سفرناما

نيل نديءَ ڪناري

آفتاب ميمڻ جو هي ناول نما سفرنامو آهي، جيڪو نه صرف تاريخ ۽ تهذيب جي ڄاڻ سان ڀرپورمعلوماتي ۽ تفريحي ڪتاب آهي پر ان ۾ هڪ اهڙي پيار ڪهاڻي به شامل آهي جا دل کي ڇُهندڙ ۽ خوابناڪ آهي.
مصر جي نيل نديءَ جو ذڪر ڪندي هو اسان کي لنڊن جي ٽيمز ندي، يورپ جي وولگا ۽ سنڌ جي سنڌو نديءَ جي به ڪَپَر تي وٺي اچي ٿو. ڪٿي ڪٿي هو تاريخ ۾ به جهاتي پائي ٿو ته انسان جي رَوين جي به ڳالهه ڪري ٿو. سفر دوران ساڻس ملندڙ ماڻهن جا خاڪا هو دلچسپ انداز ۾ بيان ڪري ٿو. سندس سفرنامو هڪ گائيڊ بوڪ وانگر بَور نه پر هڪ دلچسپ ناول لڳي ٿو، جنهن جا ڪردار انهن مُلڪن جي گهٽين ۾ جيئرا جاڳندا نظر اچن ٿا.
  • 4.5/5.0
  • 1877
  • 703
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • آفتاب ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نيل نديءَ ڪناري

قصو قاهره جي سفر جو

سن 2000ع ۾ آئون حڪومت سنڌ ۾ ڊائريڪٽر جنرل ڳوٺاڻي ترقي هئس. ڪراچي ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي سامهون جي بارڪون هيون، انهن مان بارڪ نمبر 89 ۾ منهنجي آفيس هئي. ٽپال ڏسندي، پلاننگ ۽ ڊيولپمينٽ کاتي طرفان موڪليل هڪ چٺيءَ تي نظر پيم، جنهن ۾ هنن نالا گهريا هئا، جيڪي AARDO جي طرفان مصر ۾ ٿيندڙ سيمينار ۾ شرڪت جي لاءِ موڪلي سگهجن. نالي موڪلڻ جي تاريخ گذرڻ کان پوءِ ئي پلاننگ ۽ ڊيولپمينٽ کاتي وارن چٺي جاري ڪئي هئي. هيڪر ته ان کي هڪ طرف ڦٽو ڪيم، پر وري کڻي ڏٺم. ان ڏينهن آڪٽوبر جي 15 تاريخ هئي ۽ چٺي ۾ لکيل هيو ته 10 آڪٽوبر جي تاريخ تائين نالو ۽ فارم ڀري موڪليو ته 15 تاريخ تي وفاقي حڪومت کي موڪلڻو آهي!! جڏهن تفصيل پڙهيم ته خبر پئي ته وفاقي حڪومت طرفان AARDO سيڪريٽريٽ دهلي کي 20 آڪٽوبر تائين چونڊ ڪري تمام صوبن ۽ وفاق مان صرف هڪ نالو موڪلڻو هيو. 27 آڪٽوبر کان ڏهن ڏينهن جو سيمينار شروع ٿيڻو هيو. سوچيم ته، هڪ ته وفاقي حڪومت طرفان انهيءَ قسم جي ڪوٺ دير سان ئي ايندي آهي ته جيئن گذري وڃي تاريخ، پوءِ بهانو چڱو آهي ته سنڌ کان نالو ڪونه آيو.
هونئن به وفاقي سيڪريٽريٽ ۾ ويٺل سيڪشن آفيسر، ريسرچ آفيسر ۽ ڊپٽي سيڪريٽري پهريان پنهنجو حق سمجهندا آهن. سال ۾ ٻه ٽي ولايت جا چڪر نه هڻن ته ماني ڪو نه وڻين. هن سيمينار لاءِ وفاقي حڪومت ۾ ڳوٺاڻي ترقي ۽ مقامي حڪومتن وارو کاتو لائين ڊپارٽمينٽ هيو. لائين ڊپارٽمينٽ ايئن هوندو آهي، جو مختلف معاهدن تحت مختلف کاتا حڪومت جا نمائندا هوندا آهن. جي تعليم سان وابستو ڪو پروٽوڪول هوندو ته هر ٽريننگ، هر ڪورس، هر سيمينار، تعليم کاتي کي ايندو آهي. يعني ٻاهر واري ڪا ايجنسي هجي يا برٽش ڪائونسل يا جاپان جو ادارو يا يونيسيف جو ڪو ادارو. انهيءَ قسم جو پروگرام جنهن ۾ پاڪستان حڪومت جي نمائندگي کپندي آهي ته هو وفاقي حڪومت ۾ تعليم جي وزارت کي اماڻيندي آهي. ايئن آءِ ايم ايف وارا ناڻي کاتي جي وزارت کي موڪليندا آهن. ايئن ئي AARDO يعني (Afro- Asian Rural Development Organisation) (آفريقا، ايشيا جي ڳوٺاڻي ترقي جي تنظيم) جنهن جو هيڊڪوارٽر دهلي ۾ آهي، سو پنهنجي تمام پروگرامن جي اطلاع ۽ ڪوٺ حڪومت پاڪستان يعني ميمبر ملڪ کي ڳوٺاڻي ترقي ۽ مڪاني حڪومت پاڪستان اسلام آباد جي معرفت موڪليندي آهي.
ذهن ۾ آيو ته ڪنهن کان فون ڪري اسلام آباد مان پڇي وٺان ته ڪنهن جو نالو اڃا تائين فائنل ٿيو آهي يا نه. هڪ ڊپٽي سيڪريٽري واقف هيو. ان ٻڌايو ته ٻن ڏينهن ۾ اسان کي نالي جو فيصلو ڪرڻو آهي. جي سڀاڻي تائين به موڪلي سگهين ته تون به ڊوڙ ۾ شامل ٿي سگهين ٿو. ساڳئي وقت تي اهو به ٻڌايائين ته پنجاب جو ڊائريڪٽر جنرل ڳوٺاڻي ترقي ۽ مقامي حڪومت هڪ رٽائرڊ ڪرنل آهي، انهيءَ کي ئي موڪليندا. مون کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي. نڀاڳو 65 ورهين جو پوڙهو آهي. رٽائر هوندي به وتي هڪ کان ٻي سٺي نوڪري وٺندو. سول کاتا ڄڻ پاڙي جي سهڻي بيواهه هجن. هر مشٽنڊي جي اک هوندي آهي ان ۾ .اڙي ابا! انهن وٽ ته شگرملن کان وٺي سيمينٽ فيڪٽريون، پئٽرول پمپ، بيڪريون، بئنڪون هر شيءِ آهي. هي ٻه ٽي هزار نوڪريون ته ڇڏيو ته ڪو غريب چٽاڀيٽيءَ جو امتحان ڏيئي آس ۾ ته هجي ته هيءَ نوڪري سندس حصي ۾ ايندي. اها ڪاوڙ ئي هئي، جنهن جي ڪري هڪدم فارم ڀري ليٽر ٺاهيم ته کڻي ٿو وڃان اسلم سنجراڻي صاحب ڏي. اسلم منهنجو سيڪريٽري هيو يعني باس ۽ سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ، رورل ڊيولپمينٽ ۽ پبلڪ هيلٿ سنڌ حڪومت. سوچيم ٻه منٽ لڳندا ادا اسلم کان آئون بيٺي پير لکرائي پلاننگ کاتي ۾ کڻي ويندس. اڄ نه ته سڀاڻي سڀ ڪاغذ Fax ۽ T.C.S ڪرائيندم. پوءِ شفقت شاهه ايزدي جيڪو اسلام آباد ۾ سيڪريٽري هيو، ان کي منٿ ڪندم. سيمينار جو سيمينار ۽ مصر گهمڻ جو گهمڻ . پر سنجراڻي صاحب ته ويندي ئي اهڙي ڪئي جو تاڪَ لڳي ويا. جيئن ئي فائيل اڳيان رکيومانس، مٿي نهاريندي چيائين: ”ڇا آهي؟“
”سائين، مصر ۾ هڪ سيمينار ٿئي پيو. سڀان پرئين آخري ڏينهن آهي ڪاغذ موڪلڻ لاءِ. منهنجي سرڪاري ڪرت سان به ساڌ ڪندو آهي.“ چيومانس.
”پوءِ آئون ڇا ڪريان؟“ صاحب وراڻيو.
”چيف سيڪريٽري ڏي لکي ڏيو ته آئون کڻي وڃي Ok ڪرائيندس.“ جواب ڏنم.
”گهڻن ڏينهن جو سيمينار آهي؟“ پڇيائين.
”ڏهن ڏينهن جو.“ وراڻيم.
”پر توهين ڇو وڃو؟ ٻيو ڪير به ته وڃي سگهي ٿو.“
جواب ڪونه سُڌَم. اها اميد ڪانه هئي.
”چڱو، فائيل رکي وڃ.“ صاحب بهادر حڪم ڪيو.
”توهان کي جي نه ڪرڻو آهي ته آئون فائيل واپس کڻي پيو وڃان. توهان جي مهرباني.“
ائين چئي آئون فائيل کڻي ڀيلو ٻُوٿ ڪري پنهنجي آفيس موٽي آيس. موٽڻ تائين آفيس جو وقت ختم ٿي چڪو هيو ۽ آئون به ٿورو دلگير هئس.ناڪامي، شرمساري ۽ ڪاوڙ. گهر وڃي سمهي رهيس.
ٻئي ڏينهن آفيس آيس ته رکي رکي اچي وَٽَ پون. ادي اسلم ڏاڍي ڪئي. ڪمال آهي. هي ماڻهو جڏهن ڪجهه مٿڀرا هجن ٿا ته ٻين کي جيتامڙو ڇو ٿا سمجهن. ڀلا جي جواب ڏيڻو هيو ته به جواب ڏيڻ جو هڪ سهڻو طريقو به ٿي سگهي ٿو. ويٺو نه ٿيو. کڻي فون ۾ هٿ وڌم. شفقت شاهه ايزدي 1968ع جو سي ايس پي ڪامورو آهي. هاڻ ويجهڙ ۾ ئي رٽائر ڪيو اٿس. رحيم يار خان ضلعي ۾ خانپور جو رهاڪو آهي. نوڪري جا شروع وارا ڏينهن سنڌ ۾ گذاريائين. ڪوٽڙي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر هوندو هيو. منهنجي پهرين پهرين پوسٽنگ پنجاب ۾ ٿي. هڪ دفعو ڪراچي آيل هئس ته ادا حميد ميمڻ مليو. ٺٽي جو حميد ميمڻ توڙي سندس والد چاچو حاجي صادق علي ميمڻ نه صرف ٺٽي جي ميمڻن جا نڪ هيا پر ايڏا چڱا ماڻهو، بهادر ۽ بي ڊپا، دوستن جا دوست مون گهٽ ڏٺا. حاجي صادق علي ميمڻ، ايوب خان واري دور ۾ ايم اين اي هيو. بابا ۽ چاچا حاجي تمام ويجها دوست هيا. اڄ ڏينهن سوڌو ٺٽي ضلعي ۾ حاجي صادق علي جو نالو عزت ۽ احترام سان ورتو ويندو آهي. سندس ٻئي نمبر واري پٽ عبدالحميد ميمڻ به پنهنجي وقت ۾ پاڻ ملهايو. ڀٽي صاحب جي ساٿين مان هيو. ايم پي اي رهيو. وقت ۽ حالتن جي تغير کيس آخري وقت ۾ ڪجهه جهيڻو ڪري ڇڏيو. حميد کي اسان کان موڪلائي پنهنجي ازلي ماڳ ويندي به اڄ ڏهاڪو ورهيه ٿيا. ڳالهه پئي ڪيم ته ادا حميد مليو.
مون کي چيائين ته ”يار! پنجاب ۾ آهين ته شفقت شاهه ايزدي کي ملندو ڪر. ڏاڍو نفيس ماڻهو آهي ۽ منهنجو سٺو دوست آهي.“
آئون لاهور وڃي شفقت شاهه کي فون ڪري کيس مليس. ڏاڍو قرب ڏنائين.
ڪافي ڏينهن کان پوءِ وري مليو ته ٻڌايائين ته حميد آيو هيو ۽ وٽس ٻه ٽي ڏينهن رهي ويو. وري پڇيائين ته آئون حميد جو سڳو ننڍو ڀاءُ آهيان يا سؤٽ. مون پوري ڪوشش ڪئي ته کيس يقين ڏياريان ته اسان جو رشتو ڪونه هيو. روح جو رشتو هيو. شاهه صاحب کي ڪو حميد چئي ويو هو ته آفتاب منهنجو ننڍو ڀاءُ آهي ۽ اسان جو گهر هڪ آهي. هُن کي ڪڏهن به يقين نه آيو ته آئون حميد جو ننڍو ڀاءُ نه آهيان. پوءِ به اسان جي ملاقات ٿيندي رهي. فون کڻندي شاهه صاحب جو نمبر ملايم. سندس سيڪريٽري نالو پڇي هڪدم ملائي ڏنو.
”سر! آفتاب ميمڻ ٿو ڳالهايان.“
”ها آفتاب! ڇا حال آهي؟“ شاهه صاحب چيو.
”سر! مصر وڃڻ ٿو چاهيان.“ خبر نه آهي ته ڇو بظاهر هڪ ڇسي ڳالهه چئي ويٺس.
”مون سمجهيو ڪونه!“ شاهه صاحب ٿورو منجهيل لڳو؛ سينيئر هيو، ادب ۽ احترام جو رشتو هيو. اهڙي وائڙائپ سان ڳالهائڻ هڪ چڱي ڪاموري کي سونهين ڪونه ۽ شايد مون اهڙي ئي وائڙائپ سان پئي ڳالهايو. سمجهندي به شاهه صاحب مون کي اڻ سڌي طرح چئي ويو.
”سر! معافي ٿو گهران. مصر ۾ آرڊو طرفان هڪ سيمينار آهي. آئون وڃڻ چاهيان ٿو.“
ٿوري دير لاءِ ماٺ ٿي ويئي.
چيائين: ”ٺيڪ آهي. سنڌ حڪومت کان نالو ڏيارائي موڪل.“
”سائين! سنڌ حڪومت ته پري جي ڳالهه آهي، منهنجو سيڪريٽري صاحب بهادر به عرضدار کي ڏسي ويهين مان ڇهانوي گريڊ جو آفيسر ٿي ويو آهي.“
”ڇا مطلب؟“
”سر، مان سيڪريٽري ڳوٺاڻي ترقي وَٽَ ويو هئس، کيس ٻڌايم ته جلدي آهي موضوع به منهنجي ڪم سان ٺهڪندڙ آهي. کيس ڳالهه ڪانه وڻي، ڪونه ڪيائين.“ وراڻيم.
”ڇو؟ منهنجو ته خيال هيو ته اسلم تنهنجو سٺو دوست آهي. تون ته هميشه دعويٰ ڪندو آهين.“
”سائين! مون ته هميشه اهو چيو هوندو ته هو منهنجو دوست ۽ ڀاءُ آهي. اهو ڪڏهن ڪونه چيم ته هو به مون کي عزيز رکندو آهي. ڀائو اسلم سان هميشه هڪ طرفه ٽريفڪ جي اميد رکجي.“ مون مسڪيني لهجو ڪندي چيو.
”چڱو، تون پنهنجي ئي سيڪشن آفيسر کان پنهنجا ڪاغذ ۽ نالو موڪلراءِ.“ ايئن چئي فون رکي ڇڏيائين. مون وري سندس سيڪريٽري کان فون ڪري فيڪس نمبر پڇيو. تمام ڪاغذ فوري فيڪس ڪيم ۽ وري ان ئي وقت T.C.S ڪرايم. ٽي چار ڏينهن اڻ تڻ ۾ رهيا، تان جو هڪ ڏينهن منسٽري مان سيڪشن آفيسر جو فون آيو ته سائين اوهان جو نالو هليو ويو. اسان ٻئي ڪنهن جو نالو وڌو هو ۽ سندس نعم البدل لاءِ هڪ ٻيو نالو هيو پر سيڪريٽري صاحب ٻئي نالا ڪٽي توهان جو نالو لکرايو ۽ چيائين ته سنڌ کي به ڪڏهن وارو ڏيندا ڪريو. هاڻ بس ٻه ٽي ڏينهن ۾ تياري ڪريو. آرڊو مان توهان کي خط ۽ ٽڪيٽ ٻن ٽن ڏينهن ۾ اچي ويندو. آئون ڏاڍو خوش ٿي تيارين ۾ لڳي ويس. خاص تياري هئي Country paper تيار ڪرڻ جي. اهڙن موقعن تي نمائنده ملڪن مان ايندڙن مان اميد رکي ويندي آهي ته موضوع جي مناسبت سان، هو پنهنجي ملڪ جي باري ۾ هڪ ذري گهٽ ريسرچ پيپر ٺاهي کڻي ايندا. ٽن ڏينهن ۾ تحقيق ته خير ڪهڙي ٿي سگهي ٿي، پر صبح سوير اچي رات جو اٺين نائين تائين ڪتابن جي انبارن مان کوٽي کوٽي ڪم جا اعداد و شمار ۽ ٻيون ڳالهيون ڪڍي هڪ پيپر ٺاهيم جو خوشقسمتيءَ سان اتي پسند ڪيو ويو.
ٻن ڏينهن کان پوءِ آمريڪن ايڪسپريس مان فون آيو ته توهان لاءِ دهليءَ مان ٽريول ايڊوائيس آئي آهي. يعني ته آئون وڃي پنهنجي شناخت ڪرائي آمريڪن ايڪسپريس مان ٽڪيٽ کڻان. وري انهيءَ ئي مهل ٽپال ۾ AARDO جي دهليءَ واري سيڪريٽريٽ جو خط پهتو جنهن ۾ مون کي ڄاڻ ڏني ويئي هئي ته، منهنجو نالو حڪومت پاڪستان جي عيوضي طور منظور ڪيو ويو آهي ۽ مون کي 26 آڪٽوبر تي قاهره پهچڻو آهي. مون کي پنهنجي فلائيٽ نمبر ۽ پهچڻ جو وقت ڏنل فون نمبرن ۽ فيڪس تي ڏيڻو هيو. جيئن مون کي ايئرپورٽ تي حڪومت مصر ۽ AARDO جو نمائندو وٺڻ لاءِ اچي سگهن. هاڻ اچي ٻه ٽي ڏينهن بچيا. شڪر ڪيم ته امارات ايئر لائينز جي ٽڪيٽ ڏنائون. هڪ ته مصري ۽ اسان جي قومي ايئر لائين تي چڙهڻ کان پيادو پنڌ ڀلو ٻيو ته امارات ايئر لائين ساڳئي ئي ٽڪيٽ ۾ دبئي جو هڪ ڏينهن جو ترسڻ ۽ ويزا ڪري ڏيندي آهي. جي هڪ ڏينهن کان وڌيڪ ترسڻو آهي ته گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڏينهن لاءِ امارات ايئر لائين جي پينل تي رکيل هوٽلون عام ريٽ کان سستيون ملي سگهيون ٿي ۽ ويزا توڙي ويزا جو خرچ امارات ايئرلائين جي بِلَي. آفيس مان اٿندي آمريڪن ايڪسپريس ويس. ٽڪيٽ کڻندي، واپسي ۾ ٽن ڏينهن لاءِ آواري دبئي جي بڪنگ هڪ سو ڊالرن ۾ ڪرائي ٽڪيٽ کيسي ۾ وجهي گهر آيس.
وڃڻ ۾ اڃان ٻه ڏينهن کن هئا. انهيءَ وچ ۾ ڪوشش ڪيم ته انٽرنيٽ تان مصر جي ڏسڻ جوڳين جڳهين جو تفصيل معلوم ڪري ”ضروري ڏسڻ“ جي لسٽ ٺاهيان. پر سڄي ڄمار ترتيب ۾ بي ترتيبي واري طبيعت سان گذاريم سو اهو پڄيو ڪونه ٿيو. تان جو وڃڻ وارو ڏينهن اچي ويو. صبح جو سوير ڀري فلائيٽ هئي.
رات جو جلدي سمهڻ جي ڪيم- گهر واريءَ ۽ ڪجهه ٻارن پاڻمرادو منهنجي سفر جو سامان بند ڪيو. مون فرمائش ڪئي ته گهٽ ۾ گهٽ ٽي چار جوڙا شلوار قميص جا به وجهجو ۽ ٻه ڪوٽيون به هجن. ڇا سوچي کنيم- خبر نه آهي- پر چڱو ڪم آيون.