جامع الازهر ـ بازار خليلي
جامع الازهر، عظيم الازهر مسجد جي قدرتي توسيع آهي، جيڪا تمام قديم ۽ دنيا جي تمام اسلامي تعليمي ادارن ۾ مڃيل يونيورسٽي جي حيثيت رکي ٿي. جامع الازهر کي تقريباً هڪ هزار سالن کان اوڀر ۽ اولهه جي مسلمانن جي لاءِ هڪ ثقافتي سينٽر پڻ تسليم ڪيو ويندو آهي. الازهر جي تعليمي پاليسي هيٺين بنيادي ڳالهين تي مشتمل آهي:
1) جامع الازهر تمام مسلمان شاگردن لاءِ هوندي جيڪي اسلامي، تعليم ۽ تعليمي نظم و ضبط کي حاصل ڪرڻ جا خواهشمند هوندا.
2) جامع الازهر اسلامي دنيا ۾ رهندڙ تمام مسلمانن جي وچ ۾ هميشه ڪوشش ڪندي ته باهمي ٻڌي ۽ باهمي ڏاهپ پيدا ٿي سگهي.
3) اسلامي تعليم ۽ اسلام لاءِ قربانيءَ جو جذبو پيدا ڪرڻ لاءِ پڻ سخت محنت ڪندي.
4) پنهنجي نصاب ۾ ۽ ليڪچرن ۾ يونيورسٽي ماڻهن جي وچ ۾ روحاني لاڳاپو ۽ اسلامي قوميت پيدا ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪندي.
5) يونيورسٽي جو مقصد مسلمانن جي اخلاقي ۽ قدري تربيت، عرب قوم لاءِ هدايت جي روشني، دلي ۽ ذهني طور مسلمانن ۾ مقصدن ۽ اهداف کي پورو ڪرڻ، پنهنجي ثقافتي ورثي جي حفاظت ڪرڻ ۽ انسان ذات لاءِ خدمت جو جذبو پيدا ڪرڻ آهي.
اهڙيءَ طرح جامع الازهر هر دور ۾ پنهنجي مٿان هڪ وڏو ڪم کنيو آهي، جيڪو هو وڏي فخر سان ادا پڻ ڪندي رهي آهي، جنهن جي ڪري مصر مسلمانن لاءِ هڪ خاص اهميت رکي ٿو. جامع الازهر جو مقصد مصر ۽ اسلامي دنيا کي اسلامي ثقافت ۽ اخلاقيات سان سينگاريل دانشور ۽ علماءَ ڏيڻ آهي، جيڪي پنهنجي معاشري ۾ خدمت ڪري سگهن ۽ پنهنجي ملڪن جي ترقيءَ ۾ سائنسي ۽ مذهبي بنيادن تي اهم ڪردار ادا ڪري سگهن. الازهر ايندڙ نسلن لاءِ اهڙا تعليمي ادارا، استاد ۽ سائنسدان پيدا ڪرڻ چاهي ٿي جيڪي ڄاڻ جي هر شعبي ۾ پنهنجي پاڻ کي مڃرائين ۽ ماڻهن جي روحاني ۽ دنياوي تربيت، زندگي جي تمام گهرجن مطابق ڪن. ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ مسلمان ملڪن ۽ مصر جي شاگردن کي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪالرشپ پڻ ڏني وڃي ٿي. الازهر يونيورسٽي سائنسي سرگرمين جي لاءِ شاگردن کي سهولتون ۽ معلومات جي ڏي وٺ لاءِ دنيا جي ٻين تحقيقي ادارن ۽ يونيورسٽين جو دورو پڻ ڪرائي ٿي، ته جيئن اهي دنيا ۾ هلندڙ نئين سرگرمين کان واقف ٿي سگهن، جنهن ۾ مختلف ليڪچر، دنيا ۾ ٿيندڙ نئين تحقيق ۽ مختلف مهارتن جو مشاهدو پڻ حاصل ڪري سگهن. الازهر يونيورسٽي پنهنجي ميمبرن، استادن ۽ ماهرن کي پڻ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ خاص دورا ڪرائيندي آهي ته اُهي دنيا ۾ سائنسي ۽ تعليمي ميدان ۾ ٿيندڙ نيون کوجنائون ۽ مهارتون حاصل ڪري سگهن.
فاطمي خليفي المعز جڏهن سسليءَ جي رهاڪو جواهر جي اڳواڻيءَ ۾ فاطمي ٽولا مصر فتح ڪرڻ لاءِ موڪليا، انهن 358هه مطابق 969ع ۾ قاهره جو بنياد وڌو ۽ گڏوگڏ الازهر مسجد پڻ تعمير ڪئي. مسجد ٻن سالن ۾ مڪمل ڪئي وئي. 7 رمضان 361هه مطابق 22 جون 972ع تي پهريون دفعو مسجد ۾ نماز پڙهي وئي. جيڪا بعد ۾ اسلامي دنيا جي تمام بهترين مسجدن ۾ شمار ٿيڻ لڳي. تاريخدانن کي مسجد جي نالي تي ڪافي اختلاف آهن. ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته جڏهن قاهره فتح ڪيو ويو ته هن علائقي جو گهيرو ڪيو ويو هو ان ڪري ان جو نالو رکيو ويو. جڏهن ته ٻين ماڻهن جو خيال آهي ته مسجد جي تعليم ۽ ان جي مرتبي کي ڏسي ڪري ان جو نالو رکيو ويو. الازهر جنهن جو مطلب آهي ته ”الله تعاليٰ جو ادارو“. جڏهن ته ٽين راءِ اها آهي ته مسجد جو نالو حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي ڌيءَ ”فاطمة الزهرا“ جي نالي سان رکيو ويو آهي. فاطمي ان راءِ کي اهميت ڏين ٿا. هڪ تاريخي حقيقت اِها آهي ته فاطمي خليفن جي دور ۾ جامع الازهر جو بنياد وجهڻ کان سن 972ع ۾ پهريون دفعونماز پڙهڻ ۽ 975ع ۾ شيعه عالم ابوالحسن علي ابن النعمان جي امامت، سندس اهل تشيع عقيدي موجب خطبو ڏيڻ ۽ کيس قاضي القضاءَ يعني چيف جسٽس مقرر ڪرڻ ۽ وري کانئن پوءِ ويندي مملوڪ سلطانن جي دور تائين يعني اڍائي ٽي سو سالن جي عرصي تائين جامع الازهر جي انتظام توڙي وڌائڻ ۾ حُبدارانِِ علي يعني اهلِ تشيع سرگرم رهيا، بلڪه سندن ڪوشش جامع الازهر کي هن اوج ۽ عروج تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. انهيءَ حقيقت کي نظر ۾ رکندي امڪان غالب آهي ته هيءُ عظيم ادارو بيبي جناب سيده ’فاطمة الزهرا‘ جي نالي تي قائم ڪيو ويو، تان جو مملوڪ حڪمرانن هن اداري جو انتظام پنهنجي هٿ ۾ ڪيو ۽ هر فقهه جي تعليم کي جامع الازهر ۾ سموئي ڇڏيو.
الازهر يونيورسٽي جي تعمير ٿيڻ کان پوءِ شروعاتي ساڍن ٽن سالن ۾ ئي يونيورسٽي عالمانه سرگرمين ۽ تعليمي ميدان ۾ پاڻ کي مڃرائي ورتو. رمضان جو مهينو هئو، 365هه مطابق آڪٽوبر 975ع خليفي المعز جي حڪومت ۾ ، قاضي ابو الحسن علي ابن النعمان الڪيرواني مسجد جي صحن ۾ ويٺو ۽ هُن شيعي فقهه جي حوالي طور ”الاختصار“ پڙهيو، جيڪو سندس والد ابو حنيفه النعمان لکيو هئو. ان تاريخي موقعي تي هزارين ماڻهن جي موجودگي ۾ ابوالحسن کي چيف جسٽس قرار ڏنو ويو. اهو پهريون سيمينار هو جيڪو ان مسجد ۾ ٿيو، ان کان پوءِ ڪيترائي مذهبي سيمينار هن تاريخي مسجد ۾ ٿيندا رهيا ۽ تعليمي ڪاميابيون حاصل ٿينديون رهيون. فاطمي حڪومت دوران الازهر دانشورنه زندگيءَ جو لازمي حصو سمجهيو ويندي هئي. ان کان علاوه اُتي عورتن لاءِ خاص سيمينار ۽ اخلاقي تعليم جا ڪلاس پڻ ڪرايا ويندا هئا. الازهر يونيورسٽي کي پوين ٻن صدين کان محتسب ۽ ججن جون سرڪاري سيٽون پڻ مليل آهن. اندلس ۽ بغداد ۾ اسلامي ثقافتي مرڪزن جي تباهيءَ کان پوءِ الازهر عرب ۽ اسلامي دنيا لاءِ وڏو مرڪز بڻجي چڪو آهي. الازهر ۾ ٿيندڙ تمام سيمينار خالص تعليمي مقصدن جا هوندا هئا. جيڪي مفت سائنسي بحثن ۽ اسڪالرشپن تي ٻڌل هئا.
جيتوڻيڪ الازهر يونيورسٽي ايوبي دور تائين پنهنجي تعليم اهڙي طرح جاري رکي جيئن فاطمي خليفن جي هئي. جڏهن ته اها تعليم لساني ۽ مذهبي هوندي هئي. ان کان پوءِ مملوڪ دور حڪومت (648-922 هجري مطابق 1250-1517ع) ۾الازهر يونيورسٽي مسلم دنيا ۾ نيون ذميواريون کنيون. وچ ايشيا ۾ مغلن جي حملن ، اندلس ۾ مسلم حڪومت جي سقوط کانپوءِ الازهر يونيورسٽي انهن عالمن لاءِ هڪ پناهه گاهه بڻجي وئي جن کي پنهنجن ملڪن مان ڏتڙيو ويو. انهن عالمن نائين ۽ ڏهين هجري (چوڏهين ۽ پندرهين عيسوي) ۾ الازهر کي ٻيهر پنهنجي مقام ۽ مرتبي جي بحالي ۾ وڏي مدد ڪئي. هتي اهو به ٻڌائيندا هلون ته الازهر قدرتي سائنس جي ترقيءَ ۾ پڻ اهم رول ادا ڪيو آهي. الازهر جي ڪجهه استادن سياسي ۽ فڪري بگاڙ جي ڏينهن ۾ طب، رياضي، فلڪيات، جاگرافي ۽ تاريخ تي وڏي محنت ڪئي.
عثماني خلافت جي دور ۾ الازهر مالي طور خودمختيار هئي، وقف جي ڪري. تمام علماءَ پنهنجي مضمون چونڊڻ ۽ ڪتابن جي حاصل ڪرڻ ۾ آزاد هوندا هئا. جنهن جي ڪري الازهر کي اسلامي ۽ عربي دنيا جي ادارن ۾ هڪ سٺي سڃاڻپ ملي وئي. الازهر اسلامي دنيا جي ڪيترن ئي استادن ۽ شاگردن کي پنهنجي طرف متوجه ڪيو. اها ڳالهه به قابل ذڪر آهي ته عثمانين ڪنهن به ماڻهوءَ کي الازهر جو وڏو امام مقرر نه ڪيو. اها وڏي پوسٽ صرف ئي صرف مصرين لاءِ رکي ويئي هئي. جڏهن نيپولين بوناپارٽ مصر تي حملو ڪيو (1213هجري مطابق جولاءِ 1789ع ۾) ته هن ڏٺو ته الازهر اسلامي دنيا جي وڏين ۽ بهترين يونيورسٽين مان هڪ آهي. پنهنجي جلاوطنيءَ دوران سينٽ هيلينا ۾ پنهنجي ڊائري ۾ لکي ٿو ته: ”الازهر يونيورسٽي پيرس جي Sorobonne جي برابر جي آهي ۽ هن ڏٺو آهي ته الازهر جا عالم تعليم يافته ۽ اشرافيه طبقي طور ماڻهن جا اڳواڻ آهن. جڏهن هن قاهره ۾ پنهنجو پهريون قدم رکيو ته هن هڪ خاص ڪائونسل (ديوان) جوڙي جيڪا گاديءَ جي هنڌ جو انتظام هلائيندي هئي. اها ڪائونسل نَوَ مشهور شيخن تي ٻڌل هئي، ۽ الازهر جي وڏي امام شيخ عبدالله الشرڪوي جي سرپرستي ۾ هئي. ان ڪائونسل جي قيام سان الازهر جي اهميت ۽ سندن عالمن جي حيثيت جي خبر پوي ٿي.
الازهر فرانس جي قبضي جي مخالفت ۽ انقلابين جي ملاقاتن جي جڳهه هئي. هڪڙي خاص انقلابي ڪاميٽي شيخ محمد السادات جي اڳواڻي ۾ جوڙي ويئي. جڏهن فرانس جي مخالفت ۾ انقلاب تمام گهڻو وڌي ويو. ته وڏي امام ۽ ٻين عالمن اهو فيصلو ڪيو ته هاڻي تعليم کي جاري نٿا رکي سگهون ان ڪري مسجد کي بند ڪيو وڃي.
اهو پهريون وقت هو جو پنهنجي ڊگهي تاريخ ۾ مسجد کي بند ڪيو ويو هو. جڏهن فرانس ٽن سالن کان پوءِ مصر خالي ڪيو ته الازهر پنهنجون تمام سرگرميون دوباره جاري ڪيون ۽ پنهنجن استادن ۽ شاگردن کي ٻيهر گهرايو ويو. جڏهن محمد علي مصر جي حڪومت سنڀالي (1220 هجري مطابق 1805ع) ۾ ته فيصلو ڪيائين ته مصر کي هڪ جديد رياست ۾ تبديل ڪندو. ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ هن الازهر تي ڀاڙيو. هن الازهر جي شاگردن کي يورپ وڃڻ جون اسڪالرشپون ڏنيون. اهي ئي شاگرد هئا جيڪي مصر ۾ نئين جاڳرتا جا علمبردار بڻيا. جڏهن 1952ع ۾ انقلاب پنهنجي جڳهه ورتي، ته الازهر ئي اهو سماج هو جنهن نه صرف مصر بلڪه عرب ۽ اسلامي دنيا جي فلاح بهبود جي لاءِ پنهنجو روشن ڪردار ادا ڪيو.
جامع الازهر جي مختلف حصن کي ڏسندي الازهر مسجد ڏي آياسين. سڄي گروپ ۾ اسان ٽي چار مسلمان هئاسين پر تمام ساٿين نهايت احترام سان سترپوشي ڪئي هئي. ويندي مستل جا هميشه اسڪرٽ پائيندي هئي تنهن به هڪ ڍلو بيگي قسم جو پاجامو پاتو هيو. باقي ٽولي کي مسجد جي چٽساليءَ ۽ عمارت سازيءَ سان دلچسپي هئي. مون باقين کي ڇڏي هڪدم وضو ڪرڻ لاءِ جاءِ جو نشان معلوم ڪري وڃي وضو ڪيو ته جيئن ظُهر نماز کي قضا ۽ عصر کي وقت سر گڏي پڙهان ۽ ڪجهه نفل به پڙهي وٺان.
نماز ۽ نفل پڙهڻ کان پوءِ خيال آيم ته هتي ئي هڪ ٻيو ميمڻ آيو هيو. جامع الازهر جو طالبِ علم هيو. علم پرائڻ جي طلب ايڏي ته هئس جو سالن جا سال هُن عربي زبان، قديم عربي، مختلف لهجا Dialect توڙي ٻوليءَ جو بُڻ بنياد سکڻ ۾ عمر گذاري. پوءِ سعودي حڪومت کيس گهرايو ته سندس ڄاڻ مان فائدو وٺي. هڪ وقت اِهڙو به آيو جو عربي ٻولي جا عالم، توڙي الازهر يونيورسٽي ۽ سعودي علماءَ جڏهين به ڪنهن لفظ جي معنيٰ يا تصحيح جي ضرورت محسوس ڪندا هئا ته علامه عبدالعزيز ميمڻ (جيڪو پوءِ علامه عبدالعزيز الميمني طور مشهور ٿيو) جو چوڻ مستند ۽ حرفِ آخر سمجهندا هئا. ۽ هڪ آئون آهيان جو ڪورو جاهل رهيس. ننڍڙن ٻارن جيان سمونڊ ڪناري بيهي سپون ته ٺهيو رڳو رنگ به رنگا خوشنما پٿر چونڊيندو رهيس ۽ خوش ٿيندو رهيس. اڄ جڏهين جيون سفر جي ٽپهري جي ساعت اچي ويجهي پهتي آهي ته احساس ٿو ٿئيم ته ڪجهه ڪونه پرايم. مون کي ته هر عام مسلمان جيان قرآن شريف جي معنيٰ به ڪانه ٿي اچي. طوطي جيان رٽيل سبق ڪهڙو اثر ڪندو!
جامع الازهر مان نڪري ٿورو ئي پنڌ ڪري بازار خليلي پهتاسين. صدر ڪراچي ۾ بوهري بازار جون ڳُتيل ڳليون مُنجهائيندڙ لڳنديون آهن، پر هتي ته سوڙهين گهٽين ڪو جو ڄار هيو. هيڪر هڪ پاسي وڃ ته وري واپس ورڻ ڏاڍو ڏُکيو، جيسين ڪو واقف ڪار گڏ نه هجي.
گهٽين جو حساب ڪجي ته ڪُل ڪيترن ئي ميلن ۾ وڃي ٿينديون. هر طرف مختلف ٻولين ۾ جيئن اسان وٽ ٺيلي وارا ڪندا آهن، ائين هوڪا پيا لڳندا. بازار ۾ هر هنڌ قهوه خانه، شربت، جوس ۽ کائڻ پيئڻ جا ننڍا اسٽال ۽ دوڪان لڳل آهن، جيئن اسان وٽ طارق روڊ تي KFC ۽ مئڪڊونلڊ جي بيمارين کان اڳ هوندا هئا. ساڳيو بند ڪباب پنجن روپين ۾ کائي هر ڪو سُکيو ٿيندو هيو. هاڻ اُن بند ڪباب کي برگر جو نالو ڏيئي سيٺين پڪ ڪئي آهي ته وچولي طبقي کي ائين ڦُرجي جو سڄي عمر پيٽ پورائي جي گهاڻي ۾ پيسبا رهن.
خان الخليلي عثماني دور خلافت ۾ ترڪيءَ جي بازار طور سڃاتي ويندي هئي، هاڻي هن کي صرف ’خان‘ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. ان کان علاوه هن مارڪيٽ کي مسڪي (Muski) مارڪيٽ طور پڻ سڏيو ويندو آهي. مارڪيٽ 1382ع ۾ فاطمي شهر جي امير جي حڪم تي المسڪي مارڪيٽ جي اولهه طرف گڏوگڏ تعمير ڪئي ويئي، جيڪا قاهره جي خريداري جي حوالي سان هڪ وڏي مارڪيٽ آهي.
پر ان کان علاوه هي مارڪيٽ قاهره جي اهم تجارتي مرڪز جي نمائندگي پڻ ڪري ٿي. خان الخليلي ۾ توهان کي غير ملڪي دوڪاندار پڻ ملندا. شايد هن مارڪيٽ جي اجاره داري مملوڪن جي حوالي آهي. جن اوڀر ۽ آمريڪا جي دريافت ۾ يورپين جي حوصلي افزائي ڪئي.
شروعاتي دور ۾ مارڪيٽ باغين جو ڳڙهه پڻ رهي آهي. سلطان غوري جي ڇاپي دوران 16 صديءَ ۾ هن مارڪيٽ کي ٻيهر ٺاهيو ويو. هيءُ مارڪيٽ هڪ ڪنڊ سان ٽڪنڊي ٺهيل آهي، جيڪا ڏکڻ ۾ باب زويله ۽ اولهه ۾ ازبڪيه طرف وڃي ٿي. خان الخليلي جو بارڊر ڏکڻ ۾ الازهر اسٽريٽ سان اولهه ۾ مسڪي مارڪيٽ سان جڙيل آهي. مارڪيٽ ۾ داخل ٿيڻ جو دروازو سڪت البدستان گهٽيءَ وٽان آهي. البدستان جي ڀر سان هڪ سوڙهي گهٽي ۾ El-Fishawi ڪيفي يا شيشي جو ڪيفي آهي، جيڪو آرٽسٽن جي ملڻ جو هڪ هنڌ آهي. هيءَ جڳهه نوبل انعام کٽندڙ Naguib Mahfouz (نجيب محفوظ ) جي حوالي سان پڻ آباد آهي.
مصري خريدار البدستان جي اتر پاسي ۽ اولهه پاسي کان خريداري ڪندا آهن جتي قيمتون ڪجهه گهٽ آهن. سون ۽ چاندي جي لاءِ الخليلي جي اولهه طرف سونارن جا دڪان آهن. ان کان علاوه پتل ۽ ٽامي جا دڪان پڻ اتي جام آهن.
خان الخليلي ۾ هر قسم جو سامان هيو. اسان مختلف ٽولين ۾ ورهايل هئاسين. ايمان، مستل، مريم، شيام ۽ آئون گڏ هئاسين. مون پنهنجي لاءِ، گهر واريءَ ۽ نياڻيءَ لاءِ اُٺ جي کَلَ مان ٺهيل سهڻن نقش و نگار وارا ٽي کُسا ورتا. عورتن لاءِ کُسا وٺندي ڏسي گڏ خواتين به اِهي جوتا ورتا. ايمان مون کي پئسا ڏيڻ ڪونه ڏنا ۽ چيائين ته هيءَ منهنجي طرفان پنهنجي گهر واريءَ ۽ نياڻيءَ کي تحفو ڏجانءِ ۽ پنهنجي گهر واري کي هيءُ شعر ضرور ٻڌائجانءِ:
”اي گُلَ! تون مون کي ڏاڍو وڻين ٿو جو تومان مون کي اُن جو واس ٿو اچي جو مون کي پيارو آهي.“
اڳيان هلي مون دريائي ريٺي يعني پائيپرس جا ست ڪاغذ ورتا جن تي رامسيس، نيفريتيني ۽ ٻين مصري ديومالائي ڪردارن جون تصويرون ۽ شڪليون هيون. سوچيم ته ڇهه ٻار ۽ هڪ آئون ۽ گهر واري يعني ستن خاندانن لاءِ هڪ هڪ تصوير فريم ڪرائي سڀن کي ڏيندس ته ٻارن لاءِ هڪ ياد ۽ تحفو هوندو.