سفرناما

نيل نديءَ ڪناري

آفتاب ميمڻ جو هي ناول نما سفرنامو آهي، جيڪو نه صرف تاريخ ۽ تهذيب جي ڄاڻ سان ڀرپورمعلوماتي ۽ تفريحي ڪتاب آهي پر ان ۾ هڪ اهڙي پيار ڪهاڻي به شامل آهي جا دل کي ڇُهندڙ ۽ خوابناڪ آهي.
مصر جي نيل نديءَ جو ذڪر ڪندي هو اسان کي لنڊن جي ٽيمز ندي، يورپ جي وولگا ۽ سنڌ جي سنڌو نديءَ جي به ڪَپَر تي وٺي اچي ٿو. ڪٿي ڪٿي هو تاريخ ۾ به جهاتي پائي ٿو ته انسان جي رَوين جي به ڳالهه ڪري ٿو. سفر دوران ساڻس ملندڙ ماڻهن جا خاڪا هو دلچسپ انداز ۾ بيان ڪري ٿو. سندس سفرنامو هڪ گائيڊ بوڪ وانگر بَور نه پر هڪ دلچسپ ناول لڳي ٿو، جنهن جا ڪردار انهن مُلڪن جي گهٽين ۾ جيئرا جاڳندا نظر اچن ٿا.
  • 4.5/5.0
  • 1877
  • 703
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • آفتاب ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نيل نديءَ ڪناري

ٻه اکر : آفتاب ميمڻ

چوندا ته هميشه ’ٻه اَکرَ‘ ئي آهن، پر ٻه اَکرَ ئي ته آهن جن جي سهاري ليکاري پنهنجي ڪوشش جي سبب ۽ تڪميل جي آکاڻي بيان ڪندو آهي. هي ’ٻه اکر‘ لکڻ ئي شايد ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي.
ڏهاڪو سال اڳ مصر ويو هئم. ڪي يادگيريون هيون؛ اُن مهل ته ڪجهه لکيو ڪونه سواءِ آرڊو ڪانفرنس جي ڪارروائي، رپورٽ ۽ اُن سان متعلق ڪي نوٽس يا وري اهرامِ مصر، پٽولمي خاندان جو شجرۂ نسب ۽ ڪجهه فوٽو- ڪجهه خط.. جڏهين محترم امداد اوڍي روزنامه ’سوڀ‘ ڪڍي ۽ اُن سان ’رسالو سوڀ‘ به ڪڍيائين ته مون کي لکڻ لاءِ چيائين. ڪجهه قسطون مَسَ هليون ته سوڀ رسالو بند ٿي ويو. ڀائو امداد اسان جي هڪ ٻئي دوست يعني عبدالڪريم خادم کي اخبار وڪڻي ڇڏي. مون به لکڻ بند ڪيو. جڏهين منهنجي پهرئين ڪتاب ’هر پل صليب تي‘ نور احمد ميمڻ صاحب ڇاپڻ جي ڪئي ته ادي نور احمد مون کي ’آتم ڪهاڻي‘ لکڻ لاءِ اُتساهيو. عرض ڪيم ته اِهو ڪم سرڪاري نوڪريءَ مان فارغ ٿي ئي ڪري سگهندس. ’آتم ڪهاڻي‘ جي حوالي سان مون کي 1947ع جي نوبل انعام يافته فرانسسي ’آندري جيت‘ André Gide (1869-1951) جي ڪتاب ’سِڪا ٺاهيندڙ‘The Coiners جو مرڪزي خيال ڏاڍو وڻندو آهي، جنهن ۾ مرڪزي ڪردار هڪ ڪتاب لکڻ جي ڪوشش ٿو ڪري. بيڪ ورڊ Backward.... فارورڊ .... Forward .... هُن جي جيون ڪٿا هجي ٿي. جا هُن تي گذري ٿي تنهن کي بيان ڪندو وڃي ٿو. وري آسڪر وائيلڊ (1854–1900) جي The Picture of Dorian Gray ذهن تان اصل نٿي لهي. هميشه جوان رهندڙ خوبصورت ۽ معصوم چهرو پر سندس سياهه ڪاري، ڪروڌَ، عياشي ۽ آلودگي تهه خاني ۾ رکيل تصوير تي ئي ڏيکارو ڏيئي ٿي. چهرو..... اهڙو ئي معصوم، خوبصورت ۽ جوان. نه عمر اثر ڪري ٿي، نه ئي سندس جسم ۽ روح جي آلودگي سندس چهري تي ظاهر ٿئي ٿي. نور احمد سان گڏ ادي عمر قاضي به ڏاڍو زور ڀريو پر مون عرض ڪيومانَ ته هيءَ ويراڳي جي باهه ڀَلَ ته پيئي دُکي. اڃان ڀڙڪڻ ۾ ڪجهه دير آهي. اِن وچ ۾ ٻه ڪتاب ٻيا سوچيا اٿم، سي لکڻ ڏيو ۽ ائين ’نيل نديءَ ڪناري‘ جو سفر نئين سر شروع ٿيو.
اِنهيءَ وچ ۾ محترم دوست ۽ ڀاءُ ادا قاضي اسد عابد ۽ ادي مرحوم سعيد اڪبر قاضيءَ جي فرزند سجاد اڪبر هڪ شام مانيءَ تي گهرايو. ڳالهين ڪندي هِن ڪتاب جو ذڪر نڪتو ته ڪتاب ڇپجڻ کان اڳ قسط وار ’عبرت‘ اخبار ۾ هلائجي. عبرت اخبار سان نه صرف اُنسيت پراڻي آهي، پر هڪ عقيدت، احترام ۽ پنهنجائپ جو رشتو به آهي. سڀ کان پهرين ’عبرت‘ جو ڊڪليئريشن بزرگوار محترم چاچا محمد عثمان ڏيپلائيءَ ورتو ۽ ڪافي وقت هلايائين به. پوءِ ڏيپلائي صاحب اخبار قاضي محمد اڪبر صاحب ۽ جناب قاضي عبدالمجيد عابد صاحب جن کي وڪڻي ڏني. قاضي عابد صاحب هڪ بهترين منتظم ۽ دانشور کان وڌيڪ هڪ اعليٰ درجي جو انسان هيو. عبدالغفور جوڻيجو، محترم پروانو ڀٽي، پير مظهر الحق، شمس جعفراڻي، غفران ميمڻ ۽ ڪافي ٻيا دوست هِن اداري سان وابسته رهيا. ادا اسد پنهنجي محترم والد جي نگراني ۾ عبرت سان شروع کان وابسته رهيو. جنهن مهارت سان قاضي اسد صاحب منهنجي پهرئين ڪتاب کي هڪ نظر ڏسندي ئي پروف جي ڪافي غلطين جي نشاندهي ڪئي، تنهن مون کي وڌيڪ ويساهه ڏنو ته عبرت ئي هِن ڪوشش لاءِ بهترين جاءِ آهي. قاضي صاحب جي خاندان سان اسان جي پراڻي نيازمندي آهي. قاضي محمد اڪبر جو فرزند سليم مرحوم ته منهنجو بهترين دوست هيو. پڙهيل لکيل، همٿ وارو، روشن دل، روشن دماغ ۽ بهترين انسان هيو. محترم عزيز شيخ کي ساڻ کڻي حيدرآباد مان سنڌي ۽ انگريزي اخبار ڪڍيائين ٿي. زندگيءَ وفا نه ڪئي.
هيءُ ڪتاب سفرنامي کان وڌيڪ ماڻهن جي آکاڻي آهي. مختلف ملڪن کان ايندڙ ساٿين جي واتان سندن ملڪن جي ماڻهن جي سوچ جو عڪس آهي. بنگال جو رانجن بوس ڏکويل آهي ته 7-8 سالن تائين يورپ جي تمام ٻولين ۾ ترجمو ٿيل بنگالي ٻولي جي ڪتاب جي اهميت کي ته اسان مڃون ٿا پر بنگالي کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيڻ جي بجاءِ اسان مٿن گوليون هلايون ٿا. اُتي ئي وري ڀارت جو شيام سُندر پرشاد سرحد جي ٻنهي پاسي رهندڙن جي عقل جو ماتم ٿو ڪري، ته غيرمحسوس طريقي سان ڀارت جي نوڪر شاهي ۽ پاڪستان جي نوڪر شاهي جي ڀيٽ ڪري ٿو، جا اسان جي مُلڪ جي نوڪرشاهي لاءِ باعثِ شرم آهي.
ملڪ شام جي حوالي سان امام عالي مقام شهيدِ ڪربلا جو ذڪر، حُسيني برهمڻن جو احوال، توڙي عيسائي راهب جي امام عالي مقام سان عقيدت جي احوال جو مرڪزي خيال قمر عباسي صاحب جي شام جي سفرنامي مان کنيل آهي. جنهن کي پوءِ ڪافي اهلِ تشيع دوستن جي تصديق کانپوءِ تحرير ڪيو ويو آهي.
بي واجبي ٿيندي جي آئون هتي اِهو ذڪر نه ڪريان ته مون کي سڀ کان وڌيڪ پياري دوست الطاف شيخ همٿايو. الطاف جي خيال ۾ هيءَ هڪ بهترين ڪاوش آهي ته، سفرنامو ڊائريءَ کان هٽي ڪري لکيو ويو آهي، جنهن ۾ تاريخ ۽ تهذيبن جي ارتقا، ٺهڪاءَ توڙي تضاد کي ماڻهن جي ميلاپ ۽ ڏيک ويک ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي. آئون ادي الطاف جو ٿورائتو آهيان.
عمر قاضي صاحب هر باب مڪمل ٿيڻ کان پوءِ راءِ ڏيندو رهيو ۽ جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ اُتساهيندو رهيو. آئون انهيءَ محبت لاءِ سندس ٿورائتو آهيان.
ڪتاب جي آخري بابن ۾ ڏنل ڪجهه جُزن کي سهيڙڻ ۾ مون کي ثمرين حسن ۽ نديم احمد مدد ڪئي جيئن ڪتاب جلد مڪمل ٿئي. ثمرين، عمر قاضي ۽ نديم وقتاً فوقتاً مون کي ڪتاب جلد مڪمل ڪرڻ جي لاءِ چوندا رهيا. سندن پنهنجائپ ۽ دلچسپي لاءِ آئون سندن ٿورائتو آهيان. البته هڪ ڳالهه آهي. منهنجي ذهن ۾ ڪتاب جو ڪينواس اڃان ڪجهه وسيع هيو. ٻاونجاهه سالن جي غير شادي شده مستل ۽ گهانا جي جيڪب جي ڳالهه ڪجهه تشنه رهجي ويئي. پر ائين ڪتاب ڪجهه ضخيم ٿي وڃي ها.
آئون پنهنجي محترم دوست بيدل مسرور بدويءَ جو ٿورائتو آهيان جو هُن مون کي ٻوليءَ جي بيهڪ جي غلطين ڏي ڌيان ڇڪايو. محترم نفيس احمد ناشاد جنهن قُرب ۽ محنت سان ٻوليءَ جي درستگي توڙي ڪتابت جي غلطين جي دُرستگي ڪئي آهي سا صرف نفيس صاحب ئي ڪري سگهيو ٿي. آئون سندس اِهو ٿورو ڪونه وساري سگهندم. نفيس احمد ناشاد صاحب پنهنجي هڪ ننڍڙي نوٽ سان مسودو موٽائيندي ڪتاب کي ’دردناڪ‘ سڏيو آهي. آئون صرف اِهو چوندم ته نفيس صاحب منهنجي چوري پڪڙي ورتي آهي. ڪنهن کي ٻڌايان ته هي داستان لکندي ڪيترائي دفعا رُنون هوندم. ڪيترائي دفعا جسم، دل ۽ دماغ کي ايڏو ته نستو محسوس ڪيو هوندم جو ساندهه ڪلاڪن جا ڪلاڪ اُٿڻ جي همٿ ڪونه ٿي هوندم.
تعارفي ڪلمات لاءِ يوسف شاهين صاحب، الطاف شيخ، عمر قاضي، گلشن لغاري مهرباني ڪئي. محترم يوسف شاهين صاحب جي تعارفي ليک، ”سالڪ سنڌ جو“ نه صرف موضوع ۽ معنوي لحاظ کان ڪتاب جو مڪمل جائزو پيش ڪيو آهي پر ساڳئي وقت تي مصر جي تاريخ جي ڪِن اهم ورقن کي ڦوليو آهي. يوسف شاهين صاحب علمِ مصريات تي دسترس رکي ٿو. ساڻس ملاقات کانپوءِ به تشنگي رهي ته اڃان جي ڪي گهڙيون سندس وِيچارَ ٻڌان ها. هڪ ڳالهه جا محترم يوسف شاهين ڪونه لکي آهي اُها هيءَ آهي ته سائين مون سان متفق آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي وجود کي نه صرف قائم رکڻ پر وڌائڻ ۽ ويجهڻ ۾ هٿ ونڊائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.
سڀ کان وڌيڪ آئون پنهنجي جيون ساٿي نسيم جو ٿورائتو آهيان. جي نسيم جو ساٿ نه هجي ها ته شايد آئون لکي ڪونه سگهان ها. اڄ جڏهين جيون جو سفر ٽپهريءَ تي اچي پهتو آهي، ته مون کي احساس ٿو ٿئي ته منهنجو رؤن رؤن نسيم جي پيار جو قرضي آهي. نسيم! آئون توکي سمونڊ جي گهراين جيترو پيار ٿو ڪريان. تنهنجو احسان مند آهيان جو تو منصور، ڪنول، خرم، علي، اُسامه ۽ احمد جهڙا پيارا ۽ سهڻا انسان ڄڻيا آهن، جن تي مون کي فخر آهي.

آفتاب ميمڻ
مئي 2011ع