عطا محمد ڀنڀرو

Author Name

ناليوارو محقق، اديب ۽ مترجم عطا محمد ولد محمد بخش ڀنڀرو پهرين فيبروري 1936ع تي ڳوٺ بچل ڀنڀري، تعلقي سوڀيڍيري (ضلعي خيرپورميرس) ۾ ڄائو. پرائمري تعليم ڳوٺ حمزي رڪڻائيءَ جي پرائمري اسڪول ۾ حاصل ڪيائين ۽ انگريزيءَ جا پهريان پنج درجا ان وقت جي اي.وي اسڪول هڱورجا ۾ پاس ڪيائين . جڏهن ته مئٽرڪ ٺري ميرواهه جي هاءِ اسڪول مان پاس ڪري پوءِ خيرپور ميرس جي ممتاز ڪاليج مان بي.اي جي ڊگري ورتائين. ايل.ايل.بيءَ جي تعليم لاءِ ايس.ايم لا ڪاليج ڪراچيءَ ۾ اچي پڙهيو. قانون جي ڊگري حاصل ڪري وڪالت جي شروعاتي مشق گمبٽ جي وڪيل هادي شيخ سان گڏ ڪيائين. جڏهن ته نامياري وڪيل ۽ مشهور شاعر شيخ اياز سان گڏ هن 1970ع ڌاري ڇهه مهينا ۽ 1980ع ڌاري پڻ ڇهه مهينا وڪالت جي پرئڪٽس ڪئي.

عطا محمد ڀنڀري 1967ع ڌاري ”هوشو“ رسالو جاري ڪيو، جنهن بعد ڊي. پـي. آر لاڳـو ٿـي. ”هـوشـو“ رسـالـي جـو آخـري پـرچــو 1974ع ۾ شـايـع ٿـيـو ۽ انهــيءَ ئــي عـرصـي ۾ ڀـنـڀـري صـاحـب جــون ڪهـاڻـيــون ۽ لکڻيون ”هوشو“ سميت ٻين رسالن ۾ ڇپجنديون رهيون. 1980ع ڌاري هن ايراني ٻاراڻي ادب جو هڪ ڪتاب ترجمو ڪيو ۽ ائين انگريزي ۽ روسي ٻولين مان پڻ ٻاراڻي ادب جا بهترين ڪتاب ترجما ڪيائين. هن 1983ع ۽ 1986ع واري ايم.آر.ڊي تحريڪ جي شهيدن تي شاعري به تخليق ڪئي. 1989ع ڌاري عطا محمد ڀنڀرو حيدرآباد ۾ اچي رهيو ۽ ساڳئي سال هن ”هينري ڪزنس“ جو ڪتاب ”سنڌ جا قديم آثار“ نالي ترجمو ڪيو ۽ ائين هن ترجمي جي فن کي باقاعدي معمول بڻايو، هن وقت تائين هو هڪ سؤ کان وڌيڪ ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري چڪو آهي، جن مان ڪي مختلف ادارن وٽان ڇپيا ۽ ڪجهه اشاعت جا منتظر آهن. هن جاکوڙي شخص جا ترجمو ڪيل هيٺيان ڪتاب شايع ٿيا آهن: (1) ڀٽ جو شاهه، ايڇ. ٽي. سورلي (سنڌيڪا: 1992ع)، (2) سنڌو لکت ۽ ٻولي، ايس. آر. راءُ (سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو:1994ع)، (3) سنڌ جو مهراڻ، ايڇ. جي. راورٽي (سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو:1995ع)، (4) سنڌو لکت جون بين القوامي لکتن سان لاڳاپو، جي. آر هنٽر (سنڌي ٻوليءَ جو باختيار ادارو: 1995ع)، (5) سنڌ ۾ قديم کنڊرن جي کوٽائي، اين. جي. محمدار (سنڌي ادبي بورڊ: 1997ع)، (6) سنڌوءَ جو سفر، اليگزينڊر برنس (سنڌيڪا:1998ع)، (7) حڪمت عملي'>سنڌ ۾ انگريزن جي حڪمت عملي، ڊاڪٽر ايڊرين ڊيورٽي (سنڌيڪا: 1998ع)، (8) شينهن درياهه'>سنڌو شينهن درياهه، جيئن فيئرلي (سنڌيڪا: 1999ع)، (9) سنڌ بابت انگريزن جي حڪمت عملي، سي. ايل. ماڙيوالا (سنڌ تحقيقي بورڊ: 1999ع)، (10) حرگوريلا جنگ، ايڇ. ٽي. لئمبرڪ (نيو فيلڊس پبليڪيشن: 2000ع)، (11) سنڌ جي تاريخ مؤرخن جي زباني، ايڇ. ايم. اليٽ (نيشنل بڪ فائونڊيشن اسلام آباد:2000ع)، (12) سڪندر جي ڪاهه، ايرين (روشني: 2000ع)، (13) سنڌ جي فتح، ليفٽيننٽ آئوٽرام (سنڌيڪا: 2001ع)، (14) سنڌوءَ جو موهه، جنرل سرجارج ميڪمين (سنڌ تحقيقي بورڊ: 2002ع)، (15) تاريخ جا سبق، ول ڊيورانٽ (روشني:2002ع)، (16) سنڌ جا قديم آثار، هينري ڪزنس (سنڌي ادبي بورڊ:2004ع)، (17) ٺٽي جا اسلامي درسگاهه، ڊاڪٽر احمد حسن داني (سنڌي ادبي بورڊ:2004ع)، (18) ٺٽي جا ڪاتب، محمد عبدالغفور (سنڌي ادبي بورڊ:2004ع)، (19) سنڌ جيئن مون ڏني، ٽي. پوسٽنس (سنڌيڪا: 2005ع)، (20) سنڌوءَ ڪناري وساريل شهر، مائيڪل جينسن (سنڌيڪا: 2005ع)، (21) سنڌ ڏکويل ماٿري، رچرڊ برٽن (روشني پبليڪيشن: 2006ع)، (22) سنڌ هند جي قديم جاگرافي، ليگزينڊر ڪننگهام (سنڌي ادبي بورڊ:2007ع) وغيره.
عطا محمد ڀنڀرو 3 جون 2020ع تي لاڏاڻو ڪري ويو


انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا تان ورتل

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي عطا محمد ڀنڀرو جا ڪُل 16 ڪِتاب موجود آھن


عطا محمد ڀنڀرو جا ڪتاب

سُکاري سنڌ ڏکارا ماڻهو، سنڌيڪار : عطا محمد ڀنڀرو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
سُکاري سنڌ ڏکارا ماڻهو
سنڌيڪار : عطا محمد ڀنڀرو
سنڌوءَ جو سفر 1831ع، سنڌيڪار : عطا محمد ڀنڀرو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
سنڌوءَ جو سفر 1831ع
سنڌيڪار : عطا محمد ڀنڀرو
سنڌو ۽ ان جي ڪٺار وارن علائقن جي سياسي ۽ اقتصادي اھميت، سنڌيڪار : عطا محمد ڀنڀرو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
سنڌو ۽ ان جي ڪٺار وارن علائقن جي سياسي ۽ اقتصادي اھميت
سنڌيڪار : عطا محمد ڀنڀرو
دماغي طاقت جا راز، سنڌيڪار : عطا محمد ڀنڀرو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
دماغي طاقت جا راز
سنڌيڪار : عطا محمد ڀنڀرو
سنڌو لکت جو بين الاقوامي لکتن سان لاڳاپو، سنڌيڪار : عطا محمد ڀنڀرو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
سنڌو لکت جو بين الاقوامي لکتن سان لاڳاپو
سنڌيڪار : عطا محمد ڀنڀرو
سنڌو لکت ۽ ٻولي، سنڌيڪار : عطا محمد ڀنڀرو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
سنڌو لکت ۽ ٻولي
سنڌيڪار : عطا محمد ڀنڀرو
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ