سفرناما

نيل نديءَ ڪناري

آفتاب ميمڻ جو هي ناول نما سفرنامو آهي، جيڪو نه صرف تاريخ ۽ تهذيب جي ڄاڻ سان ڀرپورمعلوماتي ۽ تفريحي ڪتاب آهي پر ان ۾ هڪ اهڙي پيار ڪهاڻي به شامل آهي جا دل کي ڇُهندڙ ۽ خوابناڪ آهي.
مصر جي نيل نديءَ جو ذڪر ڪندي هو اسان کي لنڊن جي ٽيمز ندي، يورپ جي وولگا ۽ سنڌ جي سنڌو نديءَ جي به ڪَپَر تي وٺي اچي ٿو. ڪٿي ڪٿي هو تاريخ ۾ به جهاتي پائي ٿو ته انسان جي رَوين جي به ڳالهه ڪري ٿو. سفر دوران ساڻس ملندڙ ماڻهن جا خاڪا هو دلچسپ انداز ۾ بيان ڪري ٿو. سندس سفرنامو هڪ گائيڊ بوڪ وانگر بَور نه پر هڪ دلچسپ ناول لڳي ٿو، جنهن جا ڪردار انهن مُلڪن جي گهٽين ۾ جيئرا جاڳندا نظر اچن ٿا.
  • 4.5/5.0
  • 1877
  • 703
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • آفتاب ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نيل نديءَ ڪناري

ڪملا منصور

اڳئين ڏينهن اربع 29 آڪٽوبر تي جيئن ئي ورڪشاپ لاءِ وڏي هال ۾ داخل ٿي سوچيوسين ته هاڻي آرڊو جي طرفان مقرر ڪيل عملدار جو هر گروپ لاءِ علحده رابطي آفيسر جو ڪم به ڏيندو هو سو ايندو ۽ اسين پنهنجي علحده علحده سينڊيڪيٽ ڪمرن ۾ وينداسين ته پروگرام آفيسر انور اسٽيج تي اچي اعلان ڪيو ته:
”اڄ حڪومت مصر ۽ آرڊو جي گڏيل دعوت تي اقوام متحده سان منسلڪ هڪ ذيلي اداري جي فني ماهر ۽ معروف Social anthropologist ۽ ليڊز يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر ڪملا منصور اسان وٽ آيل آهي. سيڪريٽري جنرل آرڊو ۽ ڊاڪٽر ڪملا منصور اسان سان شامل ٿيڻ وارا آهن. ڊاڪٽر ڪملا جي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ چانهه جو وقفو ٿيندو ۽ پوءِ گروپ پنهنجي ڪم ڪرڻ لاءِ مقرر ٿيل سينڊيڪيٽ ڪمرن ڏي ويندا.“
اڃان ايترو چئي بس ڪيائين ته مسٽر بهار منيپ ۽ ڊاڪٽر ڪملا منصور اندر داخل ٿيا. ڪملا منصور 45ـ 48 سالن جي متوازن جسم ۽ ڊگهي قد، ڪارن وڏن وارن ۽ وڏين چمڪندڙ اکين سان ڪڻڪ رنگي ڪنهن قدر خوبصورت چوڻ جهڙي عورت هئي. سندس هلڻ جو انداز پر اعتماد ۽ شانائتو هيو. سڌو اچي سامهون رکيل روسٽم جي ڀرسان ميز پويان ٽن ڪرسين مان هڪ تي ويٺي. باقي ٻن ٻين ڪرسين تي مسٽر بهار منيپ سيڪريٽري جنرل آرڊو ۽ يحيٰ آدم اسسٽنٽ سيڪريٽري ويٺا. مسٽر انور روسٽرم تي اچي ڪملا منصور کي خطاب جي دعوت ڏني.
”منهنجو نالو ڪملا منصور آهي. مون کي بهتر لڳندو ته آئون پنهنجو ذاتي تعارف به ڪرايان ۽ پنهنجي ڪِرتِ توڙي تعليمي پس منظر به اوهان جي اڳيان رکان، جيئن اوهان مون کي بهتر سمجهي سگهو ۽ جي ڪو سوال ڪرڻو آهي ته انهيءَ ۾ به آساني ٿيندي. جيئن نالي مان ظاهر آهي، ته منهنجو مڙس مسلمان آهي ۽ آئون هندو والدين جي گهر ۾ پيدا ٿي هئس. منصور سان منهنجي ملاقات ليڊز يونيورسٽي ۾ منهنجي ريسرچ اسڪالر هئڻ دوران ٿي ۽ اسان جي شادي ٿي ويئي. نه آئون ڪا عملي هندو آهيان، نه ئي منصور ڪو عملي مسلمان. جي مذهبي حوالي کان ڏسندؤ ته اسان زال مڙس ڪنهن عملي خاني ۾ فِٽ ڪونه ٿينداسين. تعليم ۾ مون ماسٽرس ڊاڪا يونيورسٽي مان ڪئي ۽ پي. ايڇ. ڊي ليڊز مان. منهنجو خصوصي شوق توڙي تحقيق جو حوالو ”عورت جو معاشي ۽ معاشرتي ترقي ۾ حصو“ رهيو آهي. اڄ اسان جي ڳالهائڻ جو موضوع ”زراعت ۽ زراعت سان وابسته ڪاروبار ۾ عورت جو ڪردار“ آهي. انهيءَ کان اڳ جو آئون اصل موضوع تي اچان هڪ ذڪر ضروري آهي. اِهو هيءُ ته اسان مشرقي مادرانه معاشرو يا Matriarchial Society رهيا آهيون. عورت گهر جي وڏيرڙي آهي ته لڇمي به آهي. زراعت پيشه معاشري ۾ عورت خاندان جي سربراهه جيان آهي، جتي کيتي ٻاڙي کان وٺي، ڍور ڊنگر پالڻ، مال کي چارو ڏيڻ، ڏُڌ ولوڙڻ، وري مکڻ ٺاهڻ، چيز ٺاهڻ، غرض هر معاشي ضرورت جي پورائي عورت جي هٿان ئي ٿئي ٿي. مرد اناج ۽ ٻين جنسن کي منڊيءَ تائين رسائڻ جي ڪم ۾ وڌيڪ رُڌل آهي. مادرانه معاشري جو هڪ وڏو اهڃاڻ Polyandry به آهي جتي هڪ عورت هڪ کان وڌيڪ مردن سان شادي ڪري ٿي. ايشيا ۽ آفريقا ۾ اُهي معاشرا هيا جتي اِها رسم هئي. ڄڻ مرد شادي ٿي، عورت جي گهر اچي رهندو هيو ۽ ايستائين رهندو جيسين اُها عورت کيس رَکي، نه ته عورت کي حق هيو ته هو ٻيو مرد ڪري. خير هن وقت Polygamy يا Polyandry اسان جو موضوع ڪونهي. نه ئي انهيءَ حوالي سان گناهه ۽ ثواب جو ليکو ڪرڻ. گناهه ته ’برٽرانڊ رسل‘ جي لفظن ۾ جاگرافي سان معنيٰ مٽائيندو آهي يا گناهه جو تصور هر خطي جو پنهنجو هوندو آهي. اسان جو ته موضوع آهي، ”عورت جو زراعت ۽ زراعت سان وابسته ڪاروبار ۾ حصو.“ جي پورهئي جي ونڊ ورڇ جو ڪاٿو لڳائجي ته خبر پوندي ته کاڌ خوراڪ جي تمام وسيلن جي پيدائش ۾ 85% پورهيو عورت جو آهي پر ائين نظر ڪونه ايندو آهي. انهيءَ ڪري نه ته عمل جي سرگرميءَ ۾ عورت جي ڀائيواري گهٽ آهي پر انهيءَ ڪري ته عورت کي پورهئي جي اُجرت گهٽ ملندي آهي. عورت لاءِ معاشري ۾ هڪ عام ٻيائيءَ وارو رويو هوندو آهي. جنسي طور هراسان ڪرڻ به عورت ڏي هڪ ٻيائيءَ وارو رجحان آهي. جتي مصر ۾ ڏيڍ لک ننڍيون صنعتون آهن تن مان 49% زراعت سان وابسته آهن ۽ زراعت سان وابسته انهن تمام صنعتن کي هلائڻ واريون گهڻي ڀاڱي عورتون آهن.“
ڪملا ڳالهائيندي رهي ۽ تمام پيرائتي طور ثابت ڪندي رهي ته نيل نديءَ جي سيرابي بلڪه اُن سان منسلڪ زمين جي زرخيزي لاءِ جيئن اوسيرِس ديوتا ۽ سندس زال آئيسس ديوي ڀاڱي ڀائيوار آهن تيئن عورت به مرد سان گڏ زراعت ۽ زراعت سان وابسته صنعتن ۾ شانه بشانه هلي ٿي.
ڪملا منصور جو ليڪچر ۽ سوال جواب ڏيڍ ڪلاڪ کن هلندا رهيا. جيئن ئي سوال جواب ختم ٿيا، ته انور اعلان ڪيو ته هاڻ تمام ڊيليگيٽ چانهه جي وقفي کان پوءِ پنهنجن پنهنجن سينڊيڪيٽ هالن ڏي وڃن. سينڊيڪيٽ جي ڪارروائي چار وڳي شام جو ختم ڪري واپس هوٽل ورڻ جي ڪئي سين.
اسان تمام ساٿين پروگرام ٺاهيو هيو ته شام جو ڇهين وڳي آئيسِس لاؤنج ۾ڪٺا ٿينداسين. ڪونجل هاڻ اسان جو اڄوڪي پروگرام لاءِ سرواڻ هيو. سڀن کان سو سو ڊالر وٺي رکيا هئائين جنهن مان اسي ڊالر في ماڻهو ته ڪالهه ئي ٽريول ڊيسڪ تي ڪروز لاءِ ڏيئي ٽڪيٽ هٿ ڪيا هئائين. باقي ويهه ڊالر في ماڻهو اسان نوَ ڄڻن يعني شيام، بوس، شاهه ديو، ڪونجل، مستل، ايمان، وانگ، هِنگ، ۽ منهنجي حصي جا يعني هڪ سو اسي ڊالر ڪونجل وٽ بچيل هئا ته لموزين جو ڀاڙو ۽ ٻيو متفرق خرچ اُنهيءَ مان ڪبو. گاڏي لموزين ته ڪانه هئي پر آرام ده آمريڪي ڪرسلرز هيون. ماڻهن جي حساب سان ٻه گاڏيون اچڻيون هيون. ساڍي ڇهين وڳي هوٽل مان روانو ٿيڻو هيو. اسان جي هوٽل کان درياءَ جو گهاٽ جتان اِهي نيل ڪروز توڙي وڏا اسٽيمر ۽ ٻيڙا سفر لاءِ نڪرندا آهن، ڏهن کان پندرهن منٽن جي سفر تي هيو. ڪروز جو وقت شام ستين کان يارهين وڳي تائين هيو. دوستن جي صلاح هئي، ته ساڍي ڇهين ڌاري نڪرجي جو ستين کان اڳ پهچڻ ٿئي. اليگزينڊرا جي مليل پروگرام مطابق جهاز کي ساڍي ستين وڳي لنگر ڪڍڻو هيو. پهريون اڌ ڪلاڪ آڌر ڀاءُ، ويلڪم ڊرنڪ ۽ هڪ ٻه رقص جا آئٽم هيا. هيٺ لاؤنج ۾ دوست ڪٺا ٿيندا ويا. ڪونجل ۽ شاهه ديوَ گڏ ئي آيا. آئون هُنن کان ٻه منٽ پهرين ئي لاؤنج ۾ پهتو هئس جتي ٻيا به ڪجهه ساٿي لابي ۾ ئي بيٺا هئا. جيئن ٻيئي مليا ته شاهه ديو سُرراٽ ڪيو، ته ڪونجل چوي ٿو ته پنجاهه ڊالر ٻن گاڏين جا وڃڻ ۽ پنجاهه اچڻ لاءِ معنيٰ ته هڪ سو ڊالر ته ختم ٿي ويا باقي اسي ڊالرن مان ويٽرز کي بخشش ۽ شراب لاءِ پئسا گهٽ ٿيندا جو اُتي اسڪاچ جي بوتل چاليهه ڊالر ۽ Wine ويهه ڊالر آهي، ته بيئر جو ڏٻو پنج ڊالر آهي تنهن ڪري ڇونه پنجاهه ڊالر في ماڻهو وري کڻي وٺون. هيءَ ڳالهه ڇوته آهستي ۽ اردوءَ ۾ ڪيائين، تنهن ڪري شيام ۽ بوس کان سواءِ ڪنهن نه ٻڌو نه سمجهيو.
وراڻيومانس ته يار، ايترو خرچ ڪونه ايندو. صرف تون، آئون، ڪونجل ۽ شيام شرابي آهيون. بوس ويچارو بيئر جي ٻن دٻن جي مار آهي. ايمان پيئندي ڪانه. مستل، وانگ ۽ هِنگ به شريفن جيان هڪ يا وڌ ۾ وڌ ٻن وائين جي بوتلن وارا آهن ، انهيءَ ڪري هاڻي اِهو نه ڪريو، جي پنجاهه- سو ڊالر وڌيڪ ٿيا ته تون ۽ آئون ڀري ڇڏينداسين. شاهه ديو اِها ڳالهه ڪونجل کي چئي جنهن مڃيندي چيو ته پوءِ جيڪو وڌيڪ خرچ ٿيو سو هو ڏيئي ڇڏيندو ۽ پوءِ اسان ٽيئي يعني شاهه ديو، ڪونجل ۽ آئون پاڻ ۾ ورهائي ڀرينداسون.
ساڍي ڇهين وڳي ٽريول ڊيسڪ واري ٻڌايو ته لموزين اچي ويون آهن. مون ته ڪالهه ئي کيس سمجهايو هيو ته هي لموزين ڪانهي۽ نه ئي کين لموزين چئبو آهي پر هُن صرف ڏند ڪڍي ڏيکاريا. مون اُنهيءَ تي دوستن کي انڊونيشيا جي جنت نظير جزيري ’بالي‘ جو ٻڌايو ته ڪيئن بالي ۾ جڏهن ڪجهه ڪلاڪن لاءِ يا ڏينهن لاءِ ڪار ٽيڪسي ڪبي هئي ته اُتي ٽريول ڊيسڪ وارا يا rent-a-car وارا اُنهيءَ کي ڪُرُوزِ چارٽر ڪري چوندا هئا. ڪنن کي ڏاڍو ڀلو لڳندو هيو ڄڻ ڪوجهاز پيا چارٽر ڪريون. ٻاهر نڪري موٽرن ۾ چڙهياسين. شاهه ديو هاسيڪار هڪ هڪ کي جهلي ڪار ۾ ايئن ويهاريو جو شيام، مستل، ايمان ۽ آئون هڪ ئي ڪار ۾ ويٺاسين. اهڙيءَ طرح جو پوئين سيٽ تي ايمان منهنجي ۽ مستل جي وچ ۾ ويٺل هئي. شيام هڪ بُردبار I.A.S آفيسر هيو. آرام سان وڃي اڳئين سيٽ تي ويٺو ۽ سيٽ بيلٽ ٻڌي ڇڏيائين. موٽرن هوٽل ڇڏي گهاٽ ڏي وڃڻ شروع ڪيو.
اسان جي هوٽل ڪارنيش جي علائقي ۾ هئي جو قاهره جو نسبتاً مهانگو ۽ پُرآسائش علائقو سمجهيو ويندو آهي. شهر جا وڏا فائيو اسٽار هوٽل به هِن ئي علائقي ۾ آهن. هڪ هڪ هوٽل جون ٻه ٻه ۽ ٽي ٽي عمارتون به مختلف جاين تي آهن. ڪارنيش ۾ فرنشڊ اپارٽمينٽس به الاهي ملي ويندا آهن. قاهره شهر ٻن حصن ۾ آهي، جو نيل نديءَ جي مشرقي ۽ مغربي ڪناري جي ونڊ مطابق آهي. قاهره جي مشرقي ۽ مغربي ڪناري کي نيلَ نديءَ تي پنج مضبوط ۽ وڏيون پليون ٺاهي، هڪ ٻئي سان ڳنڍيو ويو آهي. ٻنهي ڪنارن سان گڏ وڏين شاهراهن جيان روڊ ٺاهيا ويا آهن. مشرقي ڪناري واري روڊ کي ”ڪارنيش النيل“ چون ٿا ۽ مغربي ڪناري واري روڊ کي ”شارع النيل“ چون ٿا. مصري عجائب گهر، ڪاروباري علائقو وغيره ”ڪارنيش النيل“ تي آهي. نيل ندي جي ٻنهي ڪنارن جي پاسي گهمڻ ڦرڻ لاءِِ سرسبز پارڪ، باغ ۽ تفريح جون جايون آهن. درياءَ جي ٻنهي ڪنارن تي گهاٽ آهن، جتان نه صرف ڪروز لاءِ ننڍا وڏا جهاز ملندا آهن پر ٻيڙيون ۽ لانچون به ملنديون آهن. هتي وڏا جهاز به آهن جي اسوان ۽ اسڪندريه تائين به ويندا آهن پر اُهي ٽن کان ستن ڏينهن جي باقاعده پروگرام لاءِ ويندا آهن. انهن جهازن ۾ سوئمنگ پول، ڪلب، جوا خانه، شراب خانه، ۽ هر قسم جي تفريح هوندي آهي، توڙي رهائش لاءِ مختلف درجن جون ڪيبنون ۽ ڪمرا به هوندا آهن. اُهي جهاز نديءَ جي سير کان سواءِ مختلف جاين تي لنگرانداز ٿي، مسافرن کي زميني مقامات جو سير پڻ ڪرائيندا آهن. قاهره کان ٿورڙو ئي پري نيل ندي ٻن شاخن ۾ ورهائجيو وڃي ٿي. اُنهيءَ جاءِ تي ٻه بيراج ٺاهيا ويا آهن، جن کي مصري ’قناطير‘ ڪري ڪوٺيندا آهن. جيتوڻيڪ هيءَ قناطير آبپاشي جي مقصد لاءِ ٺاهيا ويا آهن، پر اُتي پارڪن ۽ باغن جي گهڻائيءَ جي ڪري هيءَ جاءِ قاهره جي باشندن لاءِ مقبول ترين تفريح گاهه آهي. هتي ٻارن لاءِ جهولا ۽ گهوڙا ۽ ٻيون تفريح جون جايون پڻ جام آهن. ڪارنيش واري علائقي جي سامهون ٻه جزيره پڻ آهن، جن کي ’الجزيره‘ ۽ ’روضه‘ جو نالو ڏنو ويو آهي. ٻنهي ٻيٽن تي گهمڻ ڦرڻ لاءِ ڪافي جايون آهن. نيل نديءَ جي ٻنهي ڪنارن تي وسندڙ هيءَ قاهره شهر پراڻي ۽ نئين عمارت سازيءَ ۽ ٽڪسال جو هڪ سهڻو ميلاپ آهي. نيل نديءَ تي ٺهيل ٻنهي ڪنارن کي ملائيندڙ پُلين تي هر وقت ٽريفڪ جاري رهندي آهي، عمارتن ۾ قديم ۽ جديد جو ميلاپ نظر ايندو. وڌ ۾ وڌ پنجاهه منزله عمارت هوندي سا به ڪا اتفاقي. پراڻي قاهره ۾ وڌ ۾ وڌ ٻه ماڙ يا ٽه ماڙ عمارت نظر ايندي. پراڻو قاهره مينار، گنبذ، قبرستان، مزار ۽ مسجدن سان ڀريل آهي.
قاهره اصل ۾ ٽن شهرن تي جُڙيل آهي. هڪ حصو ’فسطاط‘ جو حضرت عمر ابن ابي خطاب جي زماني ۾ آباد ٿيو جڏهين سنه 91 هجري بمطابق سن 640 عيسوي عمرو بن العاص مصر فتح ڪيو. فسطاط جي معنيٰ خيمو آهي. هي نالو مسلمانن جي لشڪر جي اُتي خيمه انداز ٿيڻ ڪري ڏنو ويو. قاهره جو ٻيو حصو جو قديم قاهره سڏجي ٿو، اُهو حصو سن 358 هجري يعني 969 عيسوي ۾ فاطمي خليفي المعز جي زماني ۾ قائم ٿيو ۽ ٽيون حصو يعني جديد قاهره قريب ٻه سو سال پراڻو آهي. هي ٽيئي حصا ته نيل نديءَ جي مشرقي ڪناري تي آهن پر هاڻي ته مغربي ڪناري تي شهر ميلن جا ميل پکڙيل آهي ۽ وڌندو وڃي. قاهره جو نالو به اڪثر مسلمان مؤرخن جي مطابق فاطمي خليفي المعز جي دور ۾ ڏنو ويو. قاهره لفظ ’قاهِر‘ مان نڪتل آهي، جنهن جي لفظي معنيٰ ’فاتح‘ جي آهي ۽ هيءُ لفظ فاطمي حڪمرانن جي فتح کي ظاهر ڪري ٿو. پر ائين به نه آهي ته شهر جو نالو فاطمي خليفن جي دور ۾ ڏنو ويو. مشهور تاريخدان فلپ هيٽي (Philip Haiti) جي چوڻ مطابق جڏهين قريب ٻه سو سال اڳ اُن وقت جو مشهور شهر ۽ گاديءَ جو هند اسڪندريه عيسائي حمله آورن سان جنگين ۾ تباهه ٿي ويو ته اُن وقت قديم شهر ميمفس جي قريب هڪ نئون شهر وجود ۾ آيو ۽ جڏهين اُنهيءَ شهر جو بنياد رکيو ويو ته مشتري ستارو نصف النهار تان لنگهي رهيو هيو ۽ فلڪيات جي ماهرن اُنهيءَ شهر کي القاهره جو نالو ڏنو. هتي عيسائين جي آمد سنه 180 عيسوي ۾ ٿي ۽ پهريون ڪوپٽڪ يا قبطي ڪليسيا تعمير ٿيو.