سالڪ سنڌ جو : يوسف شاهين
ڪو سالڪ سنڌ جو، ايِ هليو ڪرڻ حسابُ
اَڻ ڄاتو اِسراري، بند کولي بابُ
ٿيو لالڻُ لاجوابُ، نيل نديءَ ڪناري.
پهرين ملاقات دوران جناب آفتاب ميمڻ دل جو حال هيئن اوريو. ”جڏهن گوتَم ٻُڌِ کان پڇيو ويو ته ڇا خدا آهي؟ جواب ۾ گوتم چيو ته ”مون کي ڪا خبر ناهي“. ڀلا خدا جي عبادت ڪئي وڃي؟ گوتم چيو ته اهو وقت انسان ذات جي خدمت لاءِ وقف ڪيو وڃي. اهو واقعو ٻڌائڻ کان پوءِ آفتاب چيو ته آئون پنج وقت نمازي آهيان. فجر مهل قرآن شريف جو دور ڪندو آهيان. اهو سڀ ڪجهه ڇو ٿو ڪيان ۽ اصل حقيقت ڇا آهي، ان جي مون کي ڪا خبر ناهي. هو ڳالهين دوران ڪيترائي ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪري ويو ۽ آئون مسلسل سندس چهري ڏانهن سواليه نظرن سان ڏسندو رهيس.
هن کان اڳ جڏهن آفتاب جو پهريون ڪتاب ”هر پل صليب تي“ پڙهيو هوم تڏهن به مون کي ڏاڍي حيراني ٿي هئي. سمجهه ۾ نٿي آيو ته هي شخص ڪير آهي؟ هن جي اندر ۾ ڪهڙي اُڻ تڻ، آنڌ مانڌ آهي، هي ڪهڙا ڏُکَ ۽ سُورَ اندر ۾ سانڍي هلي ٿو. منهنجي ڄاڻ مطابق آفتاب هڪ سرڪاري ڪامورو آهي ۽ ڪيترن ئي وڏن عهدن تي رهي چڪو آهي. اڄ به هو هڪ وڏي سرڪاري اداري جو چيئرمين آهي. ان هوندي به آفتاب جو هر پل صليب تي گذري ٿو، اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي، فقط ايترو سمجهان ٿو ته آفتاب هڪ سڄاڻ سنڌي آهي. هُن پنهنجي ديس ۽ ديس واسين سان ڪا وڏي ويڌن ڏٺي آهي، جنهن جو هو اظهار فقط ايترن ئي لفظن سان ڪري ٿو- هر پل صليب تي.
آفتاب جو نئون ڪتاب ”نيل نديءَ ڪناري“ پڙهندڙن کي مصر جي حال ۽ ماضيءَ ڏانهن کڻي وڃي ٿو. مصر دنيا جي انهن ٽن ملڪن ۾ شامل آهي، جن پنج هزار سال اڳ اولين عظيم تهذيب جو بنياد وڌو. باقي ٻن ملڪن ۾ سنڌ (سنڌو ماٿر) ۽ عراق (سُمير) SUMER کي اهڙو اعزاز حاصل آهي.
لاتعداد خدائن ۽ فرعونن جي سر زمين مصر مان حضرت موسيٰ کي ان ڪري ملڪ بدر ڪيو ويو جو هن چيو ته ”الله واحد لا شريڪ آهي- الله کان سواءِ ٻيو ڪوبه بندگيءَ جي لائق ناهي“. جڏهن ته مصر ۾ اُن وقت حاڪمن کي سجدا ڪيا ويندا هئا، جيڪي پاڻ کي زميني خدا يا فرعون سڏائيندا هئا.
حضرت موسيٰ کان تقريبن ڏيڍ سئو سال اڳ مصر جي هڪ فرعون ”اخنتون“ AKHNATON (1383 BC) اعلان ڪيو ته ”الله واحد لا شريڪ آهي- الله کان سواءِ ٻيو ڪوبه بندگيءَ لائق ناهي“. اخنتون اهو به اعلان ڪيو ته مصر ۾ جن به خدائن جي عبادت ڪئي وڃي ٿي، اهي سڀ ڪوڙا آهن ۽ حڪم جاري ڪيائين ته سڀني نقلي خدائن جا بُت ۽ انهن جون عبادتگاهون ڀڃي ڀور ڪيون وڃن. اخنتون جي ڏينهن ۾ موجوده شام، فلسطين، سوڊان ۽ ڪجهه ٻيا علائقا مصر جي قبضي هيٺ هئا. اخنتون اهي سمورا ملڪ آزاد ڪندي اعلان ڪيو ته دنيا جي ٻين قومن کي غلام بنائڻ ۽ انهن جي ملڪن تي قبضو ڪرڻ ناجائز عمل بلڪه ڏوهه آهي. هن مصري فوجن کي مقبوضه ملڪ خالي ڪري واپس موٽڻ جو حڪم ڏنو.اخنتون جو اهو فيصلو انساني تاريخ جو انتهائي مٿانهون، بي مثل باب ۽ سونهري اکرن ۾ لکڻ جهڙو واقعو آهي.
اخنتون کان تقريبن چار سئو سال اڳ حضرت ابراهيم اهو ٻڌايو ته الله واحد لا شريڪ آهي ۽ الله کان سواءِ ٻيو ڪوبه عبادت لائق ناهي. حضرت ابراهيم کان لڳ ڀڳ پنج سئو سال اڳ سنڌ جي ماڻهن انساني تاريخ ۾ سڀ کان اول خدا جي وحدانيت جو اقرار ڪيو ۽ دنيا کي ٻڌايو ته ”خدا واحد لا شريڪ آهي، خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبه عبادت لائق ناهي“.
2334 قبل مسيح ۾ سمير ۽ اڪاد (موجوده عراق) جي شهنشاهه سارگن سنڌ مان سوين سنڌين کي عراق سڏايو ته جيئن هو هن کي سندس گاديءَ وارو شهر ”اگادي“ جديد شهري منصوبابنديءَ تحت اڏي ڏين. سارگن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو دنيا جي تاريخ جو پهريون شهنشاهه هو، جنهن وچ مشرق جا گهڻي ڀاڱي سمورا ملڪ فتح ڪري اولين عظيم سلطنت جو بنياد وڌو. انهن ڏينهن ۾ سنڌي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي دنيا ۾ سڀ کان اڳتي هئا. زراعت ۾ هنن جو ڪو ثاني نه هو. سنڌين دنيا ۾ سڀ کان اول ڪپهه جي پوک ڪئي، پوءِ ڪپهه مان ڌاڳو ٺاهڻ جون ڪاٺ واريون مشينون ايجاد ڪيون. ان سان گڏ هنن ڌاڳي مان ڪپڙو اُڻڻ جون ڪاٺ واريون مشينون يا آڏاڻا ايجاد ڪيا. هتي ٺهيل ڪپڙو سڄي دنيا ۾ وڪرو ٿيندو هو. سنڌين دنيا ۾ پهريون ڀيرو جديد شهري منصوبابنديءَ تحت شهر اڏڻ جو بنياد وڌو. ان وقت سموري سنڌ دنيا لاءِ ڪاروبار جو مرڪز هئي. هتي سون، چاندي، هيرن جواهرن کان ويندي مهرون ٺاهڻ جو فن عام جام هو. سنڌي پاڻيءَ جا جهاز ۽ وڏا ٻيڙا ٺاهڻ جي فن ۾ به ماهر هئا. قيمتي مال سان ڀريل سنڌين جا جهاز پهرين موجوده بحرين، جنهن کي ان وقت ڊيلمن DILMUN چئبو هو، اتي لنگر انداز ٿيڻ کان پوءِ موجوده عراق ۽ مصر ڏانهن روانا ٿيندا هئا.
سنڌين شهنشاهه سارگن جي خواهش مطابق موجوده عراق ۾ واهه کوٽيا، جديد زراعت متعارف ڪرائي ۽ شهنشاهه کي مُهرون ٺاهي ڏنيون ۽ اُر شهر ۾ ”خدا جي وحدانيت جو مرڪز“ کوليو. واضح رهي ته حضرت ابراهيم ان واقعي کان پنج سئو سال پوءِ اُر شهر لڳ هڪ ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. ان وقت عراق ۾ خدا شمس، اين، اين لل، اينڪي ۽ ٻين ڪيترن ئي خدائن جي عبادت ڪئي ويندي هئي. 326 قبل مسيح ۾، جڏهن سڪندر اعظم سنڌ تي قبضو ڪيو ته هن سَون جي تعداد ۾ سنڌي هاري مصر ڏانهن روانا ڪيا، جن پهريون ڀيرو مصر ۾ ڪپهه جي پوک متعارف ڪرائي.
جناب آفتاب ميمڻ پنهنجي ڪتاب ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي مصر جي خدائن هورس HORUS آئيسس ISIS ۽ اوسائيرس OSIRIS جو ذڪر ڪيو آهي. روايت مطابق مصر جي حاڪم خدا اوسائيرس کي سندس ڀاءُ ”ست“ SET قتل ڪري مصر تي قبضو ڪيو. اهو قبضو ڇڏائڻ لاءِ اوسائيرس جي پٽ هورس سندس چاچي ست تي حملو ڪيو ۽ وڏي جنگ کان پوءِ ست کي قتل ڪري ڇڏيو. اهڙيءَ ريت هورس مصر جو بادشاهه ٿيو. ان واقعي کان پوءِ هزارين سالن تائين جيڪي به مصر جا بادشاهه يا فرعون بڻيا، اهي پاڻ کي هورس يا هورس خدا جو اولاد، زميني خدا يا فرعون سڏائيندا رهيا. مصر جي عوام تي لازم هو ته زميني خدائن کي سجدا ڪندا رهن ۽ سندن هر حڪم جي تعميل ڪن.
جڏهن سڪندر اعظم مصر تي 331 قبل مسيح ۾ قبضو ڪيو ته هن کي خدا هورس جو درجو ڏيڻ سان گڏ مصر جي عظيم خدا ايمن را Amon-Ra جو پُٽ (Son of God) جو درجو ڏنو ويو. ان بعد سڪندراعظم لاءِ مصر ۾ ڪئين بُت ۽ عبادتگاهون جوڙي هن جي باقاعده عبادت جو انتظام ڪيو ويو. نتيجي طور لڳاتار ٽي سئو سالن تائين سڪندر اعظم جي هڪ خدا جيان مصر ۾ عبادت ٿيندي رهي. ان عرصي دوران يونان ۽ مقدونيه جي ماڻهن وڏي پيماني تي مصر ڏانهن هجرتون ڪيون، جن مصر ۾ هڪ نئين ۽ انوکي حسن جو اضافو ڪيو. قلوپطرا به انهن مهاجرن جي نسل مان هئي، جيڪي يونان کان لڏي مصر ۾ اچي آباد ٿيا هئا.
سڪندر اعظم جي مرڻ کان پوءِ هُن جا فوجي جنرل مصر تي قابض رهيا ۽ هنن پنهنجو نسلي تعلق خدا هورس، اوسائيرس ۽ آئسس سان جوڙيندي پاڻ کي به خدا سڏايو ۽ مصري عوام کي سندن عبادت ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جيئن ته خدا اوسائيرس پنهنجي ڀيڻ آئسس سان شادي ڪئي هئي، ان ڪري يونان جي فوجي حاڪمن پڻ پنهنجي ڀينرن سان شادي ڪرڻ جو رواج وڌو، جيڪو ٽي سئو سالن تائين جاري رهيو.
يونانين کان پوءِ مصر تي روم قبضو ڪيو. روم جي شهنشاهه آگسٽس AUGUSTUS مصر کي سندس ”ذاتي ملڪيت“ قرار ڏنو ۽ حڪم ڪيائين ته ڪوبه شخص هن جي اجازت کان سواءِ مصر ۾ داخل نٿو ٿي سگهي. شهنشاهه آگسٽس مصري مذهب قبول ڪيو ۽ روم ۾ آئسس ديويءَ لاءِ وڏي عبادتگاهه تعمير ڪرائي، جتي خدا هورس ۽ اوسائيرس جا بُت به عبادت لاءِ رکيا ويا. جڏهن روم جي حاڪمن عيسائيت قبول ڪئي تڏهن آئسس، اوسائيرس ۽ هورس جي بتن جا نالا ڊاهي، انهن مٿان مقدس ميري، جيسس ۽ گاڊ دي فادر نالا لکيا ويا. هتي اهو واضح ڪندو هلان ته روم جي شهنشاهن حضرت عيسيٰ کي صليب چاڙهڻ کان سوا ٽي سئو سال پوءِ عيسائيت قبول ڪئي. مگر عيسائيت قبول ڪرڻ شرط سڄي رومي دنيا ۾ ان معاملي تي گهرو ويڙهه Civil War شروع ٿي ويئي.”ڇا خدا هڪ آهي، ٻه آهن يا ٽي“ ان اختلاف جا اڳواڻ پڻ مصر جا ٻه عالم هئا. هڪ ايريس (ARIUS) ۽ ٻيو اٿينيسس (ATHANASIUS). ايريس جو چوڻ هو ته خدا واحد آهي، لا شريڪ آهي، جڏهن ته اٿينيسيس خدا، خدا جي پٽ ۽ مقدس روح جي ڳالهه ڪئي. ان نظرئي اڳتي هلي ڪيٿولڪ عيسائيت کي جنم ڏنو. اٿينيسيس جو چوڻ هو ته حضرت عيسيٰ خدا جو پٽ آهي ۽ ان جُزَ مان پيدا ٿيو آهي، جنهن مان خود خدا پيدا ٿيو آهي. اهڙيءَ ريت حضرت عيسيٰ کي به خدا جو درجو ڏنو ويو.
ان وقت روم جو يورپ، اتر آفريڪا ۽ وچ مشرق جي لاتعداد ملڪن تي قبضو هو ۽ رومي سلطنت ٻن حصن ۾ ورهايل هئي. هڪ مغربي رومي سلطنت ۽ ٻي مشرقي رومي سلطنت، جنهن کي بعد ۾ بازنطيني شهنشاهت به چيو ويو. بهرحال، خدا جي وحدت ۽ ڪثرت بابت رومي سلطنت ۾ گهرو ويڙهه Civil War ان وقت تائين جاري رهي، جڏهن مڪي ۽ مديني ۾ آنحضرت محمد صلعم جن وڏي واڪي اهو اعلان ڪيو ته الله واحد آهي، لا شريڪ آهي، نه هو پيدا ڪيو ويو آهي ۽ نه هن مان ڪو پيدا ٿيو آهي. اهو واضح اشارو حضرت عيسيٰ ڏانهن هو، جنهن کي خدا جو اولاد بلڪه خدا جو پٽ سڏيو ٿي ويو.
جڏهن عربن خدا جي وحدانيت جو نعرو بلند ڪندي بازنطيني ملڪ شام تي ڪاهه ڪئي ته باز نطيني فوج جا پنج لک زره پاتل فوجي عربن جي ٽيهه هزار فوجن هٿان شڪست کائي ويا مگر باز نطيني فوجن پنهنجي شڪست کي فتح سمجهيو، ڇاڪاڻ ته انهن جي اڪثريت خدا جي وحدانيت تي ايمان رکندي هئي. هنن بازنطيني حاڪمن کان آزاد ٿيڻ گهريو ٿي. اها ساڳي صورتحال مصر ۾ به هئي. جڏهن عربن جون فوجون مصر تي ڪاهي آيون ته اُتي به عربن جو آسانيءَ سان قبضو ٿي ويو، ڇاڪاڻ ته مصر جي عوام جي اڪثريت اڳ ۾ ئي خدا جي وحدانيت تي يقين رکندي هئي. مصر وارن باز نطيني حاڪمن کان آزاد ٿيڻ لاءِ عرب فوجن جو آڌرڀاءُ ڪيو.
مصر تي قبضو ڪرڻ کان پوءِ عربن هتي اسلام ۽ عربي زبان نافذ ڪئي. عربي زبان ايڏي ته زورائتي انداز ۾ نافذ ڪئي وئي جو مصر جا ماڻهو پنهنجي ٻولي ڪوپٽڪ COPTIC مڪمل طور وساري ويٺا. هو عربي ڳالهائيندي ڳالهائيندي ”عرب“ ٿي ويا ۽ اڄ به مصر کي عرب ريپبلڪ سڏجي ٿو، جڏهن ته مصري ڪنهن به حالت ۾ عرب ناهن. بهرحال عربيءَ جي سخت نفاذ سبب مصر جي ڪوپٽڪ ٻولي ختم ٿي ويئي، جيڪا ٽن هزار سالن کان هتي ڳالهائي، لکي ۽ پڙهي ويندي هئي.
هتي هيءَ ڳالهه نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته عربن ستين ۽ اٺين عيسوي صدي دوران جن به ملڪن تي قبضو ڪيو، اتي رهندڙ قومون گهڻي ڀاڱي پنهنجو وجود ۽ پنهنجو قومي تشخص وڃائي ويٺيون. جن ۾ موجوده لبيا، الجزائر، تيونس، مراڪش ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن جون قومون شامل آهن. اڄ لبيا، الجزائر، تيونس ۽ مراڪش جا ماڻهو عرب سڏائين ٿا، عربي ڳالهائين ٿا، جڏهن ته هو عرب ناهن.
عربن جي حملن جو دنيا ۾ ٻن قومن ڏاڍي حوصلي ۽ سمجهداريءَ سان مقابلو ڪيو. هڪ ايراني ۽ ٻي سنڌي قوم. جڏهن محمد بن قاسم سنڌ تي قبضو ڪيو ته هتي به عربي زبان ڏاڍي زورائتي انداز ۾ نافذ ڪئي وئي. اهڙا گهڻا امڪان پيدا ڪيا ويا ته جيئن سنڌي قوم عرب بڻجي وڃي. مگر سنڌين پنهنجي ٻولي ۽ قوميت بچائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا. دنيا کي پهرين تهذيب ڏيندڙ سنڌي قوم پنهنجي ٻوليءَ جو ڀرپور دفاع ڪيو. نتيجي طور سوين سالن تائين عربي ٻولي سنڌ ۾ جاري رهڻ جي باوجود هتي پنهنجا پير کوڙي نه سگهي.
جيڪڏهن باقي دنيا جي تاريخ تي نظر وجهبي ته فتوحات جي عمل ۽ هجرتن سبب دنيا جون سوين قومون پنهنجون ٻوليون بلڪه پنهنجو وجود به بچائي نه سگهيون. هجرتون فوجي ڪاهن کان خطرناڪ ٿين ٿيون. هتي مصر ڏانهن ٿيندڙ هڪ وڏي هجرت جو ذڪر ڪجي ٿو، جيڪا ارڙهين صدي قبل مسيح ۾ شروع ٿي هئي. اهي مهاجر هائڪ سوز (Hyksos) نالي سان سڃاتا ويا. ابتدا ۾ هي مهاجر ڏاڍا ڏتڙيل، بدحال، لاچار ۽ مجبور هئا جيڪي ٻه سئو سالن تائين مصر جي مختلف علائقن ۾ آباد ٿيندا ويا. نيٺ هو مصر تي قابض ٿي هتي جا فرعون بڻجي ويا ۽ خدائي دعويٰ ڪيائون. هنن حڪمراني سنڀالڻ شرط مصر جي ماڻهن کي حڪم ڏنو ته ”ست“ SET جي عبادت ڪئي وڃي، جيڪو مصر ۾ شيطان سمجهيو ويندو هو. جيئن ته فرعون جو حڪم مڃڻ لازم هو، ان ڪري مصر جي ماڻهن مجبور ٿي شيطان ست جي عبادت شروع ڪري ڏني.
بهرحال، مصر جي تاريخ ڏاڍي حيرت انگيز ۽ پڙهڻ لائق آهي. خاص طور آفتاب ميمن جو ڪتاب ”نيل نديءَ ڪناري“ اسان کي مصر جي پراسراريت ڏانهن ڏاڍي دلچسپ انداز ۾ کڻي وڃي ٿو. هن افساني، ناول ۽ تاريخ نويسيءَ جي فن کي وڏي مهارت سان استعمال ڪندي هڪ اهڙو ته دلچسپ ۽ لاجواب ڪتاب تحرير ڪيو آهي، جنهن کي يڪ ساهيءَ پڙهي سگهجي ٿو. هي سنڌي ادب لاءِ هڪ تحفو آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي هن سالڪ پرائي پٿر تي پنهنجا سور به بيان ڪيا آهن.
مصر ۾ آفتاب جي بنگلاديش جي هڪ نمائندي انوپ سان ملاقات ٿي، ان ملاقات دوران ٿيل ڊائلاگ ڏاڍا معنيٰ خيز آهن. انوپ شڪايتي انداز ۾ آفتاب کان پڇيو؛ ”اوهان ٽئگور جي ڌرتي ۽ نذرا الاسلام جي جنم ڀوميءَ سان ڪهڙو چڱو سلوڪ ڪيو؟“
”تنهنجو اشارو بنگال سان ٿيل بي واجبين ڏي آهي“- آفتاب پڇيو ۽ پوءِ جواب ۾ چيائين: ”اهي زيادتيون پنجابي فوجين ۽ ڪامورا شاهي توڙي اردو دان دانشورن جي کاتي ۾ وجهه. اسان سنڌي ته هميشه بنگالين ۽ بنگالي ٻوليءَ جا سهڪاري رهيا آهيون.“ آفتاب سنڌ ۽ سنڌين جو دفاع ڪندي وڌيڪ چيو ته ”اسان (سنڌي) بنگال کي هميشه هڪ ئي خطو سمجهندا آهيون. بنگال کي مشرقي بنگال ۽ مغربي بنگال ۾ ورهائڻ نه اسان تسليم ڪيو آهي ۽ نه ئي ڪڏهن بنگالين تسليم ڪيو.“ آفتاب انوپ کي اهو به ٻڌايو ته شيخ مجيب الرحمان جڏهن آخري دفعو مغربي پاڪستان آيو ته هن حيدر منزل تي جي ايم سيد کي اها گذارش ڪئي ته مون کي عوامي ليگ جي مرڪزي ڪميٽيءَ لاءِ شيخ اياز ڏيو، جو اسان جا ماڻهو هن جي شاعري سمجهن ٿا ۽ سندس عزت ڪن ٿا. پر سائين جي ايم سيد ٻن سيد وڏيرن کي کڻڻ تي زور ڀريو، جيڪي شيخ مجيب الرحمان کي قبول نه هئا“.
آفتاب مصري ميزبان ڇوڪري ”ايمان“ سان ڳالهيون ڪندي هڪ هنڌ هيئن چوي ٿو ته: ”اسين پاڪستاني مسلمان مشرق وسطيٰ، دمشق، بغداد، غرناطه ۽ خلافت جي عظمت ۽ شان جي ذهني قيد خاني ۾ رهندا آهيون. خبر اٿئي، اسان جي ڪنهن به شاعرٽيڪسيلا ۽ موهن جي دڙي تي شاعري ڪونه ڪئي آهي. اسان نجات لاءِ غزني ۽ افغانن ڏانهن ڏسندا آهيون، توڙي جو نادر شاهه سنڌ تي ڪاهه ڪري ٺٽي جون عظيم درسگاهون ۽ لکين نادر ۽ ڪمياب ڪتاب ساڙي ڇڏيا. امير گورگان تيمور اسان لاءِ هيرو آهي، ڇو ته اسان پنهنجي حافظي تان اها ڳالهه ميساري ڇڏي آهي ته تيمور دمشق جي درسگاهن توڙي شهر کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو ۽ شهر جي اُتر اوڀر دروازي تي کوپڙين جا مينار ٺهرايا، جيڪي سڀ مسلمانن جون هيون.... اسان عجيب ذهنن جا ماڻهو آهيون. اڄ ڏينهن تائين فيصلو نه ڪري سگهيا آهيون ته هندستان تي سترنهن ڪاهون ڪري مُلڪان مُلڪ ڀيل ڪرڻ وارو غاصب هيو يا غازي؟“
هن ڪتاب ۾ اهڙا ڪيترائي هانءَ ۾ کُپي ويندڙ تيز تيرَ جيان جملا پڙهڻ لاءِ ملندا، جيڪي آفتاب جي ذهني سگهه، وسعت ۽ مطالعي جي ڄاڻ ڏين ٿا. هن ڪتاب جو آخري چيپٽر ”الوداع- الوداع“ شاعريءَ جيان هڪ حسين تحرير آهي. جنهن ۾ پيار، وصال ۽ وڇوڙي جا ڪيئي انڊلٺي رنگ ڀريل آهن.
يوسف شاهين
مئي 8، 2011
ڪراچي