ايمان احمد الرزاق
اکين ۾ ٿي ويهه ته آئون واري ڍَڪِيان،
توکي ڏسي نه ڏِيهه آئون نه پَسَان ڪي ٻيو.
اياز نه چيو آهي:
ڄڻ ديوي آ ڪا پٿر جي!
صوفيه مون کي خيالن مان ڪڍيو- ”احمد!‘ توهان هيٺ لهڻ لاءِ آيا آهيو يا....؟“ هن هاسيڪار جملو اڻپورو ڇڏيو.
آئون ڄڻ خواب مان نڪري آيس- ”هيلو صوفيه!“ چيم، ”هيٺ لهڻ لاءِ ئي آيو آهيان.“
پوءِ ٻاهر اچو- اسان جي هڪ ٻئي Delegate سان ملو- ايمان احمد الرزاق، شام ملڪ مان آيل آهي.“ صوفيه چيو.
ايتري دير ۾ آئون لفٽ کان ٻاهر نڪري چڪو هئس. لفٽ جي دروازي کان ٿورڙو پاسيرو ٿي ڪنڌ لوڏي ايمان کي ”هيلو“ ڪيم.
”چرپر هن جا چپ ٿين ٿا،
مُرڪي موتين لَپَ ڏين ٿا.“
اياز جي چوڻي مطابق سندس چپن ۾ ايئن ئي هلڪي چرپر ٿي. موتي داڻن مثل ڏندن ياقوتي لبن جي نقاب ۾ هلڪي جهلڪ ڏيکاري. سندس حسن جو تاب نه آڻي سگهيس. اکيون هڪدم هيٺ ٿي ويون. جڏهن ڪنڌ مٿي کنيم ته ڪنن ۾ صرف سندس سريلي ”هيلو“ جي آواز جو پڙاڏو هيو. لفٽ جو دروازو بند ٿي چڪو هيو. صوفيه ايمان کي سندس ڪمري ۾ ڇڏڻ ويئي هئي.
ايمان جي ”هيلو“ جو پڙاڏو ڪنن ۾ گونجندو، روح کي سرشار ڪري ويو. آواز نه هيو ڄڻ سُرن جي مَڌُرتا جاڳائي هجيس. مٿان وري سندس تابناڪ حُسن. کن پل لاءِ ته وسري ويم ته ڪٿي بيٺو آهيان. ها، لائونج جي ڀرسان جا کليل بار هئي اوڏي وڃڻو هيو. شاهه ديو ۽ ڪونجل منهنجي انتظار ۾ ويٺا هئا. پير ڄڻ مَڻَ مَڻَ جا ڳورا پَهڻَ ٿي ويا. ڪنهن روبوٽ جيان هلندو، خالي ذهن سان استقباليه وٽان لنگهي لائونج اورانگهيندو آئيسس (Isis) بار ڏي وَڌيس. چئن ڄڻن لاءِ رکيل هڪ ميز تي ٻن ڪرسين تي شاهه ديو ۽ ڪونجل ويٺا هئا. هڪ ڪرسي سوري آئون به ويهي رهيس. گُم سُم. کين کيڪار ڪيم ۽ نه ئي سندن کيڪار ٻڌم. شاهه ديو الائي ڪيڏيءَ مهل ويٽر کي اشارو ڪيو، جو اچي مٿان بيهي رهيو.
”ڇا پيئندين؟“ شاهه ديو پڇيو.
”اسان ته وهڪسي پيا پيون.“
”وهڪسي...اسڪاچ...ڊبل.“ جهيڻي آواز ۾ ڄڻ پاڻ سان ڳالهائيندي چيم.
”پاڻي يا سوڍا.... ۽ برف؟“ ويٽر پڇيو.
”صرف وهڪسي. نعمتن ۾ ملاوٽ مون کي ڪانه وڻندي آهي. ها، پر ٿوري برف وِجهِجانءِ.“ مون چيو.
”NEAT پيئندين؟“ شاهه ديو حيران ٿيندي پڇيو.
”شاهه ديو.... آئون ڀٽ ڌڻيءَ جو فقير آهيان. منهنجي مرشد جو بيت آهي...
عَاشق زَهر پياڪَ وَهَه پَسئو وَهسَن گهڻو،
ڪَڙي ۽ قَاتل جا هميشه هيراڪَ...
۽ وري ترجمو ڪري ٻڌايم، پنهنجي مطلب جو. لاکيڻي لطيف جو وهه توڙي ڪڙو ۽ قاتل ڪنهن به طرح وهڪسي ڪونه هئي. راهه حق ۾ زهر جي پيالي پيئندڙ سقراط ڏي اشارو هيو. سچائي ۽ حق تي هلندڙن کي ايندڙ تڪليفن جي لاءِ اشارو هيو پر مون کي هروڀرو پنهنجو مطلب ڪڍڻو هيو.
” فلسفو پوءِ ٻڌاءِ. ويٽر کي واندو ڪر.“ شاهه ديو چيو.
”ڪهڙي پيئندؤ؟ مالٽ يا بلينڊيڊ.“ ويٽر پڇيو.
خالي ذهن ۽ ويران اکين سان ويٽر ڏي نهارڻ لڳم. هي مون کان ٿو پڇي ته مالٽ يا بلينڊيڊ. هن سدوري کي ڪيئن ٻڌايان ته اسان جي تَرَ ۾ ڇوڏي جي ڪنتري ئي نعمت آهي. پوءِ ڇوڏو ڪنڊيءَ جو يا ڪونڀٽ جو. هي ميون مان، انگورن مان، صوفن مان شراب ٺهڻ ته صرف خيام جي رباعين مان معلوم ٿيو. اسان وٽ نه انگور ٿين نه صوف، نه ئي ننڍي هوندي ڏٺاسين. انگريز جي ڪاريگري ته الاهي پوءِ آشڪار ٿي. پر اهو ديسي راڪيٽ نما ڪنتري به ڪٿي ڪٿي هوندو هيو. معزز ماڻهو آفيم جي ذري چوسيندا هئا يا کير سان پيئندا هيا. اوطاقن ۽ ڪچهرين جا ڪوڏيا وري بوبڪن جي ڀنگ سان چار مغز ۽ بادام گهوٽائي مست الست ٿيندا هئا. ديسي شراب جو رواج شروع ۾ ڪولهين ۾ گهڻو هوندو هيو.
”سر! ڪهڙي پيئندؤ؟“ ويٽر وري پڇيو.
”جان واڪرس. ريڊ ليبل. ڊبل. صرف ٿوري برف.“ مون چيو.
”بليڪ ليبل پي. ڪونجل جي ٽريٽ آهي.“ شاه ديو چيو.
”نه يار، بليڪ ليبل پي آنڊا سڙي ويا آهن. اسان وٽ هر ٻيو ماڻهو بليڪ ليبل کان سواءِ ٻي ڪا شراب ڪونه ٿو پئي. هڪڙو شريف ماڻهو هيو آغا محمد يحيٰ خان، سو بليڪ ڊاگ پيئندو هيو.“ وراڻيم.
ايتري ۾ ويٽر وهڪسي جو گلاس کڻي آيو. گلاس ۾ شراب مٿان برف جون ننڍيون ٽڪيون تريون پي. آڱر وجهي ڪجهه دير برف جي ڳنڍين کي گهمائيندو رهيس. جڏهين برف ڪجهه ڳريل محسوس ڪيم ۽ پاڻياٺ جو مقدار اڌ گلاس جيترو ٿيو ته گلاس کڻي شاهه ديو ۽ ڪونجل ڏي نهاري چيئرز ڪيم ۽ هڪ ئي ڳيتَ ۾ اڌ گلاس ختم ڪري هيٺ رکيم.هيڏانهن هوڏانهن جون خبرون ڪندا، پنهنجن ملڪن جون آکاڻيون ٻڌائڻ شروع ڪيوسين مس ته، هڪدم وقت جي احساس گلاس جلدي ختم ڪرڻ تي اُڪسايو. مون چيو ته ڳالهين لاءِ وقت پيو آهي، ٿورڙي اکين جي پسار ته ڪري وٺون. اڃان ٻيو گلاس مس ختم ڪيوسين ته آفيسر مهمانداري صوفيه اسان کي ڳوليندي اچي لائونج مان نڪتي :
”سڀ هيٺ اچي چڪا آهن، صرف توهان ٽن ڄڻن جو انتظار آهي.“ صوفيه چيو.
”ڪٿي آهن؟“ ڪونجل اُتاوِلو ٿيندي پڇيو.
”سامهون ريسيپشن جي ڀرسان ته ڪي ٻاهر ڪوچ وٽ“ صوفيه وراڻيو.
” هلون!“ ايئن چئي ڪونجل بل گهرائي پيسا ڏئي اٿيو.اسان به آخري ڳيت ڏئي اٿياسون. ڪن ساٿين سان لائونج ۾ ملاقات ٿي ته ڪن ساٿين سان ڪوچ ۾ چڙهندي ۽ سفر ڪندي، هڪ ٻئي کي نالا، ڪم، عهدا ۽ ملڪ ٻڌاياسين.
تڙ تڪڙ ۾ ڪي نالا سمجهه ۾ آيا ته ڪي صفا ڪونه آيا. پندرهن منٽن ۾ خبر پيئي ته اسان منزل تي پهتا آهيون. ڪجهه مصري ڪامورن سان ملاقات ٿي ته وري آرڊو جي آيل ڪجهه آفيسرن سان ملاقات ٿي. ڪونجل ۽ شاهديو جي چوڻ مطابق ماني واقعي رُکي به هئي ته سادي سودي به هئي. نه ڪي ڪورسز نه ئي سِجي ۽ رانون. اجنبي ماحول. اوپرا ماڻهو ملندا رهيا. ڪير ڪير هيو، صفا سمجهه ۾ ڪونه آيو. مس مس ڪري جان ڇٽي. ڏهين وڳي واپس هوٽل تي پهتاسين. ڄڻ اسڪول مان موڪل ٿي هجي. هر ڪنهن بنا هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ جي ڪمري ڏي وڃڻ جي ڪئي. شاهديو کي روڪيم ته يا ته لائونج ۾ هلون يا منهنجي ڪمري ۾ هلي ٻه ٽي پيگ پيون. سخت بوريت پئي ٿي. ڪمري ۾ اچي ڪجهه ڪچهري ڪئي سين ۽ ڪلاڪ کن ۾ شب خير چوندي شاهه ديو پنهنجي ڪمري ۾ آرام ڪرڻ لاءِ هليو ويو.
ٻئي ڏينهن کان ڪارروائي شروع ٿي. ساڍي اٺين وڳي رجسٽريشن شروع ٿيڻي هئي. ورڪشاپ جو انتظام هوٽل جي ڀرسان ئي زرعي ترقياتي کاتي جي مرڪزي آفيس ۾ سيمينار هال ۾ رکيل هيو. جي پنڌ وڃجي ته پنج منٽ مس ٿي لڳا پر ڪوسٽر ۾ ڏهه منٽ کن لڳا جو هڪ طرف ٽرئفڪ جي خيال کان ڪوسٽر کي ڪافي ڦيرائي وٺي آڻڻو ٿي پيو. چوڻ ڪاڻ ته ڪانفرنس هال ايئن ٿي لڳو ڄڻ صرف هڪ ئي هال هجي پر پهچي ڏٺوسين ته هي هڪ جديد سهوليتن سان ڀرپور (Complex) هيو، جنهن ۾ هڪ وڏو آڊيٽوريم، ٻه ڪانفرنس هال ۽ هر سينڊيڪيٽ ڪمري ۾ آڊيو، وڊيو، انٽرنيٽ ۽ ملٽي ميڊيا جون سڀ سهوليتون موجود هيون. آڊيٽوريم ۾ 500 ڄڻن لاءِ سيمينار طرز تي آرامده سيٽون لڳل هيون ۽ سامهون وڏو اسٽيج هيو. اسان کي ٻن مان هڪڙي ڪانفرنس هال ۾ وڃڻو هيو، جتي 50 کان 60 ڄڻن لاءِ بيضوي شڪل ۾ ڪانفرنس ٽيبل لڳل هئي.
رجسٽريشن ۾ اڌ ڪلاڪ کن لڳو. هر نمائندي کي نالي وارو ڪارڊ، هڪ بستو، جنهن ۾ پروگرام جو تفصيل لکيل هو، ڏنو ويو. پنهنجيون پنهنجيون جڳهون والاريون سين مس ته آرڊو جو سيڪريٽري جنرل مسٽر بهار منيپ ۽ آرڊو جا عملدار داخل ٿيا. پروگرام آفيسر هڪدم اعلان ڪيو ته سيشن شروع ڪيو ٿو وڃي ۽ آرڊو جي سيڪريٽري جنرل کي درخواست ڪيائين ته هو افتتاحي تقرير ڪري. مسٽر بهار منيپ اسٽيج تي رکيل پنهنجي ڪرسي تان اٿي روسٽرم تي آيو.