڪ افسوس ٿو ٿئيم، انساني ذهن کي هِنن فضول ڳالهين ۾ ضايع ڪرڻ جو. تاريخ جي وهڪري ۽ تسلسل جي خبر هئڻ کپي. اهرام ڪيئن ٺهيا. حساب داني جو ۽ جيوميٽري جو ڪمال هيو سو سمجهڻ ضروري آهي. لاشن کي حنوط ڪري مَميون ڪيئن ٺاهيندا هئا سو علم ڄاڻڻ ضروري آهي، پر ....... پر ......هيءُ جو مصري فراعينِ مصر جو ذڪر ڪندي فخر محسوس ڪن ٿا سا ڳالهه صفا نٿي وڻي. غلامانه ذهنيت ۽ تنهن ۾ تفاخر جو احساس ڪنهن قوم کي جُڳائي ڪونه ٿو. پر ڇڏينس! آئون ٻاهر ٿو وڃان. تون جي هلين ته به ٺيڪ نه ته ٻاهر ٿَهلي ٿي ويهي چوڦير ماڻهن جو اچڻ وڃڻ ڏسڻ ۽ تازي هوا کائڻ هن وقت مون کي وڌيڪ ضروري ٿو لڳي.“
”مون کي به مصريات تي ڪو عالم ڪونهي ٿيڻو. ايتري ڄاڻ ئي ڪافي آهي. هلو.“ شيام وراڻيو.
۽ اسين آهستي آهستي ڪري ٻاهر نڪري آياسين. هلندي هلندي شيام چيو:
”پر يار، هِن سحر ۾ ته اسان به مبتلا آهيون. ڀارت اڃان تائين چندرگپت موريا توڙي اشوڪا جي وسيع سلطنتن جي تفاخر ۾ مبتلا آهي پر اِهو ڪڏهين به ڪونه ٿو ڄاڻائي ته چندرا گپتا آخري عمر ۾ سلطنت جي هوَس جي ڄار مان نڪري جين ڌرم اختيار ڪري دنيا تياڳ ڪيائين يا عظيم اشوڪا ڪالنجر جي لڙائيءَ کان پوءِ لاشن جا انبار ڏسي تلوار ٽوڙي سلطنت ڦٽي ڪري تياڳي ٿيو ۽ ٻُڌ مذهب اختيار ڪري ڪشڪول کڻي ڀڪشو ٿيو. توهان هند و پاڪ جا مسلمان محمود غزنوي، شهاب الدين غوري کي ته ڇڏيو پر اُنهن مغلن جي سحر ۾ به گرفتار آهيو جي ظهير الدين بابر کي ڇڏي صرف هڪ ڪم ۾ ماهر هيا ته ڀاءُ کي ڪيئن مارائجي. پيءُ کي ڪيئن انڌو ڪجي.“
”صحيح ٿو چوين شيام! اسان هند و پاڪ جا ماڻهو به غلامانه ذهنيت جي پستيءَ مان نٿا نڪرون.“ وراڻيم.
ائين اسان ڪافي دير ڳالهيون ڪندا ۽ دل جو غُبار هلڪو ڪندا رهياسين. تان جو اسان جو گروپ واپس ايندي نظر آيو. ڪوسٽرن ۾ چڙهي واپسيءَ جو سفر ڪيوسين.