الوداع.... الوداع.... اي نيل ندي .... الوداع
صبح جو ساڍي اٺين وڳي تيار ٿي آڊيٽوريم پهتاسين. 9 وڳي مصري حڪومت جي خاتون وزير براءِ ديهي ترقي، جا اختتامي تقريب جي مهمانِِ خصوصي هئي، اُها آئي. سيڪريٽري جنرل آرڊو مهمانِ خصوصي جي آڌرڀاءُ کان پوءِ ڪانفرنس جي موضوع تي گروپ جي گڏيل رپورٽ جو تَتِ پيش ڪيو. رپورٽ جو خلاصو هيئن هيو ته، جيئن ته ميمبر مُلڪ صنعتي طور ترقي يافته نه هيا ۽ گهڻي ڀاڱي سندن قومي آمدني ۾ زراعت جو حصو وڌيڪ هيو، سواءِ تائيوان جهڙن چند مُلڪن جي، تنهنڪري اهڙا اُپاءَ وٺجن جو زراعت ۽ زراعت سان وابسته صنعتون ڪيئن ترقي وٺن، جو نه صرف مُلڪ پر في ڪس آمدني کي وڌائي سگهن. ۽ اُنهيءَ ڪوشش ۾ ڪهڙيون رڪاوٽون آهن، ڪهڙا ڪارڻ آهن، جن جي هئڻ ۽ نه هئڻ سان هڪ موثر ۽ جامع لائحه عمل طئي ٿي سگهي ٿو.
انهيءَ کان پوءِ مهمانِ خصوصي تمام شريڪ مندوبين کي سرٽيفڪيٽ ڏنا. فوٽو سيشن ٿيا. يارهين وڳي تقريب ختم ٿي. گهڻي ڀاڱي سڀن جي واپسي جا جهاز شام 6 وڳي کان شروع ٿي ٿيا. صرف 3-4 ڄڻن جي بُڪنگ 5 تاريخ تي هئي. مون ته 5- تاريخ جي واپسي جو پروگرام ٺاهيو هيو. جهاز رات جو يارهين وڳي هيو. سوچيو هئم ته 4-تاريخ جو واندو ٿي، سڪندر ميمڻ کي ڳوليندس، سندس ائڊريس کڻي آيو هئس. سڪندر پيٽاري ۾ منهنجو ڪلاسي هيو ۽ بهترين دوست هيو. خيال هيو ته جي ملي ويو ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڏينهن ته سڪندر سان گذاريندس.
پر هاڻ ته ڪجهه ياد نه رهيو.... نه سڪندر.... نه ٻي ڪا شيءِ...!
ڪجهه نه پئي وڻيو!! همٿ هئي ڪانه يا وفا جي زنجيرن ۾ جڪڙيل هئس. ايمان ته ٻه ڏينهن اڳ سڀ چئي چُڪي هئي.
شيام، ڪونجل، رانجن، شاهه ديو، جيڪب ۽ ٻين سڀن کي اڄ ئي وڃڻو هيو. پويان ايمان، مستل، هاشمي ۽ آئون هياسين. ايمان ٻڌايو ته هوءَ منهنجي وڃڻ کان پوءِ به ٽي ڏينهن مصر ۾ رهندي، جو سندس هڪ مامو مصر ۾ رهندو آهي ۽ سندس هڪ ڀيڻ به مصر ۾ پرڻيل آهي.سڄو ڏينهن ويندڙ دوستن کي لاؤنج ۾ الوداع ڪرڻ ۾ مشغول رهياسين. ايمان شام جو اسان کي اِهو چئي نڪتي ته رات جي ماني سندس ڀيڻ جي گهر آهي ۽ هوءَ صبح جو اسان سان ملڻ ۽ هوٽل تان سامان کڻڻ ايندي. هاشمي ۽ مستل وڃي ڪمرن ۾ آرامي ٿيا. جڏهين شيام، شاهه ديو ۽ ڪونجل رات جو ڏهين وڳي واري جهاز ۾ وڃڻ لاءِ ستين وڳي ڌاري هيٺ لٿا ته آئون به هنن کي الوداع ڪرڻ لاءِ هيٺ لهي آيس. شاهه ديو ۽ شيام ڀاڪر پائي مليا ۽ پنهنجي ائڊريس ۽ فون نمبر ڏيئي تاڪيد ڪيائون ته آئون سندن ملڪ ضرور اچان ۽ وٽن مهمان ٿيان. ڪونجل به ساڳي فرمائش ڪئي.
سندن وڃڻ کان پوءِ مون آئيسس ۾ ئي ديرو ڄمايو. ويٽر آيو ته کائنس ووڊڪا جي بوتل آڻڻ جي فرمائش ڪيم. مون ڏي حيران ٿي نهاري پڇيائين:
”سڄي يا اڌ يعني پنٽ.“
”پنٽ؟“ وراڻيم.”بوتل کڻي اچ- سڄي- جي روسي Absolute هجي ته بهتر.“
ٻه گلاس پي باقي بچيل ووڊڪا کڻي ڪمري ۾ آيس. مانيءَ جي طلب ڪانه هئي. دل اُداس ۽ اُٻاڻڪي هئي. ڪجهه سمجهه ۾ ڪونه پئي آيو. رکي رکي من موهڻيءَ جي تصوير اکين آڏو پئي ڦري. شام جو وهنجڻ جي عادت به اٿم. اڃان شاور به ڪونه ورتو هئم. سوچيم ته شايد ٿڌي پاڻيءَ جو ڦوهارو طبيعت ۾ ڪجهه فرحت آڻي. غسل خاني ۾ وڃي برش ڪري ٿڌي پاڻي جي ڦوهاري هيٺ بيٺس. وهنجي ٻاهر نڪتس ته طبيعت ڪجهه بهتر محسوس ڪيم. پر وري ووڊڪا ۾ هٿ وڌم. رات جا يارنهن وڳا هئا. اوچتو گهنٽي وڳي، وڃي در کوليم.
خواب ته ڪونه ٿو پيو ڏسان! يا نشي ۾ هر پاڇو سندس پاڇو ٿو لڳيم! هي ڇا!؟
”ايمان....!“ ڄڻ پولار مان پئي ڀُڻڪيم.
مون کي هٿ سان پاسي ڪري اندر ايندي چيائين:
”ها! ڇو؟ توکي حيرت ٿي.“
ڇا چوانس! حيرت ۽ بي يقيني شايد ننڍا لفظ هئا. ڪيئن ٻڌايانس ته منهنجو مُلهه ايترو ڪونهي. آئون ته ايترو لهان به ڪونه. اوڏيءَ مهل مون کي هڪ پنجابي شاعر جون سٽون ياد آيون.....
”راند ڪرڻ وارو بلور توڙي لعل ٻئي آهن ته مڻڪا؛ پر جڏهين صراف اچن ته ٻنهي جي وچ ۾ لکن جو فرق ڪن.“
هي تون ڀُلي ته ڪانه آهين! آئون ته ڪچو بلور آهيان! بي رنگ.... بي حيثيت.... بي نام..... ڪهڙي صراف آهين جو هِن بي رنگ شيشي کي لعل جو مول ڏنو اٿئه؟
”ڇا ٿو پيو ڏسين؟ تون سڀاڻ وڃين پيو.آئون پاڻ کي روڪي ڪانه سگهيس. توسان ملڻ آئي آهيان!“ ايمان اکيون هيٺ ڪندي چيو.
مون سندس هٿ جهلي چُميو ۽ کيس آهستگيءَ سان صوفي تي ويهارڻ لاءِ هڪ پاسي ڇڪيو. هُن ڪنڌ مٿي کنيو. سندس اکين ۾ آلاڻ هئي. بجاءِ صوفي تي ويهڻ جي هن منهنجو هٿ پاڻ ڏي ڇڪيو ۽ منهنجي ٻانهن ۾ هلي آئي. مون سندس اکين تي چپ رکي ڪِرندڙ موتي مثل لُڙڪن کي پنهنجي لَبَن سان پيتو. سندس اکيون، نرڙ، ڳل ۽ ڪنڌ کي چُمندو ويس ۽ بي خودي ۾ سندس ڪنن ۾ سُرٻاٽ ڪندو ويس:
”ايمان.... ايمان..... ايمان.....!“
هڪدم جيئن ٻنهي کي هوش اچي ويو هجي. مون کيس صوفي تي ويهاريو ۽ آئون سندس قدمن ۾ ويهي رهيس.
”هي ڇا ٿو ڪرين؟ سامهون ويهه.“ هُن چيو.
”نه!“ ائين چوندي مون سندس پير کڻي پنهنجي هنج ۾ رکيا.
”جي آئون سامهون ويهندس ته توکان پاڻ کي پري محسوس ڪندس ۽ ويجهو ٿيندم. هي تنهنجي پيرن جو لَمس مون کي تنهنجي هئڻ جو يقين ڏيارائيندو ۽ آئون پاڻ تي قابو به رکي سگهندس.“
”پليز!“ هن التجا ڪئي.
”نه! ائين ئي رهڻ ڏي.“ مون ضد ڪيو.
مون سندس پير کڻي پنهنجي هنج ۾ رکيا. سندس هڪ پير جي تِريءَ کي پنهنجي هٿ جي تِريءَ تي رکي، سندس پير کي هلڪو مٿي کڻي آڱرين کان مُرئيي تائين چُمندو ويس ۽ اکين کي لائيندو ويس. صرف هڪ لفظ ئي پئي ورجايم:
”ايمان.... ايمان ..... ايمان .....ايمن.....“
ايمن ڪٿائن ۾ حُسن جي ديوي به ته هئي! ها.....! هُوءَ منهنجي ايمن هئي. وري ٻئي پير ۽ پير جي تِريءَ کي چُمڻ جي ڪيم. بي خوديءَ ۾ الائي ڇا چوندو رهيس. هُن هيڪر ته مون کي روڪيو پر پوءِ صوفي سان ٽيڪ ڏيئي گُم سُم ويٺي رهي. اِنهيءَ ديوانگي ۾ ڪنڌ مٿي کڻي جو سندس چهري جو واس ڪيم ته ڏٺم ته هُن جي اکين ۾ لُڙڪن جي لارَ لٿل هئي. منهنجي نظرن جي تپش تي هُن مون ڏي ڏٺو ۽ منهنجي چهري کي ٻنهي هٿن ۾ جهلي چيائين:
”ٻُڌ! جسم جو ڇهاءُ ۽ لَمسَ جي لذت اسان کي پاڻ تي شرمسار ڪرائڻ جي حد تي نه کڻي اچي. مون کي تنهنجي لمحن جي خوشي به پنهنجي زندگيءَ کان پياري آهي. روئڻ انهيءَ ڪري ٿو اچيم جو توسان اُنسيت کان مٿي پيار ٿي ڪريان ۽ توکي ته اڃا چڱيءَ طرح ڏٺو به ڪونه. دل ٿي چوي ته سڄي رات ڳالهيون ڪريان. پنهنجي گهر وارن جون، ننڍپڻ جون، خوابن جون..... آئون پنهنجي حواسن کي تنهنجي آواز ۽ اکين جي نشي ۾ رڱڻ گهران ٿي. احمد! مون کي رڱجڻ ڏي!!“
مون سندس پير کي هڪ دفعو وري چُمي پنهنجي هنج ۾ رکي ڇڏيو. اسان ڳالهيون ڪندا رهياسون. ڪنهن ڪنهن مهل مون سندس هٿ کڻي پنهنجي ڳَل تي لاتو ٿي ته ڪڏهين پير تي هٿ ٿي ڦيريم.
خبر ئي نه پيئي ته ڪڏهين رات گذري. ڪنهن مهل هُن جو واچ ڏي ڏٺو ته چيائين:
”احمد! صبح جا ست پيا ٿين. اڄ 5 نومبر آهي. شام جو تنهنجي فلائيٽ آهي. آئون ڪمري مان جاگرز پائي اچان ٿي. هل ته، ٻاهر هلي نيل نديءَ ڪناري پسار ڪريون. پوءِ واپس اچي ناشتو ڪنداسين لاؤنج ۾. ڪجهه آرام ڪجانءِ. شام جو آئون توکي ايئرپورٽ تي ڇڏڻ ڪانه هلنديس. مون کان برداشت ڪونه ٿيندو.“
ائين چئي هوءَ اُٿي. آئون به اٿيس ته جاگرز ۽ ٽريڪ سوٽ پايان. در تي وڃي وري موٽي مون ڏانهس نهاريو. منهنجي چيلهه ۾ هٿ وجهي مون کي پنهنجي وجود جي لَمس ۽ گداز جي لذت ۾ گُم ڪري پنهنجا ياقوتي لَبَ منهنجن چپن تي رکي چُميائين:
”هي آخري پيار آهي... جيسين تون منهنجو پيار قبول نه ڪندين... آئون انتظار ڪري سگهان ٿي... پر توتي ڪا پابندي ڪانهي.“
ائين چئي هوءَ ڊيل جيئن ٽِلندي ڪمري مان ٻاهر نڪرندي ويل چوندي ويئي:
”ڏهن منٽن کان پوءِ هيٺ هوٽل کان ٻاهر ملون ٿا.“
ڏهن منٽن کان پوءِ اسان نيل نديءَ ڪناري پسار لاءِ نڪتاسين. آهستي آهستي هلندا رهياسين ڄڻ ڊپ هجي ته تِکو هلڻ يا جاگنگ ڪرڻ سان وقت جو ڦيٿو تکو ڦرندو. سندس نازڪ ڪمر سان ٽوئرسٽ جيان هڪ بيلٽ هيو، جنهن ۾ هڪ پاسي ڪيمرا هئي. هر ٿوري دير کان پوءِ هُن مون کي ڪڏهين ڪنهن بينچ تي، ڪڏهين ڇَٻر تي، ڪڏهين ڪنهن هنڌ وهڻ لاءِ ٿي چيو ۽ منهنجو فوٽو ٿي ڪڍيائين. نيٺ هڪ هنڌ هڪ بينچ تي اچي ويهي رهياسين. ڳالهيون هُيون جي کُٽڻ جون ڪين هُيون. ايتريءَ دير ۾ سامهون ڪجهه نوجوان ڇوڪرا ايندا نظر آيا. هڪ آئيس ڪريم وارو لنگهيو.
”آئيس ڪريم کائيندين؟“
”صبح ساڻ.“
”ڇو صبح جو آئيس ڪريم کائڻ منع آهي؟“
منهنجي دل ٿي چوي.“
”پوءِ ته آئون کائيندس.“
”ڪون يا ڪَپ؟“ هُن پڇيو.
”ڪون آئيس ڪريم. مون کي ڪون جو بسڪٽ وڻندو آهي.“ مون وراڻيو.
هُن آئيس ڪريم واري کي سڏ ڪري کائنس ٻه ڪون آئيس ڪريم لاءِ چيو. ايتري دير ۾ پريان کان ٽلندا ايندڙ نوجوان به سامهون نديءَ ڪناري لڳل ريلنگ سان لڳي نديءَ جو نظارو ڪرڻ لڳا.
”تنهنجو ۽ منهنجو فوٽو ڪڍرايان.“
”ڪنهن کان؟“
”هنن ڇوڪرن مان ڪنهن کي چوان ٿي. تون نه ته تنهنجو فوٽو ئي مون کي تنهنجي قرب جي ياد ڏيارائيندو.“ ايمان چيو.
5 نومبر 2000ع..... ايمان...... آئون..... نيل نديءَ ڪناري......
اي نيل! تنهنجي داستانن ۾ هڪ گمنام داستان جو ڪردار آئون به آهيان.
الوداع!
الوداع!
الوداع! اي نيل الوداع.....
يادن جو واچوڙو وجود کي وڪوڙي ويو. حسين يادون ئي ته آهن جي جيونَ ڪٿا جو ثمر آهن. نه ته......
دُکم..... سروم دُکم......
*