امداد حسيني

Author Name

امداد  حسيني (سڄو نالو: سيد امداد علي شاهه ولد سيد فضل محمد شاهه) ٽنڊو محمد خان ضلعي جي ٽکڙ شهر ۾ 10 مارچ 1941 ۾ ڄائو. سندس ادبي نالو امداد حسيني/سانول آهي. پاڻ موجوده دؤر جو سرموڙ سنڌي شاعر آهي. پاڻ ايم اي سنڌ يونيورسٽي مان ڪيائين. سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ۽ ٽماهي مهراڻ رسالي جو ايڊيٽر ٿي رهيو. امداد حسيني تمام سٺي شاعري ڪئي آهي ۽ نوجوان ٽهيءَ جو هميشه هيرو رهيو آهي. امداد جي شاعريءَ جو پھريون مجموعو “امداد آهي رول” گهڻو مشهور ٿيو، هي ڪتاب 1976 ۾ ڇپيو هو. امداد جي شاعري جو ٻيو ڪتاب “هوا جي سامهون” 2000ع ۾ روشني پبليڪيش پاران ڇپايو ويو، سندس شاعريءَ جو ٽيون ڪتاب "ڪرڻي جھڙو پلُ" 2012ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو ۽ سندس شاعريءَ جو چوٿون ڪتاب "هوءَ" 2016ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي پاران ڇپايو ويو. امداد حسيني جي اردو شاعريءَ جو مجموعو  "ڌوپ ڪرن" پڻ ڇپيل آهي. 

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي امداد حسيني جا ڪُل 3 ڪِتاب موجود آھن


امداد حسيني جا ڪتاب

ڪرڻي جھڙو پَلُ، ليکڪ : امداد حسيني

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ڪرڻي جھڙو پَلُ
ليکڪ : امداد حسيني
ھوا جي سامھون، ليکڪ : امداد حسيني

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ھوا جي سامھون
ليکڪ : امداد حسيني
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ