شيام سُندر پرشاد
”هيلو آفتاب! هاڻي واڪ لاءِ نڪتو آهين“ شيام چيو.
”ها! تو پنهنجو واڪ ختم ڪيو ڇا؟ واپس پيو وڃين شايد.“ مون چيو.
”ها! پر توسان ڪچهري ڪندي وري به ڪجهه ڪيلوريز (Calories) ساڙي سگهان ٿو.“ شيام وراڻيو.
آئون ۽ شيام جاگنگ ٽريڪ تي هلڻ لڳاسين. شيام ڪلاڪ کن پنڌ ڪري چڪو هيو سو ٿورڙو آهستي هلڻ لڳو. وري ڪي من ۾ آيس- چيائين:
”يار! آئون ڪجهه آهسته هلان پيو، تنهنجو واڪ ته خراب ڪونه ٿو پيو ڪيان.“
”يار! هتي زندگي سڄي خراب ڪري ڇڏيم. تون آهسته ۽ تکي هلڻ کي ٿو ڏسين. هلڻ جي رفتار جو فڪر صرف انهن کي هوندو آهي جن کي ڪنهن ماڳ تي پهچڻو هوندو.“ مون ڀڻڪندي وراڻيو.
”زندگي جو فلسفو اٿئه يا ناڪامي جو احساس.“ شيام مون ڏي نهاريندي چيو.
”ناڪامي جو احساس انهيءَ کي ٿيندو آهي جنهن کي ڪاميابي ماڻڻ جي خواهش هجي. منهنجيءَ نظر ۾ ڪاميابي ماڻڻ جي امنگ ئي هلاڪو ۽ چنگيز پيدا ڪري ٿي ۽ انهي بيڪار اُمنگ جي ڪارڻ ئي هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي ائٽمي بم ڪيرايا ويا. رهيو فلسفو.... ته يار، فلسفو بي معنيٰ آهي. جيون کي رنگن ۽ زاوين جي قيد ۾ بند ڪري جيون ڪٿا کي ڪوجهو ڪيو ڇڏي.“
وري چيم: ”پر ڇڏ يار! هن وقت ته نيل نديءَ ڪناري پسار ڪريون جتي گنجو، ٺوڙهو اڌڙوٽ عمر مارڪ انٿوني پنهنجي مربي ۽ محسن جوليس سيزر جي حسين سُريت قلوپيٽرا سان شاهي ٻيڙَن ۾ رنگ و نشاط جون محفلون گرم ڪندو رهيو.“
”سڙين ٿو ته تون مارڪ انٿوني نه هئين.“ شيام کلندي چيو.
”نه يار! ڏک اٿم ته اهڙو سٺو جرنيل وري نڀاڳو ٿيو جو پاڻ کي سهڻو سمجهيائين ته قلوپيٽرا مٿس شايد عاشق ٿي پيئي آهي! نڀاڳي کي انهيءَ عورت جو حِرص سمجهه ۾ ڪونه آيو جنهن هڪ ٻئي پويان پنهنجي ٻن سڳن ڀائرن سان شادي ڪئي ته هوءَ حڪومت جا مزا ماڻي.“ مون چيو، ”۽ وري سيزر کي فتح ڪيائين ۽ پوءِ.... هي گنجو ۽ ٺوڙهو مٿان وري پوڙهو.“
”معاف ڪجانءِ! تنهنجو صدر پاڪستان يحيٰ خان به ته پاڻ کي هر وقت حسينائن جي جسم سان گرمائيندو رهندو هيو. فوٽن ۾ سندس ڍُونڍَ ڏٺي اٿم. شرم ڪونه آيس پاڻ کي سپاهي سڏيندي هيڏي وڏي مٽڪي جهڙي پيٽ سان“. شيام چيو.
مون وڏو ٽهڪ ڏنو، ڪجهه دير لاءِ اسين ماٺ هلندا رهياسين.
”دل ۾ ته ڪونه ڪيئه؟“ شيام چيو.
”ڇا؟“ مون خالي ذهن وراڻيو.
”يحيٰ خان واري حوالي تان.“ شيام چيو.
”اڙي نه يار! هونئن به تون ۽ آئون سرحدن جي پار رهندي به هڪ ئي ٻيڙيءَ جا سوار آهيون. سول سروس چاهي هن وقت ڪيڏي به ويل هجي پر اسين اڃا تائين پاڻ کي I.C.S جا جانشين سمجهندا آهيون. فرق صرف اهو آهي ته توهان برطانوي سامراج جي نمائندي جي بجاءِ هاڻ عوام جا نوڪر آهيو ۽ اسان مقامي سامراج جا نوڪر آهيون. رهيو ويچارو يحيٰ خان ته هو تاريخ جي مذاق جو شڪار وڌيڪ بڻيو. سندس وڏو ڏوهه شايد ون يونٽ ٽوڙڻ هيو. باقي فرق به ته آهي- ڀارت ۾ ڪي- ايم- ڪارياپا پهريون هندستاني آرمي چيف هيو- فيلڊ مارشل..... ملٽري ڪراس... ٻي مهاڀاري جنگ جو سپاهي ته هتي اسان جو سپه سالار خود ساخته فيلڊ مارشل محمد ايوب خان- توهان وٽ وري سام هرموز جي فرامجي جمشيد جي مانڪ شا، ٻي مهاڀاري جنگ جو هيرو ۽ ملٽري ڪراس سپه سالار هيو ته اسان وٽ آغا محمد يحيٰ. توڙي جو آغا سان تاريخ ڀيانڪ مذاق ڪيو پر گهٽتائي گهوٽ ۾ به ڪانه هئي.“
آئون يڪساهيءَ ڊگهي تقرير ڪري ويس. شيام موضوع مٽائيندي چيو: ”اڄ تنهنجي تعارفي تقرير ته ڄڻ حڪومتي انقلابي اقدامات جي ساراهه هئي.“
”نه ته ٻيو وري ڇا چوان ها. سٺي سرڪاري اهلڪار کي حڪومت جي پاليسين جي واهه واهه ئي ڪرڻ کپي.“ وراڻيم.
”مليشيا جي نمائنده خاتون مريم يعقوب جي ڳالهائڻ مان لڳو ته مليشيا زراعت ۾ ڪافي ترقي پيو ڪري.“ شيام چيو.
”مليشيا هونئن به پام آئل ۽ رٻڙ جي پيداوار ۾ قدرت جي طرفان ڪافي نوازيل آهي. انهيءَ ۾ حڪومت جي ڪا خاص ڪوشش ڪانهي. تاج برطانيه طرفان ايشيا جي انهيءَ ڏکڻ- اوڀر واري حصي تي قبضي جو خيال ٻن مقصدن لاءِ رهيو. هڪ ته آبناءِ ملاڪا، جتان دنيا جي سامونڊي جهاز رانيءَ جو ٽيون حصو راهگذاري ڪري ٿو ۽ پڻ ڏکڻ چيني سمونڊ جي ويٽنام ڪمبوڊيا سان پسگردائي هئڻ، توڙي رٻڙ، ٽن ۽ کاڄرو تيل، ڪاٺ ۽ معدنيات سان مالامال هئڻ، انهن مقصدن جي پورائي ڪندڙ هيو. انگريزن اِنهن ڪِرتَن کي صنعت طور روشناس ڪرايو ۽ دنيا جي اهم ترين سامونڊي رستي تي قبضو رکيو.“ مون چيو.
”هڪ طرح سان تون صحيح آهين.“ شيام چيو.
”هڪ طرح سان نه.... هر طرح سان..... سواءِ هڪ ڳالهه جي جا مون اڃا ڪانه ڪئي. ڇو؟ انهيءَ ڪري ته ڪنهن مستند تاريخدان اڃان انهيءَ کي ان طرح سان ڏٺو ئي ڪونهي. اها هيءَ آهي شيام ڊيئر! ته ڪميونزم چين کان ويٽنام، ڪمبوڊيا، لائوس، مليشيا، سنگاپور، انڊونيشيا، برما ۽ ويندي فلپائن تائين تمام مضبوطي سان پير کوڙي چڪو هيو. مليشيا جي آزادي جو هڪ وڏو ڪارڻ ڪميونسٽن کي منهن ڏيڻ لاءِ ننڍڙيون رياستون گڏي فيڊريشن آف يونائيٽيڊ ملايا جي صورت ۾ متحده قوت ٺاهڻي هئي. اهوئي ڪارڻ هيو جو برطانيه سنگاپور کي آزادي انهيءَ شرط تي ڏني ته هو فيڊريشن ۾ شامل ٿين. ۽ ايئن 1963ع ۾ سنگاپور مليشيا ۾ شامل ٿيو ۽ مقصد پورو ٿيڻ تي وري علحده ٿيو. هي آکاڻي زيب داستان لاءِ آهي ته تِنڪو عبدالرحمان ئي لي ڪو آن کي چيو ته توهان علحده ٿيو- لي ڪو آن ته سنگاپور ۾ ليڊر ئي ڪميونسٽن جي زور تي ٿيو پر پوءِ انگريز بهادر سان ساٿاري ٿي ڪميونسٽن جي پاڙ پٽيائين. سامراجي پنهنجن ڇاڙتن کي ڪيئن مٿانهون ڪن ٿا، لي ڪوآن اُن جو چٽو مثال آهي. دنيا جهان ۾ سنگاپور ماڊل.... سنگاپور ماڊل.... لي ڪوآن.... لي ڪوآن.... عظيم مُدبَر.... عظيم ليڊر.... ڪجهه حقيقت پر اُن کان وڌيڪ پٺي ٺَپر. لي ڪوآن جي ڪميونسٽ دشمنيءَ ئي سڄي خطي ۾ کاٻي ڌُر جي قتلام کي هَٿي ڏني. سٺ جي ڏهاڪي جي تاريخ تي نظر وجهندين ته مليشيا، سنگاپور، انڊونيشيا، فلپائين، برما، هر هنڌ ڪميونسٽن جو قتلام ٿيو. انهيءَ دور ۾ آمريڪا ۾ سخت قسم جو ڪميونسٽ مخالف ميڪارٽي ازم هليو - سرد جنگ به زورن تي هئي.ڇڏينس!! الائي ڪٿان وڃي نڪتاسين.“ ائين چوندي مون واپس هلڻ لاءِ پير کنيا.
هوٽل تي اچي پنهنجن ڪمرن ۾ وڃڻ لاءِ لفٽ ۾ سوار ٿياسين- شيام ۽ منهنجو ڪمرو هڪ ئي فلور تي هيو .
شيام پڇيو ته: ”هن کان پوءِ ڇا پروگرام آهي؟ “
چيومانس: ”ڪجهه به نه- شاور وٺندس ۽ هوٽل ۾ ئي هوندس. ڇو؟“
”ساڍا ست ٿيا آهن- شاور وٺي جي اڌ ڪلاڪ ۾ وري ملون ته آئون توکي سٺي هندستاني شراب پياري سگهان ٿو.“ شيام چيو.
”ملي ته سگهون ٿا- اٺ نه پر ساڍي اٺين وڳي- پر يار، هي هندستاني سٺي شراب ڇا آهي؟ خدا کي مڃ- مون ڊيوٽي فري شاپ تان ٻه بليڪ ڊاگ ورتيون آهن. مون سان اچي پي. هندستاني شراب وري کوٽ ۾ پيئنداسون،“ مون چيو.
ٽهڪ ڏئي چيائين، ”ساڍا اٺ- بهتر آهي.“
وهنجي سهنجي سٿڻ قميص پائي تازو توانو ٿي ڪمري مان ئي گهرواريءَ کي فون ڪيم ۽ کيس ٻڌايم ته تون ڏاڍو ياد ٿي اچين. نيڪ بخت مون کي فڪر نه ڪرڻ جو چيو ۽ تاڪيد ڪيائين ته پنهنجو خيال رکجانءِ. فون رکي بوتل، ٻه گلاس ۽ منرل واٽر ڪڍي رکيم ته ڄاڻ شيام آيو. اڃان اهو سوچيم ئي مس ته در تي گهنٽي وڳي. اٿي کوليم ته شيام ئي هيو- کيڪاري کيس ويهڻ لاءِ چيم. ڪمرو ڪافي ڪشادو هيو- پلنگ جي پيرانديءَ هڪ پاسي ٻه سنگل صوفه سيٽ ۽ هڪ ننڍي ٽپائي وچ ۾ پيل هئي. ٻيءَ ڪنڊ ۾ وڏو سارو وارڊ روب جنهن ۾ ئي فرج هئي ۽ ڀرسان ٽي وي رکيل هئي.
ٻه گلاس ٺاهي، هڪ شيام کي ڏنم ۽ هڪڙو هٿ ۾ کڻي هٿ مٿي ڪري چيم: ”انهن گمنام سپاهين جي نانءِ جن جي قربانين جي ڪارڻ اسين اڄ آزادي ماڻيون ٿا.“
”چيئرز“
شيام ائين چوندي گلاس چپن تي لاتو ۽ هڪ ئي ڳيت ۾ اڌ ڪري هيٺ رکيو- ”يار، مون کي هڪ ڳالهه ته ٻڌاءِ، تون مون کي سندر پرشاد يا مسٽر پرشاد ڇو نه ڪوٺيندو آهين جيئن هر ڪو مون کي مسٽر پرشاد چوندو آهي.“ شيام چيو.
”ٻه سبب، هڪ ته اسين انگريز ڪونه آهيون جو پهرئين نالي سان سڏڻ اسان وٽ معيوب سمجهيو وڃي جيسين گهڻي ويجهائپ نه هجي- ٻيو ته تون به مون کي آفتاب سڏيندو آهين ٻيا سڀ ته احمد چوندا آهن جو منهنجي پٽ جو نالو آهي يا وري منهنجي ڏاڏي جو نالو آهي. ٽيون سبب به آهي.... شيام سان مون کي نارائڻ شيام ياد ايندو آهي ۽ شيخ اياز ياد ايندو آهي.“
” شيخ اياز ۽ نارائڻ شيام ڪير آهن؟“ هن پڇيو.
” شيخ اياز منهنجي سنڌي ٻوليءَ جو مهان شاعر آهي ۽ سنڌ واسي آهي، پر نارائڻ شيام به سنڌي آهي، شاعر به آهي پر سرحد جي هُن پار آهي. مون کي توکي شيام چوندي اُنسيت محسوس ٿيندي آهي.“ مون جواب ڏنو.
يارهين وڳي هيٺ هوٽل جي چيني ريسٽورنٽ ۾ ماني کائڻ لاءِ لٿاسين. هلڪي ڦلڪي ماني کائي هڪ ٻئي کي خداحافظ ڪري ڪمرن ڏي وياسين.
ڪمري ڏي ويندي شيام جون ڳالهيون ياد اچڻ لڳيون. ڪيڏي نه حقيقت پسندانه انداز ۾ چيائين ٿي ته:
”يار،ا ڄ الائي ٻيو يا ٽيون دفعو بليڪ ڊاگ پيتي اٿم. هندستان ۾ به ولائتي شراب عام مليو وڃي پر آئون افورڊ ڪونه ٿو ڪري سگهان. هڪ ملازم ماڻهو جي صرف سفيد پوشي جو ڀرم رکي سگهي ۽ ٻچا پالي ته به ڪافي آهي. منهنجي ته زال به نوڪري ڪندي آهي. هڪ پرائيويٽ ڪاليج ۾ پڙهائيندي آهي ۽ شام جو هڪڙي ليڊيز ڪلب ۾ ٽينس جي ڪوچنگ ڪرائيندي آهي. انهيءَ ڪري حالت ڪجهه بهتر آهي. پر، سڪاچ.... نه بابا نه... هي ديسي دارونءَ جي سڄي مهيني جي ڪوٽا ۾ ٻه ساديون بوتلون به (اسڪاچ جون) مسَ ملن. عام طور تي ڪنهن جي دعوت تي ڪونه وڃان. خبر اٿم ته اتي مهانگي شراب هوندي جيڪا موٽ ۾ آئون پياري ڪونه سگهندس.“
واهه جي ٻڌايائين. ويچاري کي اها خبر ڪانهي ته اسان وٽ ننڍڙا سرڪاري اهلڪار فوڊ انسپيڪٽر، پوليس، ڪسٽم جا انسپيڪٽر ته ٺهيو پر تپيدار به هر ٻئي ڏينهن دعوتون ڪيو اهڙيون ڏهه سڪاچ هلايو ڇڏين. سياسي ليڊر، ڪامورا توڙي هر طرح جا ڪارآمد ماڻهو انهن نچندڙ بوتلن ۽ حسينائن جي ڪارڻ بي نام ۽ گمنام ڪوٺين ۾ رات جي انڌيرن ۾ ديرو ڄمائين ٿا. دل ۾ آيم ته کيس اها آکاڻي ٻڌايان جا مون الائي ڪيترن کي ٻڌائي هوندي.ٻڌايانس ته جڏهين آئون ڊپٽي ڪمشنر هيس ته شام جو هڪ دوست وٽ ويس جو به مون وانگيان ڪامورو هيو. هوا سٺي پئي هلي تنهن ڪري لان ۾ ڪرسيون لڳرايونسين. اڃان ويٺا هئاسين ته اِجهو چانهه ٿي اچي ته هڪ نئين چمڪندڙ ٽيوٽا ڪرولا اچي ڊرائيو وي ۾ داخل ٿي. گاڏي بيٺي ته هڪ ٿلهو متارو بوسڪي جي جوڙي ۾ همراهه هيٺ لٿو ۽ نوڪر جي اشاري ڪرڻ تي سڌو لان ڏي اچي لڙيو. سانجهيءَ جي هلڪي هلڪي روشني ۾ چٽو ته ڏسڻ ۾ ڪونه آيو.
مون واري دوست مون ڏي نهاري مشڪي وڏي سڏ چيو: ”ڀوتار اچو، سائين وڏا.“
همراهه مَٽڪي جهڙو پيٽ کڻندو اچي مٿان پهتو. مون واري دوست اٿي کيس کيڪاريو ۽ هٿ ڏنائين. مون به اٿي کيس ”سائين“ چئي کيڪاريو. هن مون ڏي ٿورو چِتائي ڏٺو ڄڻ سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪندو هجي.
مون واري دوست کيس چيوته: ”اسان جو دوست آهي ماما، ويهو.“
هن چيو: ”نه، هڪ منٽ توسان ڳالهه ڪرڻي آهي. بيٺي پير ڪيو وڃان ٿو.“
ائين چوندي کيس ٻانهن مان جهلي هڪ پاسي وٺي ويو ۽ پنج منٽ کن مس ٿيا ته مون وارو دوست موٽي آيو ۽ رئيس اتان ئي موٽر ۾ چڙهي روانو ٿيو.
موٽندي ئي اچي ٽهڪ ڏنائين. ”خبر اٿئو ڪير هو؟ ۽ وري چوي ٿو تنهنجي لاءِ ته همراهه کي شايد مون ڪٿي ڏٺو آهي.“
”نه“، مون وراڻيو.
”اڙي تو وٽ تپيدار آهي.“ هن چيو .
”مار پويس، ايڏو دماغ خراب اٿس.“ مون چيو.
”تون ته ڪو اڌ مغزي آهين، ڀوڪ بصر جو..... اڙي ڏٺئِه ڪونه! تو اٿي هٿ ملائي ”سائين“ چئي مخاطب ڪيو ۽ هُن توکي ٽن آڱرين سان هٿ ملائي جواب ۾ هڪ لفظ به ڪونه چيو.“ هن چيو.
”ابا! وزيرن ۽ ميمبرن کان گهٽ ڪنهن کي لفٽ ڪونه ڏيندو آهي. تو جهڙا ڏهه ڪنگلا ڊپٽي ڪمشنر خريد ڪري ڇڏي.“
ڪاوڙ به آيم ته خبر به هيم ته هينئر ته ٺهيو پر ورهاڱي کان پهرين به تپيدار ايڏو مضبوط هوندو هيو جو بقول سائين مرحوم امداد محمد شاهه جي ته سر غلام حسين هدايت الله جي حڪومت هڪ تپيدار جي بدلي تان انگريز ڪليڪٽر جي ناڪار ڪرڻ ڪري ٽن ميمبرن جي فلور ڪراسنگ ڪارڻ ٽٽي هئي.... هي ويچارو شيام پرشاد جنهن ديش مان آيو هيو اتي لال بهادر شاستري جهڙا وزيراعظم هيا جن جي گهر ۾ واڻَ جون واڻيل کٽون ۽ چار ڪرسيون هونديون هيون. اتي جا وزير هڪ ٻئي لاءِ اها طعني بازي ڪونه ڪندا آهن ته هن وٽ جي 25 ڪروڙ ڊالر آهن ته ڇا ٿيو. هي ته ڀڳڙن جي مُٺَ آهي. ڇو نه ڪن. افغان جنگ جو پئسو... فوجي ساز و سامان جو پئسو. خدايا!! ڪيڏانهن پيا وڃون. ڪريون ڳالهه ٽراٽڪسي جي ۽ چي گويرا جي ۽ پيون وري سڪاچ وهسڪي. ڀل پوءِ سامهون واري ڪچي بستي ۾ رهندڙن کي هڪ ويلو به ماني نصيب نه ٿيندي هجي. پگهر ۽ رت هڪ ڪري هر هلائي ڌرتي جو سينو چيري اناج اُپائيندڙ هاري جو جوان پٽ ڀلي ڊائيريا ۾ يا مليريا ۾ بي علاج مري وڃي پر اسان ديالو، مهربان سخي عيد تي هاري کي ڪپڙن جو جوڙو ڏاڏي جي نالي خيرات طور ڏيئي معاشي انصاف جو اعليٰ معيار قائم ڪريون!