ڪتاب جو نالو: شاهه جي شاعريءَ جو پهاڪاتي پهلُو
مصنف: انجنيئر عبدالوھاب سھتو
ڇپائيندڙ: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر
ڪيٽيگري: لطيفيات
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 27 فيبروري 2019 ع
پڙهيو ويو: 1438 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 286 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هن ڪتاب ۾ اهي سڀ ميسر ٿي سگهيل مقالا ۽ مضمون ڪَٺي ڪيا ويا آهن، جيڪي شاهه لطيف جي شاعريءَ جي پهاڪن ۽ چوڻين تي لکيا ويا آهن. ان ريت، ڄاڻايل موضوع تي هيءُ پهريون مرتب ڪيل ڪتاب چئي سگهجي ٿو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • انتساب
  • سنڌ سلامت پاران
  • پيش لفظ
  • سادا اکر
  • لطيفي لات: پهاڪن ۽ چوڻين طور ڪتب ايندڙ مصرعون : مرزا قليچ بيگ
  • شاهه جا پهاڪا : ڊاڪٽر اياز قادري
  • شاهه لطيف جي ڪلام ۾ آيل پهاڪا ۽ چوڻيون : ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر
  • روزمرھ جي سنڌي زندگيءَ ۾ شاھه جا قول : ڊاڪٽر موتيلال جوتواڻي
  • آيتون آهين (الف-بي وار چونڊ پهاڪا ۽ چوڻيون) : ڪريم بخش خالد
  • شاھه ۽ پھاڪا : سيد اظھر گيلاني
  • شاھ لطيف جي ڪلام ۾ اصطلاح ۽ پھاڪا : ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي
  • شاھ ڀٽائي جا بيت - (پهاڪا) : حافظ محمد احسن چنا
  • شاھه لطيف جي شاعريءَ ۾ چوڻيون : ڊاڪٽر غلام قادر سومرو
  • سر ڪلياڻ ۾ آيل چوڻيون، محاورا ۽ اصطلاح : مير محمد ڀَيو
  • شاهه جون چوڻيون : نياز همايوني
  • سرُ ديسيءَ ۾ پهاڪن، چوڻين ۽ قولن جو ذخيرو : ڊاڪٽر محمد علي مانجهي
  • سُر ديسيءَ ۾ پهاڪن ۽ چوڻين جو استعمال : ڊاڪٽر مخمور بخاري
  • ڊاڪٽر محمد علي مانجهي : شاهه جي شعر جو پھاڪن طور استعمال
  • انجنيئر عبدالوهاب سهتي جا ڇپيل ڪتاب
  • ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر پاران ڇپرايل ڪتاب
  • بئڪ ٽائيٽل تصوير

  • حق ۽ واسطا

    ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي (رجسٽرڊ) قنبر جو ڪتاب نمبر ۶۰
    © ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي (رجسٽرڊ) قنبر ۲۰۱۸ع
    [هيءُ ڪتاب حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائيؒ جي ۲۷۵-هين عرس، ۱۴ صفر ۱۴۴۰ ھ، جِي نسبت سان ڇپي پڌرو ڪيو ويو.]

    ڪتاب: شاهه جي شاعريءَ جو پهاڪاتي پهلُو
    مرتب: انجنيئر عبدالوهاب سهتو
    پهريون ڇاپو: آڪٽوبر ۲۰۱۸ع
    ٽائٽل: ڊاڪٽر احسان دانش
    ڇپائيندڙ: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر

    قيمت: ۲۴۰ رپيا

    “Proverbal Aspect of Shah’s Poetry”
    Compiled By: Engr. Abdul Wahab Sahito
    1st Edition: October 2018 A.D
    Published by: Dr. Muhabbat Academy®, Kambar
    E-mail: drmuhabbatacademy@gmail.com
    riazatburiro@yahoo.com
    Rs. 240/-

    هيءُ ڪتاب ڊاڪٽر محبت اڪيـڊمي قنبر جي چيئرمين امتياز احمد مغل، ذڪي پريس، ڪراچيءَ مان ڇپائي، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي، قنبر، پاران پڌرو ڪيو.

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2019ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    انتساب

    شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام اندر، مختلف النوع علم يڪجاءِ آھن، جن جي نشاندھي اھو عالم ۽ ڏاھو ڪري سگھي ٿو، جنھن کي ايترن علمن تي دسترس ھجي. اھي علم آھن داستان، وياڪرڻ، صرفي نحوي ترڪيب، اصطلاح، ورجيسون، تشبيھون، تمثيلون، تلميحون، پھاڪا، چوڻيون، وغيرھ.
    شاھ صاحب جي ڪلام اندر موجود پھاڪي يا چوڻيءَ واري خوبيءَ کي پرکي نروار ڪرڻ به وڏي ڄاڻ رکڻ وارن جو ڪم آھي. ان نقطي ڏانھن پھرين پھرين جنھن سنڌي عالم يا ڏاھي جو ڌيان ويو، سو آھي مرزا قليچ بيگ، جنھن اھي سٽون سوڌي سنواري، نکيري نروار ڪري، ”لطيفي لات“ جي نالي سان ڪتابي صورت اندر ڇپايون، جنھن کان پوءِ ٻين عالمن ۽ ڏاھن جو ان طرف ڌيان ويو ۽ انھن به شاھ صاحب جي ڪلام ۾ موجود ان پھلوءَ تي پنھنجو قلمي پورھيو عام آڏو آندو.
    مان پنھنجي ھيءَ محنت، سنڌي زبان جي ان ڏاھي ۽ شمس العلماءُ، مرزا قليچ بيگ صاحب ڏانھن منسوب ڪيان ٿو.

    - انجنيئر عبدالوهاب سهتو


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”شاهه جي شاعريءَ جو پهاڪاتي پهلو“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هي ڪتاب نامياري ليکڪ انجنيئر عبدالوهاب سهتي پاران مرتب ڪيو ويو آهي.
    هن ڪتاب ۾ اهي سڀ ميسر ٿي سگهيل مقالا ۽ مضمون ڪَٺي ڪيا ويا آهن، جيڪي شاهه لطيف جي شاعريءَ جي پهاڪن ۽ چوڻين تي لکيا ويا آهن. ان ريت، ڄاڻايل موضوع تي هيءُ پهريون مرتب ڪيل ڪتاب چئي سگهجي ٿو.
    ھي ڪتاب ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي، قنبر، پاران 2018ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون پياري رياضت ٻرڙي جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ مهربانيون سائين عبدالوهاب سهتي جون جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پيش لفظ

    شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعري، سنڌي ٻوليءَ ۾ سرجيل هڪَ مُلهائتي مُوڙيءَ مثال آهي: اها مُوڙي، جنهن جو قدر وقت گذرڻ سان وڌندو ئي رهي ٿو ۽ جنهن ۾ سمايل فڪر ۽ فن جي اهميت اڳي کان اڳري ۽ وقت جي تقاضائن سان مُنهن ڏيندڙ ثابت ٿي آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي، ته ”شاهه جو رسالو“ فقط شعرن جو رواجي ميڙو نه آهي، پر انساني سماج کي بهتريءَ، ڀلائيءَ ۽ چڱائيءَ ڏانهن وٺي ويندڙ مٿانهَن قدرن جو مجموعو آهي. شاهه جي شعرن ۾ سمايل خيال سماجي تقاضائن کي نبيريندڙ به آهن ته انهن جي عڪاسي ڪندڙ به. ڏسجي، ته شاهه جي رسالي ۾، انيڪ اهڙيون سٽون بيحد خوبصورتيءَ سان اُڻيل آهن جيڪي اسان جي سماجي وهنوار ۾ عام جام ڪتب اينديون رهن ٿيون، جهِڙوڪ:
    ٻِيائيءَ کي ٻَک، جن وڌو سي ورسيا. (ڪلياڻ)
    جي ورق وارين وِيهه، ته اکر اهو ئي هيڪڙو. (يمن ڪلياڻ)
    دنيا سڀ درياهه، ڪو ڪو تارُو تنهن ۾. (سري راڳ)
    عقل مَت شرم، ٽيئي نينهن نهوڙيا. (سهڻي)
    پيرين پنڌ وسار، هل هنئين سين ھوت ڏي. (سسئي آبري)
    تتيءَ ٿڌي ڪاهه، ڪانهي ويل وهڻ جي. (حسيني)
    ڏک سُکن جي سونهن، گھوريا سُک ڏکن ري. (حسيني)
    اِي نه مارن ريت، جئن سيڻ مٽائينِ سون تي. (مارئي)
    مُنهن ۾ موسى جهِڙو، اندر ۾ ابليس. (آسا)
    گھوڙن ۽ گھوٽن، جيئڻ ٿورا ڏينهڙا. (ڪيڏارو)
    ڪي اوڏا ئي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين. (بروو سنڌي)
    ويا مورَ مرِي، هنجُ نه رهيو هيڪڙو. (ڪارايل)
    ڏات نه آھي ذات تي، جو وھي سو لھي. (پرڀاتي)
    ستا اُٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري. (ڏهر)

    اِهي ۽ اهڙيون ٻيون اڻ ڳَڻيون ”شاهه جون سِٽون“، صرف سِٽون ئي نه رهيون آهن، پر ”شاهه جا پهاڪا ۽ چوڻيون“ بڻجي چڪيون آهن، جيڪي سماج ۾ پنهنجو ڪارج ۽ ڪردار ادا ڪندي نظر اچن ٿيون ۽ انساني جذبن، احساسن، امنگن، خوابن، خيالن، ڪيفيتن ۽ عملن جون ترجمان بڻجن ٿيون. ان ڪري ئي، اسين مختلف حالتن ۾، پنهنجي پاران ڪي جملا جوڙڻ بدران، شاهه سائينءَ جي انهن ”سونَ ورنن پهاڪن ۽ چوڻين“ کي، پنهنجي پاران ڪتب آڻيندا آهيون.
    شاهه سائينءَ جي انهن پهاڪن ۽ چوڻين جو واهپو ته سماج ۾ ٿيندو رهيو آهي، پر شاهه جي انهن پهاڪاتي سِٽن ۽ بيتن تي تحقيقي ۽ علمِي ڪم تمام گهٽ ٿيو آهي. جڏهن ته ان جي ضرورت تمام گهڻي آهي.
    سنڌي ٻوليءَ ۾، پهاڪن ۽ چوڻين تي، گذريل ٽيهارو کن سالن کان، نامور محقق، انجنيئر عبدالوهاب سهتي انتهائي ڪارائتو ڪم تسلسل سان پئي ڪيو آهي، جنهن جي شاهدي سندس پهاڪن ۽ چوڻين جا تحقيق، تاليف ۽ تدوين ڪيل ۱۵ ڇپيل ڪتاب آهن ۽ هاڻي ۱۶-هون ڪتاب ”شاهه جي شاعريءَ جو پهاڪاتي پهلُو“ ڇپيو آهي. خوشيءَ جي ڳالهه، ته انهن ۱۶ ڪتابن مان ۱۰ ڪتاب، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي پاران ڇپجي پڌرا ٿيا آهن.
    انجنيئر عبدالوهاب سهتي، شاهه جي رسالي مان مروج ٿيل پهاڪن ۽ چوڻين توڙي ورجيسن ۽ اصطلاحن تي تحقيقي ڪم ڪرڻ چاهيو پئي، پر هن ضروري سمجهيو ته نئين ڪم جي ابتدا کان اڳ، پهرين ٿيل ڪم کي به سهيڙجي. ان نيت هيٺ، سهتي صاحب هيءُ ڪتاب سهيڙيو آهي، جنهن ۾ وڌ ۾ وڌ ممڪن ڳولا بعد، اهي سڀ ميسر ٿي سگهيل مقالا ۽ مضمون ڪَٺي ڪيا ويا آهن، جيڪي شاهه جي شاعريءَ جي پهاڪن ۽ چوڻين تي لکيا ويا آهن. ان ريت، ڄاڻايل موضوع تي هيءُ پهريون مرتب ڪيل ڪتاب چئي سگهجي ٿو. هِن ڪتاب جي اڳڀري وِک طور، اسان کي سهتي صاحب جي ان ڪم جو به انتظار رهندو جيڪو هُو شاهه جي پهاڪن ۽ چوڻين تي مستقبل قريب ۾، اميد ته، ضرور ڪندو.

    سدائين گڏ.

    رياضت ٻرڙو
    ڊائريڪٽر (اعزازي)
    ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر
    ۲۳-آڪٽوبر ۲۰۱۸ع
    ۰۳۳۳۷۵۳۳۰۱۱


    سادا اکر

    پهاڪو (Proverb) يا چوڻي saying))، ننڍڙو ۽ جلد ياد ٿي وڃڻ جيترو بياني جملو آهي، جنهن ۾ نصيحت، چتاءُ، اڳڪٿي يا سوچيل سمجهيل مشاهدو سمايل هوندو آهي، جيڪو عام لوڪن جي زبان ۾ بيان ٿيل هڪ روايتي حقيقت تي مشتمل ھوندو آھي ۽ ضرب المثل طور استعمال ٿيندو آھي.
    پھاڪا ۽ چوڻيون، لوڪ ادب جي صنف منجھان آھن. سندن سرجڻ ۽ اپڙڻ، وڌڻ ۽ ويجھڻ جو سرچشمو عوام جا سينا ۽ زبانون آھن. لوڪ جي سينن ۾ نسرن ٿا ۽ سندن زبانن تان ٿيندا، سيني به سيني اڳتي وڌن ۽ اسرن ٿا. جڏھن ته اصطلاح يا محاورا، ان لحاظ کان پهاڪي ۽ چوڻيءَ کان جدا نموني سان ٺھن ٿا، جنھنڪري اھي لوڪ ادب جي دائري ۾ ڳڻڻ بجاءِ لغت يا ٻوليءَ وارن علمن منجھ ڳڻيا وڃن ٿا.
    پھاڪن منجھئون، لوڪن جون عادتون ۽ اطوار، بيان ۽ گفتگوءَ جو انداز، رسمن ۽ ريتن، اٿڻ ويھڻ ۽ کائڻ پيئڻ، ھنڍائڻ ۽ ورتائڻ بابت ڄاڻ ملي ٿي. پھاڪا/چوڻيون، لوڪِي تاريخ، لوڪِي ٻوليءَ ۽ لوڪن جي ڄاڻ wisdom جا ڀنڊار آھن.
    پھاڪي يا چوڻيءَ لاءِ ”ٻول/ قول“، ”ڪھاوت“، ”سياڻن جو سخن“، ”ٻھڳڻن جو ٻول“، ”گفتار جي غازين جو گفتو“، ”سپ جا سپورنج سندي“، ”سُڌ جا سونھان ڏين“، ”وڏڙن چواڻي“ ۽ ”وڏڙن جي واتان ٻڌل“ جھڙا لفظ، نعم البدل طور تي مروج آھن. اھي عوام جي سينن ۾ تپي تپي اٿن ٿا. واتين سري، واڳين سرن ٿا. رستي ۾ کين نه ڪا جھل، نه ئي ڪا رنڊ روڪ ٿئي ٿي. اڏامندا وڃن ٿا ۽ صدين تائين سندن پڙلاءُ ٻُرندو رھي ٿو. جڏھن ته چوڻيءَ جي خاصيت آھي؛ روپ ننڍڙو، جملو مڪمل، نڪتو سمايل ۽ عوام جي زبان تي روان ھجي. اگر انھن چئني خوبين مان ڪا ھڪڙي کٽل اٿس ته اھا چوڻي ناھي. چوڻيءَ کي پھاڪي جي پد تي پڄڻ لاءِ، اڃا ھڪ ڏاڪو وڌيڪ پنڌ ڪرڻو آھي، سو آھي؛ پنھنجي اکري معني کان علاوھ ٻي معني ۾ به استعمال ٿيڻ جي خاصيت رکڻ.
    پھاڪا، آڳاٽن مذھبي ڪتابن جي اندر پڻ آيل آھن. بائبل (Bible) جي پراڻي عهدنامي (Old Testament) ۾ ته اخلاقي سکيا ۽ عملي نصيحتن سان ڀريل نقطن تي مشتمل ”پهاڪن جو ڪتاب“ عنوان سان هڪ جدارو باب ڏنل آهي. اھي پهاڪا، حضرت سليمانؑ ڏانھن منسوب ڪيا وڃن ٿا. انگريزي ٻوليءَ ۾ مروج ڪيترا ئي پهاڪا، پراڻي عهدنامي تان ورتل آهن.
    پھاڪي جي مڃيل وصف مطابق؛ پھاڪو، پاڻ ۾ نقطو رکندڙ اھو مختصر ۽ مڪمل جملو آھي، جيڪو عوام جي زبانن تان اسري، يا ڪنھن آسماني ڪتاب اندر آيل احڪام ٻڌڻ سان سرجي، يا ڪنھن ڏاھي جي چيل ڳالھ تي غور ڪرڻ سان روپ ڌاري نروار ٿئي. لفظي معني سان گڏ، ورجيسي معني پڻ ڏئي.
    ڪي شاعر، پنھنجي ڪلام ۾ پختگي پيدا ڪرڻ واسطي، عوام جي ٻولي استعمال ڪندا آھن، جو سندن پيغام يا نياپو ھوندو ئي انھن لاءِ آھي، جنھنڪري ھو انھن جي ٻوليءَ ۾ ڳالھائيندا آھن. انھن جي زبانن تي آيل محاورا يا ڪھاوتون استعمال ڪندا آھن. جنھنڪري اڳتي ھلي ائين به ٿيندو آھي جو اھڙن شاعرن جو ڪلام، جڏھن عوام جي زبانن تي چڙھندو آھي ته سندن سرجيل سٽون پھاڪن جو روپ اختيار ڪري وٺنديون آھن.
    ماموئي فقيرن جا قول ھجن يا شاھ ڪريم جو ڪلام، قاضي قادن جا دوھا ھجن يا لطيف سائينءَ جا بيت، گرھوڙيءَ جون پيشنگويون ھجن يا شاھ عنايت جا گفتا، سچل جا سنيھا ھجن يا ساميءَ جون سپون، مڙني منجھ عوام جي ذھن آھر ڳالھيون چيل آھن، جنھن سببان سندن ڪلام، لوڪ جي زبانن تي چڙھيل ئي چڙھيل رھي ٿو.
    لوڪ قصا ۽ لوڪ ڪھاڻيون، پڻ پھاڪن ۽ چوڻين جي جڙڻ جو سرچشمو آھن. اھي قصا عوام جي زبان تان ٿيندا، ڀٽن ڀانن جي زبانن تي چڙھي، جڏھن ڳاتا وڃن ٿا ته عوام منجھانئن حظ حاصل ڪرڻ سان گڏ نقطا پڻ چونڊي ٿو، جيڪي نصيحت طور اڳتي استعمال ڪري ٿو. ناصح، اھڙن قصن ذريعي، عوام کي دين ۽ دنيا جون نصيحتون ڪرڻ فرمائيندا آھن، ڇو جو اھي قصا اڳواٽ، عوام کي ذھن نشين ٿيل ھوندا آھن ۽ منجھن سمايل نقطا فقط اجاگر ڪرڻا ھوندا آھن، جيڪي ناصحين پنھنجي علمي ڏانءَ ۽ ذھني بلاغت سان کوٽي نروار ڪندا آھن. ھونئن به قصن ۽ ڪھاڻين ذريعي پيغام رساني آسانيءَ سان ٿيندي آھي.
    جن به وڏن شاعرن اھڙن قصن کي ڳاتو آھي، تن جو ڪلام، عوام اکين تي رکيو آھي. انھن جي ٻولي عوامي ھئڻ سان گڏ ڄڻ عوام جي اندر جو آواز ٿي پئي آھي. اھو اشارو، لامحاله شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ڏانھن ئي آھي. سنڌ اندر اھو واحد بزرگ آھي جنھن جي ڪلام جو چڱو حصو، عوام جي زبان تي چڙھيل آھي ۽ مثالن طور پڻ ڪتب اچي ٿو. سندس ڪلام جي ان عوامي پسنديدگيءَ، سندس ڪلام کي لازوال ڪري ڇڏڻ سان گڏوگڏ، پھاڪي جي پد تي پڻ پڄائي ڇڏيو آھي.
    ڪيترا ئي ليکڪ، پنھنجي ڪتابن ۽ مضمونن منجھ، جتي ڪا ڳالھ مثالن سان سمجھائڻ اڻٽر ھجي، اتي پهاڪن سان گڏ شاھ جي رسالي مان سونَ ورنيون سٽون چونڊي پڻ استعمال ڪن ٿا، جيڪي عام ڳالھ ٻولھ ۾ پهاڪن، مثالن ۽ چوڻين طور ڪتب اينديون آھن.
    ان جي ابتڙ، ڊاڪٽر پرسو جيسارام گدواڻي، پنھنجي ڪتاب ’شاھ جو شعر‘ ۾ لکي ٿو ته؛ ”ھر ڪنھن ٻوليءَ ۾ پھاڪن ۽ چوڻين جو ھڪ وڏو خزانو ھوندو آھي، جي ان ٻوليءَ جي زباني ساھتيه جو مکيه انگ ھوندا آھن. اڪثر انڀوي پرش ۽ استريون، پنھنجا پنھنجا ويچار ظاھر ڪرڻ وقت، انھن کي وڌيڪ وزندار ۽ چڀندڙ بڻائڻ لاءِ رواجي ٻوليءَ ۾ انيڪ پھاڪن ۽ چوڻين کي ڪتب آڻيندا آھن. سندن ان قسم جي استعمال ۾ سڀاويڪ روانيءَ جي جھلڪ ملندي آھي. جيتري قدر ادب ۾ پھاڪن ۽ چوڻين جي وڌيڪ استعمال جو سوال آھي، ائين مڃڻو ئي پوندو ته انھن جو گھڻو استعمال ڪرڻ به سٺو ڪين آھي، ڇاڪاڻ ته انھن جي وڌيڪ استعمال ڪرڻ سان ٻوليءَ جو واڌارو رڪجي ويندو آھي. ليکڪ ۽ شاعر، پنھنجا ويچار، پراڻن قالبن ۾ ظاھر ڪندا آھن. ان جو نتيجو اھو نڪرندو آھي ته ٻوليءَ ۾ ڪا نواڻ نه ايندي آھي ۽ نوان قالب نه گھڙجي سگھندا آھن. پر تنھن ھوندي به ان ۾ ته ڪو شڪ نه آھي ته ليکڪ ۽ شاعر لاءِ ڪٿي ڪٿي پھاڪن ۽ چوڻين جو استعمال ڪرڻ تمام ضروري ھوندو آھي. ممڪن آھي ته ائين نه ڪرڻ سان سندن ٻوليءَ جي اھا رواني نه اچي سگھي ۽ اھا عام واھپي جي ٻوليءَ کان پري ٿي وڃي.
    شاھ صاحب پنھنجي ٻوليءَ ۾ چوڻين ۽ پھاڪن جو اتي ئي استعمال ڪيو آھي، جتي انھن جي خاص ضرورت آھي. دراصل سندن استعمال سان ئي شاھ جي ٻوليءَ ۾ رواني ۽ سليستا اچي ويئي آھي، جنھن جا ڪجھ مثال ھيٺ ڏجن ٿا:
    ”جن مھانگو لھي ميڙيو، سي ٿا ھٿ ھڻن.“
    شاھ صاحب جي ڪلام ۾ موجود پھاڪن ۽ چوڻين کي چونڊي، جن محققن نروار ڪيو آھي، تن جو بيان ھيٺ ڏجي ٿو.

    ۱) لطيفي لات: پهاڪن ۽ چوڻين طور ڪتب ايندڙ مصرعون:
    شمس العلماء مرزا قليچ بيگ صاحب (۱۸۵۳ع - ۱۹۲۹ع) ولد فريدون بيگ، ٽنڊي ٺوڙھي ۾ ڄائو. سندس تصانيف ۽ تاليف جو تعداد ۴۵۰ کان مٿي آھي، جيڪي شاعريءَ کان علاوھ، اخلاقي، مذهبي، روحاني، تاريخي، عجيب ۽ نصيحت آميز ڳالھين، ناولن، ناٽڪن ۽ عام واقفيت، لطيفيات، وياڪرڻ وغيرھ جھڙن موضوعن تي مشتمل آھن.
    لطيفيات تي، سندس تاليفات جي وچور ھيءَ آھي: ۱. لطيفي لات، ۲. شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو احوال، ۳. لائف آف شاهه عبداللطيف ڀٽائي (انگريزي)، ۴. شاھ جو رسالو، ۵. لغات لطيفي، ۶. شاھ جي رسالي جي ڪنجي، ۷. سر آبريءَ جي تشريح، ۸. سر سريراڳ جي تشريح، ۹. سر سهڻيءَ جي تشريح ۽ ۱۰. سر ديسيءَ جي تشريح.
    ”لطيفي لات“ شاھ جي رسالي مان چونڊيل مصراعون، جيڪي پھاڪن يا چوڻين وانگي سنڌي ۾ ڪم اينديون آھن، تن تي آڌاريل ڪتاب آھي، جنھن جو پھريون ڇاپو سال ۱۹۱۲ع ڌاري قيصريہ پريس ۾ ڇپيو. منجھس جملي صفحا ۲۷ ھيا، جنھن جو ڇپائيندڙ؛ آتمارام ڪندن مل حيدرآباد وارو ھيو. ان ڪتاب جو ٻيو ڇاپو؛ ”لطيفي لات“ نالي سان، گلشن پبليڪيشن، حيدرآباد، ۱۹۹۴ع ۾ ڇپايو، منجھس جملي صفحا ۳۰ ھيا.
    ان لحاظ کان مرزا قليچ بيگ صاحب سنڌي ٻوليءَ جو پهريون اسڪالر ۽ مصنف آھي، جنهن جو شاهه جي رسالي ۾ آيل پهاڪن ۽ اصطلاحن ڏانھن ڌيان ويو ۽ ان متعلق، سُر وار، داستانن جي نشاندھي ڪندي، الفابيٽ ترتيب سان ڪتاب جوڙي ڇپايائين. اھو ڪتاب جيئن ته سائيز ۾ تمام ننڍڙو آھي، جنھن سببان وري وري ڇپجي نه سگھيو ۽ ان بابت لطيفيات سان دلچسپي رکندڙ گھڻن دوستن کي ڄاڻ به ناھي. اھا ڳالھ، ڳڻ ۾ رکي، ساڳيو مضمون ھن ڪتاب اندر شامل ڪيو ويو آھي ته جيئن لطيفيات جي شائقين کان علاوھ عام ماڻھن جي استفادي ھيٺ رھي سگھي.

    ۲) شاهه جا پهاڪا:
    پروفيسر ڊاڪٽر اياز قادري (۱۹ جنوري ۱۹۲۷ع - ۱۵ ڊسمبر ۱۹۹۷ع) ولد فقير غلام سرور قادري، لاڙڪاڻي جي مشهور قادري خاندان ۾ ڄائو. ناميارو محقق، ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ ماهر تعليم هو. سندس تصنيفن ۾ ”زلفِ اياز“ (شاعري)، ”بِلو دادا“ (ڪھاڻين جو مجموعو)، ’مٽيءَ لڌو مانُ‘، ’عشقيه داستان‘ ۽ ’پرين جون ڪهاڻيون‘، ’مون مطالع سپرين‘ (لطيفيات) مشھور آھن. ان کان علاوه ترجما پڻ ڪيائين، جھڙوڪ؛ ۱. ’مئڪسم گورڪيءَ‘ جي ”منھنجي آتم ڪھاڻي (ٻه حصا؛ تربيت، ۽ منھنجا درسگاھ)“، ۲. جِي الانا جي انگريزي ڪتاب Our Freedom fighters جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ’اسان جي آزاديءَ جا اڳواڻ‘، ۳. ڊاڪٽر جميل جالبي جي ڪتاب ’پاڪستاني ڪلچر‘ جو ترجمو. ’سنڌي غزل جي اوسر‘، جي عنوان سان علامه غلام مصطفى قاسميءَ جي نگرانيءَ ۾، پي ايڇ ڊي لاءِ مقالو پڻ لکيائين.
    ھن ڪتاب اندر، ”شاھ جا پھاڪا“ عنوان سان شامل ڪيل مضمون، سندس ئي لکيل ۽ ترتيب ڏنل ڪتاب ”مون مطالع سپرين؛ شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام جو اڀياس“، جيڪو شاهه عبداللطيف ڪلچرل سوسائٽي، ڪراچي، اپريل ۱۹۹۵ع طرفان شايع ٿيو ھيو ۽ منجھس ص ۵۹ کان ص ۶۶ تائين موجود آھي تان، ٿورن سان کنيو ويو آھي. ياد رھي ته ساڳيو مضمون، ”شاھ جو ڪلام پھاڪن طور“ جي عنوان سان ”لطيفي لات ــــ مرتب: ممتاز مرزا“، شاهه عبداللطيف ثقافتي مرڪز، حيدرآباد، ۱۹۹۲ع (ص ۱۸ کان ص ۲۵) ۾ پڻ شايع ٿيل آھي.

    ۳) شاهه جي ڪلام ۾ پهاڪا ۽ چوڻيون:
    ڊاڪٽر شاھنواز سوڍر (۱۰ مئي ۱۹۴۰ع - ۱۵ مارچ ۲۰۰۳ع) ولد در محمد سوڍر، اڳوڻي لاڙڪاڻي ضلعي ۽ هاڻوڪي قمبر-شهدادڪوٽ ضلعي جي تعلقي وارھ اندر ڳوٺ فيض محمد سوڍر ۾ ڄائو. ڪھاڻين ۽ ڊرامن لکڻ کان علاوه، لطيفيات جي موضوع تي ”سنڌي ثقافت ۽ شاھ عبداللطيف“ (۱۹۸۸ع) جي عنوان سان مقالو لکي، پي ايڇ ڊي جي سند حاصل ڪيائين.
    لطيفيات تي ڇپيل ڪتاب ”شاھ عبداللطيف ڀٽائي“ (۱۹۹۰ع)، ”سنڌي ثقافت ۽ شاھ عبداللطيف“ (۱۹۹۱ع) ۽ ”اوجاڳي اجاريا“ (۲۰۰۰ع) اٿس.
    ھن ڪتاب اندر مٿي ڄاڻايل مضمون، پي ايڇ ڊيءَ لاءِ لکيل سندس مقالي ”سنڌي ثقافت ۽ شاهه عبداللطيف“، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاھ، ڇاپو پھريون، سال ۱۹۹۱ع، (ص ۴۲۶ کان ص ۴۳۰ تائين) تان، ٿورن سان کنيو ويو آھي. اھو مضمون عاجز رحمت الله لاشاريءَ جي ترتيب ڏنل ڪتاب ”شاهه جي شاعريءَ ۾ سُگهڙائپ جو رنگ“؛ حسن درس اڪيڊمي، حيدرآباد، ڇاپو پھريون سال ۲۰۱۶ع ۾ پڻ شامل آھي، جيڪو سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ويب سائيٽ تي رکيل آھي.

    ۴) روزمرھ جي سنڌي زندگيءَ ۾ شاھه جا قول:
    ڊاڪٽر موتيلال جوتواڻي (۱۳ جنوري ۱۹۳۶ع - ۲۸ جنوري ۲۰۰۸ع) پٽ واڌومل جوتواڻي، روھڙي شھر، تعلقي ۽ ضلعي سکر ۾ ڄائو. ادبي سفر ڪهاڻين لکڻ سان شروع ڪيائين. ھو هڪ ئي وقت ڪهاڻيڪار، ناول نگار، مضمون نگار ۽ محقق هو. ”شاهه لطيف: هز لائيف اينڊ ورڪس“ جي عنوان سان پي ايڇ ڊي جو مقالو لکي، ڊاڪٽريٽ جي سند حاصل ڪيائين. سنڌي، ھندي ۽ انگريزيءَ منجھ، ساٺيڪو کن ڪتاب لکيل اٿس. سندس ديھانت ھندستان جي شھر پڻي ۾ ٿيو.
    مٿي ڄاڻايل عنوان وارو سندس لکيل مضمون، ”ڪلاچي“ تحقيقي جرنل؛ شاهه لطيف چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، ڊسمبر ۲۰۰۴ع، صفحو ۶۹ کان ص ۷۸ تائين، تان ٿورن سان کنيل آھي. اهو ئي مضمون رکيل مورائي صاحب، پنھنجي ترتيب ڏنل ڪتاب ”شاھ لطيف: ھڪ تحقيقي ۽ تخليقي اڀياس“ ۾، صفحي ۱۷۴ تي ڏنو آھي، جيڪو ثقافت کاتي سنڌ، نومبر ۲۰۱۵ع ڌاري ڇپايو آھي.

    ۵) آيتون آھين (الف-بي وار چونڊ پهاڪا ۽ چوڻيون):
    ڪريم بخش خالد (۱۵ ڊسمبر ۱۹۲۸ع - ۱۷ مارچ ۲۰۰۳ع) ولد محمد عثمان ميمڻ، شڪارپور ضلعي جي شھر ڳڙھي ياسين ۾ ڄائو. سن ۱۹۴۵ع ۾ سنڌي فائنل، سن ۱۹۴۵ع ۾ بمبئي مان انٽرميڊيٽ ڊرائِنگ، سن ۱۹۵۲ع ۾ ڪراچي مان بِي اي ۽ سن ۱۹۵۷ع ۾ پنجاب مان صحافت ۾ ڊپلومه جي ڊگري حاصل ڪيائين. سن ۱۹۶۹ع ڌاري، ”سرڪاري ڪمن جي تشھير“ ۾ لنڊن مان ڊپلومه جي سند حاصل ڪيائين. سنڌ حڪومت جي اطلاعات کاتي ۾ مختلف عھدن تي ڪم ڪندي، ڊائريڪٽر جنرل اطلاعات جي عھدي تان رٽائر ڪيائين. پنھنجي حياتيءَ ۾ نوي کن ڪتاب تاليف يا ترتيب ڏنائين، جن منجھان اٺ ڪتاب، سنڌي توڙي اردوءَ ۾، لطيفيات تي مبني آھن.
    ھن ڪتاب اندر سندس مٿي ڄاڻايل عنوان سان سندس مضمون، سندس ترتيب ڏنل ڪتاب ”شاھ جو رسالو - سنڌ جي تاريخ جو ماخذ“، جيڪو شعبه اشتھارات، مطبوعات ۽ پريس، سنڌ اطلاعات کاتو، بلاڪ ۹۶، سنڌ سيڪريٽريٽ، ڪراچي، طرفان حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ۲۲۶ عرس جي موقعي تي شايع ڪيو ويو، تان ٿورن سان کنيو ويو آھي.

    ۶) شاهه ۽ پهاڪا:
    سيد انور علي شاھ عرف سيد اظهر گيلاني (۱۱ آڪٽوبر ۱۹۱۵ع - ۲۲ جولاءِ ۲۰۰۵ع) ولد اصغر علي شاھ، پنھنجي ناناڻي ڳوٺ لالو رانئڪ، تعلقو وارھ، ضلعو لاڙڪاڻو (موجوده قمبر-شهدادڪوٽ) ۾ ڄائو. ناميارو شاعر ھيو، جنھن ٻه سؤ کن ڪتاب، ترتيب و تاليف ڪرڻ سان گڏ ”قصرالادب“ نالي سان ادارو پڻ قائم ڪيو.
    لوڪ ادب جي ميدان ۾ ”پھاڪو ڇا کي چئجي؟“ مضمون کان علاوه، لطيفيات سان منسلڪ ”شاھ جي ڪلام ۾ پھاڪا ۽ محاورا“ ڪتاب تاليف ٿيل اٿس. ھن پنھنجي ڪتاب جي اندر شاھ صاحب جي ۳۴ سُرن منجھان اھي بيت چونڊي رکيا آھن، جيڪي پھاڪي وارا آھن يا منجھن پھاڪي واري مصرع آھي يا محاورو آندل آھي. ھر ھڪ بند جي حاشيي ۾ پھاڪي جي نشاندھيءَ لاءِ ’پ‘ ۽ محاوري لاءِ ’م‘ اشاري طور ڏنل آھن. ڏکين لفظن جون معنائون فوٽ نوٽ ۾ ڏنل آھن. جڏھن ته ”عاجزانه الفاظ“ نالي سان لکيل مقدمي ۾ شاھ جي شعر اندر آيل صنعتن تي سير حاصل بحث آندو اٿائين، جيڪو پڻ پڙھندڙن جي دلچسپيءَ ۾ اضافو ڪري ڇڏي ٿو. ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو، مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور، سنڌ، سال ۲۰۰۴ع ڇپايو آھي جيڪو ۱۴۴ صفحن تي پکڙيل آھي. سندس ان ڪتاب ۾ موجود مھاڳ، مختلف حصن ۾ تقسيم ڪيل آھي، منجھانئن اھو حصو، جيڪو پھاڪن ۽ چوڻين سان منسلڪ آھي، سو ھن ڪتاب اندر، پڙھندڙن جي ڄاڻ واسطي، مٿي ڄاڻايل عنوان سان شامل ڪيو ويو آھي.

    ۷) شاهه لطيف جي ڪلام ۾ اصطلاح ۽ پهاڪا:
    ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي (ڄم: ۴ ڊسمبر ۱۹۴۰ع) پٽ سوڀراج لڇاڻي، پير جو ڳوٺ، خيرپور ۾ ڄائو. سندس پھريون ڪتاب، ڪھاڻين جو مجموعو ھيو، جيڪو ۱۹۵۷ع ڌاري ”خاموش زندگي“ نالي سان شايع ٿيو. ھن وقت تائين، مختلف موضوعن جھڙوڪ؛ ڪھاڻيون، تنقيد، لوڪ ڪھاڻيون، ٻاراڻا ناول ۽ ڪھاڻيون، سنڌي ادب، سائنس فڪشن، شخصيات، سفرناما وغيرھ تي، لڳ ڀڳ ۵۰ ڪتاب لکي، ڇپائي چڪو آھي. جن مان ٽي ڪتاب؛ ”شاھ ۽ صوفي مت“ (۱۹۸۵ع)، ”آڇيندي لڄ مران“ (۲۰۱۵ع) ۽ ”تون ڏاتار، آ ڏَڏُ“ (۲۰۱۷ع) لطيفيات تي مبني آھن. ”آڇيندي لڄ مران“ ڪتاب تي کيس سنڌي ساھتيه اڪيڊمي طرفان سال ۲۰۱۷ع ۾ ايوارڊ به مليو آھي ۽ اھو ڪتاب سنڌ ثقافت کاتي ٻيھر سال ۲۰۱۷ع ۾ پڻ ڇپايو آھي.
    ھن ڪتاب اندر مٿئين عنوان سان شامل مضمون، ”تون ڏاتار، آ ڏَڏُ“؛ ويڻا پبليڪيشن الھاس نگر، ڇاپو پھريون، سال ۲۰۱۶ع، ص ۱۱۴-۱۲۱ تان، ٿورن سان کنيو ويو آھي. اھو ڪتاب، لطيفيات تي پي ايڇ ڊي ڪندڙ ڊاڪٽر احسان دانش جي ذاتي لائبرريءَ ۾ موجود آھي.

    ۸) شاھه ڀٽائي جا بيت ــ پهاڪا:
    حافظ محمد (۱۲ اپريل ۱۹۰۰ع - ۱۸ جون ۱۹۸۶ع) ولد جمع خان چنه صاحب، دادو ضلعي جي ڳوٺ ملڪاڻي شريف ۾ ڄائو. قرآن پاڪ حفظ ڪرڻ سان گڏ، علامه غلام محمد صاحب ملڪاڻين واري وٽان عربي فارسي به سکيائين. شعر و شاعريءَ ۾ ”احسن“ تخلص سان گڏ، ۱۹۲۱ع کان شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ ۽ حڪيم ماستر جمع خان ”غريب“ جي اصلاح سان شعر جي شروعات پڻ ڪيائين. ڳوٺ ۾ مدرسو اسڪول قائم ڪري علم جي خدمت ڪيائين. ٻه ڊزن کن ڪتاب جھڙوڪ؛ ”ديوان احسن“، ”گلزار شعر“، ”احسن اخلاق“، ”رباعيات احسن“، ”مظاهر مصطفوي“ ”گلدسته احسن“، ”لطيفي لات“، ”احسن الاشعار“، ”ترغيب العلم“، ”سچن تي ستم“، ”سوانح مخدوم بلال رح“، ”شاه جو پيغام“، ”قصص الانبياءُ“، ”سنڌي گرامر“، ”سراپاءِ رسول“ ۽ ”اصلاح المسلمين“ لکيل اٿس. آخر ڌاري دادو شھر ۾ پرنٽنگ پريس کولي ھئائين، جتان هفتيوار ”آواز سنڌ“ اخبار باقاعدگيءَ سان ڪڍندو ھيو.
    ھن ڪتاب اندر مٿئين عنوان سان سندن مضمون شامل ڪيو ويو آھي، جيڪو ماھوار ”نئين زندگي“، ڪراچي، (خاص پرچو حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائيؒ ۽ حضرت صوفي شاھ عنايت شھيد ؒ )، جنوري ۱۹۸۰ع، ص ۳۴ کان ص ۳۶ تان، ٿورن سان کنيو ويو آھي.

    ۹) شاھه لطيف جي شاعري ۾ چوڻيون:
    ڊاڪٽر غلام قادر سومرو (۱۵ فيبروري ۱۹۳۳ع - ۱۰ آڪٽوبر ۲۰۰۵ع) ولد نبي بخش، ساھتي پرڳڻي جي ڳوٺ ڏيٿا، لڳ ٺارو شاهه، ضلعي نوشهروفيروز ۾ ڄائو. نامور تعليمدان ۽ محقق، ڪھاڻيڪار ۽ اديب ھيو. لکڻ جي شروعات ۱۹۵۵ع ڌاري، پهرئين ليک ”سيد الشهداءِ“ سان، ڪيائين. ڪھاڻين جي ٻن مجموعن ”.... ۽ ڌوڙيا پئجي ويا“ ۽ ”سهڻا ٽوهه“ کان علاوه سؤ جي لڳ ڀڳ ڪالم ۽ مضمون تصنيف ڪري مختلف اخبارن، رسالن ۽ ڊائجسٽن ۾ ڇپايائين، جن ۾ لوڪ ادب سان لاڳاپيل مضمون؛ ۱. ”شاهه لطيف جي شاعري ۾ چوڻيون“. ۲. ”سُر مارُئي ۾ ڪم آيل اصطلاح“. ۳. ”پھاڪا ۽ ڊونگل“ پڻ شامل آھن.
    ”سنڌي ادب ۾ طنز ۽ مزاح“ جي عنوان تي پي ايڇ ڊي جي مقالي کان علاوه ”سنڌي ٻٽن لفظن جي لغت“ ۽ ”سنڌي ٻولي ۾ انگن جو ادبي ڪارج“ ڪتاب پڻ ڇپيل اٿس. جڏھن ته اڻ ڇيل ڪتابن منجھ سر فھرست ”ساھتي لغت“ اٿس، جيڪو ڇپائيءَ جي انتظار ۾ آھي.
    ھن ڪتاب اندر شامل ڪيل مٿي ڄاڻايل عنوان وارو سندس مضمون، ماھوار ”نئين زندگي“ حيدرآباد، جولاءِ آگسٽ ۱۹۹۳ع، ص ۲ کان ص ۱۵ تان، ٿورن سان کنيو ويو آھي.

    ۱۰) سر ڪلياڻ ۾ آيل چوڻيون، محاورا ۽ اصطلاح:
    پروفيسر مير محمد ڀيو (۱۵ آگسٽ ۱۹۲۱ع - ۲۵ ڊسمبر ۱۹۹۲ع) ولد شير محمد ڀيو، ڳوٺ عبدو نزد چَڪ، تعلقو لکي، ضلعي سکر (ھاڻي شڪارپور) ۾ ڄائو. پرائمري اسڪول عبدوءَ کان، پرائمري استاد جي حيثيت سان عملي زندگيءَ جي شروعات ڪيائين. محنت ڪندي پروفيسر جو عھدو ماڻيائين ۽ نوڪريءَ دوران وڃي حيدرآباد جا وڻ وسايائين. اتي ئي رٽائر ڪيائين، اتي ئي وفات ۽ مدفن ٿيو. لطيفيات جو محقق ۽ نثر نويس ھيو. (سائينءَ بابت معلومات، سندن فرزند رٽائرڊ پروفيسر نذير احمد ڀيو کان فون ذريعي موصول ٿي.)
    لطيفيات تي، لاڳيتو ۽ مسلسل، بنا ساھيءَ جي مقالا لکيائين، جيڪي شاھ صاحب جي سالياني عرس تي پيش ڪندو ھيو ۽ اھي، ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاھ، طرفان شايع ٿيندڙ مڪالمن ۾ شايع ٿيندا ھيا. لطيفيات تي لکيل سندس مقالا ڪجھ ھن ريت آھن: ۱. شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام ۾ انساني اخلاق ۽ ڪردار جو معيار، ۲. سر ڪلياڻ ۾ آيل چوڻيون، محاورا ۽ اصطلاح، ۳. سر جمن جو موضوع، ۴. سر کنڀات جو روحاني راز، ۵. سر سريراڳ جو روحاني راز، ۶. سر سھڻي جو روحاني راز، ۷. سر سسئي آبري جو روحاني راز، ۸. سر معذور ۾ روحاني راز، ۹. شاھ: سنڌي زبان جو محسن، ۱۰. شاھ ۽ عشق رسول ﷺ، ۱۱. سر گھاتو جو روحاني راز، ۱۲. سر رامڪلي جو مجموعي مطالعو، ۱۳. شاھ جو جوڳي، ۱۴. سر سارنگ جو روحاني راز. لطيفيات کان علاوه مختلف موضوعن تي لکيل مقالا ”نئين زندگي“ رسالي ۾ ڇپيل اٿس. جھڙوڪ: ۱. شاھ عنايت شھيد (ڊسمبر ۱۹۸۱ع)، ۲. سنڌڙيءَ جو شھباز (مئي ۱۹۸۳ع)، ۳. واديءِ مھراڻ جو شھباز قلندر (مئي ۱۹۸۴ع)، ۴. قائد اعظم ۽ پاڪستان (سيپٽمبر ۱۹۸۵ع)، ۵. مارچ جي اھميت (مارچ ۱۹۸۶ع).
    ھن ڪتاب اندر شامل سندس مقالو، ”مڪالمو نمبر-۴، سر ڪلياڻ جو مطالعو“، حضرت شاھ عبداللطيفؒ جي ٻه سؤ سترھين عرس (۱۹۶۹ع) جي موقعي تي منعقد ڪيل مڪالمي جي ڪاروائي، مرتب؛ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن، شاھ عبداللطيف ثقافتي مرڪز ڪميٽي، ڀٽ شاھ، ڇاپو پھريون، اپريل ۱۹۷۰ع، سائيز ڊيمي، صفحو ۷۷ کان صفحو ۸۳ تان، ٿورن سان کنيو ويو آھي.

    ۱۱) شاهه جون چوڻيون (سسئي آبري، معذوري، ديسي، ڪوهياري ۽ حسينيءَ جي حوالي سان):
    نياز حسن همايوني (۱ اپريل ۱۹۳۰ع - ۳ جنوري ۲۰۰۳ع) ولد قائم الدين، ڳوٺ ھمايون، تعلقو ۽ ضلعو شڪارپور ۾ ڄائو. سندس ڇپيل ادبي ۽ تحقيقي ڪتابن جي وچور هن ريت آھي: ”هفت زبان لغت“ (۱۹۷۵ع)، ”فرهنگ جعفري“ (۳ جلد، ۱۹۶۰ع)، ”ملوڪ الڪلام“ (خواجه محمد زمان لواريءَ واري جي بيتن جو منظوم فارسي ترجمو، ۱۹۷۷ع)، ”تاريخ مظهر شاهجهاني“ (فارسي دستخط جو سنڌي ترجمو، ۱۹۷۹ع)، ”تاريخ طاهري“ (فارسي کان سنڌي ترجمو، ۱۹۸۸ع)، ”مقصود العارفين“ (فارسي کان سنڌي ترجمو، ۱۹۸۹ع)، ”راهه عشق خميني“ (فارسي کان سنڌي منظوم ترجمو، ۱۹۹۳ع)، ”تاريخ تازه نواءِ معارڪ“ (ترجمو، ۱۹۹۵ع)، ”فرهنگ همايوني“ (مولانا عبدالغفور همايوني جي لکيل طبي لغت جي ترتيب، ۱۹۹۶ع)، رسالا اويسيه (شاهه لطيفؒ جو مخدوم معينؒ ڏانهن خط ۽ ان جو جواب، فارسي کان سنڌي ترجمو، ۱۹۹۶ع)، ديوان مفتون (مولانا عبدلغفور مفتون ھمايوني جو ڪلام- ترتيب، ۱۹۷۳ع)، سندھي نامه (۱۹۷۸ع)، ”انتخاب سنڌي شاعري“ (سنڌ جي اساسي شاعرن جو چونڊ ڪلام اردو ترجمو، ۱۹۸۷ع)، ”آهوانِ صحرا“ (قاضي قادن جي ڪلام جو اردو ترجمو، ۱۹۸۸ع)، ”ساڻيهه جي ساک“ (دودي چنيسر جو منظوم داستان، ۱۹۷۷ع)، ”ڌرتيءَ جا گيت“ (شعري مجموعو، ۱۹۷۷ع)، ”آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه“ (صوفي دريا خان جو ڪلام، ترتيب، ۱۹۸۹ع)، ”ارمغان لطيف“ (شاهه جي رسالي جو منظوم فارسي ترجمو، پندرهن (۱۵) سر-ڇپيل. (جن مان ٽي (۳) سُرَ؛ ڪلياڻ، يمن ڪلياڻ ۽ کنڀات، ٽه-ماهي مهراڻ ۱۹۷۲/۴ کان ۱۹۷۳/۱-۲ع ۾ ڇپيل آھن).
    سندس اڻ ڇپيل ڪتابن جي وچور آھي: ۱. اذان العارفين، ۲. سنڌي رانديون، ۳. سنڌ جي طبي تاريخ (جلد ٽيون)، ۴. اَڪ پچي ٿيا اَنار، ۵. جتي منهنجا ماروئڙا، ۶. دوزخ ۾ رهڻ جي ريهرسل، ۷. ڏکيا سکيا ڏينهن، ۸. شاهه جو گنج، ۹. گلبانگ لطيف، ۱۰. اوٺاڻيون اويس جون، ۱۱. اڌ صديءَ جو اکين ڏٺو احوال، ۱۲. سمندر ڪي سانس.
    ڪالمن، مضمونن ۽ مقالن جو تعداد تنھن کان سواءِ آھي.
    مٿي ڏنل سندس مضمون، ماهنامه الرحيم، شاهه ولي الله اڪيڊمي، صدر، حيدرآباد، جنوري-فيبروري ۱۹۷۹ع، ص ۱۸، کان ص ۲۳ تان، ٿورن سان کنيو ويو آھي.

    ۱۲) سر ديسيءَ ۾ پهاڪن، چوڻين ۽ قولن جو ذخيرو:
    مانجھي محمد علي جماري عرف ڊاڪٽر محمد علي مانجهي (ڄم: ۳ فيبروري ۱۹۶۸ع) ولد سُھند جماري، ڳوٺ دبيار، تعلقي ۽ ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو. ”شھيد شاھ عنايت ۽ سندس سلسلي جا شاعر“ جي عنوان تي پي ايڇ ڊي لاءِ مقالو لکي ڊاڪٽريٽ جي سند ورتائين. شاعريءَ ۾ ھائيڪو جي صنف تي دسترس اٿس. ”مڪلي ۽ مانجھي“ ڪتاب ان ڳالھ جو شاھد آھي. ان کان علاوه شاعريءَ جو ٻيو ڪتاب، ”جھڙي سج ڪڪور“ پڻ شايع ٿيل اٿس.
    ثقافت کاتي سنڌ طرفان، سندس ترتيب ڏنل ڪافي ڪتاب، جھڙوڪ: ۱. سر آسا (۲۰۰۹ع)، ۲. ننگر ٺٽو (ھڪ مطالعو) (۲۰۱۰ع)، ۳. سر پرڀاتي (۲۰۱۰ع)، ۴. سر پورب (۲۰۱۱ع)، ۵. جھڙي سونھن سندياس (۲۰۱۲ع)، ۶. بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي ــ مقالا ۽ مضمون“ (۲۰۱۲ع)، ۷. مون ۾ تون موجود (۲۰۱۲ع)، ۸. سدا سرها گل (شاھ شهيد جي سلسلي جا روهڙيءَ جا شاعر) شايع ٿيل آھن. مانجھيءَ کي جس ھجي جو تدريسي ۽ انتظامي امورن، جھڙوڪ؛ ڪاليج جي پرنسپالي يا ثقافت کاتي جي ڊائريڪٽري سنڀالڻ سان گڏ، مختلف ڪتابن سھيڙڻ ۽ لکڻ جو ڪم ڪندو رھي ٿو.
    ھن ڪتاب اندر، مٿي ڄاڻايل سندس مقالو، ”ديسي سيڻ ڪجن: سر ديسي جو مطالعو“ مرتب؛ تاج جويو، ڇپائيندڙ؛ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڀٽ شاھ/حيدرآباد، ڇاپو پھريون ۲۰۰۵ع، صفحو ۲۲۰ کان صفحو ۲۲۸ تائين، تان ٿورن سان کنيو ويو آھي.

    ۱۳) سُر ديسيءَ ۾ پهاڪن ۽ چوڻين جو استعمال:
    سيد رشدالله شاھ بخاري عرف ڊاڪٽر مخمور بخاري (ڄم: ۳۰ مارچ ۱۹۷۹ع) ولد پروفيسر ڊاڪٽر ممتاز بخاري، ضلع مٽياري جي شھر ھالا ۾ ڄائو. ”سچل سرمست ۽ ان جا ھمعصر شاعر“ جي عنوان تي پي ايڇ ڊي مقالو لکي، ڪراچي يونيورسٽيءَ طرفان سال ۲۰۰۸ع ۾ ڊاڪٽريٽ جي سند حاصل ڪيائين. پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي چونڊجي، سروري اسلاميه ڪاليج ھالا ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو. هينئر سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور مقرر آهي.
    لکڻ جي شروعات ٻاراڻين ڪھاڻين کان ڪيائين. ھن وقت تائين ڪيترا ئي مضمون، مقالا، ڪالم، تاثر، تبصرا، ڊراما ۽ ڪھاڻيون لکي چڪو آھي، جن جو تعداد سؤ کان مٿي آھي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ اٺ ڪتاب سچل سرمست بابت آھن. جڏھن ته ”قلندر ۽ قلندري فڪر“ ۽ ”ھالا جي ادبي تنظيمن جو تنقيدي جائزو“ پڻ لکيل اٿس.
    ھن ڪتاب اندر مٿي ڄاڻايل سندس مقالو، ديسي سيڻ ڪجن (سر ديسيءَ جو مطالعو)، مرتب: تاج جويو، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، سال ۲۰۰۳ع، ص۲۶۴ کان ۲۹۰ تان، ٿورن سان کنيو ويو آھي.

    ۱۴) سر حسينيءَ ۽ سر مارئيءَ ۾ پهاڪن، چوڻين ۽ قولن جو ذخيرو:
    ڊاڪٽر محمد علي مانجهيءَ جا ٻه مقالا، جھڙوڪ: ۱. سر حسينيءَ ۾ پهاڪن، چوڻين ۽ قولن جو ذخيرو ۽ ۲. سر مارئيءَ ۾ پهاڪن، چوڻين ۽ قولن جو ذخيرو، مختلف ڪتابن اندر آيل آھن. پھريون مقالو، ”حسينيءَ جي ھاڪ (سر حسينيءَ جو مطالعو)“ (شاھ جي ۲۶۰ھين عرس جي موقعي تي پڙھيل مقالا)، مرتب: تاج جويو، شاھ عبداللطيف ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاھ/حيدرآباد، ڇاپو پھريون مارچ ۲۰۰۵ع، سائيز ڊيمي، صفحو ۷۱ کان صفحو ۸۲ تان، ۽ ٻيو مقالو، ”شاھ لطيف، سنڌي ٻولي ۽ سماج“، مرتب: خالد آزاد، سنڌي لئنگويج اٿارٽي، حيدرآباد، ڇاپو پھريون ۲۰۰۷ع، سائيز ڊيمي، صفحو ۶۳ کان صفحو ۷۷ تائين، تان ٿورن سان کنيا ويا آھن.
    ھن ڪتاب اندر انهن ٻنھي کي ھڪ مقالو ڪري رکڻ جو سبب اھو ھيو جو ٻنھي جو مھاڳ، جيڪو ستن صفحن تي آڌاريل آھي، ساڳيو آھي ۽ ببلوگرافيءَ وارو اٺون صفحو پڻ ساڳيو آھي. مختلف ڪتابن اندر ته ھر ھڪ، پنھنجي پنھنجي مھاڳ سان صحيح ھيو پر ھڪ ڪتاب ۾ ورجاءُ ٿي پوي ھا ۽ پڙھندڙ کي مزو نه ڏئي ھا. ان ورجاءَ کي ختم ڪرڻ واسطي، ٻئي مقالا ھڪ ئي عنوان ھيٺ، ٻن ذيلي عنوانن سان، رکيا ويا آھن.
    ان کان علاوھ، ’جي تو بيت ڀانيان‘ (شاهه لطيف جي شعرن جو انتخاب ۱۹۹۹ع) ڪتاب جي سھيڙيندڙ، نور الدين سرڪي، (۵ مارچ ۱۹۲۷ع - ۲۶ سيپٽمبر ۲۰۰۷ع) ولد ڪمال الدين جو ڪتاب ”پھاڪا - ڪلام جا ڏيئا“ (پھاڪا ۽ شاھ جي رسالي مان چونڊيل سونَ ورنيون سٽون، ۲۰۰۶ع)، جيڪو نئين سنڌ اڪيڊمي ڪراچي طرفان ڇپرايل آھي، تنھن ۶۸۰ ’سون ورنيون سٽون‘، الف-بي وار ترتيب سان ڏنيون آھن. اھو ھڪ ڪتاب آھي، جيڪو نيٽ تي پڻ رکيل آھي. سٽن تي نه ڳاڻيٽي جا انگ، نه سُرَن/داستانن جي نشاندھي ٿيل آھي. معنى ۽ تشريح پڻ ڏنل نه اٿن.
    ھن ڪتاب اندر آندل مختلف مضمونن جي سھيڙڻ ۾، المنعم لائبرري لاڙڪاڻو کان علاوه مختلف دوستن تعاون ڪيو، تن جا ڳڻ پڻ ڳڻڻ جھڙا آھن. منجھن خاص تعاون رياضت ٻرڙو صاحب جو رھيو، جنھن پنھنجي ذاتي لائبرري مان گھرڻ تي ڪتاب ۽ رسالا مھيا ڪيا. گھڻو تعاون سائين ڊاڪٽر محمد ادريس سومرو السندي صاحب جن جو، جنھن قاسميه لائبرريءَ جا دروازا کولي ڇڏيا، پنھنجي گوناگون مصروفيتن مان سارو ڏينھن ڪڍي اسان سان ويٺو رھيو ۽ مختلف مضمونن جا فوٽواسٽيٽ پڻ ڪرائي ڏنائين. ڊاڪٽر احسان دانش جا پڻ ٿورا، جنھن پنھنجي لائبرريءَ جو ھڪ ھڪ ڪتاب لاھي، اڳيان رکيو ۽ گھربل ڪتاب حوالي پڻ ڪري ڇڏيا. ڊاڪٽر بدر ڌامراھ صاحب پڻ پورو ھڪ ڏينھن پنھنجي لائبرري، پاڻ سميت، اسان جي حوالي ڪئي ۽ رسالا فوٽو ڪاپيءَ لاءِ ڏئي ڇڏيا. چنيھاڻين جي محمد عثمان عباسي صاحب جا به لک لائق جو گھربل مواد ڏيڻ ۾ اصل ڪيٻايائين ئي نه. وڏو ٿورو عاشق منگي صاحب جن جو جنھن پنھنجي لائبرريءَ جا ڪتاب، ڀري ٻڌي ڏئي ڇڏيا ۽ نوٽ به نه ڪيا ته ڪھڙا ڏنائين. ڦڙي ڦڙيءَ تلاءُ، وانگر ھيءُ ڪتاب سھيڙجي، جڙي پيو. شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ سان عقيدت جي طور، لطيفيات جي پارکوئن آڏو پيش ڪجي ٿو.

    مددي ڪتاب ۽ رسالا:
    ۱. سنڌي گرامر، پهاڪن، اصطلاحن ۽ محاورن جو تاريخي اڀياس-۳ (سنڌي پهاڪن، اصطلاحن ۽ محاورن جو تاريخي اڀياس)؛ ناسف علي شيراز، ٽه-ماھي مھراڻ، شمارو نمبر ۱-۲۰۱۵ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.
    ۲. شاھ جو شعر؛ ڊاڪٽر پرسو جيسارام گدواڻي، سنڊي ٽائيمس پبليڪيشن، الهاس نگر، ڇاپو پھريون، آڪٽوبر ۱۹۷۳ع. سنڌ ۾، ١٩٩٦ع ڌاري ’ڇپر ڇاٽون مڪيون‘ نالي سان پڻ ڇپيو.
    ۳. شاهه جي شاعريءَ ۾ سُگهڙائپ جو رنگ؛ مرتب: عاجز رحمت الله لاشاري، حسن درس اڪيڊمي، حيدرآباد، ڇاپو پھريون سال ۲۰۱۶ع.
    ۴. پلئه پايو سچ (تحقيق ۽ تنقيد)؛ ڊاڪٽر پروين موسى ميمڻ، سنڌ راڻي پبليڪيشن، حيدرآباد، ڇاپو پھريون، ڊسمبر ۲۰۱۶ع.
    ۵. عظيم سنڌي انسان؛ ميمڻ عبدالغفور سنڌي، ماڊرن بوڪ اسٽور لاڙڪاڻو، ڇاپو پھريون، ۱۹۸۰ع.
    ۶. جي مون سانڍيا ساھ ۾ (مضمون ۽ خاڪا)؛ علي نواز آريسر، سنڌي ساھت گھر، حيدرآباد سنڌ، ڇاپو پھريون، ۲۰۱۴ع.
    ۷. تذڪره مشاھير ھالا سنڌ؛ سھيڙيندڙ، خادم حسين علوي، طالب المولى اڪيڊمي، ھالا، ۲۰۱۵ع.
    ۸. مون ۾ تون موجود؛ سھيڙيندڙ؛ ڊاڪٽر محمد علي مانجھي، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، ڪراچي، ۲۰۱۲ع.
    ۹. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.
    ۱۰. ماھوار السنڌ اسلام آباد، شمارو ۹۷، سال تيرھون، جولاءِ-آگسٽ ۲۰۰۳ع.


    انجنيئر عبدالوهاب سهتو
    ۸۹ پروفيسرس ڪالوني-۲
    قنبر روڊ- لاڙڪاڻو 


    لطيفي لات: پهاڪن ۽ چوڻين طور ڪتب ايندڙ مصرعون : مرزا قليچ بيگ

    [شاهه جي رسالي مان چونڊيل مصراعون، جي پهاڪن يا چوڻين وانگي سنڌي ۾ ڪم اينديون آهن.]

    جڏهن ڪڏهن ڪنهن ملڪ يا قوم ۾ ڪو مشهور شاعر يا عالم ٿي گذرندو آهي تڏهن انهيءَ جي ڪلام، جو نه رڳو اُنهي ملڪ يا قوم تي اثر ٿو ٿئي، پر اُنهي جي ٻوليءَ تي به ٿو ٿئي ۽ انهيءَ جا بيشمار شعر يا گفتا ٻوليءَ ۾ گڏجي هڪ ٿي وڃن ٿا ۽ گفتگو ۾ توڙي لکپڙھ ۾ اُهي پهاڪن يا مثالن وانگي ڪم ايندا آهن. جهڙيءَ طرح ڪ انگريزيءَ ۾ شيڪسپيئر قديم ۽ مکيه شاعر آهي. اسان جي سنڌ ملڪ لاءِ اهڙو هڪڙو ئي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي آهي. انهيءَ جو ڪلام نه رڳو ساري سنڌ ۾ ڏاڍي سوز سان پڙهبو ۽ ڳائبو آهي، پر انهيءَ جا چڱا چڱا بيت يا بيتن جا ڀاڱا مثالن ۽ پهاڪن وانگي ڪم ايندا آهن. چڱا بيت ته بيشمار آهن. انهن جي انتخاب لاءِ ڌار ڪتاب گھرجي، مگر جي مصراعون اڪثر پهاڪن يا چوڻين وانگي ڪم ۾ اچن ٿيون سي سُر وار گڏ ڪري مون هتي ڏنيون آهن. اُهي قريب ٽي سؤ آهن. اِهي نه رڳو ضرب المثل آهن، پر انهن ۾ بعضي اهڙا عميق نُڪتا ۽ عجيب اشارا آندل آهن، يا نصيحتون ڏنل آهن، يا سَچَ سمجهايل آهن، جي سونن اکرن ۾ لکڻ جي لائق آهن. اميد آهي ته سنڌ جي ماڻهن کي هن ننڍڙي ڪتاب جي پڙهڻ ۽ ياد ڪرڻ مان گھڻي خوشي حاصل ٿيندي. هن ڪتاب جو نالو ”لطيف لات“ رکيو ويو آهي، جو شاهه صاحب پاڻ ڪارايل جي سر ۾ چيو آهي ته:-

    ”لئج لطيفي لات، ته ويجهو ٿين وصال کي.“

    قليچ بيگ
    حيدرآباد، جُون ۱۹۱۲ع

    سُر ڪلياڻ:
    سُوري جني سيج، مرڻ تن مشاهدو( ).
    ڪُسڻ جو قرار، اصل عاشقن سين.
    ڪاتي ڪونهي ڏوهه، ڳن وڍيندڙ هٿ ۾.
    عاشقن اندوهه(2)، سدا معشوقن جو.
    عاشق زهر پياڪ، وِهه(3) پسيو وِهسن(4) گھڻو.
    تو جني جي تات(5)، تن پڻ آهي تنهنجي.
    پريان سندي پار جي، مڙئي مٺائي.
    جيڏانهن ڪريان پرک(6)، تيڏانهن سڄڻ سامهون.
    جيڪي فراقان، سو وصالان نه ٿئي.

    سُر يمن ڪليان:
    سڄڻُ جي سارين، سي نڪي رُون، نه چون ڪي.
    پرت جن پُوري، تن رويو وهامي راتڙي.
    ويڄنيؤن(7) ويئي، ٿي وَهِيڻي(8) سڄڻين.
    چور(9) ته لڳئي چاهه، ڪَم کمندن(10) کٽيو.
    کاڻا(11) تني کٽيو، اُجهاڻن اونداهه.
    ويهه تني جي وَوڙ(12)، جني سانگ(13) نه ساهه جو.
    جني ساڻس وير، ٿئي تني جو واهرو(14).
    ڏني ڏکويا اڻ ڏني راضي رهيا.
    پاڻان ڏوهَه چڙهن، جيئن ورق وارِين وِترا(15).
    جي ورق وارين وِيهه، ته اکر اهو ئي هيڪڙو.
    دم نه سڃاڻن، دانهُون ڪن مُٺن جيئن.
    منجهان صبر سِک، جي سنواريا سمجهين.
    ڪمُ کمندن کٽيو، هارايو هُوَندَن( )،
    چکيو نه چُوندِن، هو جو ساءُ صبر جو.
    اَڻ چوندَن مَ چئو، چوندن چيو وسار،
    مُفتي(2) منجھ وِهار، ته قاضيءَ(3) ڪانيارو نه ٿِين.
    ڪيئن مائيندا مَن ۾، خودي ۽ خداءُ.

    ______
    ( ) خدا جو لقاءُ يا ديدار. (2) غم، درد. (3) زهر. (4) خوش ٿين. (5) ڳڻتي، طلب. (6) نظر، خيال. (7) ويڄن يا طبيين کان. (8) بلي، ڪانياري. (9) ڪوشش ڪر، محنت ڪر. (10) کميا وارن، تحمل ۽ صبر وارن. (11) شوق وارا، درد وارا. (12) پاسي، ڳولا، طلب. (13) سانگو. (14) مددگار. (15) گھڻا.
    ( 1) هستيءَ يا وڏائي ۽ هَٺ وارن. (2) فتوا ڏيڻ وارو يا اندر جو قاضي. (3) ظاهر جو دنيائي جج يا مئجسٽريٽ.
    _______

    سراڳ:
    ڪايو(4) ڪمايوم، موتيمُون نه وڻجيا(5).
    ڪوڙ ڪماء مَ ڪَچ، اُٿي اورِ(6) الله سين.
    عدل ڇٽان آءٌ نه، ڪر ڪو ڦيرو فضل جو.
    هڪڙي ٻانهي من ۾، ٻي صاحب سنواري.
    هڪڙي ٻانهي من ۾، ٻي جا ڪري الله.
    چڱا ڪن چڱائيون، مٺايون مَٺن،
    جو وڙ(7) جڙي جن سين، سو وڙ سيئي ڪن.
    جي نه سڃاڻن سچ کي، ويھُ مَ تني وٽ.
    قدر وارا ڪم ٿيا، کُٽا خريدار.
    اگھيو ڪائو ڪَچ، ماڻڪن موٽ ٿي.
    سُونهنِ(8) جي صلاح، وٺُ ته وِيرَ(9) لنگھي وڃِين.
    دنيا سڀ درياهه، ڪو ڪو تارُو تنهن ۾.
    لعلون سي لهن، جني سودو سچ سين.
    سمنڊ جي سيوِين(10)، تِني ماڻڪ ميڙيا.

    سر سامونڊي:
    ڪنهن سٽاڻي سانگ(11)، پرين پرڏيهي ڪيا.
    اڱڻ جن اچن، عيد ورتي( ) اُن کي.
    ڪا مُهين ۾ گھٽ، نه ته سڄڻ سٻاجها گھڻو.
    وڻجهارن وائي، آهي پريئن پارِ جِي.


    _______


    سُر سهڻي:
    ساهڙُ سندو تن، گهاگهائي(2) گھڙن جي.
    سي تُرت لنگھينديون تارِ، آڳھ(3) اُڪنڊَ(4) جن سين.
    ترهو(5) مٿي تن، عشق جني آڪرو(6).
    جن عشق سين آگاهه(7)، تُرهو آڇ مَ تن کي.
    عقل مَت شرم، ٽيئي نينهن نهوڙيا.
    پاڻي پنيءَ ٻوڙ، سُهڻي ليکي سِيرَ ۾.
    معرفت مَرَڪُ(8)، اصل عاشقن جي.
    جي ساهڙ جِيون سُونهيُون، سيرَ سراڙو(9) تن کي.
    جن کي حب هِنئين ۾ آهِه، ساهڙُ ساڻي(10) تن جو.
    گھڙيا سي چڙهيا، ائين اٿيئي.
    هُئين هُوند مُئي، پر ٻُڏي جا ٻيڻا ٿيا.
    محبت کي(11) مهراڻ(12)، سُڪي سڀ پَٽ ٿيو.
    ساهڙُ ڌڻي تن جو سُڪي ٻُڏن جي.
    جن ساهڙ ساڻ صلاح(13) سي ڪين ٻڏنديون ڪڏهين.
    ساڻي جن الله، سي ٻُجهان(14) ڪين ٻُڏنديون.
    ڪنهن کي ڏيان دانهن(15)، قضا قلم وهائيو.
    هيڪُ لِکئي ٻيو نينهن، آڻي اوليس اول ۾(16).
    ساهڙ مون سينگهار، ماڻهن ليکي ميهڻو.
    ٻُڏندي ٻوڙن کي، ڪي هاتِڪ( ) هٿ وجھن.

    _____
    (2) همت ڪري، دل جهلي. (3) اڳواڻ، مهندار. (4) سِڪ، عشق. (5) ترڻ جو اوزار، ڪکن جو مُوڙو. (6) گھڻو، زور. (7) آگاهي، واقفيت. (8) عادت، دستور، رواج. (9) سئون سڌو رستو. (10) ساٿي، مددگار، همراهه. (11) لاءِ، اڳيان. (12) درياهه. (13) مصلحت، محبت. (14) آءٌ سمجهان ٿو - پڪ ڄاڻان ٿو، هرگز نه. (15) خدا جي امر، تقدير. (16) ڌڪي آڻي جاجهه يا تار ۾ يا وڪڙ ۾ وڌيس.
    ( ) هوشيار قابل، ڪامل مرد.
    _________

    سرکنڀات:
    سڄڻ ماکيءَ ميٺ، ڪَڙا ٿين نه ڪڏهين.

    سر سارنگ:
    اسان ۽ پرين، شل هُوَنِ برابر ڏينهڙا.
    ٻانهيون ۽ ٻايون(2)، پکي(3) سُنهن پانهجي.
    جنين نيڻن لايو نينهن، سي پِرين پيهي گھرِ آئيا.
    نيڻ ٽمندا پسُ، وسُ ته ورَن سپرين.
    دوستَ پُڄاڻا دَم، جا رهي سا رَن(4) ٿئي.
    جي مُحب اندر مَن، سي مُون کيمِينھنِ ميڙيا.

    _______
    (2) مايون، راڻيون. (3) گھر، جاءِ. (4) بيوهه زال، بيواهي، نڀاڳي ندوري.
    _______

    سر ڪيڏارو:
    سُورِهُه سو چائي، جو رڳوئي رِڻ چڙهي.
    دوست ڪُهائي دادلا(5)، مُحبُ مارائي.

    ______
    (5) پيارا، لاڏلا.
    _______

    سر آبري:
    پاڻي مَٿي جهوپڙا، مُورک اُڃ مَرن.
    نا اميدي نيج، ته اوڏي ٿين اُميد کي.
    ڏورڻ منجهان ڏَسُ، پوندُئي هوت پُنهون جو.
    چِٽو رباني راهُه، مُرادُن مخفي ڪيو.
    پنهنجو آهين پاڻ، آڏو آريچن کي.
    هوتُ تنهنجي هنج ۾ پڇين، ڪوهُه پرياڻُ(6).
    سو تا تو ئي ساڻُ، جنهن ليءِ جفائون ڪرين.
    نائي نيڻ نهار، تو ۾ ديرو دوست جو.
    پيرين پنڌ وسار، هل هئين سين ھوت ڏي.
    هوت تو کان هَڏِ، پِرين پراهون ڪينڪي.
    آهي آرياڻي( )، ٻيو سرتيون سُڄي ڪينڪي.
    لڳي جن لوري(2)، ڏونگر سي ڏورينديون.
    رتيءَ جي رهاڻ(3)، جئُ اڙايم جت سين.
    ويٺن ناهه وراڪو(4)، سُتن ڪونهي سنگ(5).
    سموري سرڪار، نيئي رکج نانهن(6) ۾.
    ڏورڻ منجهان ڏس، پوندئي هوت پنهون جو.

    ______
    (6) ڏسڻُ.
    ( ) آري ڄام پنهون، يعني خدا. (2) لؤن، نينهن، عشق جي ڳڻتي. (3) گهڙيءَ جي وندر يا لذت، ٿوري خوشي. (4) قرابت، محبت. (5) سنگت، صحبت. (6) نيستي، بيخودي.
    ______

    سر معذوري:
    ذات نِسوري نيء(7)، پر سڌر(8) سين سنگُ ٿيو.
    هاري(9) ڪر همت، ته دمُ ڏيئي دوست لَهين.
    جي مٿان هوت مَرن، هوتُ تني جي هنج ۾.
    ورُ پنهون سان پلڪُ، ٻَنِ ٻارنهن ماهَه ٻين سين.
    اوڏو آهه اڻ هوند کي، هُونديان(10) هوتُ پري.
    هُوند جني کي هوءِ، هوتُ نه هوندو تن سين.
    ڪين پهتي مالِ(11)، حال(12) پهتي هوت کي.
    ڀائي حال هلي ويا، ڪنهن کي سُورُ سليان.
    مري جيءُ(13) ته ماڻئين، جانب جو جمال.
    مرڻا اڳي جي مُئا(14)، سي مري ٿين نه مات،
    هوندا سي حيات، جِيڻان اڳي جي جِيا(15).
    تتيءَ ٿڌي ڪاهه، ڪانهي ويل وهڻ جي.
    لکيو جو نراڙِ(16)، سو قلم ڪياڙي نه وهي.
    ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪهڙا پرين.
    ڪَهان( ) تا ڪيچان پري، سُمهان تا سِر هيٺ.
    اڻ گُهريو لوڪُ گھڻو، جي گھران سي نانهن.
    ڏيرن ڏوهه نه جيڏيون، ماءُ مِڙيو ئي مون.
    پِيريءَ ۾ پيئي، اکيون آريءَ ڏي کڻان.
    واڳ ڌڻيءَ جي وَس، آءٌ ڪا پاڻ وهيڻي(2).

    ______
    (7) کٽي، نِيچ. (8) سکر، شريف ماڻهو. (9) نڀاڳي، هچاري. (10) هستيءَ، وڏائيءَ کان. (11) مال جي وسيلي. (12) حال جي وسيلي يعني اندر جي محبت سان. (13) پنهنجو نفس ماري سچي حياتي هٿ ڪر. (14) جن پنهنجي جيئري، نفس کي ماري مات ڪيو سي هميشه جيئرا آهن. (15) آخرت جي هميشه واري حياتي کان اڳ ئي هِتي اها حياتي حاصل ڪيائون. (16) پيشاني جتي نصيب جو نوشتو هوندو آهي.
    ( ) هلان، پنڌ ڪريان. (2) پنهنجي اختيار يا وس.
    ______

    سر ديسي:
    ساجن توهان ڌار، ڏٺم ڏينهن قيام جو.
    شل ڏينهن ڏنگو نه ٿئي، ڇا جي ڏِنگا ڏير.
    اِيءَ ڪميڻي ڪير، جا امر(3) کي آڏو ڦري.
    اچي آريءَ ڄام جو، وڻ وڻ منجهان واس(4).
    ڪاڏي ٿيو ڪوهيارُ(5)، ڪاڏي ٿي هٿَ کڻي.
    واٽون وِيهه ٿيون، ڪوهه ڄاڻان ڪيهي ويا.
    لَکُ لهي ٿي لوڏ(6)، جِيجان تن جَتن جي.
    ڪاڏي منھن مڪران جو، ڪاڏي ڪيچ ٿيو.
    ڪيچ پهچي ڪير، وڃڻ سين وس ڪريان.
    هور(7) مڙيوئي هن کي، هوتن ڪونهي ھور.
    آهيان اَزوري(8)، تنهنجي جوري(9) جبل لنگھيان.
    زاريءَ ڌارا زور، هلي ڪو نه حبيب سين.
    سَمُر جن صحيح، تن ڪونهي اَهکُ(10) عناتُ چئي.
    سمر جن نه ساڻُ، هوتَ حماتي(11) تن جو.
    حبُ جنهين کي هوت جو، وندَرَ(12) تنهين کي وَسَ(13).
    منهنجي وَسِ واڪا، ٻُڌڻ ڪم ٻروچ جو.
    جنهن جو آرياڻي اڳواڻ، تنهن کي ڪونهي باڪُ(14) بَهِير(15) ۾.
    ڀينر آءٌ ڀلياس، نه ته سِڪَ سمهڻ ڇا لڳي!
    آءٌ سنڌي پڻ نه سمجهان، هُو پارسي پُڇن.

    ________
    (3) خدا جو حڪم، تقدير. (4) خوشبوءِ. (5) پنهون ڄام. (6) وڏائي، کڙائي، ناز، فخر، ٽِنڊ. (7) ڳڻتي، خوف، ڊپ. (8) بي زور، ضعيف. (9) زور، مدد. (10) اوکائي، مشڪلات. (11) حمايت ڪندڙ، حامي، مددگار. (12) جبل جو نالو، ڪوهستان. (13) وسندي، وسئين. (14) ڊپ. (15) جماعت، وڏو لشڪر.
    ________

    سر ڪوهياري:
    سي ڪيئن محب مڙن( )، جي سنجهي رهن سُمهي.
    ھٿان تو پيئي، ٿي ڪَچا(2) ڪيچين کي ڏيئين.
    اِيءُ ڪَرم جو ڪاڍو(3)، نه ته پَٽِيَن ڪير پنڌ ڪري.
    ڪنهن کي ڏيان ڏوھ، مون سين اَمُر(4) ائين ڪيو.
    جن اندر ٻري آڳ، ڏونگر سي ڏورينديون.
    پهرين ڏيندا پاهُه(5)، پوءِ رڱيندا رت سين.
    جي آءٌ نه ڄائي، ته عَيبُ نه لڳو اوٺئين.
    ٽيڏي پسي ٽي، هو تا آهي هيڪڙو.

    _____
    ( ) ملن. (2) ڏواپا، طعنا، عيب چيني، اجايو سجايو لوئڻ. (3) قسمت جي ڪشش. (4) لکئي، تقدير. (5) کٽي پهرين ڪپڙي کي ڦٽڪي ميٽ وغيره لائي پوءِ رڱيندا آهن، انهيءَ کي پاهه چون.
    ______

    سر حسيني:

    ڪَتيم جنھيِن ڪاڻ، سو ڪوهيارو ڪيچ ويو.
    ساجنُ منهنجو ساهُه، هاڃي(6) منجهه هڻي ويو.
    ماڻيو تني موڙُ(7)، جني ديکيو دل سين.
    ڏکن پٺيان سک، سِگها ٿيندئي سسئي.
    ڪني ڪني ماڙُهوئين، گُوندر(8) وڏي وٿُ.
    لڄُون جي لاهِين(9)، سيئي ٿِيئڙم سامهان.
    پُڇن سي پسن، جڏهن تڏهن پرينءَ کي،
    ڏورينديون ڏِسن، اڱڻ عجيبن جا.
    جني ڏٺو هوتُ، تن دِينَ سڀيئي دُور ڪيا.
    ڪڏهن ڪا نه سُئي ته ڪا سُکي گڏي سَڄڻين.
    جيڪي طالب تات( ) جا، تات به تني وٽ.
    جيڪي مُئي ڪنداه(2)، سو جانبَ ڪريو جِيئري.
    ڏسڻ ۾ ڪر ڏُور، حَد ٻنهي جي هيڪڙي.
    گھوريا سک ڏکن ري، ڏک سکن جي سونهن.
    جي هِت(3) نه هوتُ پَسَن، سي ڪنهن پَر ڪيچ(4) پسنديون.
    سڄڻ ڏٺو جن، موٽڻ تني ميهڻو.
    ھو چونس ٻوڏ، ته جيءُ سڻائي جڳ کي.
    مُٺ مُٺ(5) سُورن سڀ ڪنهن، مون وٽ وٿاڻان(6).
    ڏُکويَن اُهڃاڻُ(7)، ڪُلهين ڦاٽو ڪنجرو(8).
    جَسُ(9) جفا ريءَ نه ٿئي، جفا وارين جَسُ.
    _______
    (6) لُٽ، ڦُر يا ظلم. (7) سهرا جي گھوٽ کي ٻڌندا آهن. (8) ڏک، غم، درد. (9) جي عزت آبرو سنڀالين.
    ( ) طلب محبوب جي، سڪ، محبت. (2) اوهين ڪندؤ. (3) هِن جهان ۾. (4) هُن جهان ۾. (5) ٿورا ٿورا. (6) تمام گھڻا. (7) نشاني. (8) پهراڻ، چولو. (9) تحسين، فتحيابي.
    _______

    سر سورٺ:
    راجا راڳائي(10)، هردوئي هيڪُ ٿيا.
    هِتي جي هُت، ته ڳالهه مڙيائي هيڪڙي.
    اَجلُ اُڀو ئي، آهه پُٺيءَ تو پلاڻِيو.
    بلڪ آهي بُود(11)، ناقِصي(12) نابود ۾.
    ڏيڻ گھڻو ڏُهِلو(13)، سِسي ڏيڻُ سُک.

    _______
    (10) راڳ ڪندڙ، مڱتو. (11) سچي هستي. (12) نيستي، پاڻ مارڻ. (13) ڏکيو.
    _______

    سر بروو سنڌي
    سُهکو(14) هوندو سو، جنهن جو عشقُ الله سان.
    بُت رهيو باقي، ساهُه وٺي وئين سُپرين.
    لڳيءَ(15) جو لطيف چئي، نڪو قالُ(16) نه قيل.
    توڻي حُب نه ھوءِ، ته به هوت نه ڪجن ههڙيون.
    ڪي اوڏا ئي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين.
    ماڻهو گُھرن مال، آءٌ سڀ ڏينهن گُهران سپرين.
    اِهڙا ئي آهين، صاحبَ منهنجا سپرين.
    فاني ۽ فاني، دنيا دَمُ نه هيڪڙو،
    ڪوڏر ۽ ڪاني(1 )، آهي سر سڀ ڪنهن.
    سندي سِڪ پريَن، لوڪ ڏٺي نه لهي.
    ٻيو سڀ لوڪ لباس(2)، ڪو هِڪدلُ هوندو هڪڙو.
    آهي آساني، پر ڪم پئي ڪل پوي.
    مون ۾ عيبن ڪوڙ(3)، تون پاڻ سڃاڻج سپرين.
    اُو چلولا(4) چئجن، جي درِ در لائن دوستي.
    اِيءُ دوستن جو دستور، جيئن ڇِنان ڇنن ڪِينڪي.
    تِکي ڪاتي هَٿ ڪري، مُڏيءَ سين مَ مار.

    ______
    (14) آرامي، سُکي. (15) عشق جي چوٽ. (16) ڳالهه ٻولهه، ذڪر.
    ( ) ڪانو ماڻهوءَ جي قد جو جنهن جي ماپ تي قبر کوٽيندا آهن. (2) ظاهرداري. (3) ڪوڙين، کوڙ، گھڻا. (4) اڍنگا، بيهودا، رذالا.
    _______

    سُر مومل راڻو:
    جو مُنهن مومل جي پوءِ، موٽڻُ تنهنجو مَس ٿئي.
    سڱ ڪري سين سِينهن(5)، ڪنڌُ مَ ڦيرج ڪيڏهين.
    ڏينهن مڙيئي ڏون(6)، اُٿي لوچ(7) لطيف چئي.
    هٿان حبيبن، ڪو نه ڏکويو ڪڏهين.
    مُيَن سين ماڻو، مناسب نه مينڌرا.
    ڪاڪ(8) نه جهليا ڪاپڙي، موهيا نه ڪنهن مالَ،
    جي ڇورِن(9) ڏنا ڇال، ته به لاهوتي لنگھي ويا.
    ڪهڙي پڇين ذات، جي آيا سي اگھيا.
    ڪانهي ٻي تنوار، سڀ ڪا پسي پريئنِ کي.
    راڻو نه رولي(10)، جي منديون(11) ڏسي مينڌرو.
    مينڌرا ماڻا، تو ري ڪنديَس ڪن سين.
    راڻو ۽ راڻو، رِيءَ راڻي ٻيو ناهه ڪو.

    _________
    (5) شينهن، زبردست ماڻهو. (6) ٻه. (7) ڪوشش ڪر، طلب ڪر. (8) نديءَ جو نالو، هتي دنيائي شيون يا روڪون. (9) خراب زالون. (10) رلائي. (11) عيب، مدايون.
    ________

    سر کاهوڙي:
    کاهوڙين( 1) اُهڃاڻ، انگِ نه سڄي اڳڙي.
    جنِي ڏٺي جاءِ، موٽڻ تني ميهڻو.
    جتي پريئن حضور، تِتي رنگُ نه رُوپُ ڪو.
    انڌو(2) ٿي پسيج، مشاهدو محبوب جو.

    ________
    ( ) درويش، سچا طالب. (2) دنيا کان اکيون پوري.
    _______

    سر رام ڪلي:
    گهوڙا ڙي گھوڙا، آءٌ نه جيندي اُنِ ري.
    جُز وڃايو جوڳيئَن، ڪُلَ(3) سين اٿم ڪَمُ.
    پنيو پنج ڪڻي(4)، لِڪا ڀُڻن(5) لوڪ ۾.
    جوڳيُن کٽيو جَس، لِڪا ڀڻن لوڪ ۾.
    هيءِ هيءِ ھُن هَڏي(6)، ھمہ(7) کي حيران ڪيو.
    جوڳي هُوَنِ نه جيئرا، پائي جوڳ ۾(8) جئُ.
    سي ٻَھرِ نه هڻن ٻاڻُ(9)، جن گڏيو گز گرنار(10) ۾.
    اندر ۾ اَمُل(11)، ٻھر ڪوجها ڪاپڙي.
    ڪيڏانهن ڪريان پير، مڙيو ئي مٿو ٿيو.
    جيڏانهن ڀرين وکَ، تيڏانهن صاحبُ سامهون.
    مرڻُ(12) مسلمُ جن، واحدُ تن نه وسري.
    لڏيندن سين لڏ، ته رهين تون راڄ ڪري.
    ويندن کي ويڪَ(13) ٿي، هُوندن(14) ڪونهي هنڌُ.
    ڪو نه ڏٺوسين ڪوءِ، سناسي(15) سُور ري.

    _____
    (3) ٻه ضد لفظ، ڀاڱو ۽ سڄو يعني انسان ۽ خدا. (4) گھڻن قسمن جو ان. (5) وتن، گھمن. (6) هڏو جنھن تي ڪتا پاڻ ۾ وڙهندا آهن يعني دنيا. (7) ساري عالم کي، جڳ کي. (8) يعني مرڻ کان اڳي هستي وڃائي ڇڏ. (9) تير. (10) خدا اندر ۾ مليو. (11) امل ماڻڪ. (12) سونپيل، لائق، خلاصو ڪم. (13) ڪشادگي، خلاصو ميدان. (14) رهڻ وارن، نه چُرندڙن. (15) سچو طالب خدا جو.
    ______

    سُر رپ:
    نينهن نهائين جيئن، ڍڪيو ڪوهه نه ڍڪئين.

    سر ليلان چنيسر:
    آهيان عيبدار، سِڪان ٿي سُهاڳ(1 ) کي.
    هُئين گھڻو هُشيار، پر ڪَل نه پيَئي ڪانڌ جي.
    اُونڌا شل آچار(2)، ڪانڌُ ڪنهين سين نه ڪري.
    اهڙو ئي الله، جو پورهيَتُيون پيش(3) ڪري.
    مون ڳچيءَ ۾ پانڌ، تو چنيسرَ هٿ ۾.
    ڍوليو تني ڍار(4)، هيٺاهيُون هلن جي.
    آسر(5) مَ لاهيج، سڄڻ ٻاجهارا گھڻو.
    زاريءَ ڌارا زور، ڪين هلندُئي ڪانڌ سين.
    لکين ليلائون، چينسر جي راڄ ۾.

    _____
    (1 ) سک، سرخروئي، عزت. (2) ليکا، نبيرا. (3) چاڙهي، وڏي وڏي درجي وارو ڪري. (4) طرف، پاسي. (5) آسرو، اميد.
    ________

    سر بلاول:
    ڪيف(6) ڌارا ڪو، جِئي ڪو نه جهان ۾.
    الله جُنگ(7) جِين، اَجهي جن جي گھاريان.

    _____
    (6) شراب، عشق جي مستي. (7) بهادر، سچا مرد.
    _____

    سر ڏاهر:
    وڏي سگھ سندياء، ٻاجهن ڀريو آهئين.
    تو در ناهه جهو(8)، مون ٻيا در گھڻا نهاريا.
    جيڏو تنهنجو نانءُ، ٻاجهه به اوڏيائي گُھران.
    ڍَڪين ڍڪڻهار، ڏيئي پاندُ پناهه جو.
    ستا اُٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري،
    سلطاني سهاڳ(9)، ننڊ ڪندي نه ٿئي.
    وهامي وِيندياء، گھڻا هڻندين هٿڙا.
    اڏيو جو اوڏن، سو شل ڍِنگر(10) ڍِلو مَ ٿئي.
    ڊگھي اڏِ مَ مَنَهي، پَکو اڏ م لانڍ(11).
    سندو واريءَ ڪوٽ، اڏي اڏيندين ڪيترو!

    ______
    (8) جهڙو. (9) سک، آسائش، بادشاهي. (10) منهه جا ڍنگر لهي نه وڃن، گھر ڀڄي ڀُري نه وڃي، هميشه قائم هجي. (11) ڊگهو، وڏو.
    _____

    سُر ڪاپاتي:
    جي وَرُ(1 ) ڏئي وارو، ته سُنهان سرتين وچ ۾.
    جن ربيع(2) سين رِهاڻ، تن اُڊو(3) ناهه اُگھاڙ جو.

    _______
    ( 1) مڙس راضي ٿئي، مهر ڪري. (2) ڪپاهه پوکڻ جي موسم. (3) ڊپ، خطرو.
    ______

    سُر پرڀاتي:
    ڏات نه آهي ذات، جو وهي(4) سو لَهي.
    تون پارس آءٌ لوهه، سَڃين(5) تا سونُ ٿيان.
    ڏاتار ته تون، ٻيا سڀيئي مڱڻا.
    طمع جي تنوار(6)، متان ڪرين مڱڻا.

    ______
    (4) ڪمائي، پورهيو ڪري. (5) لڳين، پاسو هڻين. (6) سوال، خيال.
    ______

    سُر گھاتو:
    نڪا بوءِ بازار ۾، نڪا ڇلر ڇَٽ(7).
    اوري هوا ته آئيا، جُڪس(8) ويا پري.

    ______
    (7) مڇيءَ جي ڇلر جي باس. (8) جيڪس، شايد، متان.
    ______

    سُر سينهن ڪيڏارو:
    کڻ بورائو(9) بازَ کي، ڳِجھ مَ ڳري لاءِ.

    ______
    (9) سونهو، همرا.
    ______

    سُر آسا:
    سڀ وڃائي ساز(10)، تنهان پوءِ تڪبير(11) چؤ.
    نابوديءَ(12) نيئي، عبد کي اعلى(13) ڪيو.
    جيلانهن ٿيا نابُود، تيلانهن رَسيا بود(14) کي.
    اکيون تا عيد، ڪانهي عيد اکين ري.
    ڍايون نه ڍاپن، پَسڻ منجهان پرِيئن جي.
    اکيون سيئي ڌار، جن سين پسين پرين کي.
    جانيءَ جو جمال، پَسڻ کان پَري ٿيو.
    سي ڪيئن پرين پسن، ڪٽر( ) جن اکين ۾.
    سِڪ نه آهي سُٿري، سِڪ سِڪائي سُڪ.
    سندي محبت مام(2)، ڪور(3) پروڙي ڪينڪي.
    آهن جي امين، سي حسابان هڄي ويا.
    هٿن سين هاج ڪر، نيڻن سين نهار.
    مُنهن ۾ مسلمان، اندر آزر(4) آهيين.
    مُنهن ۾ موسى(5) جهڙو، اندر ۾ ابليس(6).
    ايئن چوندي ڪير، ته آءٌ ساڃاري(7) سڄڻين.
    ڏورج ڏِيو هٿ ڪري، ڏور مَ ڏِيان ڌار.
    اوڳڻ رُسي سڀ ڪو، ڳُڻين پِرين رُٺامِ.
    گُنديءَ نينهن نه سُپڄي(8)، دونهن(9) نه پچي ماهُه.
    صُلح جن سڄڻ سين، سيج ماڻيندا سي.

    ______
    (10) ظاهري اسباب يا هستيءَ جا نشان. (11) اللھ اڪبر چؤ يعني درويشيءَ جو دم هڻ. (12) نهٺائي، هستي ڇڏڻ. (13) ٻانهي کي بادشاهه ڪيو. (14) سچي هستي.
    ( 1) مٽي، پھڻيون، اک جي بيماري. (2) مطلب، مراد، حقيقت. (3) انڌو. (4) مشهور ڪافر. (5) خدا جو پيغمبر. (6) شيطان. (7) سُڃاڻو، واقف. (8) سمائجي، لڪي وڃي. (9) دونهي ۾ گوشت ڪباب نه ٿيندو گھڻي باهه ۾ پچندو.
    ______

    سر ماروئي:
    قسمت قيد ڪياس، نه ته ڪير اچي هِن ڪوٽ ۾.
    لڙڪ نه لکڻ ڏِين، ڪِريو پون قلم تي.
    جهڙي آيس جيئن، تهڙي وڃان تن ڏي.
    آڻين ۽ چاڙهين، ڏُٿُ(10) ڏهاڻي سُومرا.
    پکن منجهه پساهُه، قالب(11) آهي ڪوٽ ۾.
    توئي پڙهيا پِير، اوڏا ڪين علم(12) کي.
    سوکيءَ ڀائي سڀ ڪو، اَوکيءَ تُونهِين تون.
    قُبن ڪينهن پِير، مرشد مساڻن ۾.

    ______
    (10) جهنگلي انُ جو گاهن مان نڪري. (11) بدن، جسم. (12) خدا جو علم، حقيقي علم.
    ______

    سر پورب:
    ڪانگَ نه ڪوڙا هُون، پريان سندي پار جا.
    آندا پرِين الله، سڏ منهنجا ساب( 1) پيا.
    سامي آهي سو، جنهن پاڻُ وڃائي پُوريو.

    _____
    ( ) سجايا ٿيا، قبول پيا.
    _____

    سُر ڪاموڏ:
    پارس سين پاسو، لڳن تي(2) لعل ٿيا.
    سميُون ڪري سينگار، راءُ ريجهائڻ آئيُون.
    تنهن کي گندري(3) چوڻ گناهه، جنهن جي جهوليءَ چنڊُ جُهلي پيو.

    _____
    (2) تڏهن، تنهڪري. (3) مُهاڻي.
    _____

    سُر ڪارايل:
    لئج لطيفي لات، ته ويجھو ٿِين وصال کي.
    تَنُ طالبن گڏِ، ته ويجهو ٿِين وصال کي.
    ڪنگن لٿي ڪاڻ، گڏيو هَنجُ حبيب کي.
    هنج مڙيئي هنجَ، ميرو منجهن ناهي ڪو.
    تنهن عشق کي شاباس، جنهن محبتي ميڙيا.
    ويا مور مري، هنجُ نه رهيو هيڪڙو،
    وطن ٿيو وري، ڪُوڙن ڪاڻيرن(4) جو.
    وَٽئين وِهُه پيَن، سِڪ سُرڪئين نه لهي.
    ڪِلي(5) وير ڪيهو، جو سَپَن کي سامهون ٿئي.

    _____
    (4) ڪارا ڍنڍ جا پکي. (5) ويڙهه، جنگ.
    _____


    شاهه جا پهاڪا : ڊاڪٽر اياز قادري

    ڪنهن به ملڪ ڏانهن ڏسبو ته ان ملڪ ۾ ڪيترا ئي شاعر ڏسڻ ۾ ايندا پر هر ڪنهن شاعر جو پنهنجو پنهنجو درجو آهي. انهن شاعرن مان ڪي اهڙا آهن جن جي مقبوليت ڪنهن خاص طبقي تائين آهي. ٻيا اهڙا آهن جي خاص ۽ عام ۾ مقبول آهن. انهن شاعرن مان محلن ۾ رهندڙ امير ۽ جهوپڙن ۾ رهندڙ فقير، هڪ جهڙو مزو ۽ ميٺاج حاصل ڪن ٿا. هر شادي ۽ خوشيءَ جي موقعي تي، مجلس ۽ اڪيلائيءَ ۾، سفر ۽ گھر ۾، ميلاپ ۽ وڇوڙي ويل، سندن شعر جهونگاريا وڃن ٿا. انهن مقبول شاعرن ۾ ڪي وري اهڙا شاعر آهن جن سان اسان جي ايتري ته ويجهڙائي ۽ گھرائي ٿي وڃي ٿي جو هو اسان کي هر وقت ياد رهن ٿا جو اسان کين هر گھڙيءَ ويٺا ياد ڪريون. ٿوري گهڻي ڳالهه تي، ايئن بيان ڪري ڇڏيون، جيئن ڪو پهاڪو. انهن عوام ۾ پسند ڪيل ۽ مقبول شعرن جو رتبو ۽ درجو ٻوليءَ جي ٻين اهم پهاڪن جهڙو ئي ٿي وڃي ٿو.
    دنيا جي ڪا به ٻولي پهاڪن کان خالي نه آهي. هر ٻوليءَ جي دامن ۾ پهاڪا، بهار ۾ ٽڙندڙ گلن وانگر، پنهنجي سونهن ۽ سوڀيا سان، من کي موهندڙ ۽ دل و دماغ کي طراوت ڏيندڙ ٿين ٿا. اهي ٻهڳڻن جا ٻول آهن، جي ڌرتيءَ تي وسندڙ انسانن جي عقل ۽ ڏاهپ جا املهه خزانا آهن. سنڌي پهاڪا، سنڌ جي سڃاڻپ جا ڀنڊار آهن، جن ۾ ساڻيهه جي سٻاجهڙن ماڻهن جي رهڻي ڪرڻي، رسم رواج، تهذيب تمدن، ڳڻ ڳوت، ساڃاهه ۽ ثقافت جا نقش نظر اچن ٿا.
    ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جو خيال آهي ته؛ پهاڪو سنسڪرت جي ”پٿڪ“ لفظ مان نڪتل آھي، جنهن جي معنى آهي؛ منجهيل ڍيري کي کولڻ يا ڪو راز پروڙڻ. هو چوي ٿو ته؛ ”پٿڪ“ ڦري ٿيو ”پٿاڪو“، جو سنڌيءَ ۾ پهاڪو ٿي ويو. منهنجي خيال ۾، پهاڪو اصل ۾ پهه + آکو آهي. پهه معنى ويچار، سوچ. آکو = آکڻ معنى چوڻ. ڪا ڳالھ، سوچ ويچار کان پوءِ چوڻ.
    پهاڪا ايترا قديم آهن، جيتري اسان جي سوچ ۽ سمجهه. جڏهن کان انسان ڪنهن ڳالهه تي سوچ ۽ ويچار ڪري، ڪنهن نتيجي تي پهچڻ لڳو هوندو، ان دؤر کان پهاڪا به وجود ۾ آيا هوندا. پهاڪا، بنيادي طرح انسان جي آزمودي ۽ مشاهدي جو نچوڙ آهن. انهن سان گڏ ڏند ڪٿائون، مذهبي قصا، تاريخي واقعا، لوڪ ڪهاڻيون، نقل ۽ نظير ۽ ڪيترن شاعرن جا عوام ۾ مقبول شعر به پهاڪن جي پيڙهه آهن. شاهه کان اڳ جي دؤر جي شاعرن ۾ قاضي قاضن، شاهه ڪريم ۽ پوين شاعرن ۾ سچل جي ڪلام جا ڪجھ مصرعا پهاڪن واري حيثيت حاصل ڪري چڪا آهن. جيئن قاضي قاضن جون هي مصراعون:

    ۱ - سيئي سيلهه ٿيام، جي پڙهيا هيم پاڻ لئه.
    ۲- لوڪان نحو صرف، مون مطالع سپرين.

    شاهه ڪريم بلڙي واري جا هيءُ مصرعا:
    ۱- هنيون ڏجي حبيب کي، لڱ گڏجن لوڪ.
    ۲- جي جاڳندي من ۾، ستي پڻ سيئي.
    ۳- مٺ ڀيڙيائي ڀلي، جي اپٽين ته واءُ.
    ۴- پاڻي اُتي جهوپڙا، مورک اڃ مرن.

    سچل جا هي مصرعا پهاڪن طور ڪم اچن ٿا:
    ۱- سچ ٿا مرد چون، ڪنهن کي وڻي نه وڻي.
    ۲- مذهبن ملڪ ۾، ماڻهو مُنجهايا.
    ۳- مون ۾ عيب اپار، سڄڻ تنهنجي ٻانهڙي آهيان.
    ۴- ڪڇان تان ڪافر ٿيان، ماٺ ڪيان ته مشرڪ.

    شاهه عبداللطيف کي سنڌ جي ٻين شاعرن جي ڀيٽ ۾ وڌ ۾ وڌ مقبوليت حاصل آهي. شاهه جي ڪلام ۾ مشاهدو ۽ مطالعو آهي، آزمودو به آهي ته حڪمت ۽ دانائي به آهي، سوچ ۽ ويچار به آهي ته سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن جي عڪاسي به آهي. لوڪ ڪهاڻيون ۽ عشقي داستان به آهن، تاريخي ۽ نيم تاريخي واقعا به آهن. الله ۽ ان جي رسول جي الفت به آهي ۽ تصوف جي چاشني به آهي. مطلب ته زندگيءَ سان واسطو رکندڙ هر شيءِ موجود آهي. اهو ئي سبب آهي جو لطيف جا تمام گھڻا بيت ۽ مصراعون، اسان جي زبانن تي ايترا چڙهي ويا آهن جو اسان انهن کي گھڙي گھڙي، پل پل، هر ڳالهه ۾ پهاڪي طور استعمال ڪريون ٿا.
    انگريزن جي حڪومت جو دؤر هو. مسلمان ۾ نه علم هو، نه سجاڳي. قوم سان همدردي رکندڙ عالم ۽ اڳواڻ، جي چاهيندا هئا ته مسلمان آزادي حاصل ڪري وري پنهنجو اڳيون مان مرتبو ۽ اوج ماڻين، سي قوم کي غفلت ۾ ڏسي وڏي واڪي چوندا هئا:
    سـتـا اٿـي جـاڳ، نـنـڊ نه ڪجـي ايتري،
    سلطاني سهاڳ، ننڊون ڪندي نه ملي.
    ان دؤر ۾ جڏهن ملڪ جي ٻين قومن ڏانهن ڏسبو هو ته اهي ترقيءَ تي گامزن آهن، مگر مسلمان، جنهن حال ۾ هو، ان ۾ ئي غافل آهي ته ان کي هوشيار ڪرڻ لاءِ چئبو هو:
    چپاتا چڙهي ويا، وڃي پهتا توڙ.
    آزادي آئي، ملڪ جو ورهاڱو ٿيو، پاڪستان ٺهيو، پوءِ ملڪ جي حالتن عجيب صورت اختيار ڪئي آهي. موجوده دؤر، سجاڳيءَ ۽ بيداريءَ جو دؤر آهي. هن سجاڳيءَ ۽ بيداريءَ جي دؤر ۾، اسان پنهنجي پاڻ کي شاهه جي هنن لفظن ۾ مخاطب ٿيون ٿا:
    جاڳو جاڙيجا، سما سک مَ سمهو.
    ۽ وري پنھنجي وڏي ڀاءُ جي ڏاڍاين، اُرھ زوراين، هٿ کس ۽ ڀون ولار واري وٺ وٺان ڏانهن اشارو ڪري چوندا آهيون:
    پسو ان پاران، لاکو ٿو لوڙيون ڪري.
    ھي دؤر قوم پرستيءَ ۽ وطن پرستيءَ جو دؤر آھي، جنھن لاءِ علامه اقبال چيو ھيو؛ ”ان تازه خدائوں ميں بڑا سب سے وطن هے“، سو ھن ڌرتيءَ سان پيار ڪندڙ هڪ ٻئي کي شاهه جي هنن لفظن ۾ خطاب ڪن ٿا:
    حيف تنين تي هوءِ، وطن جن وساريو.
    ورهاڱي کان اڳ جو دؤر ۾ حقن وٺڻ لاءِ هڙتال ۽ بک هڙتال ڪئي ويندي هئي، هن دؤر ۾ اهي ڳالهيون پنهنجو اثر وڃائي ويٺيون آهن. هن دؤر ۾ حقن حاصل ڪرڻ لاءِ هن ڌرتيءَ جي نوجوانن جي زبان تي شاهه جا هي لفظ آهن:
    سورهيه مرين سوڀ کي، دل جا وهم وسار،
    هڻ ڀالا، وڙھ ڀاڪرين، آڏي ڍال مَ ڍار.
    زندگيءَ ۾ جدوجهد ئي آهي، جا انسان کي منزل تي رسائي ٿي. اهي انسان، جي هر وقت ڏينهن رات محنت ڪندا رهن ٿا ۽ هر حال ۾ ماٺ ڪري نٿا ويهن، اهي ئي ڪامياب ٿين ٿا، پر جن غفلت ۽ سستي ڪئي، اهي منزل ۽ ماڳ کان پٺتي رهجي وڃن ٿا ته انهن کي چئبو آهي:
    تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي،
    متان ٿئي اونداهه، پير نه لهين پرينءَ جو.
    پر محنت، محبت سان گڏ هئڻ گھرجي. محبت ڀري محنت ۾، خوشي ئي خوشي آهي. محبت سواءِ محنت عذاب آهي، جا ڪڏهن به ڪاميابيءَ تائين نه رسائيندي. ان لاءِ شاهه جي لفظن ۾ چوندا آهيون:
    پيرين پنڌ وسار، هل هِنئين سين هوت ڏي.
    جيڪڏهن اڳين ڏينھن وارن ماڻهن، ماڳن ۽ مڪانن کي ياد ڪندا آهيون ۽ هاڻوڪين حالتن ڏانهن ڏسندا آهيون ته اسان جي واتان بي اختيار نڪري ويندو آهي ته:

    ۱- نه سي وونئڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتياريون،
    پسي بازاريون، هينئڙو مون لوڻ ٿئي.
    ***
    ۲- ويا سي وينجهار، هيرو لعل ونڌين جي،
    تنين سندا پويان، سيهي لهن نه سار.
    ***
    ۳- ويا مور مري، هنج نه رهيو هيڪڙو،
    وطن ٿيو وري، ڪوڙن ڪانيرن جو.

    انساني زندگيءَ تي عشق ۽ محبت جو وڏو اثر آهي. چوندا آهيون ته؛ ”اهو وڻ نه آهي جنهن کي هوا نه لوڏيو آهي“، سو اهڙو ڪو انسان ورلي ملندو جنهن جو عشق سان واسطو نه پيو هوندو، پر جنهن جو واسطو عشق سان پيو هوندو ۽ عشق ۾ سور ۽ سختيون، ڏک ۽ ڏوجھرا ڏٺا هوندائين ته رڙ ڪري چوندو:
    ۱- عشق نانگ نپٽ، خبر کاڌن کي پوي.
    ***
    ۲- سڪڻ ۽ سوري، ٻئي اکر هيڪڙي.

    جڏهن عاشق، عشق ۾ آهون ۽ دانهون ڪرڻ لڳندو آهي، ۽ رنج ۽ غم ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي، ته سندس دوست کيس چوندا آهن:
    ۱- سڪ نه آھي سٿري، کڻ پروڙي پير.
    ۲- عشق ناهي راند، جي ٿا کيڏن ڳڀرو.
    ۳- سسي ڌار ڌري، پڇج پوءِ پريتڻو.
    هو بي اختيار چوڻ لڳندو آهي:
    عقل، مت، شرم؛ ٽيئي نينهن نهوڙيا.
    وقت تي عاشق جي دل ۾ وسوسا پيدا ٿيندا آهن ته جنهن کي آ پيار ڪريان ٿو، جنهن جي سِڪ مون کي هر وقت سڪائي ٿي، ڇا هو به مون کي ياد ڪري ٿو، ته پنهنجي دل کي هيئن دم ۽ دلاسا ڏيڻ لڳندو آهي:
    تو جنين جي تات، تنين پڻ آهي تنهنجي.
    وقت تي ڪن دوستن، گھڻگھرن ۽ پيارن کان ڪي اوڻايون، گھٽتايون يا ڪسي پڪي ٿي پوندي آهي ته کر، ڌرين کي ڦٽائڻ يا زنگ ۽ ڦڪ وجهڻ جي ڪندا آهن. اڳلي کي چوندا آهن ته؛ هو تو سان ڪهڙو برتاءُ ٿا ڪن، تون اڃا پيو انهن لاءِ مرين ۽ ڳرين، ته هو چوندو آهي.
    ۱- پرين سندي پار جي، مڙئي مٺائي.
    ۲- سڄڻ ماکيءَ ميٺ، ڪڙا ٿين نه سپرين.
    مگر جي ٻنهي ڌرين جا خير خواهه هوندا ته اُهي کيس سمجهائيندا:
    هو ڇنن تون مَ ڇن، پاءِ اُميري اُن سين.
    جيڪڏهن ڪو دوست دور هوندو آهي يا رُسي ويندو آهي ته شاهه جا طالب مومل جيان نوڙت ۽ نياز ڪري چوندا:
    ۱- مين سي ماڻو، مناسب نه مينڌرا.
    ۲- اسان تان نه سري، تو ڪيئن سري سپرين.
    ڪنهن پياري جو انتظار ۽ اوسيئڙو هوندو آهي ته هن جي دل مان هر وقت هيءَ صدا نڪرندي آهي:
    مون گھر جي اچي، ٿئي مينڌرو مهمان،
    پيڪن سوڌو پاڻ، گھر تڙ گھوريان پرينءَ تان.
    ۽ سسئي جي لفظن ۾ چوندو:
    الله اچن اوءِ، جن آئي من سرهو ٿئي.
    دنيا جي بي ثباتي ۽ فنا جو ذڪر ايندو ته چونداسين:
    ۱- ڊگهي اڏ مَ منهي، پکو اڏ مَ لانڍ.
    ۲- فاني ڙي فاني، دنيا دم نه هيڪڙو.
    ۳- گھوڙن ۽ گھوٽن، رھڻ ٿورا ڏينهڙا.
    شاهه جو گھڻو ڪلام دعائيه آهي. الله اڳيان سواءِ نوڙت ۽ نياز، آزي نيازيءَ جي ٻيو ڪجهه نه ٿو هلي. انهيءَ کي ليلائڻ کان سواءِ، چارو نه آهي. انهيءَ ڪري اسان پنهنجي مطلب ۽ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ، پنھنجي مرادن ۽ ارادن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻاجهاري سائين کي شاهه جي لفظن ۾ ٻاڏائيندا رهندا آهيون. شاهه جا اُهي بيت ۽ بيتن جون مصراعون، پهاڪا ٿي ويون آهن، جيئن چوندا آهيون:
    زاريءَ ڌاران زور، هلي ڪين حبيب سان.
    ۽ پنهنجن عيبن ڏانهن ڏسي چوندا آهيون:
    ۱- تون سمون، آ گندري، مون ۾ عيب اپار،
    پسي لَي لغار، متان ماڱر مٽيين.
    ۲- مون ۾ عيبن ڪوڙ، تون پاڻ سڃاڻج سپرين.
    ۳- لکڻ مَ لکيج، جو موراهون ناهه مون،
    مون کي ملهائيج، وارو ڏيئي ولها.
    هن ٻاجهاري در وينتي ڪندي چوندا آهيون:
    ۱- جيڏو تنهنجو نانءُ، ٻاجهه به اوڏيائي مڱان.
    ۲- تون سپڙ، آ سيڪڙو، تون ڏاتر آئون ڏوهه،
    تون پارس آ لوهه، جي سَڃيين ته سون ٿيان.
    ۽ جڏهن ڪنهن بيماري يا مرض ۾ مبتلا ٿيندا آهيون ته ليلائڻ لڳندا آهيون:
    تون حبيب تون طبيب، تون درد جي دوا،
    جانب منھنجي جيءَ ۾، آزار جا انواع،
    صاحب ڏيج شفا، ميان مريضن کي.
    ۽ ڪڏهن ڪڏهن اسان جي التجائن قبول پوڻ ۾ دير ٿيندي آهي ته پوءِ ليلا جي هنن لفظن سان پاڻ کي آٿت ڏيندا آهيون:
    جي ليلائي نه لهين، ته پڻ ليلائيج،
    آسر مَ لاهيج، سڄڻ سٻاجهيندڙ گھڻو.
    مطلب ته شاهه جو تمام گھڻو ڪلام، سنڌ وارن جي مختلف جذبن جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ اهو سنڌ وارن جي دل ۽ دماغ ۾ بيحد سمايل آهي ۽ سنڌ وارا ان کي وقت به وقت مختلف موقعن تي استعمال ڪن ٿا. ڪجھ وڌيڪ مثال بيان ڪجن ٿا، جي مختلف موقعن تي استعمال ٿين ٿا:
    ۱- ڪي اوڏا به ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين.
    ۲- سندي سڪ پرين، لوڪ ڏٺي نه لهي.
    ۳- ماڻهو گھرن مال، آ سدا گھران سپرين.
    ۴- وکر سو وهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي.
    ۵- اگھيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي.
    ۶- ڏڪاريا ڏيهه مان، موذي شال مرن.
    ۷- ايءُ نه مارن ريت، جئن سيڻ مٽائين سون تي.
    ۸- ڏاتار ته تون، ٻيا سڀ مڱڻا.

    ***


    شاهه لطيف جي ڪلام ۾ آيل پهاڪا ۽ چوڻيون : ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر

    هر ڪنهن سڌريل ٻوليءَ ۾ پهاڪن ۽ چوڻين جو هڪ وڏو خزانو موجود هوندو آهي، جو ان ٻوليءَ جي تحريري يا زباني ادب جو هڪ اهم ۽ مکيه حصو هوندو آهي. سگهڙ مرد توڙي گهرو سگهڙ عورتون شاعر، اديب ۽ مقرر جڏهن چاهيندا آهن، ته پنهنجي نصيحت يا اندر جي جذبات ٻين تائين مؤثر نموني ۾ پهچائين، ته اڪثر اهي پهاڪن ۽ چوڻين جو سهارو وٺندا آهن.
    سنڌي زبان پهاڪن ۽ چوڻين جي حالت ۾ دنيا جي سڌريل ٻولين کان ڪنهن به طرح کان گهٽ ناهي، شاهه صاحب جي ڪلام کي پڙهنداسون ته ان ۾ ڪافي پهاڪا ۽ چوڻيون موجود آهن.
    ”دراصل پهاڪن جي استعمال سان ئي شاهه جي ٻوليءَ ۾ رواني ۽ سليتائي اچي وئي آهي.“
    سر سارنگ جي بيت جي هيٺئين مصرع پڙهو:
    ”جن مهانگو لهي ميڙيو، سي ٿا هٿ هڻن.“
    هٿ هڻڻ جي معنى پڇتائڻ آهي، هتي شاهه صاحب انهن واپارين جي ڳالهه ٿو ڪري جيڪي برسات پوڻ يا وسوڳ ٿيڻ سان پوءِ پڇتائيندا آهن ته ”هاڻي اَنَ جو اگهه گهٽجي ويندو ۽ سندن نفعو ته ٺهيو پر اُلٽو کين نقصان پوندو.“
    هڪ ٻيو مثال سُر مارئيءَ مان:
    ”ايءَ نه مارن ريت، جيئن سيڻ مٽائين سونَ تي!“
    هتي ”سيڻ مٽائين سون تي“ عام چوڻيءَ جو گويا سڀاويڪ طور استعمال ڪيو ويو آهي. اهڙيون ڪيئي چوڻيون شاهه جي ڪلام ۾ موجود آهن. سور ۽ درد جي آهه کي ظاهر ڪرڻ لاءِ سنڌي زبان ۾ ڪيترائي اصطلاح، پهاڪا ۽ چوڻيون موجود آهن، مگر اندر جي آهه جي اظهار لاءِ جيڪو شاهه صاحب هيٺيون اصطلاح استعمال ڪيو آهي، ان کي پڙهو:
    ”گهوڙا! گهوڙا! آئون نه جيندي اُن ري.“ (رام ڪَلي)
    اگرچه ان جي جاءِ تي قهر، ظلم، فرياد، افسوس، قيامت، هاءِ هاءِ! شاهه صاحب استعمال ڪري سگهيو پئي، مگر جيڪا درد جي اظهار جي قوت ۽ جذبات جي ترجماني ۽ ”گهوڙا ڙي گهوڙا“ ڪرڻ سان ٿئي ٿي، يقينن ٻيو ڪوبه اصطلاح پورائو نه ڪري سگهي ها.
    ٻيو مثال:
    مـــران، ”مــٿـــو پــٽــيــان“، نھـاريان نـيـڻـان،
    سُخن جي سندان، آئون نه جيَندي اُن ري. (رام ڪلي)
    جهڙيءَ طرح ”گهوڙا!، گهوڙا!“ ڏک جي اظهار لاءِ اثرائتو اصطلاح آهي، اهڙيءَ طرح ”مٿو پٽيان!“ به سنڌي زبان جو اصطلاح وڏي ڪِرڀ رکي ٿو. اُرههُ پِٽڻ ٻين قومن ۾ به آهي ۽ ڳوڙها ڳاڙي ڏک جو اثرائتي نموني اظهار ڪرڻ ته انساني فطرت جو گُڻ آهي. مگر ”مٿو پِٽڻ“ رڳو سنڌي ثقافتي زندگيءَ جو انفرادي گُڻ آهي، جيڪو شاهه صاحب استعمال ڪري، پنهنجي وسيع سنڌي ثقافت جي مطالعي جو ثبوت پيش ڪيو آهي. سڄو ڪلام مطالعو ڪيو ته اهڙا ڪيئي اصطلاح، مختلف موضوعن جي ترجماني لاءِ اسان کي نظر ايندا ۽ ان مان شاهه صاحب جي زبان دانيءَ جو اقرار ڪرڻو پوندو.
    سُر سريراڳ جي هيٺئين بيت تي ويچار ڪريو.
    چڱا ڪَنِ چڱايون، مَٺايون مَٺنِ،
    جو وڙ جُڙي جن سين، سو وڙ سيئي ڪن. (سريراڳ)
    هن بيت جي حيثيت اڄڪلهه سنڌي معاشري ۾ پهاڪي ۽ چوڻيءَ جي صورت اختيار ڪري چڪي آهي، يقينن زبان جا ماهر ان ٻڌائڻ کان قاصر آهن ته اها چوڻي سنڌي زبان ۾ اڳ موجود هئي. بيت جو سِٽاءُ ۽ صورت ٻڌائي ٿي ته ان جو خالق شاهه عبداللطيف ڀٽائي آهي ۽ ان جي معنى ۽ مفهوم سليتائي ۽ سونهن ايتري ته جاذب آهي، جو اڄ انهيءَ بيت چوڻيءَ جي صورت اختيار ڪئي آهي.
    ***


    روزمرھ جي سنڌي زندگيءَ ۾ شاھه جا قول : ڊاڪٽر موتيلال جوتواڻي

    جڏھن ۱۹۸۷ع ۾ سرحدي گانڌي خان عبدالغفار خان نئين دھليءَ جي آل انڊيا ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ ۾ علاج لاءِ ڀرتي ٿيل ھو، تڏھن پنھنجي ان دوست جو حال چال پڇڻ لاءِ، کيس روبرو ڏسڻ لاءِ، سن جو سائين ۽ جيئي سنڌ تحريڪ جو معمار، سائين جي ايم سيد پڻ پاڪستان مان نئين دھليءَ ۾ آيو، جيڪو پڻ ڀارت سرڪار جو مھمان ھو ۽ نئين دھليءَ جي ڪنشڪ ھوٽل ۾ لٿل ھو. ساڻس ملاقات لاءِ مان ۽ منھنجو ھڪ اديب دوست ڪنشڪ ھوٽل ۾ وياسين. ھو صاحب اسان ٻنھي لاءِ سنڌيءَ جو ھڪ وڏو اديب ھو ۽ سندس سياسي ويچار ڌارا سان اسان جو سھمت ھجڻ ضروري نه ھو. اسان ٻنھي کيس پنھنجي پنھنجي سڃاڻپ ڏني. ھن بندي جو نالو ٻڌي ڪري جي ايم سيد صاحب پنھنجي معمول تي نه رھيو ۽ پالٿيءَ مان پنھنجا بند گوڏا کولي پلنگ تان اٿيو. اٿي بيھي مون کي پنھنجي ڀاڪر ۾ ڀريائين ۽ چيائين، ”ابا! تون شاھ لطيف جو شارح آھين. تو اسان جي سنڌ ديس جي تصوف کي جڳ ۾ مشھور ڪيو آهي، تو سان ته اسين ڳري لڳي ڳالھيون ڪنداسين.“
    موڪلاڻيءَ وقت ھن صاحب پنھنجي نئين ڪتاب ”واڄٽ ويراڳين جا“ (۱۹۸۷ع) جي ھڪ ڪاپيءَ تي ھي لفظ لکيا: ”اسان جي شاھ لطيف جي مداح ڊاڪٽر جوتواڻيءَ جي خدمت ۾.“ اھا ڪاپي مون کي سوکڙيءَ طور ڏيئي چيائين، ”بقولِ شاھ لطيف؛ ڪي ڏور به اوڏا سپرين...“
    مون اھا ڪاپي کانئن وٺي اکين تي رکي. ھن صاحب اھا مون کان واپس وٺي ان تي اھي لفظ جيڪي وات سان چيا ھئائين، سي لفظ لکيا: ”ڪي ڏور به اوڏا سپرين...“ منھنجي ٻنھي ھٿن ۾ ٻنھي اکين تي رکيل اھا ڪاپي وري جڏھن آئي، ته مون کي لڳو ان ڏينھن ۱۲ جولاءِ ۱۹۸۷ع تي ھيءُ موتي ھڪ ناچيز بندو ھڪ خاص چيز بڻجي پيو. اُمالڪ موٽ ۾ مون وراڻيو؛ ”لطيف جي چواڻيءَ منجھان مان اوھان جي خدمت ۾ ھڪ بيت نذر ڪريان ٿو:

    ”حبيبن ھيڪار، منجھان مھر سڏ ڪِئو،
    سو مون سڀ ڄمار، اورڻ اھو ئي ٿيو.“

    ھن ننڍي مضمون جي شروعات ۾، پنھنجي زندگيءَ مان اُن ھڪ واقعي جو اھو بيان ان جي ڀومڪا طور ڪم آندل آھي. ان بيان مان، ھن ننڍي مضمون جي حوالي ۾ منھنجي ذھن ۾ گھڻيئي ڳالھيون اٿيون آھن. پر انھن مان ڪن ڳالھين اسان جو گڏيل ڌيان لھڻو.
    جيئن انگريزيءَ ۾ شيڪسپيئر ۽ اردوءَ ۾ مرزا غالب (اھي ٻه محض مثال آھن) پنھنجي پنھنجي ٻوليءَ واري قوم جي عام و خاص ماڻھن جي زبان تي چڙھيل آھن، تيئن اسان جي سنڌي قوم جي (جي ايم سيد وانگي) اعلى ماڻھن ۽ (ھن بندي جيان) ادنى ماڻھن جي زبان تي شاھ لطيف چڙھيل آھي. شيڪسپيئر، مرزا غالب ۽ شاھ لطيف جھڙا وڏا شاعر پنھنجي پنھنجي ٻوليءَ واري قوم جي زبان تي براجمان آھن. اھي ان جي اعلى خواھ ادنى فردن جي ذھن ۾ لٿل ھوندا آھن. مٿي بيان ڪيل واقعي ۾ جي ايم سيد صاحب چيو، ”ڪي ڏور به اوڏا سپرين...“ ھن بندي آکيو، ”حبيبن ھيڪار، منجھان مھر سڏ ڪِئو، سو مون سڀ ڄمار، اورڻ اھو ئي ٿيو!“
    ھر ھڪ قوم جي گھرُو حياتيءَ ڪي اھڙا شخص پڻ ھجن ٿا، جي پنھنجي گذاري وڃڻ کان پوءِ پنھنجي ڏيل ڏول ۾ حاضر نه ھئڻ جي باوجود پنھنجي ڏات ۽ ڏانءَ ڪري سدا حيات ھوندا آھن. انھن ڀاتين کان سواءِ ڪي ڀاتي اھڙا به ھوندا آھن، جي روحاني طرح انھن سان گڏوگڏ رھي، انھن گھرن جو (واسطيدار سموري سماج جو) ذھني ماحول ٺاھيندا آھن. سنڌي سماج ۾ سنڌيءَ جو مايه ناز شاعر شاھ لطيف ھڪ اھڙو ئي مثال آھي. جڏھن جي ايم سيد صاحب چيو، ”ڪي ڏور به اوڏا سپرين...“ ته کيس ان وقت شاھ لطيف جو اھو فقرو ياد ھو ليڪن اھو ضروري ناھي ته کيس شاھ لطيف جو اھو سمورو بيت پنھنجي پوري حوالي سان گڏ ياد آيو ھجي. اھڙيءَ طرح، جڏھن ھن بندي وراڻيءَ ۾ شاھ لطيف جي رسالي مان، ”حبيبن ھيڪار...“ واري بيت جو اقتباس ڪم آندو ته ان وقت کيس ان بيت جي مخصوص حوالي جي قطعي يادگيري نه ھئي. شاعر شاھ لطيف سندن تحت الشعور ۾ ھو. اھڙا شاعر ديوين ديوتائن وانگر ھوندا آھن. اھي تحت الشعور يا اَوِچيتن مان اُٿي اچي زبان تي ويھندا آھن.
    اھڙن ڪجھ شاعرن جي شاعريءَ ۾ quote-ability يا اقتباس پذيرائي ھوندي آھي. ڇو ھوندي آھي؟ ان ڳالھ تي سڀ کان پوءِ اينداسين. ھاڻي اسين اھو ڏسون ته اھا وصف ڪھڙن لفظن ۾ ادا ٿيندي آھي. اوھين پٺيان نظر ورائي ڏسو. جي سيد صاحب چيو، ”بقولِ شاھ لطيف؛ ڪي ڏور به اوڏا سپرين...“ ھن ”بقول“، لفظ جي لام اکر ھيٺان زير ڏيئي بقولِ شاھ لطيف ۾ اضافت ڪم آندي ۽ ٻين لفظن ۾ چيو؛ ”شاھ لطيف جي قول موجب.“ ... ۽ ھن بندي آکيو، ”شاھ لطيف جي چواڻي مان اوھان جي خدمت ۾ ھڪ بيت نذر ڪريان ٿو، ”حبيبن ھيڪار...“ ٻين لفظن ۾ اھا ڳالھ اسين ھيئن چئي سگھون ٿا ته انگريزي لفظ quote-ability لاءِ جي ايم سيد ”قول“ لفظ ۽ مون ”چواڻي“ لفظ ڪم آندو. مٿي ڪٿي ان لاءِ ”اقتباس“ لفظ پڻ ڪم آيو آھي، پر اقتباس extract يا excerpt لاءِ ڪم آڻڻ گھرجي، quotation لاءِ نه، ڇاڪاڻ ته ان پٺيان گھڻي تڻي باشعور ڪوشش ھجي ٿي. ليڪن جڏھن ”چواڻي“ صحيح آھي ته پوءِ ”چوڻي“ صحيح ڇو ڪين آھي؟ ٻنھي ۾ ڪھڙو فرق آھي؟
    جيئن چواڻي لفظ quotation جي معنى ڇڏائي ٿو. اُتي ”چوڻي“ لفظ پھاڪي جي معنى ۾ مروج ٿي ويو آھي. ھاڻ ڪي چواڻيون ”چوڻين“ جو درجو حاصل ڪن ٿيون، اھي پھاڪا ٿي وڃن ٿيون. ننڍي ھوندي، سنڌي فائينل جي امتحان ۾ يا مئٽرڪ ۾ سنڌي وشيه واري پريکيا ۾ ڪنھن ھڪ پھاڪي تي پڻ مضمون لکڻ لاءِ چيو ويندو ھو ۽ مون کي ياد آھي ته ھڪ امتحاني پيپر ۾ مون کي ”ڏک سکن جي سونھن، گھوريا ڏک سکن ري“ موضوع تي مضمون لکڻ لاءِ چيو ويو ھو. خود مون پنھنجي اڌ يا پڪي زماني ۾ ھاءِ اسڪول يا بي اي جي سنڌي وديارٿين لاءِ پيپر ڪڍندي ان وشيه تي مضمون لکڻ لاءِ پئي چيو آھي. اھو ته تازو، وڏي عمر ۾ پتو لڳو اٿم ته جنھن کي مون خالص ”چوڻي“ سمجھيو ھو، سا حقيقت ۾ شاھ لطيف جي چواڻي آھي، جا اڳتي ھلي موجودھ زماني ۾ چوڻي ٿي پيئي آھي. ائين ئي ھڪ دفعي شاھ جي رسالي جا پنا اٿلائيندي سر حسيني جي داستان ڇھين جي آخرين بيت تي نظر پيم ته ڏٺم، لکيل هو:
    ”ڏک سکن جي سونھن، گھوريا ڏک سکن ري،
    جنـِـيـن جــيءَ ورونـھــن، سـڄـڻ آيــو مان ڳري.“
    پوءِ ته مون ڪلياڻ آڏواڻيءَ جي مرتب ڪيل شاھ جي رسالي پٺيان ڏنل ”شاھ مان چونڊ ماڻڪ موتي لال“ عنوان سان فھرست تي نظر وڌي. اھو ڏسي گھڻو گھڻو عجب لڳم ته اسين سنڌي لوڪ اُن فھرست مان ڪيتريون سٽون، شاھ لطيف جا ڪيترا قول، ڪيتريون چواڻيون، پنھنجي روزمرھ جي زندگيءَ ۾ ڪم آڻيندا آھيون. واقعي انھن مان ڪيتريون چواڻيون، چوڻيون ٿي پيئون آھن. ڪي چواڻيون سنڌي ليکڪن ۽ شاعرن جي ڪتابن جا نالا ٿي ڪتب اچي رھيون آھن. ۱۳ جولاءِ ۱۹۸۷ع تي جي ايم سيد صاحب پنھنجو ڪتاب ”واڄٽ ويراڳين جا“ مون کي سوکڙيءَ طور ڏنو. ان جو نالو شاھ لطيف جي سُر رامڪليءَ جي داستان پھرئين جي ٻن بيتن (نمبر ۸ ۽ ۹) جي آڌار تي رکيل آھي. بيت نمبر ۹ ھيٺينءَ ريت آھي:

    واڄـٽ ويــراڳــيـن جــا، مـون وٽ وڏو مال،
    مـقــالـــن مـھـنـد ٿـيــا، ڪـونھـي وٽــن قـــال،
    حاصل جنين حال، آئون نه جئندي اُن ريءَ.

    جي ايم سيد صاحب ئي پنھنجي ان ڪتاب جو نالو شاھ لطيف جي چواڻيءَ تي ڏنو آھي، بلڪ بيشمار سنڌي شاعرن ليکڪن جھڙوڪ (وري به مثالن طور) شيخ اياز، نارايڻ شيام، ھري دلگير، گوبند مالھي، موتي پرڪاش، وينا شرنگي پڻ پنھنجن ڪتابن جا نالا شاھ لطيف جي چواڻين تي ڏنا آھن. شيخ اياز جو ”ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“، نارايڻ شيام جو ”آڇيندي لڄ مران“، ھري دلگير جو ”موج ڪئي مھراڻ“، گوبند مالھيءَ جو ”ديسي سيڻ ڪجن“، موتي پرڪاش جو ”سي سڀ سانڍيم ساھ سين“، ڪلاپرڪاش جو ”جي ھينئڙي منجھ ھُرن“، وينا شرنگيءَ جو ”ڪڇان تان ڪافر“ وغيرھ اھڙا ڪتاب آھن، جن ۾ نثر، نظم، ناول ۽ سفرناما اچي وڃن ٿا.
    جتي شاعر ۽ ليکڪ ائين ڪن ٿا، اُتي وري ڪي ودوان پنھنجن (لکيل يا مرتب ڪيل) ڪتابن ۾ شاھ لطيف جون چواڻيون Epigrams يا مھاڳي اقتباس طور ڪم آڻين ٿا. ھتي ھڪ ئي بئٺڪ ۾ لکيل، ھن مضمون ۾ ڪجھ به مڪمل ناھي. سڀ ڪجھ مثالي آھي. خدا جي خدائي پڻ مثالي آھي ۽ اسين سڀ ان ۾ species يا نمونا آھيون. سو اچو ته شاھ لطيف جي ھڪ چواڻي، ھڪ مثال طور ڏسون:
    ڪلياڻ آڏواڻيءَ پنھنجي مرتب ڪيل شاھ جي رسالي (۱۹۵۸ع) ۽ ھيٺين سٽ Epigrams طور ڪم آندي آھي:
    ”دلبر ھن دنيا ۾، وڃي رھندو واس.“
    .. ۽ واقعي، سندس اھو رسالو ھن دنيا ۾ سندس واس يا سڳنڌ ٿي رھيو آھي.
    سوکڙيءَ طور ملندڙ ڪتابن ۾ اُھي ڪتاب پڻ اچي وڃن ٿا، جن جا دلدار خريدار پنھنجن دوستن کي اُھي ڪتاب ڏيڻ/ڊاڪ رستي موڪلڻ کان اڳ انھن جي سر ورقن تي پنھنجي سڪ ڀريل سنيھي ۾ شاھ لطيف کي ياد ڪن ٿا. سندس شاعريءَ مان ڪا نه ڪا سٽ لکن ٿا. سنڌ جي اديب رکيل مورائيءَ، ھند جي اديب لڇمڻ ڪومل لاءِ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ڪتاب ”اسان جو ڳوٺ جعفر خان لغاري“ (۱۹۹۸ع) خريد ڪيو ۽ ان جي سر ورق تي ھيٺيون سنيھو درج ڪيو، ”دادا لڇمڻ ڪومل لاءِ، ڀٽائيءَ جي ھن سٽ سان:
    ”ڪو ڳنڍيندڙ ھوءِ، ته پريت پراڻي نه ٿئي.“
    رکيل مورائي، ڪراچي، ۲۵ جون، ۱۹۹۹ع.

    ان قسم جا پڻ انيڪ مثال ملندا.
    مون پنھنجي جيون ۽ ساھت تي پٺيان نظر ورائي، ته ڏٺم؛ اُن ۾ شاھ لطيف جي رسالي مان ھيٺيون سٽون ڪم آندل ھيون:
    اک الٽي ڌار، ونءُ اُلٽو عام سين.
    اندر تون اجار، پنا پڙھندين ڪيترا؟
    آئون ڪئن سوڙين سمھان؟ مون ورُ گھاري ولھ.
    آئون ڪئن لوئي لاھيان، ڪارڻ ٻن ڏينھان؟
    بک وڌائون بگرين، جوڳي ڪندا جڃ.
    ٻيا در تن حرام، ايءُ در جنين ديکيو.
    تتيءَ ٿڌيءَ ڪاھ، ڪانھي ويل وھڻ جي.
    ٿورا نه ٿورا، مون تي ماروئڙن جا.
    پريان سندي پار جي، مڙيئي مٺائي.
    پنھون ٿيس پاڻ، سسئي تان سور ھئا.
    جھڙا اچن ڏينھڙا، تھڙا ويٺي گھار.
    جي ليلائي نه لھين، ته پڻ ليلائيج.
    جيءُ سڀ ڪنھن جيءَ سين، درسن ڌارون ڌار.
    جيڏو تنھنجو نانءُ، ٻاجھ به اوڏيائي مڱان.
    ڏات ناھي ذات تي، جو وھي سو لھي.
    ڏک سکن جي سونھن، گھوريا سک ڏکن ري.
    سڀيئي سبحان جي، ڪر حوالي ڪم.
    سنھيءَ سئيءَ سبيو، مون ماروءَ سين ساھ.
    سندو واريءَ ڪوٽ، اڏي اڏبو ڪيترو؟
    عاشق زھر پياڪ، وھ ڏسي وھسن گھڻو.
    ڪا مونھين ۾ گھٽ، نات سڄڻ سٻاجھا گھڻو.
    ڪنور پاڙون پاتار ۾، ڀنور ڀري آڪاس.
    ڪي اوڏا ئي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين.
    لھرن لک لباس، پاڻيءَ پسڻ ھيڪڙو.
    محروم ئي مري ويا، ماھر ٿي نه مئا.
    مرڻ! مون سين ھل، ته پٺيءَ تو پنڌ ڪريان!
    مرڻا اڳي جي مُئا، سي مري ٿين نه مات.
    نيرانا ئي نيڻ، نيئي آڇ پرين کي.
    ورُ سا سُڃي ويڙھ، جنھن ۾ سڄڻ ھيڪڙو.
    وکر سو وھاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي.
    ھوءَ جا پائين پير ۾، تنھن جُتيءَ نه جيھي.
    ھيڏا ھاڃا ٿين، بُري ھن ڀنڀور ۾.
    يار سڏائي سڀ ڪو، جاني زباني.
    انھن مان ڪيتريون سٽون جدا جدا ھنڌن تي ڪيل منھنجين تقريرن ۾ يا الڳ الڳ وقتن تي پنھنجن دوستن ۽ رشتيدارن ڏانھن لکيل خطن ۾ شامل ٿيل ھيون. اھي ڪل ملائي ۳۳ سٽون مون کي ڏاڍيون پريه رھيون آھن. اھڙيءَ طرح ٻين کي انھن ۳۳ سٽن مان پڻ ڪن سٽن کان سواءِ ٻيون گھڻيئي سٽون پياريون رھيون ھونديون. اسان سڀني سنڌين جي جيون درشٽي شاھ لطيف جي اھڙين سٽن مان ٺھي آھي. مون ڏٺو، مٿي ڪٿي ذڪر ڪيل ”شاھ مان چونڊ“ ماڻڪ، موتي، لال واري فھرست مان ۳۰ سٽون منھنجيءَ ان فھرست ۾ دوھرايل آھن. ارٿات، اِڪائي ۽ ڏھائيءَ جي ٻن جڳھين تي ساڳيو انگ ۳ آھي. ۽ اڪائيءَ وارو انگ ۳ منھنجن پيارين ٽن سٽن ڏانھن ۽ ڏھائيءَ وارو انگ ۳ منھنجين ۽ ٻين سڀني جي پيارين سٽن ڏانھن اشارو ڪن ٿا. خاص منھنجين ٽن سٽن وارا ٽي بيت آھن:
    سنھيءَ سئيءَ سبيو، مون ماروءَ سين ساھ،
    ويــٺــي ســاريـان ســـومــرا! گـــولاڙا ۽ گـاھ،
    ھـنـئـون منھنجو ھت ٿيو، ھت مٽي ۽ ماھ،
    پـکــن منجھ پـسـاھ، قـالـب آھــي ڪــوٽ ۾.
    (سُر مارئي، داستان ۷، بيت ۱۲)
    محروم ئي مري ويا، ماھر ٿي نه مئا،
    چـڙيءَ جـيـئن چھنج ھڻي، لڏيائون لُئا،
    حـبـاب ئـي ھــئــا، انھـيءَ واديءَ وچ ۾.
    (سُر آسا، داستان ۴، بيت ۳)
    مون سڏيندي سڏڙا، ساٿي سڏ نه ڏين،
    ولھـيءَ جـي وٿـاڻ تـي، توڏ نه تنوارين،
    ھـيــڏا ھـاڃــا ٿـيـن، بـري ھـن ڀـنڀـور ۾.
    (سُر حسيني، داستان ۴، بيت ۱۰)
    ھاڻي مان پنھنجي اڳ ۾ ڪيل واعدي مطابق ان سوال جو جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس ته شاھ لطيف جھڙن ڪجھ شاعرن جي شاعريءَ ۾ quote-ability يا اقتباس پذيرائي ڇو ھوندي آھي؟ اميد ته ھيستائين ايندي ايندي اوھان کان شاھ لطيف جو ھيٺيون اُھو بيت نه وسريو ھوندو، جو مون ۱۳ جولاءِ ۱۹۸۷ع تي جي ايم سيد صاحب جي نذر ڪيو ھو:
    حبيبن ھيڪار، منجھان مھر سڏ ڪِئو،
    سو مون سڀ ڄمار، اورڻ اھو ئي ٿيو!
    جي ايم سيد سان گفتگوءَ جي حوالي ۾ ان بيت جي ھڪدم واري تڪڙي معنى اھا نڪري ٿي ته ھن صاحب ھڪوار مھر وچان مون کي پنھنجو بڻايو ته مون لاءِ اُھو اھڙو اھم واقعو ھو، جنھن جو پنھنجي باقي حياتيءَ ۾ بار بار ذڪر ڪرڻ مون لاءِ سڀاويڪ ٿي پيو آھي. اھا معنى موجودھ حوالي ۾ منھنجو نڪته نگاھ کان ڪھڙي معنى ۾ آھي. ليڪن جنھن شاعر شاھ لطيف اھو بيت چيو آھي، تنھن شاعر شاھ لطيف جي نڪته نگاھ ۾ ڪھڙي معنى آھي؟ اھا معنى ڪافي اونھي آھي ۽ ڪافي وسيع آھي. اُن ۾ اونھائي ۽ وسعت ٻيئي وصفون آھن. شاھ لطيف چوي ٿو ته جنھن شخص سچ جو مشاھدو ماڻيو آھي، ته ان شخص لاءِ اھو مشاھدو زندگي جي انيڪ اسٿتيئن (حالتن طريقن) مان لياڪا پائي ٿو. انيڪ اسٿتيئن سان لاڳو ھجي ٿو. ھڪوار زندگيءَ جي سچ تائين رسائين زندگيءَ جي جدا جدا صورتحالن سان ثابت قدم رھي وابسته ھجي ٿي. اسان کي مشاھدي ماڻيندڙ جا قول زندگيءَ جي نانا (گوناگون) اسٿتيئن سان ٺھڪندڙ لڳن ٿا.

    ***


    آيتون آهين (الف-بي وار چونڊ پهاڪا ۽ چوڻيون) : ڪريم بخش خالد

    شاھ لطيف جو رسالو، سنڌ جي تاريخ جو ثقافتي ماخذ آھي. سنڌي معاشرت جو منجھس مانڊاڻ آھي ۽ زبان جو ايترو وسيع ۽ ڪثير ذخيرو، جو شايد دنيا جي ڪنھن به شاعر جي ڪلام ۾ ايترا محاورا، ضرب الامثال، پھاڪا، وقت سر ۽ موضوع جي مطابق دلي مدعا بيان ڪرڻ لاءِ معياري ادبي فقرا ملي سگھن، پر افسوس آھي جو سنڌي زبان ازل کان جغرافيه حدبندين جو شڪار رھندي پئي آئي آھي، ان ڪري ان جي سمجھڻ ۽ لکڻ پڙھڻ جو دائرو به محدود رھيو ۽ ان جي حدبنديءَ جو اثر مشرق جي شاعر اعلى شاھ عبداللطيف ڀٽائي ۽ سندس پيغام تي به پيو.
    سال ۱۹۶۲ع ۾ مرتب ڪيل ڪتاب ”گلستان لطيف“ ۾ رسالي جو انتخاب شامل ڪيو ھيم ۽ ھن ڀيري رسالي جي ادبي سمنڊ مان ڪي جرڪندڙ ۽ آبدار موتي پيش ڪريان ٿو. ھن انتخاب ۾ پاڪيزو، صحتمند ۽ افادي ادب آھي، زبان جون خوبيون آھن، من جون مرادون، طلب ڪرڻ جون دعائون آھن، انساني قدرن جي اپٽار آھي، اخلاق جا آئينا آھن، عبديت جي اظھار ۽ قادر جي ڪارسازي قدرت ۽ ڪرم گستريءَ جا لافاني نڪتا آھن.
    اھا حقيقت آھي ته ”رسالي“ جو ھن قسم جو الف بي وار آئينو، محترم ڪلياڻ آڏواڻيءَ جي مرتب ڪيل ”رسالي“ ۾ شامل آھي، پر مون ان ۾ نه فقط اضافا ڪيا آھن پر ترتيب ۾ اھڙي تبديلي آندي آھي، جو موجودھ صورت ۾، اھو آئينو ھر رسالي جي نسخي مان مطلوبه بيت ڳولھڻ ۾ معاون ٿي سگھي ٿو. چراغ مان چراغ روشن ٿيندو آھي. اميد اٿم ته ڪو اھل علم ۽ صاحب قلم ان کي وڌيڪ تابناڪ ۽ ڪارآمد بنائڻ جو سعيو ڪندو.

    (الف)
    ابو ڏاڏو گھور، پاڻ سوڌو پرينءَ تان. ليلا چنيسر ۱۴-۳
    اڀي اوسڙان اس ۾، جھليو ڪن ڪنار. گھاتو ۸-۱
    اتي اڻتارن، ساھڙ! سير لنگھاءِ تون. سھڻي ۱۱-۲
    اتي وينديس آئون، لوئيءَ لڄ مٿي ڪري. مارئي ۸-۲
    اٿي اسارا! وير وڙھنديءَ ويسرا. سريراڳ ۲-۵
    اٺئي پھر اجل جو، ڪنڍو منجھ ڪپار. سورٺ ۱۵-۲
    اجل ايندءِ اوچتو، جو سدا ٿو سُڄي. سريراڳ ۴- وائي
    اڄ آديسي مر! صباح مرندو سڀ ڪو. رامڪلي ۱۲-۹
    اڄ ڪِ سنجھ صباح، نيئي ڌريندءِ ڌوڙ ۾. مومل راڻو ۳-۵
    اڄ منھنجي يار، وسڻ جا ويس ڪيا. سارنگ ۳-۳
    اچي سار لھيج، ساجن سور تماري آئون ماري. يمن ڪلياڻ ۲-وائي
    ادب ۽ اخلاص جا، سڙھ ٻڌج سوري. سريراڳ ۱۱-۶
    آدم تائين اپيو، ھوءِ جا کڄي منجھان کڏ. رپ ۱-وائي
    آدمين اِخلاصُ، مٽائي ماٺو ڪيو. بروو سنڌي ۴-۳
    آديسين ادب، آھي اکڙين جو. رامڪلي ۱۲-۷
    اڌر، نڌر، اڀري، اسونھين آھيان. آبري ۱-۸
    آڌر لڳ الله، ويلو ڪر مَ وچ ۾. پورب ۲-۱
    آريون اٻوجھن جون، سپڙ ڄام سھي. پرڀاتي ۱۰-۱
    آسر مَ لاهيج، سڄڻ ٻاجھيندڙ گهڻو. ليلا چنيسر ۲۲-۲
    آسر هڏ مَ لاھ، ڇنڻ ڳنڍڻ اُن جو. ڪلياڻ ۱۸-۳
    اسين سِڪون جن کي، سي تان اسين پاڻ. آسا ۸-۴
    اک الٽي ڌار، ونءُ الٽو عام سين. آسا ۲۱-۲
    اکر پڙھ الف جو، ٻيا ورق سڀ وسار. يمن ڪلياڻ ۲۹-۵
    اکيون سي ئي ڌار، جن سين پسين پرينءَ کي. آسا ۲۳-۲
    اکين کي آهين، عجب جهڙيون عادتون. آسا ۶-۲
    اکين کي آهين، وڏا وجھ وڙھڻ جا. آسا ۱۷-۲
    اکين ۾ ٿي ويھ، ته آئون واري ڍڪيان. آسا ۱۴-۳
    آگو عيب اوھان جا، ڍڪيا ڳجھ ٻجھي. سريراڳ ۴-وائي
    اڳ اڳرائي جو ڪري، خطا سو کائي. يمن ڪلياڻ ۱۶-۸
    اگهيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي. سريراڳ ۱۱-۴
    اگھن مڙي اڄ، ڪيو سڏ صحت کي. يمن ڪلياڻ ۱۹-۲
    الا! اچن اوءِ، جن آئي من سَرهو ٿئي. ديسي ۵-۳
    الا! ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن. ليلا چنيسر ۶-۲
    الله جئن نالوءِ، تئن مون وڏو آسرو. ڏھر ۱۸-۲
    الڙي آڇ مَ تون، واٽاڙن وائي. يمن ڪلياڻ ۸-۱
    الوداع، وو! الوداع، جاني ڪيوءِ جدا! سورٺ ۴-وائي
    امل ڀانئيان ان کي، ساڄن مون کي جا چئي. معذوري ۵-وائي
    امن آھي ان کي، جو منجھ الله اجھي. سريراڳ ۴-وائي
    اِن در سيئي اگھيا، جن وڃايو وجود. سريراڳ ۱-وائي
    انت نه ڏجي عام کي، لوڪان ڪجي لڪ! سريراڳ ۶-وائي
    اندر آئينو ڪري، پر ۾ سو پسيج. سھڻي ۱۲-۷
    اَندرُ تون اُجار، پنا پڙهندين ڪيترا! يمن ڪلياڻ ۲۹-۵
    اندر جنين اُڃ، پاڻي اُڃيو ان کي. سسئي آبري ۸-۱
    انڌا، اونڌا، آکڙيا، سڀ نباھي نيندو. بلاول ۴-وائي
    انڌو ٿي پسيج، مشاھدو محبوب جو. کاھوڙي ۱۶-۳
    انين جا امر، کڻ ته خالي نه ٿئين. سريراڳ ۱-۱
    اَڻَ چوندن مَ چئه، چوندن چيو وسار. يمن ڪلياڻ ۲۱-۸
    اوڏايان اوڏو گهڻو، ڪهڙا ڪرئين سڏ. رپ ۱-وائي
    اوڳڻ، عيب، مَٺايون، ڍولا! ڍڪ سڀيئي. ليلا چنيسر ۱-وائي
    اوڳڻ ڪري اپار، تو در آيس، داسڙا! ليلا چنيسر ۶-۳
    اول آخر آهي، هلڻ مُنهنجو هوت ڏي. ڪلياڻ ۱-۱
    اوليءَ ۾، عبداللطيف چئي، سڄڻ ڏيندو سڏ! رپ ۱-وائي
    اونائيج عليل جو، سٻاجھا! سوال. سورٺ ۱۰-۲
    اھل اباڻن کي، مري شال ملھائيان! مارئي ۸-۳
    آهي اگھاڙين کي، جانب جو جنسار. حسيني ۲-وائي
    آھي انگ امل، ماٺ تنھنجي مينڌرا! مومل راڻو ۱۹-۸
    آهي گهڻو اگھن جو، ترس طبيبن. يمن ڪلياڻ ۴-۲
    آھي موت مڙن تي، گوڙيون ڪيو گجي. سريراڳ ۴-وائي
    آھيان گھڻو اڄاڻ، ڀر، ڀليرا سپرين! سھڻي ۲۲-۸
    آئون اوھان جي آهيان، بندي بي سمر. حسيني ۱۳-۱۰
    آئون پيادي پٽئين، نماڻي نڌر. ديسي ۱۲-۵
    آئون جنين جي آهيان، ڪڙي مَ ٿيان تن. يمن ڪلياڻ ۵-وائي
    آئون ڪئن سوڙين سمهان، مون ور گهاري ول. مارئي ۱۳-۳
    آئون ڪئن لوئي لاهيان، ڪارڻ ٻن ڏينهان؟ مارئي ۷-۳
    آئون نماڻي نڪڻي، دمج تون دلدار. ديسي ۷-وائي
    اِي اھو ئي کيل، ڪور پروڙي ڪين ڪي. آسا ۲۶-۳
    اِي نه مارن ريت، جئن سيڻ مٽائينِ سون تي. مارئي ۱۱-۳
    ايڪ قصر، در لک، ڪوڙين ڪڻس ڳڙکيون. ڪلياڻ ۲۰-۱
    ايندم جان پيھي، ته سڀ لاھيندم ڏکڙا. سامونڊي ۳۷-۱

    (ب)
    بر ۾ بورائو، کڻ، پياري! پاڻ سين. حسيني ۲۵-۱۲
    برو هو ڀنڀور، جو آرياڻيءَ اُجاريو. حسيني ۱۱-۳
    بک انين جي بکيا، ڌوڙ انين ڌوپ. رامڪلي ۳۶-۹
    بک وڌائون بگريين، جوڳي ڪندا جُڃَ. رامڪلي ۱-۹
    بغل منجھ بندوق، ماريءَ ميرا ڪپڙا. ڏھر ۱۸-۴

    (ٻ)
    ٻَڌ توڪل جو ترھو، آھر ساڻ الله. سھڻي ۹-۷
    ٻڌي گوڏ گرٿ، ساٽو ڪجي سور جو. حسيني ۳-۶
    ٻڪي ڏيندم ٻاجھ جي، اچي شال عجيب. ڪلياڻ ۴-وائي
    ٻاروچا ٻيا گھڻا، منھنجو اجھو آرياڻي. حسيني ۲۷-۱۲
    ٻيا در تن حرام، اي در جنين ديکيو. ڪلياڻ ۹-۳
    ٻيا در وڃي مَ ووڙ، اي امل اتائين سپجي. ڪلياڻ ۸-۵
    ٻِيائيءَ کي ٻک، جن وڌو سي ورسيا. ڪلياڻ ۱۲-۱
    ٻيڙي تنھنجي ٻاجھ، وکر تنھن وصال جو. سريراڳ ۶-۳
    ٻيڙي پراڻي، وکر پاءِ مَ وترو. سريراڳ ۷-۳

    (ڀ)
    ڀڄي آئين ڀڄڻا! لڄائيءَ مون يار! ڪيڏارو ۱۲-۳
    ڀڳي پڄاڻان، پد مان پري ٿيو. سريراڳ ۱۷-۴
    ڀنگا جنين ڀينگ، صاحب تنين سامھون. رامڪلي ۴-۹
    ڀليو سڀ ڀنڀور، جو پٺيءَ ھوت نه ھليو. حسيني ۹-۳
    ڀيرو ڀڃ مَ ڪاپڙي! لاھي وھ مَ لاڳ. مومل راڻو ۴-۷

    (ت)
    تان ڪي ڏونگر ڏوريان، جان ڪڙھ اندر ساھ! سامونڊي ۱-وائي
    تانگهي ۾ تاڻي، ٻڌ پنهنجو ترهو. سريراڳ ۱-۶
    تتيءَ ٿڌيءَ ڪاھ، ڪانهي ويل ويهڻ جي. حسيني ۱۸-۲
    تڏھن ڦڪيون فرق ڪن، جڏھن امر ڪريو ان کي. يمن ڪلياڻ ۴-۱
    ترھو تنين بار، عشق جنين کي آڪرو. سھڻي ۳۱-۱
    تن تسبيح، من مڻيو، دل دنبورو جن. آسا ۴۷-۴
    تن جنين جي تانگھ، سي سڄڻ سفر هليا. سامونڊي ۲۵-۱
    تن منجھ تنوار، ھو! يار! سدا آھي سڪ جي. سسئي آبري ۱-وائي
    تہ ڪھڻيءَ ڪبو ڪوھ، جہ رھڻيءَ رھيو نه سپرين. يمن ڪلياڻ ۳۰-۵
    تو تيڏانھن پنڌ، جيڏانھن عالم آسرو. کنڀات ۶-۲
    تو تي لڄ لطيف چئي، آھي سندي عام. سسئي ۷-۶
    تو جنين جي تات، تن پڻ آهي تنهنجي. ڪلياڻ ۱۳-۳
    تو جئن ڪري نه ڪوءِ، بُڇن سان ڀلايون. سريراڳ ۳-۴
    تو ور! وھون ڪيتريون، مون ور تون وري. ليلا چنيسر ۱۳-۳
    توبه جي تاثير سين، ٽري ويا طوفان. سريراڳ ۵-۲
    تون اوڍر، تون اوڍڪو، تون اجھو، تون اڳ. بلاول ۳۱-۳
    تون پارس آ لوھ، جي سَڃين، ته سون ٿيان. پرڀاتي ۲۳-۱
    تون حبيب، تون طبيب، تون درد جي دوا. يمن ڪلياڻ ۱-۱
    تون ڏئين، تون لاھئين، تون ئي ھادي رب. يمن ڪلياڻ ۳-۱
    تون سپڙ، آ سيڪڙو، تون صاحب، آ سڳ. پرڀاتي ۲۳-۱
    تون سمو، آ گندري، مون ۾ عيبن لک. ڪاموڏ ۵-۱
    توڻي تڙئين تون، يا الا، تو در توءِ نه ڇڏيان. کنڀات ۲-وائي
    توڻي لھين نه پير، تو راحت آھ رڙھڻ ۾. معذوري ۴-۴
    تھڙا چاليھا نه چاليھ، جھڙو پسڻ پرينءَ جو. يمن ڪلياڻ ۳۳-۵
    ترھو آڇ مَ تن کي، جن عشق سين آگاھ. سھڻي ۳۳-۱
    تڙ تڪڙ تار گھرڻ، ايءُ ڪاڻيارن ڪم. سھڻي ۱-۳

    (ٿ)
    ٿي ٻانھي، ڀر اوئيون، لڏ مَ پسي لڪ. معذوري ۹-۶
    ٿيا نيڻ نھال، جنين دلبر ديکيو. آسا ۱۱-۲

    (ٽ)
    ٽڪ ونگي، ور گھڻا، ڪئا ڪڄاڙو. ڪاپائتي ۲۱-۱
    ٽڪاڻا ۽ ٽول، وسہ، مون وھ ٿيا. مومل راڻو ۱-۷
    ٽمو مَ نيڻاھ! ته پير نھاريان پرينءَ جو. معذوري ۶-۲

    (ٺ)
    ٺاڪر اکيين ٺار، مڻئي تي ٿي مٽئين! ليلا چنيسر ۳-۱

    (ث)
    ثابت لنگھيا سير، لھرين لوڏيا ڪينڪي. سريراڳ ۹-۵

    (پ)
    پاڇاهي نه پاڙيان، سرتيون! سئيءَ ساڻ. مارئي ۱۴-۷
    پاند مَ ڇڏج پرينءَ جو، پھين جو پاتار. سھڻي ۹-وائي
    پاڻُ مَ کڻج پاڻ سين، وسيلا وسار. سھڻي ۳۶-۱
    پاڻھين خلقي خوب، پاڻھين طالب تن جو. ڪلياڻ ۱۷-۱
    پاڻيءَ مٿي جهوپڙا، مورک اڃ مرن. سسئي آبري ۹-۱
    پائي تراڙيءَ توريان، ته ملڪ نه تنھنجو مٽ. مومل راڻو ۱۶-۶
    پائي ڪان ڪمان ۾، ميان! مار مَ مون. يمن ڪلياڻ ۱۰-۶
    پايو منھن مونن ۾، غربت گذار. يمن ڪلياڻ ۲۱-۸
    پتنگ چاھين پاڻ کي، پسي مچ م موٽ. يمن ڪلياڻ ۱۲-۳
    پٿون جي پاتار، ھنج تنين جو ھيرئون. ڪارايل ۳-۱
    پچڻ گھڻا پچايا، تون پچڻ کي پچاءِ. يمن ڪلياڻ ۱۰-۳
    پڇ پتنگن کان، سنديون کامڻ خبرون. يمن ڪلياڻ ۹-۳
    پڇن جي ميهار کي، پڇي سي ميهار. سھڻي ۳۱-۲
    پِريان سندي پار جي، مڙئي مٺائي. ڪلياڻ ۱۱-۳
    پريم! تنھنجا پار، ڪھڙا چئي ڪھڙا چوان. ڪلياڻ ۲۱-۱
    پرين سي پسن، ٻئي جنين ٻوٽيون. آسا ۱-۳
    پڙاڏو سو سڏ، ور وائيءَ جو جي لهين. ڪلياڻ ۱۹-۱
    پڙهيو ٿا پڙهن، ڪڙهن ڪين قلوب ۾. يمن ڪلياڻ ۲۷-۵
    پسي لھس نه لڇيا، سڙيا مٿي سچ. يمن ڪلياڻ ۱۳-۳
    پکن جي پِريت، ماڙيءَ سين نه مٽيان. مارئي ۱۱-۳
    پکو پنھنجي پرينءَ لاءِ، سبي ڪر ساڄو. سارنگ ۹-۴
    پنو سو پڙھن، جنھن ۾ پسن پرينءَ کي. يمن ڪلياڻ ۱۷-۵
    پنهونءَ ڌاران پٻ ۾، ٻيلي ناھ ٻڻي. سسئي آبري ۷-وائي
    پڻي جا پيرن جي، لڱن کي لايان. ديسي ۷-۳
    پهرين ڪاتي پاءِ، پڇج پوءِ پريتڻو. ڪلياڻ ۱۰-۲
    پي پيالو اڃ جو، اڃ سين اڃ اجھاءِ. سسئي آبري ۵-۱
    پيرين وجھي ھٿڙا، زاريون زور ڪريج. مومل راڻو ۶-وائي
    پيڪن سوڌو پاڻ، گھر تڙ گھوريان پر تان. مومل راڻو ۱۳-۶
    پيھي پن پاتار ۾، جت ڳڙھ گنگا جو راءِ. بلاول ۱۵-۲
    پيھي جا پاڻ ۾، ڪيم روح رھاڻ. سسئي آبري ۲-۵
    پئي جا پرڀات، سا ماڪ م پسئو ماڻھئا. ڏھر ۱۶-۳

    (ڦ)
    ڦٿل سي ڦوڳي، جن شڪم سانڍيا. رامڪلي ۱۶-۴
    ڦري آءُ فراق! مون کي وصالان وچ ٿيو. حسيني ۱۲-۵
    ڦريا پسي ڦيڻ، کرين کير نه چکيو. ڏھر ۲۰-۳
    ڦڪي فقيرن، ماڳيان پني ماٺ جي. رامڪلي ۸-۷
    ڦير مَ ھنئون ڪنڌ، ڪياڙي، ٿيندءِ ھاج ھٿائين. پرڀاتي ۱-وائي

    (ج)
    جا پر پاڻيءَ لوڻ، سا پر منھنجي ڄندڙي. حسيني ۶-۶
    جا جئاري جوڳين، سا ماڙھڻ مصيبت. رامڪلي ۴-۱۲
    جا چتايم چت ۾، سڄڻ سا ٿو ٻجھي. ڪلياڻ ۱-وائي
    جا سنھو نه سکي، سا مر رنڍا ئي روڙي. ڪاپائتي ۲۹-۱
    جا نوازي اھنجي نام، سا ھوت! مَ ڇڏج ھيڪلي. سسئي آبري ۷-۶
    جان جان پسين پاڻ کي، تان تان ناه سُجودُ. آسا ۱۲-۱
    جان جان دعوى دم، تان تان پرت پنوھار سين. مارئي الف م-۱۷
    جان جئين تان جل، ڪانهي جاءِ جلڻ ري. حسيني ۱۷-۲
    جاني آيو جوءِ ۾، ٿيو قلب قرار. سارنگ ۴-۱
    جاڳيا جي جبار لئه، سيئي سمانا. سريراڳ ۱-وائي
    جايون، گل، جبات، وڻ، تو رءَ ڪوماڻا! مومل راڻو ۱۰-۷
    جت ڪڙم نه قبيلا، ات رسج، رھبر! راھ ۾. سسئي آبري ۹-۲
    جتي پرينءَ حضور، تتي، رنگ نه روپ ڪو. کاھوڙي ۱۵-۳
    جتي عرش نه اڀ ڪو، زمين ناھ ذرو. رامڪلي ۵۵-۹
    جر ٿر تک تنوار، وڻ ٽڻ وائي هيڪڙي. سھڻي ۱-۹
    جسي ۾ جبار جو، خفي خيمي کوڙ. يمن ڪلياڻ ۸-۵
    جفا ڏيئي جي کي، ٿي فڪر منجھ فنا. سريراڳ ۱-وائي
    جلي تون زبان سين، چار ئي پھر چور. يمن ڪلياڻ ۸-۵
    جن جي ساھڙ ساڻ صلاح، سي ڪين ٻڏنديون ڪڏھن. سھڻي ۹-۷
    جن کي حب انھين جي آ، ساھڙ ساڻي تن جو. سھڻي ۴-۵
    جن کي عشق جي اُساٽ، سي واهُڙ ڀانئن وکڙي. سھڻي ۴-۳
    جن نه ماري ميس، ناٿ نه نمي تن کي. رامڪلي ۱۰-۶
    جنهن کي ساڻ پريان جا سُور، تنهن کي ندي ناھ نگاھ ۾. سھڻي ۲-۳
    جنهن کي سڪ ساهڙ جي، سا گهايل، گهر نه گهاري. سھڻي ۶-وائي
    جنين ٽڪ نه مالھ، سرھيون سي صراف سين. ڪاپائتي ۳۰-۱
    جنين مٿي مامرا، سي ڪيئن سک سمھن.
    جو تون ڏورئين ڏور، سو سدا آھي ساڻ تو. سسئي آبري ۸-۳
    جو نوازي ڏڏ، آسر لاھ مَ ان جي. رپ ۱-وائي
    جو وڙ جڙي جن سين، سو وڙ سيئي ڪن. سريراڳ ۴-۴
    جهڙا اچن ڏينھنڙا، تھڙا ويٺي گھار. مارئي الف م-۵۱
    جهڙو ڏسڻ ڏوھ کي، تهڙو تن ثواب. رامڪلي ۱۳-۳
    جئن ٿا پڇن ان کي، تئن جي پڇن الله. رامڪلي ۸-۹
    جئن جئن ورق وارئين، تئن تئن ڏٺو ڏوھ. يمن ڪلياڻ ۳۰-۵
    جئن جئن ٿا جھلين، تئن تئن ٿو تاڪيد ٿئي. يمن ڪلياڻ ۳۰-۵
    جئڻ ناھي جڳ ۾، ڏينھن مڙيئي ڏون. ڪلياڻ ۲-وائي
    جئڻا اڳي جي جئا، جڳ جڳ سي جيئن. معذوري ۸-۴
    جي اوسيڙي آڌيءَ اٿن، تنين واڳ وري. رامڪلي ۴-وائي
    جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهينِ. سھڻي ۲۵-۶
    جي تون آسايتو آئيو، ته چائنٽ ٻي مَ چور. بلاول ۸-۳
    جي ڀانئين جوڳي ٿيان، ته ڪين پيارو پيءُ. رامڪلي ۷-۴
    جي فارسي سکيو، گولو، توءِ غلام. آسا ۲۳-۴
    جي ساھڙ کي سڪن، تنين جر جنڊ ٿئي. سھڻي ۳۲-۱
    جي سمنڊ منھن ڪيان، توءِ سرڪيائي نه ٿئي. سھڻي ۱۱-۶
    جي لھوارو لوڪ وھي، تون اوچو وھ اوڀار. آسا ۲۱-۲
    جي ليلائي نه لهين، ته پڻ ليلائيج. ليلا چنيسر ۳۳-۵
    جي ماسو جڙيئي مال، ته پوڄارا! پر ٿئين. سريراڳ ۳-۲
    جي ورق وارين ويھ، ته اکر اھو ئي ھيڪڙو. يمن ڪلياڻ ۳۳-۵
    جي ھٿان ھوت مڙن، ھوت تنين جي ھنج ۾. معذوري ۱۴-۶
    جي ھوا اوڳڻ ڪنئي، اسونھين! ته تون ڳڻان ئي ڳن. يمن ڪلياڻ ۱۰-۸
    جي ھو چونس”ٻوڏ!“ ته ”جي“ سڻائي جڳ کي. حسيني ۳۲-۲
    جيءُ سڀ ڪنھن جيءَ سين، درسن ڌارون ڌار. ڪلياڻ ۲۱-۱
    جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن صاحب سامهون. ڪلياڻ ۲۰-۱
    جيڏو تنهنجو نانءُ، ٻاجھ به اوڏيائي مڱان. ڏھر ۲۳-۲
    جيڪي ڏنائون، سو سر ڏيئي سھ جندڙي! يمن ڪلياڻ ۹-۸
    جيڪي طالب تات جا، تات به تنين وٽ. حسيني ۲۲-۱۰
    جيڪي فراقان، سو وصالان نه ٿئي. حسيني ۱۱-۵
    جيڪي منجھ جھان، سو تاريءَ تڳي تنھنجي. سريراڳ ۱-۲
    جيڪي وھي وجود ۾، صاحب سو سمجھي. سريراڳ ۴-وائي
    جيهي جي تيهي، ته به ٻانهي ٻاروچن جي. ڪوھياري ۸-۳

    (ڄ)
    ڄاڻين ته به نه ڄاڻ، اي در اٻوجھن جو. پرڀاتي ۱۴-۱

    (جھ)
    جھيڻو ڳالھائيج، پيرين وجھي ھٿڙا. کنڀات ۵-۲

    (چ)
    چُپ سين جي چوَن، ادب ڪجي ان جو. مومل راڻو ۱۳-۸
    چکيم چڱائي، سورانگھي سوريءَ تان. ڪلياڻ ۱-۲
    چڱا ڪن چڱايون، مَٺايون مَٺن. سريراڳ ۴-۴
    چميو، چُمُ چائٺ، ھوءَ جا سندي سڄڻين. سامونڊي ۴۴-۱
    چنڊ! تنهنجي ذات، پاڙيان تان نه پرينءَ سين. کنڀات ۱۴-۱
    چوندن ڪيم چئيج، ويڻ ورائي سامهون. يمن ڪلياڻ ۲۰-۸
    چوڻ چارو ناھ ڪو، بديون بيشمار. سريراڳ ۱۲-۲

    (ڇ)
    ڇپون ڇپر کٽ، پھڻ پٿراڻيون ڀانيان. حسيني ۵-۵
    ڇڏ آسانگا ارواح جا، لاھوتي لاھي. يمن ڪلياڻ ۱۸-۶
    ڇلان، منجھ نه ڇاڪ، پران، پونم پرڪڻا. سسئي آبري ۱۸-۴
    ڇنڊيان کِہ اکين سين، پيرين وجھان ھٿ. ليلان چنيسر ۳-وائي
    ڇنن توءِ مَ ڇن، پاءِ اميري ان سين. يمن ڪلياڻ ۱۰-۸

    (ح)
    حاذق آھئين جو، اچين شال، عجيب. سسئي آبري ۴-وائي
    حال قربان، مال قربان، گھوريان لڊاڻو. مومل راڻو ۱۶-۵
    حقيقت ھن حال جي، جي ظاھر ڪريان ذري. ڪوھياري ۵-۵
    حوصلو، حيرت ۾، ڪري ڪين درڪ. آسا ۲۷-۳

    (خ)
    خاص خليلن کي، سختيون سھائي. ڪيڏارو ۱۰-۲
    خاڪ، مٽي ڪابان، ڪاٽيا پوءِ ڪجھ نھين. سورٺ ۵-۴
    خالق! تنھنجي کانڌ جو، پرو پاند نه ڪوءِ. ڏھر ۱۸-۲
    خالق! چؤ مَ تون، مَ ڪي چؤ مخلوق. ڪلياڻ ۱۴-۱
    خدمت ڪر خلق سين، پاند ڳچيءَ ۾ پائي. آسا ۴-وائي

    (د)
    دائم دونھين دل ۾، من سين مالھا وار. رامڪلي ۹-۴
    در داتا مڱ، مڱتا! ٻئي جي ڪڍ مَ ڪاڻ. بلاول ۱۳-۲
    دلبر! ھن دنيا ۾، وڃي رھندو واس. بروو سنڌي ۱۴-۱
    دل جو دلبر ھيڪڙو، گھڻا تان نه ڪجن. بروو سنڌي ۷-۳
    دنيا تنھن دوست تان، فدا ڪريان في الحال. بروو سنڌي ۱۴-۱
    دوس! مٺا دلدار! عالم سڀ آباد ڪرين. سارنگ ۱۲-۴
    دوست ڪُهائي دادلا، محب مارائي. ڪيڏارو ۱۰-۲
    ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪهڙا پرين. ديسي ۱۲-۱

    (ڌ)
    ڌريان ئي ڌاريا، مٽ مئيءَ جا نه ٿيا. ديسي ۱۳-۱
    ڌوڌا! ٿيءُ مَ ڌار جم. يمن ڪلياڻ ۱۸-۳

    (ڏ)
    ڏات نه آھي ذات تي، جو وھي سو لھي. پرڀاتي ۱۰-۱
    ڏاتار ته تون، ٻيا مڙئي مڱڻا. پرڀاتي ۲۶-۱
    ڏڏ ٿي ڏان گھريج تون، ڇڏ وڄا وڃائي. پرڀاتي ۱۵-۱
    ڏسڻ ۾ ڪر ڏور، حد ٻنين جي ھيڪڙي. حسيني ۲۴-۱۹
    ڏک سکن جي سونھن، گھوريا سک ڏکن ري! حسيني ۲۴-۶
    ڏکي! ڏک وسار، سيج ڦٽي ڪر، سسئي. معذوري ۶-۶
    ڏمريو ته ڏئي، پرچي تان پاٽ ڀري. بلاول ۱۶-۲
    ڏوريان ڏوريان مَ لھان! شال مَ ملان ھوت! حسيني ۱-۷
    ڏينھن مڙيئي ڏون، اٿي لوچ لطيف چئي. مومل راڻو ۴-۵
    ڏينھان گھارئين ڏم سان، راتيان ساڻ ملھار.

    (ڊ)
    ڊڄان ڀر فراق، متان پونم پرينءَ سين. حسيني ۱۰-۵
    ڊڄي ڊاءِ ڌڻي، جي، جيڪو ڀيءُ ڀڄي. سريراڳ ۴-وائي

    (ڍ)
    ڍَڪين ڍڪڻھار! ڏيئي پاند پناھ جو. ڏھر ۲۵-۲
    ڍڪي، ڍول! گذار، لڄ منھنجي لوڪ ۾. ليلا چنيسر ۹-۳
    ڍولا! ڍيل مَ مون، ڪانڌ! ڪميڻي آھيان. ليلا چنيسر ۱۰-۳
    ڍولي ڍڪي آھيان، ھيس اگھاڙي. مومل راڻو ۹-۸
    ڍوليا! ڍڪڻ ٿيءُ! ڪامل! ڪچاين جو. مومل راڻو ۸-۸

    (ذ)
    ذوق زمانو، مون، ور! ويو وسري. سسئي آبري ۸-۱۰

    (ر)
    راتيان جاڳڻ، صاحب سنڀالڻ، اي فقيران دا ڪام. يمن ڪلياڻ ۶-وائي
    راتيان ڏينھن روح ۾، تن تونھين جي تات. مومل راڻو ۸-وائي
    راڻا! ھيس ريءَ، تو سائينءَ مون سون ڪيو. مومل راڻو ۸-۸
    رتيءَ علم نه راس، ڌاران پسڻ پرينءَ جي. سسئي آبري ۸-۵
    رءَ ٿنڀين، رءَ ٿوڻي، تون ڇپر، تون ڇانءَ. ڏھر ۲۳-۲
    رئان، تان راند، کلان، تان کامي ھنيون. حسيني ۸-۶
    ري قريبن توت ڪيو، ويٺي ورهه مران. ڪوھياري ۱-۵

    (ز)
    زاريءَ ڌاران زور، هلي ڪو نه حبيب سين. ديسي ۱۸-۴

    (س)
    سا ڪا ھڙ ھلاءِ، آڳھ جنھن جي ايھين. سريراڳ ۴-۳
    سا مجلس ئي مَٽ، جي حاصل ھوءِ ھزار جو. يمن ڪلياڻ ۲۳-۸
    ساجن سونھن، سرت، وکان ئي ويجھو گھڻو. سسئي آبري ۲-۲
    ساڄڻ ترس ري، ”لا“ سين لڏين جي. معذوري ۷-۲
    ساجن سڀ ڄمار، ڏُکي! ڏورج ڏيل ۾. سسئي آبري ۲-۳
    ساڄن سڀنئان سھڻو، سائينءَ جو سوڳنڌ. بروو سنڌي ۱-وائي
    سارج سڀيئي، ليلا! لکڻ پانھنجا! ليلا چنيسر ۱۳-۲
    ساري رات سبحان، جاڳي جن ياد ڪيو. سريراڳ ۲-۲
    ساري رات سبحان، سودو ڪن صاحب سين. سريراڳ ۶-۲
    ساهڙ ڄام سچو، ساڻي ٿيندم سير ۾. سھڻي ۳-۲
    ساهڙ، سا سھڻي، سائر پڻ سو ئي. سھڻي ۳۴-۱
    سامي سو ئي، جنھن جي منھن ۾ منڊ! رامڪلي ۳-وائي
    سائينم! سدائين، ڪرين مٿين سنڌ سڪار. سارنگ ۱۲-۴
    ساڻي جنين سچ، ٻجھان سي نه ٻجھنديون. سھڻي ۱۱-۷
    سائينءَ لڳ، ستار! ميٽ مدايون منھنجيون. ليلا چنيسر ۶-۳
    سٻاجھو ستار! ستڙ سڀيئي ڪري. سريراڳ ۱۹-۲
    سٻر سيءُ پيو؛ نه مون سوڙ، نه گبرو. رپ ۱۰-۲
    سڀ ننگيون ٿي نڪرو، لالچ ڇڏيو لوڀ. معذوري ۳-۲
    سڀ ۾ پنھون پاڻ، ڪينھي ٻيو ٻروچ ري. سسئي آبري ۱۴-۵
    سڀئي سبحان جي، ڪر حوالي ڪم. سريراڳ ۲-۴
    سڀيئي سنئين ڪرين، ڪو مَ منجھائين واٽ! سريراڳ ۱-۴
    ستا! اٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري. ڏھر ۸-۳
    ستَرُ ڪر ستار، آئون اگهاڙي آهيان. ڏھر ۵۲-۲
    سٽ انين جو سڦرو، جي پر ۾ پڃائين. ڪاپائتي - ۹
    سپيريان جي سونهن جو، نڪو قد نه مدُ. آسا ۱-۱
    سج، چنڊ نه پاڙيان، سيڻن جي شبيھ. سارنگ ۸-۴
    سڄڻ سنئيون ڪري، لوڪان ليکي ونگيون. آسا ۲۴-۳
    سڄڻ ماکيءَ ساءِ، ڪؤڙا ٿين نه ڪڏھن. کنڀات ۵۲-۲
    سچ جنين جو سير، تن گر ويٺي ئي گڏيو. رامڪلي ۱۶-۵
    سدا سانوڻ ڏينھڙا، ھئن نه ھونداءِ. سھڻي ۱۹-۳
    سدا شوق پرين جي، ڦران ڦيريدار. پورب ۱-۲
    سڌر منجھان سپرين! مون تان لاھي مَ ھٿ. ليلا چنيسر ۳-وائي
    سرجي تان سور، سامائي، تان سک ويا. حسيني ۱۶-۱
    سِر سانداڻ ڪري، پڇج گھر لوھار جو. يمن ڪلياڻ ۲۰-۳
    سَر ۾ پکي هيڪڙو، پاڙھيري پنجاھ. ڪارايل ۱۸-۱
    سرھيون سي سرتيون، حاضر پاسي حق. مارئي ۱ م- ۲۳
    سسي ڌار ڌري، پڇج پوءِ پريتڻو. ڪلياڻ ۴-۲
    سڪ سڪالي سڪ، سڪ نه آھي سٿري. آسا ۱۷-۳
    سڪڻ ۽ سُوري، ٻئي اکر ھيڪڙي. يمن ڪلياڻ ۷-۷
    سڪيءَ ٻڏن جي، ساھڙ ساڻي تن جو. سھڻي ۲۳-۶
    سکو سپن کان، سرتيون! ريت سڪڻ جي. مارئي ۱۶-۱۰
    سکين ٿي مَ سنري، پسي ڏک مَ ڏر. سسئي آبري ۱۵-۱
    سَگهن سُڌَ نه سُور جي، ته گهايل ڪئن گهارين. يمن ڪلياڻ ۸۱-۱
    سلي سوريءَ چاڙھيا، بيان ڪن نه بات. يمن ڪلياڻ ۸-۲
    سمر جنين نه ساڻ، ھوت حمائتي تن جو. ديسي ۵-۵
    سموري سرڪار، نيئي رکج ناھ ۾. سسئي آبري ۱۷-۷
    سمي جي سھاڳ جي، ڪنھين نه ڪل پيئي. بلاول ۴-۲
    سنجھي مون نه سنڀاليو، صبح ساريم سور. ديسي ۹-۴
    سندو واري ڪوٽ، اڏيو اڏبو ڪيترو؟ ڏھر ۵۲-۴
    سنها ڀانءِ مَ سپ، وياءَ واسينگ جا. ڪارايل ۳-۲
    سنئين نه سياڻان، ناھ اتيئي ان سان. رپ ۶-۲
    سنئين سوالي سمگڻا، تو، داتا! ڏيئي دان. سسئي آبري وائي-۸
    سو پرين، سو پساھ، سو ويري، سو واهرو. ڪلياڻ ۱۸-۱
    سو پکي، سو پڃرو، سو سَرُ، سو ئي هنج. ڪارايل ۱-۲
    سو ھيءُ، سو ھو، سو اجل، سو الله. ڪلياڻ ۸-۱
    سوڍا تو ڳر ساھ، نات راڻا گهڻا راڄ ۾. مومل راڻو ۱۵-۷
    سُور! مَ مٽج ساءُ، آ نه وڪني آھيان. حسيني ۱۲-۶
    سورھَ! مرين سوڀ کي، ته دل جا وهم وسار. ڪيڏارو ۵-۵
    سوري جنين سيج، مرڻ تن مشاهدو. ڪلياڻ ۲-۲
    سوريءَ چڙهڻ، سيڄ پسڻ، اِيءُ ڪم عاشقن. ڪلياڻ ۸-۲
    سو ئي عين عذاب، سو ئي راھت روح جي. ڪلياڻ ۶-۳
    سھ سڀڪا آر، آگي جي ادب سين. رامڪلي ۵-۴
    سھ سيارو، پاڻي پارو، جت جھڙ، جھڪ ۽ جھول. سھڻي ۱۵-۳
    سَهسين سائر ٻوڙيون، مُنڌ ٻوڙيو مهراڻ. سھڻي ۱۸-۶
    سھسين شڪرانه، ڪوڙين ڀال ڪريم جا. سريراڳ ۱-وائي
    سھين جئن سانداڻ، ڌڪن مٿي ڌڪڙا. يمن ڪلياڻ ۲۱-۳
    سئين وھن سير ۾، ماڻڪ، موتي لال. سريراڳ ۳-۲
    سي ستا ئي سونهن، ننڊ عبادت جن جي. آسا ۴۸-۴
    سي مر سڃا ئي سونھن، جن ڀلي ڀينگ ڀرم ۾. مومل راڻو ۲۵-۸
    سيويو جن سبحان، وير نه وڙھي تن سين. سريراڳ ۵-۲

    (ش)
    شال مَ ڇڄي نينهن، گِهڙان، گهوريو ڄندڙو. سھڻي ۱۵-۶
    شڪر، مليا سپرين! جيئري، جاني يار! بروو سنڌي ۵-۳

    (ص)
    صاحبَ تنھنجي صاحبي، عجب ڏٺيسون. ڏھر ۱۹-۲
    صباح سو نه شمار ۾، ليکيان جو اڄ لاٿو. سھڻي ۱-م وائي
    صبر جي شمشير سين، ڪر ڪيني کي قتلام. رامڪلي ۴-۴
    صحبت سپرين جي، مٺي آھي مٺائي. رامڪلي ۶-وائي

    (ض)
    ضايع ذرو نه ٿئي، لکئي منجھان لک. معذوري ۶-وائي

    (ط)
    طعنا ڏنم تور، آءُ، ته پرچون پاڻ ۾. مومل راڻو ۱۱-۶
    طلب نه رکن طعام جي، اوتيو پين اڃ. رامڪلي ۹-
    طھورا تڙين کي، پانڊپ پياريندو. بلاول ۴-وائي

    (ظ)
    ظاھر ۾ زاني، فڪر منجھ فنا ٿيا. يمن ڪلياڻ ۱۶-۵
    ظلمت جا زمين جي، سا نرمل! نور ڪريج. ديسي ۱۶-۷

    (ع)
    عدل ڇٽان آ نه، ڪو ڦيرو ڪج فضل جو. سريراڳ ۱-۲
    عاشق اَجل سامهان، اُونچي ڳاٽ اچن. ڪلياڻ ۱۶-۳
    عاشق چؤ مَ ان کي، مَ ڪي چؤ معشوق. ڪلياڻ ۱۴-۱
    عاشق زهر پياڪ، وِھ ڏسي وهسن گهڻو. ڪلياڻ ۱۳-۲
    عمر سڀ عبث، ويل وڃايم، وقت وڃايم سڀ پانھنجا. سريراڳ ۵-وائي
    عشق اھڙي ذات، جو مانجھي منجھائي. بروو سنڌي ۱-۳
    عشق نه آهي راند، ته ڪي ڪنس ڳڀرو. يمن ڪلياڻ ۱۹-۶
    عَقُل، مَت، شرم؛ ٽيئي نينهن نهوڙيا. سھڻي ۱-۳
    عيبن ڀري آھيان، ستر ڪج، ستار! مارئي ۸-وائي

    (غ)
    غافل! عفلت ڇوڙ! تون ڪيئن اڻاسي! اوجھرين؟ ڪوھياري ۵-۱

    (ف)
    فردا مون ڦٽي ڪئي، وعدي ڏي نه وھان. معذوري ۱-۶
    فڪر سين فرقان ۾، اسم اعظم ڏور. ڪلياڻ ۸-۵
    فڪر ڦرھي ھٿ ۾، ماٺ مطالع ڪن. يمن ڪلياڻ ۱۷-۵
    فنا وجھي فم ۾، ڪارڻ ٿي ڪباب. سھڻي ۱-وائي
    فاني ني فاني، دنيا دم نه هيڪڙو. بروو سنڌي ۸-۲
    فنا ۽ فراق جو، سامين چکيو ساءُ. رامڪلي ۶-۸

    (ق)
    قادر پنھنجي قدرت سين، قائم آھِ قديم. ڪلياڻ ۱-۱
    قادر ساڻ ڪرم، حاصل ڪري حاج تو. سريراڳ ۲-۴
    قضا جا ڪريم جي، ڪنهن تان ڪين ٽري. ڪوھياري ۱-وائي

    (ڪ)
    ڪا مونھين ۾ گھٽ، نات سڄڻ سٻاجھا گھڻا. سامونڊي ۴-۳
    ڪاتي تکي م ٿئي، مر منيائي ھوءِ. ڪلياڻ ۱۲-۲
    ڪاري رات اڇو ڏينھن، اي صفتان نور. کاھوڙي ۱۵-۳
    ڪٿان سکيين سپرين ڪاسائڪي ڪار. بروو سنڌي ۱۰-۳
    ڪڄاڙو ڪھان؟ تو کي حال معلوم سڀڪا. ڏھر ۲۳-۲
    ڪچ ڪمايوم ڪوڙ، ڀڳم عھد الله جا. سريراڳ ۸-۱
    ڪڏھن اچان، اچڻ نه لھان، ڪڏھن ڪوٺيو نين. بروو سنڌي ۱۸-۱
    ڪڏهن پئجي ڪَن ٿي، ڪڏهن ٿجي واتُ. سسئي آبري ۵-۱۱
    ڪڍ تون دغا دل مان، صاحب وڻي سچ. سريراڳ ۹-۱
    ڪڍ ڪائي ڪچ کي، ڪوڙ ڪمائيج. سريراڳ ۴-۱
    ڪرم ساڻ ڪريم جي، سڀ لنگھندا پار. بروو سنڌي ۲-وائي
    ڪر ڪو واڪو وس، وھ مَ مُنڌ ڀنڀور ۾. سسئي آبري ۱۵-۸
    ڪُسڻ جو قرار، اصل امامن سين. ڪيڏارو ۹-۱
    ڪُسڻ قرب جن، مرڻ تن مشاهدو. ڪلياڻ ۱۶-۳
    ڪنڌ ڪٽارو، منھن وٽي، عادت سندين اي. يمن ڪلياڻ ۱۸-۴
    ڪنڌيءَ اڀيون ڪيتريون، ساھڙ ساھڙ ڪن. سھڻي ۹-۱
    ڪنهن کي ڏيان دانھن؟ قلم قضا وھايو. سھڻي ۹-۹
    ڪو در ناھ جھوءِ، مون ٻيا در گھڻا نھاريا. ڏھر ۲۲-۲
    ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، گھڙي سو ٿئي. گھاتو ۳-۱
    ڪوٺي ڪھي سپرين، ڪوٺي ڪھڻ ساڻ. ڪلياڻ ۱۷-۳
    ڪوٺيو ڪنگالن کي، ڏئي دلاسا در. بلاول ۹-۳
    ڪوڏر ۽ ڪاني، آهي سِر سڀ ڪنھين. بروو سنڌي ۸-۲
    ڪوڙ ڪمائيءَ ڪچ، اٿي اور الله سين. سريراڳ ۹-۱
    ڪوڙي دنيا، ڪوڙا پسارا، ڏينھن مڙيئي ڏون. پورب ۲-وائي
    ڪوڙين ڪايائون تنھنجيون، لکن لک ھزار. ڪلياڻ ۲۱-۱
    ڪوڙين پڇن ڪيچ، ھوت نه پڇن ھٿھين. سسئي آبري ۱۰-۳
    ڪونج نه لکيو ٻاڻ، جو ماريءَ سندي من ۾. ڏھر ۱۶-۴
    ڪؤنر پاڙون پاتار ۾، ڀؤنر ڀري آڪاس. ڪارايل ۲۲-۱
    ڪونهي ات ڪوھيارو، جت تو، ڀوري! ڀانئيو. سسئي آبري ۳-۳
    ڪونھي ڪميڻيءَ جو، بگر تو بلو. ڏھر ۲۴-۲
    ڪھڙي پڇين ذات؟ جي آيا، سي اگھيا. مومل راڻو ۵-۹
    ڪھن ۽ ڪوٺين، اي پر سندي سڄڻين. ڪلياڻ ۲۱-۳
    ڪي انھين منجھ آھي، ھو جي جھونا پسجن جھوپڙا. آسا ۴-وائي
    ڪي اوڏا ئي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين. بروو سنڌي ۱۲-۱
    ڪي چڙھن نه چت تي، ڪي وسرن نه مور.
    ڪي تران ڪي تار مون، ڪي سگھان ڪي سگھ. سھڻي ۱۹-۹
    ڪيچ تنين کي ڪوٺ، جنين جي ڪڇ ۾. معذوري ۱۱-۲
    ڪين ساڱا ھيم، سپرين! جاڙون ڪيم جال. مومل راڻو ۱۴-۸
    ڪي سمھ، ڪي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري. ڏھر ۱-۴

    (ک)
    کامان، پچان، پڄران، لڇان ۽ لوچان. سھڻي ۱۱-۶
    کٽين جي ھارائين، ھنڌ تنھنجو ھيءُ. ڪلياڻ ۱۱-۱
    کم! کمندن کٽيو، ھارايو ھوڙن. يمن ڪلياڻ ۱۴-۸
    کڻ تون قوت قبر جو، گھڻو ٿو گھرجي. سريراڳ ۴-وائي

    (گ)
    گولا جي گراھ جا، جُوٺا سي جوڳي. رامڪلي ۱۶-۲
    گولا جي گولن جا، تن جو ٿيءُ غلام. رامڪلي ۴-۴
    گولاڙا ۽ گگريون، اوڇڻ اباڻن. مارئي ۱۵-۳
    گولي ٿيان گل بوءِ، جي مون نيو پاڻ سين. ديسي ۵-۳

    (ڳ)
    ڳجھو ڳالھائي، پرت وٽجي پاڻ ۾. ڪلياڻ ۱-۸
    ڳرن ۾ ڳرھيج، روئي ڪج مَ پڌرا. رپ ۹-۱
    ڳڻيو ڳڻيان ڪيتريون، وڏيون وڏا پاءِ. سھڻي ۱-م وائي

    (گھ)
    گھڙي گھڙو ھٿ ڪري، الاھي تھار. سھڻي ۱۵-۱
    گھڙيا سي چڙھيا، ائين اٿيئي. سھڻي ۴-۵
    گھوريو سو سھاڳ، جنھن ۾ پسين پاڻ کي. ليلا چنيسر ۱۲-۲
    گھوڙن ۽ گھوٽن، جئڻ ٿورا ڏينھڙا. ڪيڏارو ۷-۳

    (ل)
    ”لا“ سين اٿي لڏ، ”ڪين“ رساڻي ڪيچ کي. معذوري ۱۰-۲
    لائي چت چريو ڪري، پاڻ ڪڍي وئن پوءِ. بروو سنڌي ۱۰-۱
    لائي خنجر ”لا“ جو، ھيءَ خچر کي ھڻ. معذوري ۸-۲
    لطف جي لطيف چئي، تو وٽ ڪمي ڪا نه. سريراڳ ۱-۲
    لطف سان لنگھاءِ، لھرو لھرن وچ مان. سريراڳ ۱۰-۱
    لَک لهي ٿي لوڏ، جيجان تن جتن جي. ديسي ۱۰-۳
    لکيو جو نراڙ، سو انگ ڪياڙي نه ٿئي. معذوري ۸-۵
    لڳيءَ جو لطيف چئي، نڪو قال نه قيل. بروو سنڌي ۸-۱
    لوڪان لڪي سڀ ڪو، لڪان لڪي ڪو نه. آسا ۶-۴
    لھ ساهڙ! سنڀارون، ته لهرن لوڏي نه مران. سھڻي ۱۰-۲
    لهرن لک لباس، پاڻيءَ پسڻ هيڪڙو. سھڻي ۳-۹
    ليلا لڇ مَ ايترو، اٿي اڱڻ سور. ليلا چنيسر ۱۴-۳
    ليلا ليلائيج، اٿيئي ماڳ منٿ جو. ليلا چنيسر ۲۱-۲

    (م)
    مَ ڪر ڍول! ڍلو، ناتو نماڻيءَ سين. ڏھر ۲۴-۳
    مَ ڪي روءُ، مَ رڙ ڪي، ھنجون ھڏ مَ ھار! مارئي ۱- م۵۰
    مَ ڪي ھيج، مَ ھوج، ترس مَ تاڻ جھاز کي. سريراڳ ۱۰-۶
    ماڙھو گھرن مال، آ سڀ ڏينھن گھران سپرين. بروو سنڌي ۱۴-۱
    ماڻڪ موتي مال خزينا، ڏيندءِ ٻيلي سائين. پرڀاتي ۱-وائي
    متان ٿئين ملور، ڪين آڳاھون آھيان. حسيني ۲۴-۱۹
    متو آهين مڇ، ٿلهو ٿيو ٿونا هڻين. ڏھر - ۱۴
    مٺو جئن نالوءِ، تئن مون وڏو آسرو. ڏھر ۲۲-۲
    مٺي! ٿي مسڪين، ھمت ھوت وڃايو. سسئي آبري ۱۸-۷
    محب منھنجا سپرين! آڻيئي الله. سارنگ ۷-۳
    محبت سندو من ۾، ماڻڪ! ٻار مچ. سريراڳ ۹-۱
    محبت پائي من ۾، رنڍا روڙيا جن. ڪاپائتي ۱۷-۱
    مرڻ! مون سين ھل، ته پٺيءَ تو پنڌ ڪيان. معذوري ۹-۴
    مرڻا اڳي جي مُئا، سي مري ٿين نه ماتِ. معذوري ۷-۴
    مرڻا منھن مَ موڙ، وٽي تي وڌ لھي. يمن ڪلياڻ ۲۰-۴
    مِڙيا مڇ هزار، ڀاڱا ٿيندي سهڻي.
    مري جيءُ، ته ماڻيين، جانب جو جمال. معذوري ۱-۴
    مڱ تنھن کان مڱڻا، جو ڏيھاڙي ٿو ڏئي. پرڀاتي ۱۹-۱
    ملڪ مارو جي آھيان، جور نه ٿيان جوءِ. مارئي ۸-۴
    ملڪ مڙيو منصور، ڪُهي ڪُهندين ڪيترا؟ سھڻي ۲-۹
    منھنجو وس واڪا، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو. ديسي ۱-۶
    منھنجي مداين جي، ڪَل پريان پيئي. بروو سنڌي ۸-۳
    منھن ته موسى جھڙو، عادت ۾ ابليس. آسا ۱۶-۴
    موت نه مند آھي، تائب ٿيو تڪڙا. آسا ۳-وائي
    موتي جي مھراڻ جا، پورا چڻج پنج. ڪارايل ۲۱-۱
    موٽي مران مَ ماءِ! موٽڻ کان اڳي مران. سسئي آبري ۲۴-۴
    مون ٻيا در گھڻا نھاريا، آھين تون ئي تون. کنڀات ۲-وائي
    مون تان لاھ مَ ھٿ، ڪامل ڌڻي ڪاڪ جا. مومل راڻو ۱۱-۴
    مون کي مون پرينِ، ٻڌي وڌو ٻار ۾. آسا ۳۸-۴
    مون کي ڪا مَ جهلي، سڀ ڪا پاڻُ پلي. سھڻي ۴-وائي
    مون ۾ آھين تون، متان تنھنجو ئي تو کي لڳي. يمن ڪلياڻ ۱۰-۶
    مون نماڻيءَ جي نجھري، ڀيرو ڪج ڀتار! ديسي ۱-۱
    مينھان ۽ نينھان، ٻئي اکر ھيڪڙي. سارنگ ۶-۲
    مينهن مندائتا وسڻا، سدا وَسين تون. پرڀاتي ۲۶-۱
    مينھون ھن ملھار جون، الا! سڀ بچن. سھڻي ۱۹-۴

    (ن)
    نڪا ابتدا عبد جي، نڪا انتھا. آسا ۸-۱
    نه ڪي کڻن پاڻ سين، نڪو ساڻن پاڻ. رامڪلي ۳۶-۱
    نه مون ھڙ نه ھنج ڪي، جو آ چئي چڙھان. سامونڊي ۱-۴
    نه وارث، نه ولھو، نه سڱ، نه سياڪو. مومل راڻو ۱-۶
    نااُميدي نيج، ته اوڏي ٿئين اُميد کي. سسئي آبري ۱۲-۱
    نابوديءَ نيئي، عبد کي اعلى ڪيو. آسا ۱۳-۱
    ناز منجھاران نڪري، جڏھ پري ڪري ٿو پنڌ. بروو سنڌي ۶-۲
    نائي نيڻ نھار، تو ۾ ديرو دوست جو. سسئي آبري ۹-۳
    ناھ جمعيت جان کي، ھوت پڄاڻان ھت. سسئي آبري ۱۳-۱۰
    نوري ۽ ناري، جوڳيئڙا جھان ۾. رامڪلي - ۱
    نڪا بوءِ بزار ۾، نڪا ڇلر ڇٽ. گھاتو ۱۱-۱
    نڪو ناھ ڪلھي ڪري، ھو مَ ھوندن جيئن. رامڪلي ۵-۳
    نمي کمي نهار تون، ڏامر وڏو ڏُک. يمن ڪلياڻ ۱۱-۸
    ننڊان نڀاڳن کي، اوڀالا اچن. ڪوھياري ۱۰-۱
    نهائينءَ کان نينهن، سک منهنجا سُپرين! رپ ۱۵-۲
    نيڻ سقيلا سپرين، ڀنور ڀرون ڀالا. بروو سنڌي ۹-۲
    نيرا نائي نيڻ، نيئي آڇ پرين کي. آسا ۵-۲

    (و)
    واجهائي وطن کي، ساري ڏيان ساھ. مارئي ۱۲-۶
    والي ڪج وڙ ڪو، ته ٻار لنگھيان ٻاجھ سين. سھڻي ۸-۲
    وٺ ڪنجڪ ڪريم جي، جڳ جو والي جو. بروو سنڌي ۱-۱
    وڃائي وجود کي، پاڻان پاسي ٿيءُ. رامڪلي ۱۱-۴
    وڃي رس وڃڻ کي، وڃڻ پڻ وڃاءِ! آسا ۵-۴
    وڃين ٿو وڻڪار؟ ھت نه ڳولھئين ھوت کي. سسئي آبري ۹-۳
    وڏي سگھ سندياءِ، ٻاجھن ڀريو آھين. ڏھر ۲۱-۲
    وڍڻ، چيرڻ، چچرڻ، پھت انين جي پر. ڪلياڻ ۲۱-۲
    وَر سا سڃي، ويڙھ، جنھن ۾ سڄڻ ھيڪڙو. کاھوڙي ۱۳-۳
    وَر لڪن جي لوڏ، گھوريا سک ڀنڀور جا! حسيني ۳۱-۱۶
    وَرَ! مَ وساريج، آھيان تنھنجي آسري. ديسي ۱۶-۷
    وَر، واھن جا وسيل رس، رھبر! راھ ۾. ڪوھياري ۸-۴
    وس ويچاريءَ ناھ ڪو، تون آگا، عرض اوناءِ. سريراڳ ۱۰-۱
    وسارج مَ ويڻ، جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا. يمن ڪلياڻ ۵-وائي
    وصل تنھن وڃايو، سينڌ سرمي سيئن. معذوري ۶-۲
    وکر سو وهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي. سريراڳ ۴-۳
    ولھون، ويلا واو، جوگين جھليا جان ۾. رامڪلي ۲۰-۵
    وڻج وھائيج، سڀ سوداگر! سچ جو. سريراڳ ۴-۱
    وھم وساريس، نات پنھون آ پاڻ ھئي. سسئي آبري ۸-۵
    ويا مور مور مري، هنجَ نه رهيو هيڪڙو. ڪارايل ۲۹-۲
    ويا سي وينجھار، ھيرو لعل ونڌين جي. سريراڳ ۱۲-۴
    ويٺو وڃج واٽ، ڪنڌ مَ ڦيرج ڪيڏھين. مومل راڻو ۲-۵
    ويٺي لکيو لوڙيان، جيڪي ڪيڙو مس! سريراڳ ۵-وائي
    ويڄَ! مَ ٻُڪي ڏي، الا! چڱي مَ ٿيان. يمن ڪلياڻ ۱۳-۲
    ويھ داتا جي در تي، لنگھا! لاھي لڏ. رپ ۱-وائي
    وطن ٿيو وري، ڪوڙن ڪانيرن جو. ڪارايل ۱۹-۱

    (ھ)
    ھاري ھنئون مَ لوڏ، سکن چوندي سسيءَ. حسيني ۴۸-۱۲
    ھت پڻ تنھنجو تڪيو، مھند پڻ مونھين ماڳ. بلاول ۱۳-۳
    هتان کڻي ھت جن رکيو، سي رسيون. سسئي آبري ۲-۲
    ھتي جي ھئڻ جون، وٿون سڀ وسار. سسئي آبري ۱۷-۷
    هٿُ پريان جي هٿ ۾، ٻئي کي ڏج مَ ٻانهن. سھڻي ۳-۸
    هٿن سين ھاج ڪر، نيڻن سين نھار. آسا ۷-۴
    ھٿين، پيرين، مونڙئين، ھلج ساڻ ھِنئين. معذوري ۹-۵
    هل هيئين سين هوت ڏي، سِسي کڻ مَ ساڻ. سسئي آبري ۶۵-۳
    ھلندي حبيبن ڏي، ويلو وچ نه ڪجي. سريراڳ ۴-وائي
    هلڻ سھان نه ھوت جو، وڃڻ مون نه وس. ڪوھياري ۴-۴
    هنج مڙيئي هنج، ميرو منجهن ناھ ڪو. ڪارايل ۲۷-۱
    هو چونئي، تو مَ چؤ، واتان ورائي. يمن ڪلياڻ ۱۶-۸
    هوت تنھنجي ھنج ۾، پڇين ڪوھ پھي؟ سسئي آبري ۱۲-۵
    ھوند جنين سين ھوءِ، ھوت نه ھوندو تن سين. معذوري ۹-۲
    ھونديان هوت پري، اوڏو آءُ اڻ ھوند کي. معذوري ۷-۲
    ھوءَ جا پائين پير ۾، تنھن جتيءَ نه جيھي. ڪوھياري ۸-۳
    ھوءَ جا گھوري گھوٽ جي، تنھن کي چري چون. حسيني ۲۸-۱۲
    ھڻڻ، ھڪلڻ، ٻيلي سارڻ، مانجھيان اي مرڪ. ڪيڏارو ۳-۳
    هيءَ هڏو ۽ چَمُ، پِڪ پريان جي نه پڙي. ڪلياڻ ۳۰-۲
    ھيڪري ھئڻ ڇڏ، ته اوڏي ٿئين عجيب کي. سسئي آبري ۱۱-۵

    (ي)
    يار سڄڻ جي فراق، ڙي جيڏيون آ ماري. يمن ڪلياڻ ۸-وائي
    يار سڏائي سڀ ڪو، جاني! زباني. بروو سنڌي ۳-۳

    ***


    شاھه ۽ پھاڪا : سيد اظھر گيلاني

    ظاھري طرح سان پھاڪو، ھڪ ننڍي چوڻي آھي. جيڪڏھن غور و فڪر ڪبو ته ان ۾ وڏو راز سمايل نظر ايندو. پھاڪي ۾ نادر نڪتا ۽ نصيحت آميز ڳالھيون ملن ٿيون، جن جي پڙھڻ يا ٻڌڻ سان ماڻھو تعجب ۾ اچيو وڃي. الله پاڪ انسان کي اشرف المخلوقات جو درجو عطا فرمايو آھي. انسانيت جو دارومدار، عقل ۽ ادراڪ تي رکيل آھي. نادان ۽ بي سمجھ ماڻھو انھن پابندين ۽ پيچ و خم کان ٻاھر آھن.
    بقول شاھ:
    الا ڏاھـــي مَ ٿــيـــان، ڏاھــيـــون ڏک ڏســـن،
    مون سان مون پرين، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا.
    جيڪڏھن گفتگوءَ جي دوران، جملي ۾ پھاڪو استعمال ٿيندو ته ان ۾ نئون روح پئجي ويندو. ڄڻ خطيب جي خطابت کي چار چنڊ لڳي ويا. قديم دور جا پھاڪا، ان دور جو آئينو آھن، ڇو ته انھن مان پراڻين ريتن ۽ رسمن، اخلاق ۽ ادب، مذھبي ۽ مِلي ڄاڻ ملي ٿي. ائين سمجھو ته پھاڪا انھيءَ سمي جي سڃاڻ ۽ تذڪر، تاريخ ۽ فلسفي جو معتبر ڪتاب آھن.
    پھاڪو ھر زبان ۾ نمايان حيثيت رکي ٿو. خاص طرح سان ھندي ۽ سنڌي، اردو ۽ عربي زبان ۾ پھاڪن جو وڏو انگ ملي ٿو. عربي ۾ ان کي سائر، ھندي ۾ ڪھاوتَ، اردو ۾ مثل ۽ سنڌيءَ ۾ پھاڪو ڪوٺيو ويندو آھي.
    عربي پھاڪو ڪنھن وڏي واقعي جو ترجمان ھوندو آھي. ھنديءَ ۾ ڪنھن حقيقت سان وابستگي نظر ايندي. اردو ۾ به ڪنھن قصي ۽ ڪھاڻيءَ جي تصوير نظر ايندي ۽ سنڌيءَ ۾ ڪنھن انقلاب جي عڪاسي ھوندي آھي. چند مثال پيش ڪجن ٿا.
    وقت جي قاضيءَ، حسين بن منصور حلاج کي ڪفر جي فتوى ڏئي، ڪافر قرار ڏنو. فتوى جي روشنيءَ ۾، ان کي دار جو سينگار بڻايو ويو. شاھ فرمايو:
    ”ملڪ مڙيو ئي منصور، ڪھي ڪھندين ڪيترا!“
    سنڌ ۾ ڪلھوڙن جي حڪومت ھئي. ڪلھوڙن جي فوج جا، مير سپہ سالار ھئا. انھن اھڙو انقلاب آندو جو ڪلھوڙن جي حڪومت ختم ٿي وئي. ان ۽ اھڙن واقعن لاءِ ھن پھاڪي جنم ورتو:

    ”آيا مِير، ڀڳا پِير.“
    ضرب الامثال قومي خيالات ۽ ملڪي حالات، صبر ۽ استقلال، سختي ۽ حڪومت، رنج ۽ راحت، رشڪ ۽ حسد، عصمت ۽ ترڪ عفصت، شوخي ۽ شرارت، مدھوشي ۽ رفاقت، تجربو ۽ عبرت، عدالت ۽ صداقت، عقل جي تربيت ۽ ڪيفيت، سادن ماڻھن جي بيداري، جوانن کي امتياز ۽ دانشمندي. ذي عقل کي نصيحت ڪرڻ ۽ عوام الناس جي ايمانداري ۽ بي ايمانيءَ جو حال بخوبي ظاھر ڪرڻ، گويا اھي ڪھاوتون ۽ چوڻيون، پھاڪا ۽ محاورا ملڪ جي ماڻھن لاءِ سمجھاڻيون ۽ حضرت سليمان جي فضائل جا دعويدار آھن. اڄ به ادبي ضرب خاني مان نوَن سڪن جي صورت ۾ پھاڪا جڙي ادبي دنيا ۾ ايندا رھن ٿا. شاھ صاحب جي رسالي ۾ جيترا پھاڪا ۽ محاورا آھن، ڪنھن به ادب ۽ زبان ۾ ايترو خزانو نه ملندو.
    ضرب المثال نچوڙ آ، حڪمت جو سربـسـر،
    طــول و طــويـــل تــجــربـہ، الــفــاظ مـخـتـصر.
    جيڪڏھن ڪو به ادبي ٽوٻو، جنھن به وقت ھن بحر ۾ ٽٻندو، ان کي بي بھا موتي ملندا.
    ايءَ گت غواصن، جئن سمنڊ سوجھيائون،
    پــيـھـي منـجھ پـاتال جي، ماڻڪ ميڙيائون،
    آڻــــي ڏنــــائــــون؛ ھــيـــرا، لعـل ھـٿـن سين.
    منھنجي چونڊ جو مدار پھاڪي ۽ محاوري تي رکيل آھي. مون شاھ صاحب جا اھي بيت چونڊيا آھن، جن ۾ پھاڪا ملن ٿا. انھن محاورن کي به منتخب ڪيو ويو آھي، جيڪي پھاڪي سان گھرو لاڳاپو رکندڙ آھن. جيڪڏھن شاھ صاحب جي ڪلام جو مطالعو دل جي اکين سان ڪيو ويندو ته روح کي راحت ۽ تازگي حاصل ٿيندي. شاھ صاحب جي ھر بيت جو آخري مصرع نھايت زوردار ۽ وزنائتو، گويا بيت جو نچوڙ ۽ مڪمل شرح ھوندي آھي. اڪثر ڪري پھاڪو به ان ۾ جرڪندو نظر اچي ٿو. غور ڪبو ته ٻيون مصراعون به محاوري ۽ پھاڪي کان خالي نه آھن.
    مون پڙھندڙن جي ڄاڻ لاءِ پھاڪي واري مصرع کي ڏنگين ۾ رکي، ان جي کاٻي پاسي ”پ“ لکي آھي. اھڙيءَ طرح محواري لاءِ ”م“ جو اکر لکيو آھي. ڪجھ مصرع اھڙا به آھن، جو ٻن جي ميلاپ سان پھاڪو ٺھي ٿو، ان جي سامھون ھي نشان آھي.
    پــھـاڪـي ۾ ”اظـھـر“ رکـيـل راز آھــي،
    ڪري ڪنھن حقيقت جي ٿو ترجماني.
    (نموني جي طور تي، شاھ جي ڪلام جون مصراعون يا بيت، جيڪي پھاڪي يا محاوري طور ڪتب اچن ٿا، فاضل مصنف سي پنھنجي مھاڳ اندر به ڏنا آھن. پڙھندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ، سي ھيٺ ڏجن ٿا. مرتب)

    پھاڪي وارا بيت
    ”عاشق عزازيل، ٻيا مڙيئي سڌڙيا، ”پ“
    منجھان سِڪ سَبيل، لعنتي لعل ٿيو.“
    (سر ڪلياڻ)
    ”پرديسان پنڌُ ڪري، سُڻي آيس شانُ“، ”م“
    مَڱا ڪھڙي مَت سين، نسورو نادانُ،
    ”سو ڪو ڏياريم ڏانُ، جو طبع کي ترڪ ڪري.“ ”پ“
    (سر ڪلياڻ)
    چنڊ تنھنجي ذات، پاڙيان نه پرينءَ سين،
    تون اڇو ۾ رات، سڄڻ نت سوجھرو. ”پ“
    (سر کنڀات)
    ”تان ڪي لئنج ڪانگ، ڪڏھن ايندا مان گھر،“ ”پ“
    ”سڄڻ ڪارڻ سانگ، مون تان گھڻيئي ڪيا.“ ”پ“
    (سر سامونڊي)
    ”ڏونگر! مون مَ ڏکوءِ، آ اڳ ڏکوئي آھيان،“ ”پ“
    ”ساريان ڪو نه سکوءِ، سور گھڻيئي سنبران.“ ”پ“
    (سر ڪوھياري)
    نوري ۽ ناري، جوڳيئــڙا جھان ۾،
    ”ٻري جن ٻاري“، آ نه جيئندس ان ريءَ. ”م“
    (سر رامڪلي)
    ايندا مان پس، مٿان سڳر سُپرين،
    ”ڪيچين ڪارڻ ڪالھ، نيڻ نھارا مون ڪيا“، ”م“
    ”ايندا پسان شال، اوٺي آري ڄام جا.“ ”پ“
    (سر ڏھر)
    ”حسن مير حسين کي، رنو ٽن ٽولن،“ ”م“
    گھر ماڻھئين، جھنگ مرونئين، اڀن ۾ ملڪن،
    ”پکين پاڻ پڇاڙيو، لڏيو ھوت وڃن،“ ”پ“
    ”الله! شھزادن، سوڀون ڏئين سچا ڌڻي.“ ”پ“
    (سر ڪيڏارو)
    حر نه موچاري ٿئين، جيئَڻُ آڏو جَتَ،
    ”ھاري ڪري ھمت، ڏيئي دم دوست لھين.“ ”پ“
    (سر معذوري)
    سڻي ساڻيھَ ڳالھڙي، لَھي ويا لوھ،
    اندر جا اندوھ. لٿا ڏُکَ سُک ٿيا. ”پ“
    (سر مارئي)

    پھاڪي واريون مصراعون
    ”اکيون سيئي ڌار، جن سين پسين پرينءَ کي.“
    ”تتي ٿڌي ڪاھ، ڪانھي ويل ويھڻ جي.“
    ڏک سکن جي سونھن، گھوريا سک ڏکن ري.“
    ”ڪاڏي ٿيو ڪوھيار، ڪاڏي ٿي ھٿڙا کڻي.“
    ”عقل ڇٽان نه آ، ڪو ڦيرو ڪج فضل جو.“
    ”عقل، مت، شرم، ٽيئي نينھن نھوڙيا.“
    ”ملڪ مڙيو ئي منصور، ڪُھي ڪھندين ڪيترا؟“
    ”جن جي ڪاڻ مئاس، سي ڪلھي ڪانڌي نه ٿيا.“
    ”پکن منجھ پساھ، قالب آھي ڪوٽ ۾.“
    ”ھوت تنھنجي ھنج ۾، پڇين ڪوھ پرياڻ.“
    ”جيھي جي تيھي، ته به ٻانھي ٻاروچن جي.“
    ”وطن ٿيو وري، ڪوڙن ڪاڻيارن جو.“

    ***


    شاھ لطيف جي ڪلام ۾ اصطلاح ۽ پھاڪا : ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي

    شاھ عبداللطيف جي شاعريءَ جو مطالعو ڪندي، مان ان ويچار ۾ غلطان ٿي رھجي ويندو آھيان ته ڪھڙو سبب آھي، جو شاھ جي ڪلام جي گونج، ان جي رسائي، ٻين ھم فڪر سخنورن کان ججھي آھي. ھم خيال ھوندي به، شاھ جو ڪلام، پنھنجي الڳ انفراديت رکي ٿو. ڪھڙي سبب سندس ڪلام جو چقمقي اثر، دل تي ھڪ ديرپا نقش تراشي ٿو ڇڏي. ڪھڙي باعث، شاھ جو ڪيترو ڪلام اصطلاحن ۽ پھاڪن ۾ تبديل ٿي ويو آھي. منھنجي نماڻي راءِ موجب اھو صرف ھن جي انداز بيان جو ڪرشمو ناھي پر ان جي پٺيان شاھ جي ڪلام ۾ گھِري فڪر جو اعلى نُڪتو ۽ حياتيءَ سان گھري وابستگي به آھي. شاھ جو ڪلام انساني فطرت، سڀاءَ جي ڀن ڀن حالتن جي بدلاءَ سان، الڳ الڳ ماحول ۾ ٺھڪي بيھي ٿو.
    شاھ عبداللطيف ھڪ وڏو عالم ھو. ھن پنھنجي ڪلام ۾ ضرورت، موقعي ۽ مناسبت سان قرآني آيتون، حديثون، پھاڪا، چوڻيون بيحد فنائتي ۽ ھنرمنديءَ سان ڪتب آنديون آھن. شاھ لطيف چوڻين ۽ پھاڪن کي پنھنجي ڪلام ۾ موتين وانگر جڙي پيش ڪيو آھي. شاھ لطيف وٽ اھو فن بي مثل ھو، جنھن کيس پنھنجي ھمعصر شاعرن ۾ تمام اُوچو مقام ڏياريو. شاھ جو ڪلام سھڻي ادائگيءَ ۽ نئين اظھار بيان سبب، پڙھندڙن/ ٻڌندڙن جي دل ۽ دماغ تي چٽا نقش اڀاري، قبضو ڪيو ڇڏي.
    شاعريءَ ۾ اصطلاحن ۽ پھاڪن کي وڏي اھميت حاصل آھي. شاعريءَ ۾ اھي لغوي معنى کان ھٽي، ڪنھن ٻي مفھوم ۾ اظھار پائيندا آھن.(۱) شاعريءَ لاءِ محاوره يا اصطلاح ھروڀرو ضروري ناھن، پر ھڪ شعوري قلمڪار انھن جو تز ۽ عمدو استعمال ڪري، شاعريءَ کي وڌيڪ زيبائتو بڻائي ٿو. شاھ سائينءَ به ائين ئي ڪيو آھي. ھن اصطلاحن ۽ پھاڪن جي استعمال سان سنڌي زبان کي وڌيڪ شاھوڪار بڻايو آھي، ان کي سونھن ۽ سگھ عطا ڪئي آھي. شاھ لطيف عربي، فارسيءَ جي سٺي شناس رکندي به، سنڌي ٻوليءَ جو ئي استعمال ڪيو آھي. شاھ جي شاعري پنھنجي دور جي حالتن جي ڀرپور ترجماني ڪري ٿي. سوچ ۽ فڪر جي تيزي ۽ خيال جي گھرائي، شاھ جي شاعريءَ جون نمايان خصوصيتون آھن. شاھ پنھنجي ڪلام ۾ محاورن ۽ اصطلاحن جو ڪافي ماھريت سان استعمال ڪري، ڪلام کي نيون نيون معنائون عطا ڪيون آھن، رمزي ڪيفيت کي وسعت ڏني آھي. شاھ جي اصطلاحن جي استعمال پٺيان سندس ھوشمندي، جذباتي تپت، بلند شعور جي دور دراز ديد جي جھلڪ پسجي ٿي. منجھن فن ۽ فڪر به خوب آھي. ھو پنھنجي احساس سان گڏ، پڙھندڙن جي احساسن کي به ساڻ ڪري ھليو آھي.
    شاھ جي ڪلام جي مقبوليت جو ھڪ وڏو سبب، سندس عوامي شاعري آھي. ھن عام ماڻھن جي احساسن، امنگن ۽ دلي ڪيفيتن جي پنھنجي شاعريءَ ۾ ڀرپور تصويرڪشي ڪئي آھي. لطيف جيڪا زبان استعمال ڪئي آھي، سا بلڪل عام فھم آھي.
    شاھ جي ڪلام ۾ لفظي خواھ معنوي ٻئي خوبيون سمايل آھن. شاھ وٽ لفظن جو وڏو ذخيرو آھي. شاھ جي ڪلام مان سنڌي زبان جي وسعت ۽ شاھوڪاريءَ جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو.
    شاھ عبداللطيف ھڪ اعلى درجي جو وطن دوست ھو. سندس حياتي ۽ شاعري حب الوطنيءَ جي فراوان شاھدي ڏين ٿا. شاھ لطيف جي دل ۾ سنڌ، سنڌين ۽ سنڌي زبان لاءِ بي پناھ محبت ھئي. شاھ جا کوڙ ٻول سنڌ-ھند جي پڙھيل خواھ اڻ-پڙھيل ماڻھن جي چپن تي آھن، ڇو ته اھي سڌي-سنواٽي ۽ سٻاجھي ٻوليءَ ۾ چيل آھن. ھن عوام سان سندن ٻوليءَ ۾ ڳالھايو آھي. شاھ جي ڪلام ۾ سنڌ جي عام ماڻھن، مزورن، ھارين، ڪڙمين، ڌاٻين، مھاڻن، رازن، واڍن، ڪنڀارن جي جيڪا تصوير ملي ٿي، سا بلڪل حقيقي آھي. ھن سنڌ جي درد کي محسوس ڪيو ھو. ھن ماڻھن جي احساسن، امنگن، جذبن، حسرتن سان ھم-شريڪ ٿي، انھن کي اظھار ڏنو. ھن ماڻھن جي دل جي ڌڙڪن کي محسوس ڪيو ۽ ان کي واڻي ڏني. ھن جي ھر ھڪ لفظ ۾ معنى ۽ مفھوم جا بي شمار رنگ سمايل آھن، معنويت جا بي شمار گوھر سلامت آھن. شاھ جا ھيٺيان بيت، عام جام ٻڌبا آھن:
    ستـا اٿـي جـاڳ، نـنـڊ نه ڪجي ايتري،
    سلطاني سھاڳ، ننڊون ڪندي نه ٿئي. (سر ڏاھر)
    ھڪ سندر نصيحت آميز نڪتو آھي.
    جيڏو تنھنجو نانءُ، ٻاجھ به اوڏيائي مڱان،
    ريءَ ٿنڀين، ريءَ ٿوڻين، تون ڇپر، تون ڇانءَ،
    ڪُڄاڙو ڪَھان؟ تو کي معلوم سڀ ڪا. (سر ڏاھر)
    اڄ به ٻڍيون شاھ جو مٿيون ڪلام گنگنائينديون رھنديون آھن. مون پنھنجي امڙ جي واتان دک جي گھڙين ۾، شاھ جو مٿيون بيت نامعلوم ڪيترا دفعا ٻڌو ھو. شاھ جا ھيٺيان بيت به گھر گھر ۾ گونجن ٿا:
    پائي ڪانُ ڪمان ۾، ميان! مار مَ مون،
    مون ۾ آھين تون، متان تنھنجو ئي تو کي لڳي. (سُر يمن ڪلياڻ)
    ھو چونئي، تون مَ چئو، واتان ورائي،
    اڳ اڳرائي جو ڪري، خطا سو کائي،
    پاند ۾ پائي، ويو ڪيني وارو ڪين ڪي. (سُر يمن ڪلياڻ)
    يارُ سڏائي سڀ ڪو، جاني زباني،
    آھي آساني، ڪم پئي ٿي ڪَلَ پوي. (سُر بروو سنڌي)
    چڱن ساڻ چڱايون، اِئن سڀ ڪو ھوءِ،
    تو جِئن ڪري نه ڪوءِ، بُڇَنِ سان ڀلايون. (سُر سريراڳ)
    کَمُ کمندنِ کٽيو، ھارايو ھوڙن،
    چکيو نه چُوندنِ، ھو جو ساءُ صبر جو. (سُر يمن ڪلياڻ)
    تانگھي ۾ تاڻي، ٻَڌ پنھنجو ترھو،
    اونھي ۾ آڻي، ڪو نه ڏيندءِ ڪو ٻيو. (سُر سريراڳ)
    شاھ جو سمورو ڪلام، اصطلاحن ۽ چوڻين سان ڀريو پيو آھي. ڪھڙا مثال ڏيئي ڪھڙا مثال ڏيان! شاھ جي ھيٺين گفتن ته چوڻين جي صورت اختيار ڪري ورتي آھي ۽ انھن جو استعمال عام جام پيو ٿئي:
    عاشق زھر پياڪ، وِھُ ڏسي وِھسَنِ گھڻو. (سُر ڪلياڻ)
    اکر پڙھ الف جو، ورق سڀ وسار. (سُر يمن ڪلياڻ)
    عشق نه آھي راند، ڪي ڪَنس ڳڀرو. (سُر يمن ڪلياڻ)
    نمي کمي نھار تون، ڏمر ڏولائو. (سُر يمن ڪلياڻ)
    جيڪي منجھ جھان، سو تاريءَ تڳي تنھنجي،
    لطف جي لطيف چي، تو وٽ ڪمي ڪا نه،
    عدل ڇٽان آنءُ نه، ڪو ڦيرو ڪج فضل جو. (سُر يمن ڪلياڻ)
    وکر سو وِھاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي. (سُر يمن ڪلياڻ)
    پُڇن جي ميھار کي، پڇي سي ميھار. (سُر سھڻي)
    گھڙيا سي چَڙھيا، اِئين اٿئي. (سُر سھڻي)
    لھرن لک لباس، پاڻيءَ پسڻ ھيڪڙو. (سُر سھڻي)
    مَرڻا اڳي جي مُئا، سي مري ٿين نه ماتِ. (سُر معذوري)
    ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪھڙا پرين؟ (سُر ديسي)
    تتيءَ ٿڌيءَ ڪاھِ، ڪانهي ويل وِھڻ جي،
    متان ٿئي اونداھ، پير نه لھين پرين جو. (سُر حسيني)
    ڏک سکن جي سونھن، گھوريا سک ڏکن ري. (سُر حسيني)
    پريان سندي پار جي، مڙئي مٺائي،
    ڪانھي ڪڙائي، چکين جي چيت ڪري. (سُر ڪلياڻ)
    ڏات نه آھي ذات تي، جو وھي سو لھي. (سُر پرڀاتي)
    شمع ٻاريندي شب، پرھ باکون ڪڍيون. (سُر مومل راڻو)
    جي ڀايين جوڳي ٿيان، ته سڱ سڀيئي ڇن. (سُر رامڪلي)
    اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين،
    آديسي اٿي ويا، مڙھيون مون مارين،
    جي جيءَ کي جيارين، سي لاھوتي لڏي ويا. (سُر رامڪلي)
    وڳر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾،
    پسو پکيئڙن، ماڻھان ميٺ گھڻو. (سُر ڏاھر)
    ڪَنور پاڙون پاتار ۾، ڀَوَنر ڀري آڪاس. (سُر ڪارايل)
    شاھ لطيف مٿين اصطلاحن ۾ ذري ۾ آفتاب يا قطري ۾ درياھ سمائي ڇڏيو آھي. انھيءَ وصف کي بلاغت چئبو آھي، جا شاھ ۾ کوڙ سمايل آھي. تنوير عباسيءَ چواڻي؛ ”شاھ وٽ اشارا ئي اشارا آھن. ھو جنھن به شيءِ جو ذڪر ٿو ڪري، اھو رڳو ذريعو آھي، سندس اظھار جو. اصل مقصد ان شيءِ جو ذڪر ڪرڻ نه اٿس، پر اصل مقصد اٿس، ان شيءِ جي ذريعي ڪن آفاقي حقيقتن جي اظھار جو.“(۲)
    شاھ عبداللطيف ھڪ عالمي پايي جو شاعر آھي. ھن تصوف يا روحانيت سان گڏ انسانيت، عالمي امن ۽ ڀائيچاري تي به زور ڏنو. شاھ جي ڪردارن پٺيان روحاني رازن جا نڪتا سمايل آھن. مجازي عشق جي پردي ۾ حقيقي عشق جو اظھار آھي. شاھ جي ڪلام جي سرن ۾ روحاني راز ته آھن ئي، پر اھا شاھ سائينءَ جي ڪلام جي وڏي خصوصيت آھي جو اھو دنيوي لحاظ کان به احساسن ۽ دلي ڪيفيتن سان ايترو پُر آھي جو اھو پنھنجي سِرِ مڪمل آھي. شاھ لطيف اصطلاحن ۽ پھاڪن ۾ ڪيترا ئي روحاني راز سليا آھن:
    پڙاڏو سو سڏ، وَرُ وائيءَ جو جي لھين،
    ھئا اڳھين گڏ، ٻُڌڻ ۾ ٻه ٿيا. (سُر ڪلياڻ)
    لھرن لک لباس، پاڻيءَ پسڻ ھيڪڙو. (سُر سھڻي)
    شاھ لطيف منفرد انداز ۾ وحدة الوجود جي ڳالھ ٿو ڪري:
    ايڪ قصر، در لک، ڪوڙين ڪڻس ڳڙکيون،
    جيڏانھن ڪريان پرک، تيڏانھن صاحب سامھون. (سُر ڪلياڻ)
    محل ھڪ آھي پر ان کي لکين ڪروڙين دريون آھن. خدا ھڪ آھي، روپ انيڪ آھن. جيڏانھن نظر ڪريان صاحب يا خدا کي سامھون ڏسان. علامتي شاعريءَ لاءِ چيو ويو آھي ته اھا ھن ڪائنات جي وحدة الوجود جو تصور آھي.
    نھائينءَ کان نينھن، سِک منھنجا سپرين،
    سڙي سارو ڏينھن، ٻَھَرِ ٻاڦ نه نڪري. (سُر رپ)
    شاھ صاحب عاشقن کي ھدايت ڪئي آھي ته اوھان ڪنڀر جي نھائينءَ کان سبق سکو، جيڪا سارو ڏينھن جلي، پر ٻاڦ ٻاھر نٿي ڪڍي.
    تتيءَ ٿڌيءَ ڪاھِ، ڪانهي ويل وِھڻ جي،
    متان ٿئي اونداھ، پير نه لھين پرين جو. (سُر حسيني)
    اعلى مقصد جي حاصلات لاءِ دائمي جدوجھد ڪرڻ جڳائي. تتيءَ ٿڌيءَ ڪاھڻ گھرجي. جيڪڏھن گينورسائي ڪبي ته مقصد ھٿان نڪري ويندو. شاھ لطيف پنھنجي حياتيءَ ۾ جيڪي آزمودا حاصل ڪيا، تن جو ھن سنڌ جي عام ماڻھن جي ٻوليءَ ۾ ٺھڪندڙ تشبيھن ۽ تمثيلن ۾ اظھار ڪيو. سندس اندازِ بيان ۽ فڪرَ شاھ کي سنڌ جي گھر گھر ۾ پھچائي ڇڏيو آھي. ھر ھنڌ ھن جي ڪلام جي گونج ٻڌجي ٿي. جيستائين دنيا ۾ سنڌي آھن، شاھ جو ڪلام پيو گونجندو ۽ ماڻھو پيا معطر ٿيندا. شاھ عبداللطيف اھو وکر وھايو آھي، جو ڪڏھن پراڻو ٿيڻ وارو ناھي.

    حوالا
    1. J. A. Cuddon: “A form of expression, construction or phrase peculiar to a language & often possessing a meaning other than its grammatical or logical one.” - A Dictionary of Literary Terms: Penguin Books. 1979. P.321.
    ۲. تنوير عباسي: شاھ جي شاعري، شاھ عبداللطيف ثقافتي سوسائٽي، ڪراچي. سن ۱۹۷۶ع ص ۱۳۷.
    ۳. شاھ جو رسالو: عثمان علي انصاري، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، ڪراچي.

    (ڊاڪٽر جگديش لڇاڻيءَ جي ڪتاب ”تون ڏاتار، آ ڏَڏُ“، ڇپائيندڙ: ويڻا پبليڪيشن الھاس نگر، ڇاپو پھريون، ۲۰۱۶ع، ص ۱۱۴-۱۲۱ تان، ٿورن سان کنيل)

    ***


    شاھ ڀٽائي جا بيت - (پهاڪا) : حافظ محمد احسن چنا

    وطن جو گھڻگھرو، سنڌ سٻاجھي جو سدا حيات شاعر، سوڀارو، دنيا جي شاعرن کان تمام اوچو، لاکيڻي شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو موجوده رسالو پڙهجي ٿو ته گويا سمنڊ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. وري وري پڙهڻ سان، نوان نوان بيت ۽ نوان نوان نڪتا پيا پسبا.
    اڃا ته محققن جو چوڻ آهي ته؛ ڀارت ۾ موجوده رسالي کان وڌيڪ ٻيا بيت ۽ وايون آهن، جن لاءِ ڪوشش هلي رهي آهي ته اتان اهو مواد هٿ ڪري اچجي، پر موجوده رسالي ۾ ڏسبو ته اها ڪا ڳالھ، اها ڪا گفتگو يا موضوع يا عالمن ۽ اديبن جو وعظ يا تقرير ۽ ليڪچر نه هوندو، جنهن تي شاھ صاحب جو بيت موافق نه هجي.
    خوشي هجي يا غم، جدائي ھجي يا وصل، معرڪه آرائي ھجي يا صلح، نماڻائي، عاجزي، اياڻائي، ٻاڏائڻ ۽ پرچائڻ، ريجھائڻ ۽ ليلهائڻ ۽ اهڙا موقعا، ڪئين وقت، جن تي شاھ صاحب جا ڪيترا بيت ٺھڪي ڦهڪي اچن ٿا ۽ ڪئين باريڪ نڪتا جھڙيءَ طرح:
    ”اکـيـن ۾ ٿـي ويھ، تـه واري ڇــپــر ڍڪيان،
    تو کي ڏسي نه ڏيھ، آءٌ نه پسان ڪي ٻيو.“
    ”سنهي سئي سبيو، مون مارو سين ساهه.“
    ”ٽيڏي پسي ٽي، هو تان آھي ھيڪڙو.“
    ”مر وڃجي ڪورئين، ڳنڍڻ جنين ڪار،
    ڇــنــڻ سـنـدي ڪار، مور نه اٿن من ۾.“
    ”ڀـــري ٿــيــان ڀــونءِ، مـثـل واريءَ جيان،
    ته جيئن مٿان مون، لتاڙي لوڪ ڌڻي.“
    مطلب ته هزارين نُڪتا ۽ باريڪ بينيون موجود آهن.
    وري ڏسو ته اهڙا بيت ته انيڪ آهن جيڪي پهاڪن وانگر عام چوڻي، ننڍن وڏن، مردن ۽ عورتن ۾ عام زبان زد ٿي ويا آهن. هت اهڙا بيت شاھ صاحب جا الف بي وار ڏجن ٿا، جيڪي پهاڪا بڻجي ويا آهن ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ مشهور آهن:

    • الله آڻ اهي، جن آئي من سرهو ٿي.
    • الله جنگ جين، اجھي جن جي گھاريان.
    • اڱڻ جن اچن، عيد ورتي ان کي.
    • اگھيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي.
    • اسان ۽ پرين، شل هُوَن برابر ڏينهڙا.
    • ايءَ ڪميڻي ڪير، جا امر کي آڏو ڦري.
    • ايءُ ڪرم جو ڪاڍو، نه ته پٽن ڪير پنڌ ڪري.
    • اهڙا ئي آهين، صاحب منهنجا سپرين.
    • آءٌ سنڌي پڻ نه سنڀران، هو پارسي پڇن.
    • آهي آساني، پر ڪم پئي ڪل پوي.
    • اهي چلولا چئجن، جي در در لائن دوستي.
    • ايءَ دوستن دستور، جيئن ڇنا ڇنن ڪينڪي.
    • انڌو ٿي پسيج، مشاهدو محبوب جو.
    • آهيان عيبدار، سڪان ٿي سهاڳ کي.
    • اهڙو ئي الله، جو پورهتيون پيش ڪري.
    • آسر م لاهيج، سڄڻ ٻاجھارا گھڻو.
    • اکيون سيئي ڌار، جن سين پسين پرينءَ کي.
    • اوڳڻين رسي سڀ ڪو، ڳڻين پرين رٺام.
    • آڻين ۽ چاڙهين، ڏٿ ڏهاڙي سومرا.
    • آندا پرين الله، سڏ منهنجا ثاب پيا.
    • اڱڻ اهي ئي، پر جت نه پسان جوءِ ۾.
    • اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين.
    • اڄ پڻ اکڙين، سڄڻ پنهنجا ساريا.
    • ٻاهر ٻيلا ٻوڙئين، ڪنڌيءَ سڪائين ڪانھن.
    • ٻيو سڀ لوڪ لباس، ڪو هڪ دل هوندو هڪڙو.
    • پريان سندي پار جي، مڙئي مٺائي.
    • پاڻا ڏوھ چڙهن، جيئن ورق وارين وترا.
    • پاڻي پني ٻوڙ، سهڻيءَ ليکي سير ۾.
    • پاڻي مٿي جھوپڙا، مورک اڃ مرن.
    • پيرين پنڌ وسار، هل ھنئين سين هوت ڏي.
    • پيريءَ ۾ پيئي، اکيون آريءَ ڏي کڻي.
    • پڇن سي پسن، جڏهن تڏهن پرينءَ کي.
    • پکن منجھ پساھ، قالب آهي ڪوٽ ۾.
    • پورن مٿي پور، لهن ڪين لطيف چئي.
    • پارس سين پاسو، لڳن ته لعل ٿيا.
    • ڀريم جو پاڻي، سو ڪيچين ڪم نه آئيو.
    • ڀينر آءٌ ڀلياس، نه ته سڪ سمهڻ ڇا لڳي؟
    • ترهو تني بار، عشق جن کي آڪرو.
    • توڙي حب نه هوءِ، ته به هوت نه ڪجن ھھڙيون.
    • تو در ناھ جھو، مون ٻيا در گھڻا نهاريا.
    • تون پارس آءٌ لوھ، سڃين ته سون ٿيان.
    • ٽيڏي پسي ٽي، هوت آهي هيڪڙو.
    • جيڏانھن ڪريان پرک، تيڏانھن سڄڻ سامھون.
    • جي ورق وارين ويھ، تو اکر ئي ھيڪڙو.
    • جو وڙ جڙي جن سين، سو وڙ سيئي ڪن.
    • جن کي حب ھينئين ۾ آھه، ساهڙ ساٿي تن جو.
    • جيڏو تنهنجو نانءُ، ٻاجھ به اوڏائي مڱان.
    • جي وڃجي پاڻ، ته نينهن نياپي نه ٿئي.
    • جيڪي مُئي ڪندا، سو جانب ڪريو جيئري.
    • جھڙي آيس جيئن، تهڙي وڃان تن ڏي.
    • جني ڪاڻ مياس، سي ڪانڌي نه ٿيا.
    • چڱا ڪن چڱايون، مٺايون مٺن.
    • چکيو نه چوندن، هو جو ساءُ صبر جو.
    • دوست ڪهائي دادلا، محب مارائي.
    • ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪهڙا پرين.
    • دنيا سڀ دريا، ڪو ڪو تارو تنهن ۾.
    • ڌريان ئي ڌاريا، مٽ مئي جا نه ٿيا.
    • ڏيرن ڪونهي ڏوھ، امر ائين لکيو.
    • ڏات نه آهي ذات تي، جو وهي سو لهي.
    • ڏاتار ته تون، ٻيا مڙيئي مڱڻا.
    • ڏکن پٺيان سک، سگھا ٿيندءِ سسئي.
    • ڏک سکن جي سونهن، گھوريا سک ڏکن ري.
    • ڏورينديون ڏسن، اڱڻ عجيب جا.
    • ڏينهن مڙيئي ڏُون، اٿي لوچ لطيف چئي.
    • ڍوليو تني ڍار، هيٺاهيون هلن جي.
    • ڍڪين ڍڪڻهار، ڏيئي پاند پناهه جو.
    • ڍڪي ڍول گذار، لڄ منهنجي لوڪ ۾.
    • رتيءَ جي رهاڻ، جيءُ اڙايم جت سين.
    • راڻو ئي راڻو، ريءَ راڻي ٻيو ناھ ڪو.
    • زاري ڌاران زور، هلي ڪو نه حبيب سين.
    • سڪ سلامن سان، لهندي ڪين لطيف چئي.
    • سوري جني سيج، مرڻ تن مشاهدو.
    • سمنڊ جي سيوين، تني ماڻڪ ميڙيا.
    • ساڻي جن الله، سي ٻجھان ڪين ٻڏنديون.
    • ساهڙ مون سينگار، ماڻهن ليکي مهڻو.
    • سڄڻ ماکي ميٺ، ڪڙا ٿين نه ڪڏھين.
    • ساجن توهان ڌار، ڏٺم ڏينهن قيام جو.
    • سمر جن نه ساڻ، هوت حماتي تن جو.
    • سندي سڪ پرين، لوڪ ڏٺي نه لهي.
    • ستا اٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري.
    • سلطاني سهاڳ، ننڊن ڪندي نه ٿئي.
    • سوکيءَ ڀانئي سڀ ڪو، اوکيءَ تون هِين تون.
    • سڀ وڃائي ساز، تهان پوءِ تڪبير چؤ.
    • عاشق زھر پياڪ، وھ پسيو وھسن گھڻو.
    • عاشق ايئن نه هون، جيئن تون سڄي انگڙين.
    • عدل ڇٽا آ نه، ڪر ڪو ڦيرو فضل جو.
    • فاني ۽ فاني، دنيا دم نه هيڪڙو.
    • قدر وار ڪم ٿيا، کٽا خريدار.
    • قسمت قيد ڪياس، نه ته ڪير اچي هن ڪوٽ ۾.
    • ڪوڏر ۽ ڪاني، آهي سر سڀ ڪنهن.
    • ڪاتيءَ ڪونهي ڏوھ، ڳن وڍيندڙ هٿ ۾.
    • ڪُسڻ جو قرار، اصل عاشقن سان.
    • ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجھ، اچي بوءِ بهار جي.
    • ڪائو ڪمايوم، موتي مون نه وڻجيا.
    • ڪوڙ ڪماءِ م ڪچ، اٿي اور الله سين.
    • ڪا مون ۾ گھٽ، نه ته سڄڻ سٻاجھا گھڻو.
    • ڪاڏي ٿيو ڪوهيار، ڪاڏي ٿي هٿ ڪڻي.
    • ڪسيم جنھين ڪاڻ، سو ڪوهيارو ڪيچ ويو.
    • ڪي اوڏائي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين.
    • ڪا نه پڇي ذات، جيڪي آيا سي اگھيا.
    • گھڙيا سي چڙهيا، ائين اٿيئي.
    • لکيو منجھ نراڙ، سو قلم ڪياڙي نه وهي.
    • لڳي جن لوري، ڏونگر سي ڏورينديون.
    • لک لهي ٿي لوڏ، جيجان تن جتن جي.
    • لکين ليلائون، چنيسر جي راڄ ۾.
    • لئج لطيفي لات، ته ويجھو ٿين وصال کي.
    • مفتي منجھ وهار، ته قاضي ڪانيارو نه ٿين.
    • معرفت مرڪ، اصل عاشقن جو.
    • مرين جيءُ ته ماڻئين، جانب جو جمال.
    • مرڻا اڳي جي مئا، سي مري نه ٿين مات.
    • ماڻيو تني مور، جني ديکيو دل سين.
    • ماڻهو گھرن مال، آ سڀ ڏينهن گھران سپرين.
    • مون ۾ عيبن ڪوڙ، تون پاڻ سڃاڻج سپرين.
    • مين سين ماڻو، مناسب نه مينڌرا.
    • منهن ۾ مسلمان، اندر آزر آهئين.
    • منهن ۾ موسى جھڙو، اندر ۾ ابليس.
    • ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج.
    • نائي نيڻ نهار، تو ۾ ديرو دوست جو.
    • ننگئون نڪتو نانگو، تنھن نانگي ڪهڙو ننگ.
    • وطن ٿيو وري، ڪُوڙن ڪانيرن جو.
    • ويا مور مري، هنج نه رهيو هڪڙو.
    • وهامي ويندياءِ، گھڻا هڻندين هٿڙا.
    • وس ڪرڻ مون واڪا، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو.
    • ور پنهون سين پلڪ، ٻن ٻارهن ماه ٻين سين.
    • ويڄنئون ويئي، ٿي وهيڻي سڄڻين.
    • واٽون ويھ ٿيون، ڪوه ڄاڻا ڪيهي ويا.
    • هٿن سين هاج ڪر، نيڻن سين نهار.
    • هو چونس ٻوڏ، ته جيءَ سڻائي جڳ کي.
    • هٿان تو پيئي، ٿي ڪچو ڪيچين کي چئين؟

    ***


    شاھه لطيف جي شاعريءَ ۾ چوڻيون : ڊاڪٽر غلام قادر سومرو

    سنڌي شاعري، سنڌي زبان جي قدامت سان، هر دؤر ۾، اڪيچار لفظي ۽ معنوي خوبين سان مالا مال ٿيندي رهي آهي ۽ صدين جو سفر طيءِ ڪري، ڪيترن ئي انقلابن، ڌارين جي حملن، اندروني ۽ ٻاهرين اٿل پُٿل کان دامن بچائي، ترقيءَ جون منزلون طيءِ ڪندي، بنھ شاھوڪار زبان بڻجي ويئي آهي. ان جو هڪ وڏو سبب اهو به آهي ته اُن جي شاعريءَ ۾، اصطلاح/ محاوري جو زور مٿاهين درجي تائين موجود آهي. هر دؤر ۾، شاعريءَ جي مختلف صنفن تي ڀرپور طبع آزمائي ڪئي وئي آهي. سنڌي ادب جي تاريخ جي مختلف دؤرن ۾، انسان جي ڪلاسيڪل توڙي عروضي ۽ جديد فڪر جي شاعرن، شاعري ۾، لوڪ ادب جي سگھڙن جي سخنن ۾، ڏاهن ۽ ٻهڳڻن جي قولن ۾، اسان کي ڪيترا ئي بيت، شعر، شعرن جو مصرعون ۽ فقرا ملن ٿا، جيڪي زوردار نموني ۾ چيل محاورن ۾ رچيل ۽ اصطلاحن ۾ سنورايل آهن، سي ڪاروباري زندگيءَ ۾، ضرب المثل يا چوڻين ۾ استعمال ٿين ٿا. اهي عاقلاڻا مثال آهن جن سنڌي ٻوليءَ ۾ محاوري جو زور ڀريو آهي.
    اسان جي دعوى آهي ته سنڌي زبان، دنيا جي شاهوڪار ۽ سڌريل زبانن مان آهي، جنهن جو هڪ زوردار دليل هيءُ به آهي ته ان ۾ اڻڳڻت نحوي، لغوي ۽ معنوي خوبيون آهن. انهن خوبين مان هڪ خوبي اها به آهي ته ان ۾ محاورن جو زور آهي، جنهنڪري سوَن/هزارن جي تعداد ۾ اصطلاح، پهاڪا/چوڻيون، اصطلاحي فقرا، ڏاهپ جا قول، سياڻپ جا سخن، ٻهڳڻن جا ٻول موجود آهن.
    حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي (۱۶۸۹ع-۱۷۵۲ع) پنهنجي شاعريءَ ۾، مشاهدن تي آڌاريل، زندگيءَ جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل، پنهنجا ڪي بيت، مصراعون، فقرا اهڙي ته ڀرپور انداز ۾ چيا آهن جو انهن کي اسان روزمره گفتگوءَ ۽ تحريرن ۾، چوڻين طور استعمال ڪندا رهون ٿا. شاھ تان ورتل چوڻيون، پهاڪن وانگر، اسان جي گفتگو توڙي تحرير ۾، محاوري جو زور ڀرين ٿيون ۽ مهل ۽ موقعي پٽاندر ڪم اينديون رهن ٿيون.
    چوڻ وارا چئي ويا، ڪا سچي ڳالھ چئي ويا، حقيقت کي ڦهڪائي ويا ۽ ٻين انهن چيل حقيقتن کي ورجايو ۽ اڳتي هلي لفظن جي انهيءَ ورجاءَ پهاڪن ۽ چوڻين جي صورت اختيار ڪري ورتي.
    سنڌ جي ڪلاسيڪل (آڳاٽن) شاعرن، جھڙوڪ؛ قاضي قاذن (قاضي قاضن/قادن)، شاھ عبدالڪريم بلڙي وارو (سنڌ جو چاسر)، حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي، ميون شاھ عنايت، سامي، سچل سرمست ۽ ٻين ڪيترن ئي شاعرن/سگھڙن سنڌي زبان کي گھڻيون ساريون چوڻيون ڏنيون. انهيءَ کان علاوه عروضي شاعرن مان صاحب ديوان شاعرن جهڙوڪ؛ خليفو گل محمد ”گل“، خليفو قاسم هالائي، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، مير عبدالحسين خان ”سانگي“، شمس الدين ”بلبل“ ۽ ٻين اهڙن سوين شاعرن پنهنجي شاعري ۾ ڪيترائي شعر چيا آهن، جيڪي سڄا ئي سڄا يا انهن جون سِٽون (مصرعون) يا فقرا، سنڌي چوڻين طور ڪم اچن ٿا. انهيءَ ڏس ۾، اسان مختلف شاعرن جي شاعريءَ کي ”لفظ لفظ“ ڪري ڏسڻ واري مطالعي جي نتيجي ۾، ڪي مثال چونڊيا آهن. هتي اسان شاهه لطيف جا سونهري ”ڏاهپ جا قول“ پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ پيش ڪري رهيا آهيون.
    شاهه جي شاعريءَ جو هڪ هڪ لفظ، هڪ هڪ فقرو ۽ هڪ هڪ سٽ (مصرع) ”ڪُوزي ۾ درياهه“ مثل آهي. شاهه جا اهي نقطا، ڏاهپ جا ڏاڻ، سچ جا سنيها، حق جا هوڪا، پرت جي پچار آهن ۽ اهي سپڪ ۽ رسيلي رنگ ۾ بهاريل، گرامر، لسانيات ۽ صوتيات جي اصولن جي مطابق آهن.
    شاهه جي جُملي شاعري، چونڊ لفظن ۽ محاورن سان سنواريل، فن ۽ فڪر جو اعلى معيار پيش ڪري پاڻُ مڃرائي چڪي آهي. سندس، شاعري واري اعلى منصب مڃتا جو سڀ کان ناقابل ترديد ثبوت ھي آهي ته مھا سگھارن اديبن ۽ پهرين جوڙ جي شاعرن، لطيف سرڪار جي شاعريءَ تان پنهنجي تحريرن جا موضوع، عنوان طور ورتا آهن:

    جي ايم سيد: ”جنب گذاريم جي سين“.
    شيخ اياز: ”ڪلھي پاتم ڪينرو“، ”ڀؤنر ڀري آڪاس“.
    تنوير عباسي: ”رڳون ٿيون رباب“.
    گُرداس واڌواڻي: ”جيڪي ڏٺو سو مون“.
    علي نواز وفائي: ”رتيءَ جي رهاڻ“

    ريڊيو - ٽي وي پروگرامن/اخبارن/رسالن جي مستقل ڪالمن جا عنوان:
    ۱- اڇو پاڻي لُڙ ٿيو، ۲- سنها ڀانءِ مَ سپ، ۳- مڙيا مٿي مچ، ۴- جيڪي منجهه جهان، ۵- پلئه پايو سچ، ۶- سڙهه سنوان، لاڄو نوان، ۷- پتڻ ٿو پور ڪري، ۸- دنگي منجھ درياهه، ۹- ماڻڪ موتي لعل، ۱۰- مٽيءَ لڌو مانُ، ۱۱- اڄ پڻ چڪيمَ چاڪ، ۱۲- سيئي جوڀن ڏينهن، ۱۳- ويا سي وينجهار، ۱۴- اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين، ۱۵- جي لوچين، سي لهن، ۱۶- چارڻ چوريو چنگ، ۱۷- سورج شاخون ڪڍيون، ۱۸- ويا سي وينجهار.
    هر مڪتبه فڪر جا ماڻهو، عالم، فاضل، استاد، وڪيل، سياسي اڳواڻ، شاگرد مطلب ته سڀ شاهه جي شاعريءَ جا شيدائي بنجي چڪا آهن. سياستدان پنهنجي تحريرن ۾، خطيب پنهنجي خطبن ۾، مولوي پنهنجي وعظن ۾، استاد پنهنجي ڪلاس ليڪچرن ۾، مقرر پنهنجي تقريرن ۾، مباحثه نگارن پنهنجي مباحثن ۾، مطلب ته هر ڪو پنهنجي پنهنجي نقطه نظر کي واضح ۽ زوردار بنائڻ لاءِ، ضرورت ۽ موضوع مطابق شهنشاهه لطيف جي شاعريءَ مان چونڊ مثالي فقرا، مصرعون، بيت پيش ڪرڻ کي وڏي سعادت تصور ڪري ٿو. شاگرد، توڙي مضمون نگاري جي مقابلن لاءِ شاهه جي رسالي مان گھربل مواد لازمي طرح وٺڻ کان سواءِ رهي نه ٿا سگھن. جهونا جهونجار، بزرگ خواتين ۽ نوجوان سگھڙيون پنهنجي گفتار کي ڀٽائي گھوٽ جي شاعريءَ سان سنوارين ٿا.
    لاکيڻي لطيف جي شاعريءَ ۽ محاوري ۾ جادو سمايل آهي. انهيءَ حوالي سان ائين چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته شاهه صاحب ”محاوري جو ڌڻي“ هو. اهو ئي سبب هو جو عالم، اديب، شاعر ۽ ڏاها سندس شاعريءَ جي معيار تي ناز ڪن ٿا. سندس چوڻين کي عالمي معيار سان ڀيٽ ڏيئي سگھجي ٿي.
    ڀلاري ڀٽ ڌڻيءَ جي شاعري، مڪمل طرح قرآني تعليمات جي رنگ ۾ رچيل آهي. انهيءَ ڪري ئي شاهه صاحب پنهنجي شاعري (بيتن) کي آيتون سڏيو ۽ دعوى ڪئي ته:
    جي تون بيت ڀائين سي آيتون آهين،
    نـيـو مـن لائيـن، پريان سندي پار ڏي.
    ڀٽائي بادشاهه قرآن پاڪ مان بصيرت ورتي ۽ قرآني آيتن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ آڻي، انهن جو مفهوم پيش ڪيو. ”ان الله مع الصابرين“ کي هن طرح اظهار ڪري ٿو:
    ”چکيو نه چوندن، هو جو ساءُ صبر جو!“
    شاهه لطيف زندگي جو شاعر هو. سندس شاعري ڀرپور انداز ۾ گهاريل، بامقصد زندگيءَ جو اولڙو آهي. زندگي جي وهنوار سان لاڳاپيل مختلف موضوعن تي ڪيترا ئي مثالي فقرا، مصرعون ۽ بيت ملن ٿا جن کي اسان (Quotable Quote) طور زندگيءَ جي ڪاروبار جي هر شعبي سان واسطو رکندڙ موضوعن تي اظهار خيال لاءِ پيش ڪندا رهون ٿا. مثال طور ”زندگي بي ثباتي“، ”يارن و ياري“ موت جي حوالي سان ڪوڙ ۽ ڪاني جو ذڪر انساني جاکوڙ،
    ”هڪي ٻانهي چت ۾، ٻي جا ڪري الله“
    ”نوري ڄام تماچي“ داستان سان لاڳاپيل ”ڪينجهر ڍنڍ“ جو قدرتي حسن، من لڀائيندڙ نظارو جيڪو صدين کان ”ضرب المثل“ بنيل آهي. شاهه سائين ڪينجهر جي قدرتي سونهن ۽ ڪشش جو ذڪر هيٺين طرح ڪيو آهي:
    لڳي اتر واءُ، ڪينجهر ھندورو ٿئي! (سر: ڪاموڏ)
    شاهه صاحب پنهنجي شاعريءَ ۾، جن حقيقتن جو ذڪر ڪيو آهي، انهن مان اڪثر عالمي حقيقتون آهن؛ مثال طور ”موت ۽ حيات“ جي فلسفي کي، قبر جي حوالي سان هن ريت سمجهائي ٿو:

    1. کڻ تون قوت قبر جو، گھڻو ٿو گھرجي! (سر: سريراڳ)
    2. جم وسارين ويسرا! ڀتين جي ڀڻڪار.
    (ڇو ٿو وسارين قبر جي ڀتين سان ٽڪرائيندڙ پڇاڻي جي ڀڻڪار/ آواز!)
    3. اول آخر آهه، هلڻ مُهجو هوت ڏي! (سر: سسئي آبري)

    شاهه جي ناصحانه ڪلام مان ڪيترا ئي بيت، مصرعون، ڌڻيءَ جي در دعائن گھرڻ لاءِ ڪم اچن ٿا. دعائيه مصرعن جا ڪي مثال:
    1. توبه آهي تن کان، جي هٿان مون ٿيون! (سر: رِپَ)
    2. عدل ڇُٽان آءٌ نه، ڪو ڦيرو ڪج فضل جو!
    3. مديون پَسي مَهجيون، شرمايا شيطان! يا الاهي، ٻاجهه ٻلاٽي ڀائيان.
    4. ڀلو ڪندو ڀال، مينهن وسندا موٽ تون! (سر: سارنگ)
    5. سامونڊين، سائين! واءُ سڻائو واريين! (سُر: سامونڊي)
    6. جي اچڻ ساڻ اُڪير، سي ٻيڙا رکين ٻاجهه سين! (سر: سريراڳ)

    شاهه صاحب جو ”سر مارئي“، مارئي جي لاثاني ڪردار جي حوالي سان حب الوطني جي پاڪيزه جذبات ۾ رسيل، ادبي شاهڪار آهي. مثالي سٽ:
    ايءَ نه مارن ريت، جئن سيڻ مٽائن سونَ تي!
    اسان جو لاکيڻو شاهه، انسان دوستيءَ جو علمبردار ۽ بين الاقوامي فڪر جو شاعر هو، انسانن سان کيس پيار هو، ساري ”عالم“ جو خير گھريو اٿس. فرمائي ٿو:
    لاهين مٿان لوڪَ، ڏولائي جا ڏينهڙا. (سر سارنگ)
    ساري دنيا سان گڏ، سنڌ کي بنهه نٿو وساري. سندس دعا آهي:
    1. سائينم! سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار،
    دوست! مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين. (سُر: سارنگ)
    2. وطن وسائيج ته سنگھارن سک ٿئي! (سُر: سارنگ)

    انسان ذات لاءِ دعا گھرندي چوي ٿو:
    1. سڀيئي سئينءَ ڪرين، ڪو مَ منجهايين واٽ! (سُر: سريراڳ)
    2. لاهين مٿان لوڪَ، ڏولائي جا ڏينهڙا! (سُر: سارنگ)
    شاهه صاحب معاشري ۾ موجود ”ڪارين رڍن“ يعني اڻوڻندڙ طبقن جي ڪردار کي ننديو آهي. انھن ذخيره اندوز ۽ منافع خورن بابت چوي ٿو:
    ڏڪاريا ڏيهن مان، شل موذي سڀ مرن! (سُر: سارنگ)
    سماجي ايذاءَ رسائيندڙن جي ناجائز منافع جي پوتاميل جي اوگھڙ هن ريت ڪري ٿو:
    جن مهانگو لهي ميڙيو، سي ٿا هٿ هڻن. (سُر: سارنگ)
    هيٺ ڪي مثال ڏجن ٿا، جن کي ”خرارن مان ڀريل هڪ مُٺ“ سمجهيو وڃي.

    سُر ڪلياڻ:
    1. آسر هڏ مَ لاهه، ڇنڻ ڳنڍڻ اُن جو.
    2. پريان سندي پار جي، مڙئي مٺائي،
    ڪانہ ڪڙائي، چکين جي چيتُ ڪري.
    3. پَهرين ڪاتي پاءِ، پُڇج پوءِ پريتڻو.
    4. جِئڻ ناهي جڳ ۾، ڏيهه مڙيئي ڏون.
    5. حبيبن هيڪار، منجهان مِهر سڏ ڪئو،
    سو مون سڀ ڄمار، اورڻ اهو ئي ٿو.
    6. سُپريان صحت، ڏنيم منجهان ڏکندي.
    7. سسي ڌار ڌري، پُڇج پوءِ پريتڻو.
    8. سوري جنين سيجَ، مرڻ تن مشاهدو.
    9. ڪُسڻ جو قرار، اصل عاشقن کي.
    10. وحدت جي وِهانءِ، جي وئا سي وڍئا.
    11. هَٿِ ڪاتي، ڳڙ واتِ، پڇڻ پَرِ پرين جي.

    سُر يمن ڪلياڻ:
    1. آهي گھڻو اگھنِ جو، ترس طبيبن،
    ڪئو وس ويڄن، تان ڪريءَ ري ڪين ٿئي.
    2. اسان تان نه سري، تو ڪئن سري سُپرين؟
    3. اگھن مڙي اڄ، ڪئو سڏ صحت کي،
    ڏور ڏکندو ڀڄُ، مِهريءَ مہُ ڏيکاريو.
    (ڏکندو: بيماري)، (مهري: مهر وارو / مهربان)
    4. اکر ڇٽي ھيڪڙي، ٻھون جي نه ٻجھن،
    ڪوھ ڪبو کي تن، سڄي سڻائي ڳالھڙي.
    5. الله وڏو وِيرُ، ڀورو لوڪ نه ٻُجهڻو.
    6. ٻاريو اُجهائين، پرين اُجهايو ٻارين!
    مون کي ٿا مرين، لُئا لهارن جا!
    (لُئا: اُلا باهه جا/ ڄڀيون)
    7. ٻِن تراڙن جاءِ، ڪا آهي هيڪَ مياڻَ ۾؟
    8. تڏهِ ڦڪيون فرق ڪنِ، جڏهن امر ڪرهو ان کي.
    9. تون حبيب، تون طبيب، تون درد جو دارو.
    10. تون حبيب، تون طبيب، تون درد جي دوا.
    11. پچڻ گھڻا پچائيا، تون پچڻ کي پچاءِ.
    12. پرت جَن پوري، تن رويو وهامي راتڙي.
    13. پيڙ پري ويئي، اچڻ ساڻ عجيب جي.
    14. جان جان ناهِ ضرور، تان تان طبيب ناهه ڪو.
    15. جِمَ ورچي ڇَڏين، سندي دوست دري!
    16. جيڪي ڏنائون، سو سر ڏيئي سھُ ڄندڙا!
    مَ چؤ ڇنائون، ايءُ پڻ ڳنڍئو سڄڻين.
    17. ڊڀن ڀري هٿڙا، دارون دوست ڪَريج.
    18. سڄڻ جي سارين، تن رويو وهامي راتڙي.
    19. سدا آهي سور جي، واڍوڙئن وائي.
    20. صاحب ڏي شفا، ميان! مريضن کي.
    21. عاشق انگھن چڙهئا، ٻئو سڀ ڪو ڀڄي.
    (انگھ: ڦاهي/سوري)
    22. عشق آهي نانگ، خبر کاڌن کي پوي.
    23. عشق نانگ آهي، خبر کاڌن کي پوي.
    24. عشق نانگ اپر، خبر کاڌن کي پوي.
    25. عشق نانگ نِپٽ، خبر کاڌن کي پوي.
    26. ڪا نه گھرجي مون، حياتي هوتن ري.
    27. ڪِئو مطالع مون، هو جو ورق وصال جو،
    تہِ ۾ تُنھين تون، ٻي لاتِ نه لحظي جيتري.
    28. کانڌ وڏيائي کيڻَ، ڪيني منجها ڪين ٿئي.
    (کيڻ: چڱائي/ڀلائي)
    29. محبت جي ميدان ۾، پئا لالَ لڇن.
    30. محبتين مٿاءَ، مَچُ، مورائين نه لَهي.
    31. نَمي کمي نهار تون، ڏمر وڏو ڏک.
    32. ويڄن سين وائيءَ پيا، ڪِري ڪن نه پاڻ،
    اگھا اِن اُهڃاڻ، پسو! سورَ سجهائيا.
    33. ويڄنئون ويئي! ٿي وَهيڻي سڄڻين.
    34. ويچارا واڍوڙ، سدا شاڪر سورَ سين،
    تاڻين مٿي توڙ، اوري ڪن نه آسر.
    35. هاريا! ويڄ مُياسِ! سڌ نه لهم سور جي،
    پريان کي چُندياس، ته ترس طبين ڇڏئو.

    سر کنڀات:
    1. جن مسافر سُپرين، سي مر رويو رون،
    نيہُ نياپي نه ٿئي!
    2. ساجن سنديءَ سونهن جي، آئون ڳالهه ڪريان ڪيهي؟
    يا الا! مون ساريندي سُپرين.
    3. سُڌين سيڻَ نه هونِ، نيہُ نياپي نه ٿئي.
    4. سڄڻ ماکيءَ ساءِ، ڪؤڙا ٿين نه ڪڏهم.
    5. سڄڻ ماکيءَ منڌ، ڪؤڙا ٿين نه ڪڏهم.
    6. سڄڻ ماکيءَ ميٺ، ڪؤڙا ٿين نه ڪڏهم.
    7. مَڇڻ پونيءَ هڏ، آهون اُڪنڊين جيون.
    8. مون ٻئا دَرَ گھڻا نهارئا، آهين تونھين تون.
    9. موٽڻُ جنين ميهڻو، پڙ تي سيئي پون،
    نيهه نياپي نه ٿي.

    سُر سريراڳ:
    1. آهي موت مڙن تي، گوڙيون ڪِئو گجي.
    2. اتُ نه ڏجي عام کي، لوڪا ڪجي لِڪَ.
    3. اجل ايندءِ اوچتو، جو سدا ٿو سڄي!
    4. اَگھئو ڪائو ڪچُ، ماڻڪن موٽ ٿي،
    پئه پايو سَچُ، آڇيندي لَچ مران!
    5. امن آهي اُن کي، جو منجهه الله اجهي.
    6. اي سائينءَ جو سبب، جيئن ٻڏا اُڪاري ٻار مان.
    7. ٻيڙي پراڻي، وکر پاءِ مَ وترو.
    8. تانگھي ۾ تاڻي، ٻڌُ پَهجو تُرهو.
    اونهي ۾ آڻي، ڪو نه ڏيندءِ ڪو ٻئو.
    9. تُرهو ڇنم تار ۾، رسج تون رحمان.
    10. تہِ واحد کي واهُ، جو سُتڙ سڀيئي ڪري!
    11. جاڳو جي يارا! ته تَڙ توائي نه ٿئي.
    12. جِتِ ٿيندو راضي، اُت توريندا تجويز سين.
    13. جَن جي سيد لَڄ کنئي، سي سڀ لنگھيندا لڪيون.
    14. جي اچنِ ساڻ اُڪير، سي ٻيڙا رکين ٻاجهه سين!
    15. جي ڇُوھي ڇوڙيائون، سي ٻيڙيون رکين ٻاجهه سين!
    16. جي نه سڃاڻن سَچَ کي، ويھُ مَ تني وٽِ.
    17. چڱن سان چڱائيون، ائِن سڀ ڪو هوءِ،
    تو جِئن ڪري نه ڪوءِ، بُڇَن ساڻُ ڀلائيون.
    18. چوڻ چارو ناهِه ڪو، بديون بي شمار.
    19. ساٿُ نباهيو نين، ايءَ پَرِ سندي سڄڻين.
    20. سٻاجهو ستارُ، سُتَڙِ سڀئي ڪري.
    21. سڀيئي سئينءَ ڪرين، ڪو مَ منجهايين واٽ!
    22. سيوئو جن سبحان، ويرَ نه وڙهي تن سين.
    23. عدل ڇُٽان آ نه، ڪو ڦيرو ڪج فضل جو!
    24. ڪانهي قيمت تن، مُلُ مهانگو اُن جو.
    25. ڪڍج ڪائي ڪَچَ کي، ڪوڙ مَ ڪمائيج.
    26. کَڻُ تون قوت قبر جو، گھڻو ٿو گھرجي!
    27. قدر وارا ڪم ٿيا، کُٽا خريدار.
    28. مديون پسي مُهجيون، شرمايا شيطان!
    يا الاهي ٻاجهه ٻلاٽي ڀائيان.
    29. جم وساريين ويسرا! ڀِتن جي ڀُلڪار.
    30. وکر سو وِهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿيي.
    31. ويا سي وينجهار! هيرو لعل ونڌين جي.
    32. ويرَ مَ لاهي ويهه، مٿي آر اوڙاهه جي.
    (آر: تيز وهڪرو/سير/تک/پاڻيءَ جو تکو وهڻ)
    33. هڪي ٻانهي چِتَ ۾، ٻي جا ڪري الله!
    34. هلندي حبيبن ڏي، ويلو وچ نه ڪج.

    سُر سامونڊي:
    1. اُڀيون ڏنڀ ڏِسن، جُہ سِڙهه ڏسي سير ٿئا.
    (سير ٿيڻ: ٻيڙا ڌڪي درياهه/سمنڊ جي سير ۾ ڪاهي پوڻ)
    2. اڱڻ جَنِ اچن، عيد ورتي اُن کي.
    (ورتڻ: ٿيڻ ورتي: ٿئي)
    3. ٻيڙيءَ جي ڀوڻُن، نيہُ نه ڪجي تن سين!
    (ڀوڻن: رهن/گذارين: سامونڊين سان مائٽي نه ڪجي)
    (سامونڊيڪو/سامونڊين جو سڱ/لاڳاپو/ناتو/مائٽي وڏي آزمائش/ قرباني گهري ٿي.)
    4. پورينديس پرين ڏي، ڪا نه ڪريندس گھٽ.
    (پورينديس: ڪاهيندس/ هلنديس/ وينديس)
    5. جُڳن جا جوڳ ٿئا، تِئان نه موٽيو ڪوءِ.
    6. جَڏهه سائينءَ سبب ڪِئون، تڏهن سُتڙ ٿِئا، سيد چي!
    (سُتڙ: سولو تڙ، جتي آسانيءَ سان ٻيڙا اچي لنگر ھڻن)
    7. سيانداري سمونڊ جي، نهوڙي نئا!
    وڃي تِت پئا، جِت نهايت ناهه ڪا.
    (سيانداري سمونڊ جي: سمونڊ جي پيٽ/ پاتال، ۾ ويا ۽ ٻڏي مئا)
    8. سامونڊين سائين! واءُ سڻائو واريين!
    9. سمنڊ جن ساڙيهُه، ڪوهُ نه ويئن تن سين؟
    10. سيئي ٿيون مرڪَن، جنين سندا آئيا.
    11. هلڻ هارا سُپرين، رئان تان نه رهن.

    سُر سهڻي:
    1. اُڀيون اوريين پارَ ڏي، ڪوڙيون ڪَکَ پُڇن.
    (ڪَکَ: ڪکن جو ٺهيل تُرهو/ ڪکائون ترهو جنهن جي مدد سان تري، ڪناري تي پهچي سگھجي ٿو/ سهارو)
    2. ايڏي سگھه، سچا ڌڻي! توهِم کي جُڳاءِ.
    3. ٻُڏَ توڪل جو ترهو، آهر ساڻ الله.
    4. ٻڏندي ٻوڙن کي، ڪي هاتڪ هَٿَ وجهن،
    پسو لڄ لطيف چي، ڪيڏي کي ڪکن؟
    توڻي ڪنڌيءَ ڪن، نا ته ساڻنِ وڃن سيرَ ۾.
    (هاتڪ: حاذق: هوشيار: حريف)
    5. تو رءَ تاري ناهه ڪا، والي! تو رِءَ واهَ.
    6. پارِ جنين جو پي، وڃڻ واجب تن تي.
    (پي: پريتم/ پرين/ پيارو/ محبوب/ من گھريو منٺار.)
    7. جر ٿر تک توار، وڻن ٽڻ وائي هيڪڙي.
    8. جن کي عشق جي اُساٽ، سي واهُڙُ ڀائن وکڙي.
    9. جنين من ميهار، هلڻ تنين حق ٿئو.
    10. جِهه کي ساڻ، پريان جا سور،
    تہُ کي ندي ناهه نگاهه ۾.
    11. جهڙي پريان ڳالڙي، تهڙي ٻي نه ڪاءِ.
    12. جي ڪچي ساڻ ڪهن، آڪو تن اوباهين.
    (ڪچو: ڪچو گھڙو. آڪو: ڪچو گھڙو/ اڻپڪل دلو. اوباهڻ: پار پهچائڻ)
    13. جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهين،
    نيو من لائين، پريان سندي پارَ ڏي.
    14. جي پِئا مہُ مهراڻ، تن ٻانڌين ٻيٽ نه اڄهي.
    (ٻانڌي/ ٻانڊي/ سُڪل/ پوري ڪاٺي.)
    15. جيڏاه عالم آسرو، مون پڻ آهي اوڏاهين.
    16. حبيباڻي هيجَ، پيسُ مہُ ميهار جو.
    (هيج: اڪير/ اڪنڊ/ سِڪ/ حُب.)
    17. ”ڏم“ پاسي ۾ ڏکندو، صحت وٽ سنگھار.
    (ڏم: سهڻيءَ جو مڙس. سنگھار: ميهار/ سهڻيءَ جو چاهيندڙ. ڏکندو: بيماري.)
    18. رکُ ڀيلي جو ڀرم، جو اچي پيو اَجهور ۾.
    (ڀيلو: ڪچو گھڙو/ اڻپڪل دِلو. اجهور: اجهاڳ/ جهجو پاڻي.)
    19. ساڻي جن الله، ٻجهان، سي نه ٻڏنديون.
    20. ساهڙ ڄام سچو، ساڻي ٿيندم سيرَ ۾.
    21. ساهڙ سندو تن، گهاگهائي گھِڙن جي.
    22. ساهڙ مٿاءُ صدقو، ڏهين ڏم ڏيان.
    23. ساهڙ مون سينگارُ، ماڙهن ليکي ميهڻو.
    24. سُپرييان جي ترهي، ٻڏين هَٿُ م لاءِ،
    صباح تان چُنداءِ؛ اسان تو اُڪاريو.
    (چونداءِ: چوندءِ/ دعوى ڪندا/ مهڻو ڏيندا.)
    25. سُپريان جي ڳالڙي، ڪہِ سان ڪينَ ڪجي.
    26. سڄا ٻيڙا ٻار ۾، هليا هيٺ وڄن.
    27. سدا ساوڻ ڏيهڙا، هيَهم نه هُنداءِ.
    (هيَهمِ: ائين/ انهيءَ نموني.)
    28. سگھان نه چوري، ڏاڍو نيرُ نيہَ جو.
    (نير: سنگھر/زنجير/هٿ ڪڙول. نيہُ: نينهن/پيار/عشق/محبت/پريت.)
    29. سُکُ نه پُڇي سوهڻي، ڏک ڏکيءَ کي ڏس.
    30. سندو ڪَچَ ڪُنو، تارِ ترندو ڪيترو؟
    31. سهسين سائر ٻوڙيون، مُنڌ ٻوڙيو مهراڻ.
    (سهسين: سوين/کوڙ ساريون. سائر: درياهه. مُنڌ: عورت/زال/مِهري/سهڻي)
    32. سهڻي کي، سيد چي، وڌو قرب ڪُهي.
    33. سي تُرت لنگھنديون تارِ، اُڪنڊ آڳهه جن سين.
    (اُڪنڊ: سِڪ/ پيار/ محبت. آڳهه: آسرو/ آڌر/ ڀرجهلو.)
    34. گھڙو ڀڳو، مُنڌ مُئي، وسيلا وئا،
    تِهان پوءِ سُئا، سهڻيءَ سڏ ميهار جا.
    35. گھڙيا سي چڙهيا، ايهم اٿئي.
    (اِيهَم: ائين.)
    36. لهرن لک لباس، پاڻيءَ پسڻ هيڪڙو.
    37. مُلڪ مڙو ئي منصور، ڪُهي ڪُهندا ڪيترا؟
    38. نڪو سنڌو سور جو، نڪو سنڌو سِڪَ.
    عدد ناهِ عشق، پُڄاڻي پاڻ لَهي!
    (پڄاڻي: حد/ انت/ انتها/ پڇاڙي.)
    39. نڪو سنڌو سيرَ جو، مَپ نه ملاحن.
    (سير: تار پاڻي/ درياء جو ترو. مپ: ماپ/ خبر/ اندازو.)
    40. واهُڙ تنين وِکَ، جن سنڀارا سُپرين.
    (سنڀارا: سنڀاران: سنڀارن ۾/ ياد/ سامهون. واهڙ: واهه/ننڍو واهه/درياهه)
    41. وَيا جي وَهه گڏ، هلو ته ڏوريون اُن کي.
    (وَهَه: درياهه جو وهڪرو)
    42. هَٿُ پريان، جي هٿَ ۾، ٻي کي ڏج م ٻانهه.
    43. همهء منصور هزار، ڪهڙا چاڙھئو چاڙهئين؟
    (منصور: عظيم صوفي منصور حلاج جنهن کي ”سچ“ ڳالهائڻ جي سزا طور ڦاسيءَ تي چاڙهيو ويو.)
    44. هُنهِم هُند مُئي، پر ٻڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا.
    (هُنهم: هونئن ئي. هُند: هوند/ جيڪر)
    45. هوتُ هلندين کٽئو، وِهڻ، مُنڌ! وسار،
    ترڪڻ آهي تڙ ۾.

    سُر سسئي آبري:
    1. آتڻ ۾ پِرياڻَ، هو سَڀنين جيڏين،
    مون سڀاڳيءَ ساڻَ، ڪيرَ ڇُلندي ڇپرين؟
    (پرياڻ: پريتڻو/ پريت/ پيار. ڇپر: جبل/ روهه/ پٿر/ پهاڙ.)
    2. آهي گھڻو اَهکو، فقيريءَ جو ڦندُ.
    3. اُٿي رائو ريل، ويٺن تان واري وري.
    4. اچي عزازيل، سُتي جاڳائي سسئي،
    ٿي ڊوڙائي دليل، ته پنهوءَ ماڙهو موڪليو.
    5. اندرِ جنين اُڃَ، پاڻي اُڃئو اُن کي.
    6. اول آخر آهِه، هلڻ مُهجو موت ڏي.
    (انا لله و انا اليہ راجعون.)
    7. اي ڀلائيءَ جو ڀُل، جئن پاسي ٿيڻ پاڻي کي.
    8. تو تي لڄ، لطيف چي، آهي سندي عام.
    9. پاڻي مٿي جهوپڙا، مورک اُڃ مرن.
    10. پنڌُ م ڪرَ پهاڙ ڏي، وجود ئي وڻڪار.
    11. پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سور ٿيا.
    12. پورهئو سندو پورهيتين، والي ڪيم وڃاءِ.
    13. پهرين تون پاريج، پارڻِ پوءِ پنهوءَ تي،
    ٻولَ مَ وساريج، هُو جو ڪيوءِ هوت سين.
    14. جِتُ ڪڙم نه قبيلا، اُت رسج رهبر راهه ۾!
    15. جَتُ ڪيائين يار، سورن ڪارڻ، سرتيون!
    16. چڪيء کي چئي، ڪا جاڳائي، جيڏيون!
    ويڙو ساٿُ وَهي، تو ننڊائي نه لهي!
    (ننڊائي: ننڊاکڙائي/ ننڊ جوکيپ/ خمار.)
    17. ڏونگر ڏورڻ ڏاکڙو، لَئن ري ڪو نه لَلُ.
    (ڏونگر ڏورڻ: جبل جھاڳڻ/ جاکوڙڻ. لنؤ: محبت. لَلُ: مزو/ ڍنگائتي زندگيءَ جو لطف/ زنده رهڻ جو ڍنگ.)
    18. ڏونگر نه ڏوري، سڪڻ جون سڌون ڪري،
    ويٺي گھِر گھوري، مٿاءَ پرين ڄندڙو.
    19. ڏورڻ منجها ڏَسُ، پندءِ هوت پُنهوءَ جو.
    20. راهَه مسافر سڀ ڪو، ڪو نه ڏٺوسون هِتِ ڏيهي.
    21. رتيءَ جي رهاڻ، جيءُ اڙايم جَت سين!
    22. ساٿِنِ سان، سيد چي، لڏو لڏي گڏ.
    23. ساجن ميڙينس سُورَ، سُکَ نه مِيڙيُس سُپرين.
    24. سا موٽي ڪين مُئي؟ جِہُ جو جانب جَت وٺي ويا.
    25. سَڀ ۾ پنهو پاڻَ، ڪينہ، ٻيو ٻروچ ري.
    26. سڌائتي سڀ ڪا، بُک نه باسِي ڪا.
    (باسي/ باسڻ؛ قبول ڪرڻ/ قبول ڪري.)
    27. سکن واري سَڌ، متان ڪا مون سين ڪري،
    اندر جنين اڌ، ڏونگر سي ڏورينديون.
    28. سو تان توهين ساڻُ، جِہ لئه جفائون ڪرين.
    29. سيڻن ڪارڻ سسئي، پيئي پراهين پورِ.
    30. ڪاڪل ڪٺي جا، ڪفن تِہ ڪين ٿيي،
    منجھ شهادت سا، لُڏي ۽ لاڏ ڪري.
    (ڪاڪل: وار/ سهڻا سنهڙا ڪارا محبوب جا ورا.)
    31. ڪڏهن ڪا نه وئي، هوت ڳولڻ هٽ ڏي.
    (دوست هٽن/ دڪانن تي نه پر سسئيءَ وانگر، ڏونگر ڏورڻ/ جبل جھاڳڻ سان ملندا آهن.)
    32. ڪوڙيون پڇن ڪيچ، هوت نه پڇن ھتھم،
    جن پنهونءَ سين پيچ، تن پيرين پنڌ وسارئو.
    (هِتهِم: ھت ھم/ هِتَهين/ هتي.)
    33. ڪونہ هن ڀنڀور ۾، ڌاران دوس ڌڻي.
    آنءُ ٿي ڇُلان ڇپرين!
    (ڇپرين/ ڇپرن ۾ ڇلڻ: جبل جھاڳڻ/ لڪ يا پهاڙي لنگھ.)
    34. لانچي لڪ لطيف چي، اُٿي ڏنگر ڏور.
    (لانچڻ/ ٽڪر ٽولڻ/ پهاڙن جا اڻانگا پنڌ ڪرڻ.)
    35. لڳي جن لوري، ڏنگر سي ڏورينديون.
    (لوري: تانَ تنوار/ عشق/ پريت.)
    36. نااميدي نيج، ته اوڏي ٿيين اميد کي.
    37. نايو نيڻ نهار، تو ۾ ديرو دوست جو!
    38. وڃي ڇو وڻڪار، هت نه ڳولين هوت کي!
    39. وندر جي وڃن، سي مَرُ ٻنڌن سندرا،
    ٻيو ڪوه ٻنڌن؟ ڇوڙي جي ڇڏينديون.
    40. وندر جو ويو سو الله! اوري آڻين!
    (وندر: پنهون واري بلوچستان ۾، ڪيچ مڪران جي اڻانگين راهن ۾ هڪ جابلو نئين/ پهاڙي ندي/ ماڳ/ مڪان هنڌ جو نالو.)
    41. ويٺي وَر نه پون، سُتي ملن نه سپرين،
    جي مٿي رندن رون، ساڄن ملي تن کي.
    (ور پوڻ: ور چڙهڻ، هٿ اچڻ/ ملڻ. ور نه پون: هٿ نه اچن.)
    42. ويٺي هِت م هو، هلين ته هوت لهين!
    43. هِتي جي هئڻ جون، وٿون سڀ وسار.
    (وٿون: شيون/ساز سامان.)
    44. هل ھيين سين هوت ڏي، پيرين پنڌ وسار،
    قاصداڻي ڪار، ڪين رساڻي ڪيچ کي!
    45. هل ھيين سين هوت ڏي، سسي کڻ م ساڻُ.
    46. هوت هلندن کٽيو، جن انگن چاڙهيو انگ.
    (هلندن: جاکوڙ ڪندڙن. انگن چاڙهيو انگ: پنهنجي جسم کي ڦاسي/ سوري تي چاڙهيو.)
    47. هيڪليائي هاڻِ، پورينديس پنھوءَ ڏي.
    48. ھيڪليون هلن جي، ڀڄي تن ڀَرم.
    (هيڪليون: وانديون/ وارثن کان سواءِ/ مڙسن بنا. ڀرم: حجاب.)

    سُر معذوري:
    1. آريءَ جي اَرمان ۾، ماڙهُو مِرون رونِ.
    2. آيو موت دليل، ماريندي مُراد کان!
    3. اَمن ڀايان اُن کي، ساجن منکي جا چئي.
    4. توڻي ولاڙون ڪرين، توڻي هلين وِک.
    لکئي منجھان لِک، ذور ضايع نه ٿئي.
    (ولاڙون ڪرڻ: وڏيون ٻرانگھون ڀرڻ/ تڪڙو هلڻ.)
    5. جتي جيتريون، لکيون لوح قلم ۾،
    تتي تيتريون، گھڙيون گھارڻ آئيون.
    6. جئن ڪهندنءِ، تئن وهندنءِ!
    7. جي هَٿان هوتَ مرنِ، هوتُ تنين جي هنج ۾.
    8. جيڻا اڳي جي جيا، جُڳ جڳ سي جين،
    اوءِ موٽي ڪين مرن، مرڻا اڳي جي مئا.
    (سچا صوفي، مرڻ/جسماني موت کان اڳ ۾ ئي مرندا آهن يعني پنهنجي خواهش کي ماري ڇڏيندا آهن. اهڙن ماڻهن کي طبعي موت، ماري نه سگھندو آهي ۽ اهي مرڻ کان پوءِ به جيئرا هوندا آهن يعني هميشه ياد ڪيا ويندا آهن.)
    9. ڏکئي توءِ ڏڪار، توڻي وسن ميهڙا،
    صاحب هٿ سڪار، هن وس آهين هٿڙا.
    (توءِ: تنهن هوندي به. هٿڙا: دُعا گھرن لاءِ هٿ.)
    10. ڏکيءَ ڏمر ناھ، بُکيءَ کل نه اُڄهي،
    اگھاڙيءَ وهانءُ، ويو ويچاريءَ وسري.
    11. سپيريان سين سوڀ، ننڊون ڪندي نه ٿي!
    12. سڌن جون، سيد چي، وٿون سڀ وڪِڻ.
    (سڌڙيو نه ٿيءُ!)
    13. سڳائيءَ جي، سيد چي، آهي سڌ سڀن.
    (سڳائي: مائٽي/سيڻپو.)
    14. ڪندو ٻاجھ الله! وهان تان نه وس پيو.
    15. لڪيون لڪ، لطيف چي، اورانگھڻ آئيام.
    16. لکيو جو نراڙ، سو انگ ڪياڙي نه ٿيي،
    پاريو ويٺي پار، جيڪين لالن لکيو لوح ۾.
    17. مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿين نه مات،
    هوندا سي حيات، جيڻا اڳي جي جيا.
    18. وِھ م واٽ ورچي، هو! الا! ميان!
    19. هجي ڪريان هيج سين، مطالع محبت.
    (هيج: سڪ.)
    20. هورن هاڙو لنگھيو، ڳؤريون پاسي ڳوٺ.
    (هورن: هاڪڙين.)

    سُر ديسي:
    1. ڀينر! آئون ڀلياس، نه ته سڪ سمهڻ ڇا لڳي؟
    2. پڄاڻا پرين، ڪجي بس ڀنڀور کان.
    3. جانب جھڙو جڳ ۾، ناهي ڪو ثاني.
    4. جت ججھا جڳ ۾، مهجي پرت پنهوءَ سين.
    5. جڏه ڄام پنهو ڄائو، تڏهن ٿي وس وڻڪار ۾.
    6. ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪهڙا پرين؟
    7. سمر جنين نه ساڻ، هوت حماتي تن جو.
    8. کوءِ سي جيڻ ڏيهڙا، جي پون پرينئان ڌار.
    9. مُهجو وس واڪا، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو.
    10. واٽون ويھ ٿيون، ڪُہ ڄاڻان ڪيهي وئا؟
    11. هوتاڻي هيڪار، مولا! منکي ميڙين!
    (هوتاڻي: هوت بلوچ يعني پنهون.)

    سُر ڪوهياري:
    1. ٻانهي چايو پاڻ، ٿي سڄيون راتيون سمهين!
    2. جڏهن ستيون جي، پٿر پير ڊگھا ڪري،
    تڏه تنين کي، ساٿ ستيئي ڇڏيو.
    (پٿر: پٿريل/وڇايل شيءِ/پٿراڻي/ بسترو/ وڇاڻو/ سمهڻ جي جاءِ.)
    3. جي سسئيءَ سيباڻا، سي وڃي ڪيچ قرارايا.
    4. جيهي جي تيهي، تپ ٻانهي ٻاروچن جي،
    حجت هوت پنهوءَ سين، مون ڪميڻي ڪيهي؟
    (تپ: ته به /تڏهن به.)
    5. ڏونگر! مون نه ڏکوءِ، آنءُ اڳ ڏکوئي آهيان،
    ساريال ڪو نه سکوءِ، سور گھڻيئي سنڀران.
    6. سي پنهو ڪوه پڇن، جي سنجھي رهن سمهي.
    7. سي ڪئن محب مڙن؟ جي سنجھي رهن سمهي.
    (مڙن (مڙڻ/ ملڻ/ حاصل ڪرڻ): گڏجن.)

    سر حُسيني:
    1. آئون ڏوريندي ڪيترو، پهڻ پير پيو.
    2. اعلى اڇو عيد ۾، دوستاڻو ديدار.
    3. بر هو ڀنڀور، آرياڻيءَ اجاريو.
    (هن تمثيلي مصرع ۾، اشارو نبي ڪريم ﷺ جن ڏانهن آهي.)
    4. ٻيون ههين ھٿ هڻن، روئنديون رئڻ واريون.
    5. تتي ٿڌي هل، ڪانهي ويل وهڻ جي.
    6. تتي ٿڌيءَ ڪاھ، ڪانهي ويل وهڻ جي،
    متان ٿئي اونداھ، پير نه لهين پريءَ جو.
    7. پاڙي ناهه پروڙ، ڪا رات رنجائي گذري.
    8. پڇن سي پسن، جڏهن تڏهن پرينءَ کي،
    ڏورينديون ڏسن، اڳڻ عجيب جا.
    9. پريتڻي پرين جي، ماءُ مُنجھايم مت.
    10. جا ”وندر“ وڪاڻي، تہ جو موٽڻ ڪو مس ٿئي.
    11. جنين ڏٺو هوت، تن دين سڀئي دور ڪيا.
    12. ڏک سکن جي سونهن، گھوريا سُک ڏکن ري!
    13. ڏکوين اُهڃاڻ، ڪلي ڦاٽو ڪنجرو.
    14. ڏيکاريس ڏکن، گندر گس پرين جو،
    سنهائي سمورن، ڪي هيڪاندي هوت سين.
    15. ڏيهارن ڏورڻ ڏک سين، راتيان چڪن چاڪ.
    16. سانگھارو سورن، ڪڏه تان ڪو نه ڏنو.
    ٻائڙ ٻوڙ وهن، ڪالؤڻئا اڄ گھڻا.
    (سانگھارو: گھٽتائي. ٻائڙ ٻوڙ وهن: ائين اچن جيئن نار جي لوٽين جو پاڻي ”ٻائڙ“ مان تيزيءَ سان وهي، ”سنير“ ۾ پوندو آهي.)
    17. سو سکن ڏيئي، ورھ وهايم هيڪڙو.
    مون کي تہ نيئي، پير ڏيکاريو پريءَ جو.
    18. سي ڪئن ٻيلياڻوين؟ جن ويندو هوت نه واريو.
    (ٻيلياڻيون: ساٿياڻيون/ مددگار.)
    19. سي ڪيئن ويساريان، جي وٽان مون واٽ ٿيا.
    20. صبر وڏو ست، سگھا ميڙي سُپرين!
    21. ڪڏهن ڪا نه سئي، ته ڪا سگھي گڏي سڄڻين.
    22. ڪميڻن هٿان، ٿين مورائين مديون،
    تون ڪر پاڻ وڙا، موٽ سٻاجھا سپرين!
    23. ڪوڙين ٿئا ڪيترا، نالي تان نثار.
    24. ڪُہ ڄاڻان؟ ڪُہ ٿيو؟ ڪيڏاه ٿي وڃان؟
    25. لاٿو سڀ لوڪ تان، هاڙي ڌڻي هور.
    (هاڙي ڌڻي؛ هاڙي جبل جو مالڪ يعني پنهون. هن تمثيلي شعر ۾ ”پنهون“ مان مراد پاڻ رسول ڪريم ﷺ جن آهن.)
    26. لٿو ڪم ڪيچين جو، ڇڏي هليا مون،
    الله آهين تون، هوتن تان هيڏي ڪئي.
    27. لوڪ لتاڙي ننڊ ۾، پٺيءَ لالن لڳ.
    28. مٿي معذورين، هوت ڌريندو هٿڙا.
    29. واڳيون جي ورن سين، تن سرتين سبج سهاءِ.
    30. ويو ٻاروچو نڪري، هاڻي ڪريان ڪيئن؟
    31. هڪ سسئي ٻيا سُور، ويا پٽيندا پاڻ ۾!
    32. هوت هلن، آءٌ وهان، ته ڪا اينءَ جُڳاءِ؟
    33. هون سلامت سپرين، گھوري سا آئون.
    34. هوءِ مر هوت حيات! آئون ميائي گھورئي.
    35. هيڏا هاڃا ٿين، بري هن ڀنڀور ۾!
    36. هيءِ! ٿو وڃي هوت، آءٌ ڪ اڳڀري ٿيان،
    متان چوءِ بلوچ، ڪميڻيءَ مان ڪين ٿئو.
    37. هيڙو ڏاڙهونءَ گل جئن، ريهي رتائون.
    (ريهڻ: ريهو ڏيڻ/ سوناري وارو ريهو ڏيئي ڳنڍڻ/ ڳنڍڻ. رتائون: ڳاڙهو ڪيائون.)

    سُر ليلان چنيسر:
    1. الا! ڏاهي م ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن!
    مون سين مون پرين، ڀورائي ۾ ڀال ڪيا.
    2. اڏوهي جيئن ڏکڙا، چڙهيا چوٽيءَ سيئن.
    3. اوليون پسي ان جيون، پئڙم ڳچ ڳري.
    (اوليون: ڏکايون، سندس ڏنل ڏکن سبب روئي ڏنم.)
    4. ٻالاپڻ جو ٻوڪ، ويو ويچاريءَ وسري.
    (ٻالاپڻ: ننڍي وهي. ٻالاپڻ جو ٻوڪ: ٻوڪجڻ/ ٻوڪ: وهيءَ چڙهڻ/ سامائجڻ/ جوان ٿيڻ): جوانيءَ جو ڦوھ/ جواني ديواني جو اوج/ جوڀن ڏينهڙا. چنيسر ناراض ٿيڻ سبب، ليلان کان جواني جو اوج ئي وسري ويو.)
    5. تو کي ساري سپرين، آءٌ پونديس ماڳ مري.
    6. پائي پاندو ڳچيءَ ۾، پاڻ غريبي گڏ!
    7. پرتان پير ڀريج، ملهائج مسڪين کي!
    8. جنهن جو تون ئي تون، سي پياريون پهچائين.
    9. جي ليلائي نه لهين، ته پڻ ليلائج.
    10. ڍڪي ڍول! گذار، لڄ مهجي لوڪ ۾.
    11. ڍول تنين جي ڍار، هيٺاهيون هلن جي.
    He that is down needs fear no fall
    12. ڍول تنين جي گس، هيٺاهيون هلن جي.
    13. ڍولا، ڍيل م مون، ڪانڌ ڪميڻي آهيان.
    (ڍيلڻ (ڍيل): ڇڏي ڏيڻ/ هڪالي ڪڍڻ/ ڌڪي ڌار ڪرڻ.)
    14. ڍولي ڍيلياس، ٿيس ڏهاڳڻ ڏيھ ۾!
    15. رُئنديون ڏٺيون مون، ان در مٿي دادليون!
    (دادليون: ناز انداز سان پليل.)
    16. ساجن سڀوئي، ساھ اوهان تان صدقو!
    17. سائين لڳ ستار، ميٽ مدايون مهجون!
    18. سر نيسريا پاند، اُتر لڳا آءُ پرين،
    مون تو ڪارڻ ڪانڌ، سهسين سکائون ڪيون.
    19. ڪوڙيئن تنهنجون ڪامڻيون، تون ڪوڙين سندو ڪانڌ.
    (ڪامڻيون: جن کي پيار جو جادو لڳل هجي. ڪانڌ؛ مڙس/ ڀتار.)
    20. گوندر مٿاءِ جندڙي، وريا ولن جيئن.
    (جان مٿان گوندر/ غم ولين وانگر ويڙهجي ويا آهن.)
    21. مون سڏيندي سڏڙا، ساٿي سڏ نه ڏين!
    22. مون ور تونھين تون، تو، ور وهون ڪيتريون!
    23. مون سين ڪري ميٺ، سڄڻ سفر هليا.
    24. وڻندن ته وڙ ڪندا، نا ته اڳين جي اختيار.

    سر مومل راڻو:
    1. اڄ ڪ سنجھ صابح، نيئي ڌريندءِ ڌوڙ ۾.
    2. تن کي ناتر ڪوه ڪري؟ جي لڊوڻئا لنگھي ويا.
    3. تو پڄاڻا سپرين! هيڙي اچن هول.
    (هيڙي هول اچڻ: ڊپ ٿيڻ. هول: هينٽ/ ڊپ/ ڊيڄڙو.)
    4. تون گھڻ جو گھوٽ، مون ور تونهين تون.
    5. پائي تراڙيءَ توريان ته ملڪ نه تهجو مَٽُ.
    6. ڌڱ لٽبا ڌوڙ ۾، آُڀي ڏٺا سون.
    (ڌڱ: متارا مڙس/ جنگ جوان.)
    7. ڏيھ مڙيئي ڏون، اٿي لوچ لطيف چي!
    8. روءِ راڻي جي ناھ ڪو، سوڍو سڀن سونہ.
    9. سورن لائيا سنگ، سگھو موٽج سپرين!
    10. سوڍا تو ڳر ساھ، نا ته راڻا گھڻا راڄ ۾.
    11. سوڍو سڃ ڪري، مومل ماڻي هليو.
    12. سوڍي جي سهاڳ، ڍٽ مڙوئي ڍڪيو.
    13. ڪاڪ نه جھلئا ڪاپڙي، موهيا، ڪہ نه مال.
    14. ڪانہ ٻي توار، ٿيو مڙوئي مينڌرو.
    (توار/ تنوار: ذڪر.)
    15. ڪانہ ٻي وائي، ٿيو مڙوئي مينڌرو.
    (وائي: پچار/ ذڪر/ڳالھ.)
    16. ڪانہ ٻي ورونھ، ٿيو مڙوئي مينڌرو.
    17. ڪهڙي پڇين ذات؟ جي آئيا سي اگھيا.
    18. کوءِ سا کاڻي راتڙي! جا پرين ري پيئي!
    (کوءِ پوڻ/ کڏ ۾ پوڻ/ ٻن پوڻ.)
    19. لالن جو، لطيف چي، ڪونہ سونھ سياءُ.
    (سياءُ: شريڪ/ جوڙ جيس.)
    20. لڏؤ، لطيفن، پلاڻي پنڌ پيا.
    (لطيفن: دوستن/ مٺن ماڻهن/ قربائتن ماڻهن.)
    21. مون کي مون حبيب! طعنو ئي تهجو.
    22. مين سين ماڻو، مناسب نه مينڌرا.
    23. نه ڪا عام نه خاص، جي ويا، سي وڍيا.
    24. نماڻيءَ جي نجھري، پيهي تون پڇيج.
    (نجھرو: ڪکائون گھر/ جھوپو/ ڇنو/ ڇپر.)
    25. ويئي ويچارن وسري، صباح جي سنڀال.

    سر مارئي:
    1. آڻي لکئي لوح جي، هنڌ ڏيکاريم هي.
    2. آڻِين ڪِي چاڙهين، ڏُٿُ ڏيهاڻي سومرا.
    (غاريباڻو گذر: From hand to mouth)
    3. اِيءَ نه مارُن، ريت، جئن سيڻَ مٽائن سونَ تي.
    4. ٿڌيون وليون ٿرن، ڪوڙيين ڪرڙ ڪرير.
    (ڪرير: جھنگلي ٻوٽو.)
    5. پسي پڊ انين جا، لڙي لڙڪ پئا.
    (پڊ: ڦٽل ڳوٺ/ ويرانو/ گھٽ آباديءَ وارو واهڻ. مثال طور؛ پڊ عيدن (عيدن جو پڊ) ضلع نوشهري فيروز ۾ آهي جيڪو اول ۾ ننڍو ڳوٺ هوندو.)
    6. پکن منجھ پساه، قالب آهي ڪوٽ ۾.
    7. پنھوارڪي پت، پيهي پڇ ملير ۾.
    (پت: ريت. پت/ رسم/ رواج/ ثقافت.)
    8. جان جان دعوى دم، تان پرت پنهوار سين.
    9. جھڙا اچن ڏينهڙا، تهڙا ويٺي گھار.
    10. جھانگي جو جھنگ جو، سيڻ ڪميڻيءَ سو ئي.
    (سيڻ: مائٽ.)
    11. جھوپو جھانگيڙن جو، ماڙيءَ سا نه مٽيائين.
    12. ڌريائين ڌار، جي وڍي وڻ جدا ڪئا،
    تن سڪن ڪهڙي سار، ته ڪ اٺا ميہ ملير ۾.
    13. سُتي لوڪ لطيف چي، ٻئي کڻج ٻاهون.
    14. سپ سمنڊين، سپجي، ندي پيي نه نير.
    (نير: پاڻي.)
    15. سندا سنگت ڏيهڙا، وَرَ! م وساريج.
    16. عمر! اڇا ڪپڙا، ڪاڻياريون ڪئن ڪن؟
    (ڪاڻياريون: ڪاڻ واريون/ جن تي ڪا ميار ايندي هجي.)
    17. قسمت قيد ڪياس، نا ته ڪير اچي هن ڪوٽ ۾؟
    18. ڪانڌ نه ڪنديس ڪو ٻئو، کٿيرو ئي خوب،
    ميرو ئي محبوب، اسان مارو من ۾.
    19. گولاڙا گگريون، اوڇڻ اباڻن.
    (گولاڙا: ٿر ۾ پيدا ٿيندڙ ”ول“ جو قسم. گگريون: جھنگلي وڻ.)
    20. ماروءَ ري مَ مرن، الله! اهي آسائتون.
    21. ماروئڙا فقير، ڪہ دِر ڏيندا دانهڙي!
    22. مون کي ماروئڙن، سڃ ڳڻائي سيج ۾.
    23. ميائي جياس، جي وڃي مڙه ملير ڏي!
    24. ميائي جيان، جي وڃي مڙه ملير ڏي!
    25. نڪا جھل نه پل، نڪو رائر ڏيھ ۾.
    (رائر: ڍل/ محصول، پنچري.)
    26. نڪا سڌ ثواب جي، نڪو غرض گناھ.
    27. وَر سي کارا کوھ، سنجيم جي ساڙيھ جا!
    (وَر: بهتر. سنجيم جي: جن مان پاڻي ڀريم.)
    28. وسائيندي وڄڙي، حب جھين کي هو!
    29. ھميراڻا ھٿڙا، مھري ڪين مڃيندي.
    (مھري: عورت (يعني مارئي) هميراڻا؛ اميراڻا/ عمر بادشاھ جا هٿ، يعني هٿ چراند برداشت نه ڪندي. ياد رهي ته سنڌي عورت، غير مرد جا هٿ، پاڻ تي ڌرڻ نه ڏيندي، توڻي جو اُهي هٿ امير/ بادشاھ جا ڇو نه هجن! سنڌ جي تاريخ انهي حقيقت جي شاهد آهي.)

    سر ڪاموڏ:
    1. آهين ٺارو اکين جو، وٽان مون م وڃيج!
    2. تون تماچي تڙ ڌڻي، آئون گندري غريب.
    (گندري: مهاڻي. تماچي: ڄام تماچي، ڪينجھر (تڙ) جو مالڪ.)
    3. تون سمون، آئون گندري، مون ۾ عيب اپار.
    4. ڄارا ۽ کارا، مال جنين جو مڪڙيون.
    (مڪڙيون: ننڍيون ٻيڙيون/بتيلا.)
    5. گند جنين جي گوڏ ۾، پاٻوڙا پوشاڪ.
    اُنين جي اوطاق، راجا ريجھي آئيو.
    6. کاڄ جنين جو ککيون، مال جنين جا مڏ.
    (مهاڻا گھڻو ڪري مڇي ۽ مڏن جي حوالي سان سڃاتا ويندا آهن. سندن گذران، وڌ ۾ وڌ مڇيءَ تي هوندو آهي.)
    7. ککيءَ هاڻيون کاريون، ڇڇيءَ هاڻا ڇڄ.
    (مهاڻين کي گھڻو ڪري مٿي تي مڇيءَ جون کاريون/ ۽ ڇڇي/ مڇي جا ڀريل ڇڄ هوندا آهن. سنڌ جون عورتون صدين کان پورهيو ڪنديون اچن.)
    8. نه ڪہ ڄايو ڄام کي، نڪو ڄام وَياءُ.
    (شاھ صاحب جو مٿيون بيت، باري بيپرواھ، الله لاشريڪ لاءِ آيل، قرآني آيت: ”لَم يَلِد وَلَم يولَد“ (نه ڪنهن ڄاڻو ۽ نه ڪنهن کي ڄڻيائين) جو منظوم ترجمو آهي.)
    9. وڏي ڄام ڄمار! جِہ مياڻيون موکيون.
    (موکيون: ملهايون/ انعامن سان نوازيون/ محصول يا ڍل معاف ڪيا.)

    سر گھاتو:
    1. اڳيان پويان ٽاڻَ، ويا ويچان وسري!
    (ٽاڻ: ٽاڻا/ ويلو/ وقت.)
    2. ڪو جو قهر ڪلاچ ۾، جو گھڙي، سو نئي.
    3. مون اڌرئا مڇڙا، الله! گھاتو آڻ.

    سر سورٺ:
    1. اجل اُڀو آھ، پٺيءَ تو پلاڻئو.
    2. ڀلا! ڀيري ڀر، پالهو پاند پينار جو.
    (پالهو: خالي. پاند: جھولي. پينار: فقير/ منڱو.)

    سُر ڪيڏارو:
    1. الله الصمد بي نياز، ساڪري جا چاهي.
    2. تہ سورَھ کي شاباس، جو پِڙَ مٿي پرزا ٿئي.
    (سلام آهي اهڙي بھادر کي جو پڙ/ ميدان جنگ ۾، جنگ ڪندي پرزا پرزا ٿي وڃي!)
    3. تہ واحد کي واھ، جو حڪم ههڙا ئي ڪري.
    4. پِڙَ تي سيئي پوَن، موٽڻ جنين ميهڻو.
    (ميدان جنگ ۾ اهڙا سورهيه ڪاهي پوندا، جيڪي گيدي ٿي، ڀڄي وڃڻ کي طعنو/ مهڻو سمجھندا آهن.)
    5. ڄاڻي هڪ الله، پاڻَ وڻنديون جو ڪري.
    6. حورون هار ٻڌن، سهرا شهيدن کي.
    7. گھوٽن ۽ گھوڙن، جِيڻ ٿوڙا ڏينهڙا.
    8. هڻڻ هلڪڻ، ٻيلي سارڻ، مانجھارين ايءَ مرڪ!
    (سورهين جو حوصلو آھي ته هو جنگ دوران، دشمن تي حملي ڪرڻ وقت، پنهنجن دوستن جي سار لهن ته اهي مئا ڪي بچيا.)

    سر سارنگ:
    1. اتر ڊاهي اُن جا ته ڪہ کي ڪارون ڪن؟
    (اُتر: اُتر جو واءُ، سندن جھوپڙا ڊاهي وجھي ته ڪنهن کي سڏين.)
    2. آءُ لالن موٽي، گھوريا رسڻ ڏيهڙا!
    3. ڀلو ڪندو ڀال، ميہ وسندا موٽ تون!
    4. پاساريان پري، سانگ م وڃن سپرين!
    (پاساريان: پاسي کان/ وٽان. سانگ: ڪنهن ڪم سان/ ڪم سانگي، شل دوست دور نه ٿين!)
    5. جن مهانگو لهي ميڙيو، سي ٿا هٿ هڻن.
    (ملڪ/ انسان دشمن واپاري، مال ڇپٽ ڪندڙ Hoarders/ Black Marketers وڪڻندڙ ۽ مهانگو وڪڻندڙ سيٺين لاءِ چيل آهي.)
    6. جھڙا مهجا سپرين، تهڙا ميگھ ملار.
    (ملار: ڪڪر/ جھڙا آگم.)
    7. ڏڪاريا ڏيھن مان، شل موذي سڀ مرن!
    (منافع خور، ذخيره اندوز، ڇپٽ ڪندڙ، انسان/ ملڪ دشمن واپارين کي پِٽ پاراتو ڪيو ويو آهي.)
    8. راضي منجھا ريج، عالم سڀ آباد ٿيو.
    (ريج: زمينن کي ريجائڻ لاءِ پاڻي.)
    9. سيڻن ري، سيد چي، روح نه رچن رنگ.
    (رچن: وڻڻ/ سيبائڻ.)
    10. سائيم! سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
    دوس! مٺا دلدار! عالم سڀ آباد ڪرين!
    11. سٻاجھي ستار، لاٿا، ڏرت ڏيھ تان.
    (ڏرت: ڏڪار/ قحط/ مهانگائي.)
    12. سرهي سيج، پاسي پرين، مر پئا ميہ وسن!
    (سرهي سيج: شادي رات جو سينگاريل پلنگ، پاسي ۾ دوست هجي، ۽ پوءِ ڀلي بارش پوندي رهي.)
    13. سي مر رويو رون، جن مسافر سپرين.
    14. لالن جھين لوءِ، سي اوڪاڻيون نه اکيون.
    (لوءِ: ڳوٺ/ وسندي/ واهڻ/ ويڙهو. اوڪاڻيون: موڳيون.)
    15. لاهين مٿان لوڪ، ڏولائي جا ڏيهڙا.
    16. متان ايءَ ڀانيو، ته بادل آھ بس ڪي.
    17. ور ريءَ وانڍن اڏيا، پکا سي ۾ پسن!
    (شال اهي جھوپڙا نه گھڻي مينهن وهي پون جيڪي وانڍين: ڇڙين/ اڪيلين عورتن، پنهنجي وارثن جي غير حاضري ۾ اڏي ورتا آهن!)
    18. وِهو م لاهي، آسرو الله مان!
    19. هينڙا! کَپُ مَ کِجُ، سگھا ملندءِ سپرين.
    (اي دل، ڳڻتي نه ڪر، اجھو ڪي اجھو، دوست آيا!)

    سر آسا:
    1. ”آئون“ اوريان جھل، تو کي رسي تو ڌڻي!
    (آئون چوڻ: پاڻ کي ڀانئڻ/ پاڻ پڏائڻ/ پاڻ کي سڀ ڪجھ سمجھڻ/ تڪبر ڪرڻ. ”آئون/ مان“ تڪبر کي ڇڏي ڏي ته رب پاڪ جو مشاهدو ماڻيندين!)
    2. تُہَ نه پچي ماھ، گنديءَ نيہَ نه سِپجي.
    (جئن تُهن (ان جا تھ، توتڙ) ۾ رکڻ سان ماھ (گوشت) پچي نه سگھندو ۽ اُنَ کي پچائڻ لاءِ باھ گھرجي. اهڙي طرح گنديءَ مان (جنهن ۾ ان ڀري رکبو Store آهي) عشق نه اڀرندو يعني ته اُها ڳالھ ناممڪن آهي.)
    3. جان جان پسڻ پاڻ کي، تان تان ناھ نماز.
    4. ستو ئي سيج گھرين، جفا ڏين نه جان،
    صلح ري سيڻان، متان نونڌين نه چڙهين.
    (نونڌين: ليکي/ شمار ۾ آڻي. سيڻان: انهن جي/ محبوبن جي.)
    5. سپيريان جي سونهن جو، نڪو قد نه مد.
    (قد مد: حد حساب/ پچاڻي/ ڇيھ.)
    6. سخن ناهي سو، جو مُہ مقابل نه ٿئي.
    7. سندي محبت مام، ڪُور پروڙي ڪين ڪي.
    (ڪوُرَ: انڌو/ اندر جو انڌو.)
    8. سو سڀو ئي حق، جہ ۾ پسڻ پريءَ جو.
    9. سي ستا ئي جاڳن، ننڊ عبادت اُن جي.
    10. قلم جنين جي هٿ ۾، سي سيڻ سٻاجھا سائين.
    11. مورک مام نه ٻجھڻا، هيڏانهن هوڏانهن ڪن،
    سي ڪيئن پرين پسن، ڪٽر جن اکين ۾.
    12. مون کي مون پرين، ٻڌي وڌو ٻار ۾،
    اڀا اينءَ چون، مڇڻ پاند پسائين.
    (دوستن اٿاھ پاڻي ۾ اڇلايو آهي ۽ چون پيا ته متان پلو پسايو اٿئي. مڃڻ؛ متان. ٻار: تار پاڻي/ اونهو پاڻي/درياهه.)
    13. مہ ته موسى جھڙو، عادت ۾ ابليس،
    اهڙو خام خبيث، ڪڍي ڪوه نه ڇڏين؟
    14. مُہ ۾ موسى جھڙو، سيرت شيطاني.
    15. نڪا ابتدا عبد جي، نڪا انتها.

    سر رپ:
    1. اوڏيان اوڏو گھڻو، ڪهڙا ڪرين سَڏَ.
    2. تنين ڪال ڪهو؟ نڌر جنين نجھراء.
    3. توبہ آهي تن کان، جي هٿان مون ٿيون.
    4. سڄڻ ياد پيوم، جاڙَ جيان ٿي جيڏيون.
    5. لالن جنين لوءِ، سي اوڳائين نه اکيون.

    سر کاهوڙي:
    1. ڇپر ڪين ڏئي، سوکڙيون سُتن کي!
    (ڇپر: جبل/ پهاڙ/ روھ سُتن ستلن/غافلن.)
    2. سيڪڙو ۽ سڪ، ٻئي گڏئا پاڻ ۾.
    3. کاهوڙين اُڃاڻ، انگ نه سڄي اڳڙي.
    (کاهوڙي جن جي انگن/غمن تي سواءِ اڳڙين/ليهن ليڙن جي، ڪو سڄو ڪپڙو ناهي هوندو. اها ئي سندن سڃاڻپ جي وڏي نشاني آهي.)

    سُر بروو سنڌي:
    1. اندر روح رهيام، سڄڻ اوطاقون ڪري.
    2. اي دوسن جو دستور، جيئن ڇني ڇڏن ڪينڪي.
    3. دلبر! هن دنيا ۾، وڃي رهندو واس.
    (واس: خوشبوءِ: نيڪيءَ جي سرهاڻ.)
    4. سندي سڪ پرين، لوڪ ڏٺي نه لهي.
    5. سوکو هوندو سو، جہ جو عشق الله سين.
    6. ڪي اوڏائي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين.
    7. ڳجھو ڳالائي، پرت وٽجي پاڻ ۾.
    (وٽجي: واٽا ڪجي: ڀاڱا ڪري ورهائجي/ ونڊجي.)
    8. فاني ڙي فاني، دنيا دم نه هيڪڙو.
    9. فاني ئي فاني، دنيا دم نه هيڪڙو.
    لٽي لوڙُھ لتن سين، جوڙيندءِ جاني!
    ڪوڏر ۽ ڪاني، آھ سر سڀ ڪنهن.
    (لوڙھ: مئل جسم/ لاش/ ميت. ڪوڏر: قبر کوٽڻ لاءِ اوزار. ڪاني: ڪفن ڪڇڻ لاءِ استعمال ڪيل ڪانو.)
    10. وڃڻ در دوسن جي، هر هر هوڙائي.
    (هوڙائي: هلڪڙائي/ ٽرڙائي/ ٽوٽپائي/ غير معياري حرڪت.)
    11. ويڄ! ڏنڀيين ڪُہ ٻانهن، سور ھِيَنِ کي سامهان.
    (اي طبيب، ٻانهن جي سور جو علاج ڇو ڪرين، جڏهن سور آهي ئي دل ۾.)
    12. يار سڏائي سڀ ڪو جاني، زباني،
    آهي آساني، ڪَمَ پئي ٿي ڪل پوي.
    Poverty gains friend, adversity tries them.

    سُر رامڪلي:
    1. ٻَڌُ سورن جو سندرو، منجهان سِڪ ساھي.
    (ساھي سندرو ٻڌڻ: ساھ بند ڪري/ مجھائي سندرو ٻڌڻ/ مضبوط ٻڌڻ.)
    2. جي واڳوءَ واتِ وڃن، تا ڪُس ڪُڇ ڪينَ ڪي.
    3. جيڏهَ ڀَرن وِکَ، تيڏه صاحب سامهون.
    4. حاصل جَنين حال، آئون نه جِيَندي انَ ري.
    5. سڀوئي سبحان، ڪاڏي وڃي نيتيان.
    (نماز ڪهڙي طرف مُنهن ڪري نيتيان، ڇاڪاڻ ته الله ته هر طرف آهي.)
    6. گولا جي گولن جا، تن جو ٿيءُ غلام.
    (انڪساري/ نهٺائي لاءِ چيل. He that is down, needs fear no fall)
    7. ونءُ تنين سين واڳئو، جيڪي پسين منجهه پساهه.
    انهن سان ونءُ واڳيو/ ڳنڍيو وڃ جيڪي هر وقت تو کي ساهه سنوان يعني ياد آهن.)

    سُر ڪاپائتي:
    1. اٿي اور اَرٽ سين، ويهُه م ويڳاڻي!
    2. ڀڳو ئي تون ڀير، جانسين رتو راس ٿئي.
    (ڀڳل/ اُلڙيل ائٽ سان ئي ڪتيندي رهه، جيستائين رتو (رتل سٽ/ ڪپهه) ڪٽجي وڃي. مطلب ته هر حال ۾ محنت ڪندو رهه.)
    3. چاوت پائي چِتَ ۾، سنهو ڪِتو جن،
    تن جو صرافن، دُڪو ئي داخل نه ڪيو.
    (دل ۾ ٻيائي رکي جن ويهي سنهو سٽ ڪٽيو، تن جو ڪٽيل سُٽ صرافن (سٽ جي واپارين) ذرو به قبول نه ڪيو. محنت ڪهڙي به هجي، ان ۾ ”محبت“ ضروري آهي.
    4. محبت پائي من ۾، رنڍا روڙيا جن،
    تن جو صرافن، اڻ توريو ئي اگهايو.
    (محبت سان ٿلهو ڪتيل سُٽ به صرافن وٽ اگهامجي ويو. پيار سان ڪيل پورهيو. اجايو نه ٿو وڃي. پورهئي سان پيار ضروري آهي.)
    5. ويٺي اور ارٽَ سين، ڳچيءَ پايو پاندَ.
    6. هِيءِ! تني جي حال، جن ڪاپي منجهان ڪين ڪيو.
    (انهن تي حيف جن ڪتيل سَٽ مان به ڪجهه نه ڪمايو. ساڙولن جي محنت سجائي ناهي ٿيندي ڇاڪاڻ ته اهي، ساڙ ۾ سڙندا رهندا آهن ۽ پورهيو کائڻ وسري ويندو آهي.)

    سُر پورب:
    1. ڪوڙي دُنيا، ڪوڙا پسارا، ڏينهن مڙوئي ڏون.
    (۱ Life is short lived.۲.Human life is transitory)
    2. متيون ڏيندي لوڪَ کي، چري پاڻَ ٿياس.

    سُر ڪارايل:
    1. ”آئون“، ”اسين“ ڪَن جي، پاسي تَن مَ اَڏ،
    (آ اسين ڪرڻ: هَٺ/ تڪبر/ وڏائي ڪرڻ.)
    2. اَڇو پاڻي لُڙُ ٿيو، ڪالورئو ڪنگن،
    ايندي لڄَ مرن، تِہ سَرَ مَٿي، ھنجڙا!
    (ڪالورڻ: ميرو ڪرڻ، اُلڙائڻ، لٻڻ. سَر: ڍنڍ/ پاڻيءَ جو تلاءُ.)
    3. تِہ عشق کي شاباس، جِہ محبتي ميڙئا.
    Love begets love.
    4. سَرَ اُهيئي اڳيان، پکي ٻئا ٻئا،
    جن لَمئو لاتون ڏنيون، سي ويچارا وئا،
    پاٽوندر پئا، وڃي ڪينجهر ڪنڌيين.
    (پاٽوندر: پٽيندڙ/ سخاوت جو در پٽيندڙ/ سخي/ ڏاتارَ (ڏيڻ وارا / سخاوت ڪندڙ.)
    5. سنها ڀانءِ م سَپَ، سُڪا جنين پيٽ،
    تنين جي جهپيٽ، جُنگن کي جوکو ٿئي،
    (سپ: نانگ/ بلا. جُنگ: پهلوان/ جوان/ سورهيه. جهپيٽ: ڏنگ/ چڪ/ ضرب.)
    6. سنها ڀانءِ م سَپَ، وياءَ واسينگن جا،
    جنين جي جهڙپ، هاٿي هنڌان ئي نه چُري.
    (جهڙپ؛ جهٽ/ ڏنگ. نانگ جي زهر کان، ڏنگيل هاٿي به ٿڌي تي مري سگهي ٿو.)
    7. ڪنگن لٿي ڪاڻي، گڏئو هنج حبيب کي.
    8. هنجَ مِڙو ئي هنجَ، ميرو منجهن ناهه ڪو،
    جتي رهن سنجههَ، سو سَرُ ڪنِ سُرهو.
    9. هنجن سين هيڪار، جي ڳَڻ ڪري نهاريين،
    ٻگهن سين ٻيهار، ٻيلهه نه ٻڌين ڪڏهين.
    (ڳڻ ڪِرڻ: ڳڻ ڳوت ڪرڻ/ کڻڻ، ڳوٽڻ/ سوچ ويچار ڪرڻ. ٻيلهه ٻڌڻ: ٻِٽ/ ڀيچي/ شامل ٿيڻ/ گڏجڻ/ ساٿ ڏيڻ.)

    سُر پِرڀاتي:
    1. ان دَر سي ئي اگهيا، جن نه ڀانيو پاڻَ.
    (پاڻَ ڀانئڻ، تڪبر/ وڏائي/ غرور/ هٺ. خودي (خود کي پسد ڪرڻ) ڪرڻ.Pride goeth before a fall )
    2. تون سَپڙ، آئون سيڪڙو، تون ڏاتار، آئون ڏوهه،
    تون پارس، آ لوهه، جي سَڃيين ته سون ٿيان.
    (چوندا آهن ته پارس پاهڻ/ پٿر، لوهه کي لڳندو آهي ته اهو سونُ ٿي پوندو آهي. سخين جو ساڳيو ڪم آهي. سڃن ۽ ڪنگالن کي نوازيندو آهي. سپڙ: سخي ڄام سپڙ. سنڌ جو پهرين جوڙ جو سخي هو.)
    3. ڏات نه آهي ذات تي، جو وهي، سو لهي!
    4. ڏاتار ته تون، ٻئا مڙئي مڱڻا.
    5. مَڱُ تِهين کان مڱڻا، جو ڏيهاڙي ٿو ڏي.
    6. وَسِ مهجي ناهه ڪا، سيڻن هَٿِ سهاڳ.

    سر ڏهر:
    1. پِڙَ ۾ پسان نه پيرُ، سيڻن ساجهر لڏئو.
    (پِڙَ: ميدان/ پڌر/ پٽ.)
    2. پن ٻوڙين پاتال ۾، پهڻ تارين تون.
    3. پيئي جا ڀرڀات، سا ماڪ مَ پسو ماڙهئا!
    روئي ڇُڙي رات، ڏسي ڏکوين کي.
    (ماڙهئا: اي ماڻهو.)
    4. جان جَرَ هئڙو جال، تان تون مڇَ نه موٽيين.
    پوندءِ اڄ ڪ ڪال، سانڀويون انگين جون.
    (سانڀويون: مڇين ڦاسائڻ جا رَڇ.)
    5. جيڏو تنهنجو نانءُ، ٻاجهه به تيڏيائي مڱا.
    6. ڌڻ ڌارڻ، ڌار رھڻ، ايءُ نه سنگھارن سِٽَ.
    (ٿر جا سنگھار، پنھنجي ڌڻن سميت ويڙھا ڪري رھندا آهن.)
    7. ڍڪين ڍڪڻهار، ڏيئي پاندَ پناهه جو.
    (پاند: ڍڪ/ پلو/ اجھو/ اوٽ.)
    8. سُتا اٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري،
    سلطاني سُهاڳ، ننڊون ڪندي نه ٿئي.
    9. سُتي نه سرندياءِ، ڪر پچار پرين جي،
    وهامي ويندياءِ، گهڻا هڻندين هٿڙا.
    (هٿ/ هٿڙا هڻڻ: پڇتائڻ).
    10. سُمهڻا ساڙو، جيڏيون جيڏو ئي ٿيو،
    پرين سين پاڙو، مُهجو ننڊ نبيريو.
    (Shake off you idle dreams lest you should repent)
    11. سندو واريءَ ڪوٽ، اڏي اڏبو ڪيترو؟
    (A sand house cannot stand by itself)
    12. ڦِريا پسي ڦيڻ، کرين کير نه چکيو،
    دنيا ڪارڻ دين، وڃائي وِلها ٿئا.
    13. ڪاڇي پيئي ڪُوڪَ، سچ ڪ سنگھارن لڏئو؟
    من تنُ ماريائون، پاڻا وجهي گوندرين.
    (ڪاڇو: سنڌ جو ڪوهستاني علائقو، گوندر: غم/ اندوهه/ ڏک.)
    14. ڪي سمُہُ، ڪي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري،
    اي مانجهاندي جو ماڳ، جو تو ساڻيهه ڀائيو.
    15. مِٺو جِنءَ نالوءِ، تِنءَ مون وڏو آسرو.
    (جيڏو الله، اوڏو ئي آسرو!)
    16. نيڻين ننڊ نه ڏيج، ڇيڙون ڇپر آئيون.
    (ڇيڙون: ٻهيرون/ قطارون شڪارين جون.)
    (ڇپر: جبل/ پھاڙ/ روههَ. سنڌ جي ڪاڇي واري علائقي ۾ ڪونجن جو شڪار جام ٿيندو آهي. شاھ صاحب ڪونجن کي خبردار ڪندي کين ٻڌائي ٿو ته شڪارين جا ڪٽڪ اچي لٿا آهن.)
    17. وڳر ڪِئو وتن، پِرت نه ڇنن پاڻ ۾،
    پسو پکيئڙن، ماڙهنئان ميٺ گهڻو ٿيو.
    18. هي تان ٿورڙيون، جي تون ڀورا! پسي ڀُليين،
    راتيون ٻيون گھڻيون، جي تو اينديون هيڪليون.
    (ڀورا: ڀورو: نادان/ بيوقوف/ ڪم عقل. اي ڪم عقل انسان، ”قبر“ واريون ايندڙ راتيون ياد ڪر، جتي مرڻ کان پوءِ هميشه لاءِ اڪيلو پيو هوندين!)

    سُر بلاول:
    1. ايءُ آگي جو اِحسان، جہ ھادي ميڙيم ههڙو.
    (آگو: آقا/ الله سائين. هادي هدايت ڪندڙ/ هادي برحق/ نبي ڪريم ﷺ. الله جا احسان جنهن نبي ڪريم جهڙو هادي ڏنو.)
    2. ڀلي جي لاڏاڻِ، سڀ لنگهنديون لڪيون.
    (لاڏاڻ: لاڏ/ ڪوڏ/ پيار. لڪيون: ننڍا لڪ/ جبلن جا لڪ/ اوکا جابلو پيچرا/ پهاڙي لنگهه.)
    3. پُڇن ڪا نه وڏِيت، جي آيا سي اگهيا.
    (وِڏيت: سبب/ تفصيل.)
    4. پُڇي سي پاري، جي عاجز اجورن ۾.
    (پاري: پارڻ/ پالڻ/ پيٽ پالڻ/ کاڌو کارائڻ/ رزق ڏيڻ. اجورو: ا = نه + جورو = زور وارو) ڪمزور بيمار/ ضعيف.)
    5. جيڪي وهي وجود ۾، سو ڄاڻي ڄاڻڻھارُ.
    6. ڏمرئو ته ڏي، پرچيو ته پاند ڀري.
    7. ڪوجهن سندا ڪم، ڪامِل ري ڪير ڪري؟
    (ڪامل: ڪامل انسان/ سخي/ شافع/ نبي سڳوريﷺ ڏانهن اشارو.)
    8. ڪيف ڌارن ڪوءِ، جِييي ڪو نه جهان ۾.
    (ڪيف/ شراب/ سرور/ مڳي. هر انسان پنهنجي پنهنجي مستيءَ ۾ هوندو آهي.)
    9. لطف تو ريءَ، لطيف چي، ڪندا ٻيا ڪير؟

    ***


    سر ڪلياڻ ۾ آيل چوڻيون، محاورا ۽ اصطلاح : مير محمد ڀَيو

    هيءَ حقيقت آهي ته شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ڪلام، هر نقطہء خيال کان، نه فقط ڪامل ڪلام آهي، بلڪ مادي خواه روحاني خيال کان به، هڪ اهڙو ذريعو آهي، جنهن جي وسيلي هر انسان عملي طور پنهنجو مقصد آسانيءَ سان ماڻي سگهي ٿو. شاھ صاحب جي ڪلام جو هر موضوع ۽ مضمون، مڪمل معنى وارو ۽ حڪمت سان ڀريل نظر ايندو. اهو ئي سبب آهي جو شاھ صاحب روحاني خيال کان نه فقط ڪامل ولي هو، پر مادي نقطہء نگاه کان هڪ اعلى مفڪر، زندگيءَ جي لاهين چاڙهين کان باخبر ۽ انسانيت جو علمبردار به هو. ٻئي طرف هڪ شاعر جي حيثيت ۾، جڏهن سندس ڪلام جو گهِرائيءَ سان مطالعو ڪجي ٿو ته ٻوليءَ ۾، خاص طور تي سنڌي ٻوليءَ ۾، وقت جي تقاضائن مطابق، جيڪا شاھ صاحب ندرت ۽ وسعت پيدا ڪئي آهي، ان مان اهو چڱيءَ طرح اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هو سنڌي زبان جو سچو سڃاڻُو ۽ پورو پورو پارکو پيو نظر اچي. ان لحاظ کان ان چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو، ته ٻوليءَ جي لحاظ کان، سنڌي ٻوليءَ کي جيڪو ڪجهه لطيف ڏنو، ان جي آڌار تي، اڄ جي سنڌي زبان جو اوج ۽ عروج، ڀلاري ڀٽائي جي مرهون منت پيو معلوم ٿئي.
    فصاحت و بلاغت، فڪر و فهم، شاعرانه خوبين ۽ خصوصيتن خواه وسيع نظري وغيره ڳالهين کي هڪ طرف رکي، سندس ڪلام ۾ ڪم آيل بي بها نڪتن کي ڏسون ٿا ته ڪيئن نه اهي پهاڪن يا چوڻين ۽ عجيب اصطلاحن جي صورت وٺي، زبان زد عام ٿي ويا آهن. انهن نڪتن کي وري واقعاتي طور اڻ پڙهيل جهنگ جي جهانگين کان وٺي هڪ عالم تائين، هڪ ئي حيثيت ۾ عام استعمال پيو ڪري. ان کان سواءِ نوان نوان مفيد محاورا به ڀٽائي صاحب جي ڪلام ۾ عام جام نظر اچن ٿا. اهڙيءَ طرح سر ڪلياڻ ۾ به ڪيترن ئي قسمن جون چوڻيون، اصطلاح ۽ محاورا موجود آهن، جن کي عام ماڻهن طرفان، واقعاتي طور وري وري ورجايو پيو وڃي.
    در حقيقت پهاڪو يا چوڻي آهي زندگيءَ جي عظيم تجربي جو نچوڙ يا ست، جيڪو لفظن جو جامو پهري، ڪنهن فقري، شعر يا مصرع جي صورت ۾زبان زد عام ٿئي. ڏٺو ويندو ته هر زبان ۾ اهڙا شاعر، اديب ۽ مفڪر ٿي گذريا آهن، جن پنهنجي زندگيءَ جي عظيم تجربي، واقعات ۽ ماحول مطابق حڪيمانہ گفتا بيان ڪيا آهن، جن کي عام ماڻهن، خصوصاً اهل زبان، پنهنجي حالات ۽ حادثن جي ڪسوٽيءَ تي پرکي عام استعمال پئي ڪيو آهي. ان لحاظ کان شاھ صاحب جي سر ڪلياڻ ۾ به بيتن جون ڪئين اهڙيون سٽون ۽ ڪن حالتن ۾ سڄا سارا بيت، ظاهر ڏسڻ ۾ايندا، جن کي موقعي ۽ مهل مطابق، انداز بيان کي زياده موثر بنائڻ لاءِ، اڄ به هڪ پهاڪي يا چوڻي جي صورت ۾، اهل زبان طرفان عام استعمال ڪيو پيو وڃي. مثال طور: باب (داستان) پهرئين جي چوڏهين بيت جي آخرين سٽ ۾ شاھ صاحب فرمايو آهي ته :
    ”ڳاڙيندين ڳوڙها، جت شاهد ٿيندءِ سامهان.“
    هن سٽ ۾ شاھ صاحب هڪ غافل، گنهگار ۽ بي عمل انسان کي آخرت جو ڏينهن ياد ڏياريندي ڊيڄاري ٿو ته؛ ڪيئن نه ان ڏينهن مٿس سندس عضوا ئي شاهد ٿيندا، پوءِ ان وقت جي پشيماني ۽ پڇتاءُ ڪنهن به قيمت وارو ۽ ڪارگر نه ٿيندو.
    انسان لاءِ هن دنيا جو عمل، آخرت جي عذاب ۽ راحت جو واحد مقام آهي. هن دنيا ۾ جنهن نيڪ عمل ڪيا، تنهن ڄڻڪ کٽيو، پر جنهن ڪجهه به نه ڪيو، ان گويا هارايو. تڏهن ته هڪ جاءِ تي شاهه صاحب فرمايو آهي ته:
    کٽين جي هارائين، هنڌ تنهنجو هيءُ.
    داستان ٻئي جو ٻيو بيت، واقعاتي طور سڄي جو سڄو، چوڻيءَ جي لحاظ کان استعمال ٿي سگهي ٿو. ان ڪري هن بيت کي مختلف موقعن تي، ڪڏهن مجموعي طور تي، ته ڪڏهن جدا جدا سٽ سان، چوڻيءَ جي صورت ۾ ڪم آندو ويندو آهي. شاھ صاحب فرمايو آهي ته :
    ۱. انڌا اونڌا ويڄ، کل ڪڄاڙئا کانئيين،
    ۲. اسين ڏکي ڏيل ۾، تون پيارين پيڄ،
    ۳. سوري جنين سيڄ، مرڻ تن مشاهدو.
    پهرين سٽ ۾ناتجربيڪار ۽ ٽوٽڪائي حڪيم تي ٽوڪ آهي، جيڪو جِھِل سبب خواه مخواه پيو کل ساڙي. ٻيءَ سٽ ۾ اهڙي ٽوٽڪائي حڪيم کي تنبيهه سان گڏ هدايت به ڪئي وڃي ٿي ته ڏکوين کي دوا پياري، وڌيڪ ڏکوئڻ اجايو آهي. ٽين سٽ ۾، عاشق کيس پنهنجي وجداني ڪيفيت کان واقف ڪري ٿو ته جيڪو سوريءَ کي سيڄ سمجهندو، سو ئي مري مشاهدو ماڻيندو. گويا اهڙا عاشق، محبوب جي وصول جو واحد ذريعو سوري (ڏک) ئي سمجهندا آهن. اهڙيءَ ريت، دنيوي لحاظ کان به بيان ڪيل بيت جي هر هڪ سٽ، واقعاتي پئي معلوم ٿئي، جن کي موقعي جي مناسبت سان استعمال ڪيو ويندو آهي.
    انهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته ڪنهن مشڪل مسئلي يا مصيبت کي منهن ڏيڻ، سڀ ڪنهن جو ڪم نه آهي. بلڪ ڪي محبت وارا مانجهي مرد، مشڪلات ۾ مصيبت کي منھن ڏيندا آهن. ٻي صورت ۾ فطرتي طور انسان اوچتو آفت سبب گهٻرائجي ويندو آهي. شاھ صاحب، اهڙن ماڻهن کي طنز طور تلقين ڪري ٿو ته:
    سوريءَ سڏ ٿيو، ڪا هلندي جيڏيون،
    وڃڻ تن پيو، نالو نينهن ڳنن جي.
    يا
    ڪسڻ جو قرار، اصل عاشقن کي.
    مٿيون بيت سڄي جو سڄو، چوڻي طور استعمال ڪري سگهجي ٿو، بلڪ ڪيو ويندو آهي.
    سُر ڪلياڻ جي ٽئين باب جو بيت ٽيويهون ته سراسر/سڄو ئي، چوڻيءَ طور استعال ٿي سگهي ٿو. نه فقط ايترو بلڪ، اهو موقعو جي مناسبت سان اڄ به عالمن، عاقلن خواه سنجيده سگهڙن ۽ عام ماڻهن طرفان چوڻيءَ طور استعمال ڪيو ويندو آهي. شاھ صاحب فرمايو آهي ته:
    عــاشــق زهـر پـياڪ، وهه ڏسي وهسن گهڻو،
    ڪــڙي ۽ قــــاتــــل جــــا، هــمــيـشہ هــيـــــراڪ،
    لــڳــن لـــنءَ، لــطــيــف چــي، فـنـا ڪيـا فـراق،
    توڻي چڪن چاڪ، ته به آھ نه سلن عام کي.
    شاھ صاحب ذڪر ڪيل بيت ۾، صحيح ۽ مصنوعي عاشقن جو فرق واضح ڪري ثابت ڪيو آهي ته سچا عاشق اهي آهن جيڪي وِهه کي ڏسي وهسن ٿا. اهي وهه جي نتيجن جي پرواھ ان ڪري به نه ڪندا آهن، ڇاڪاڻ ته هو هميشہ ههڙين ڳالهين جا هيراڪ هوندا آهن. هنن جي وري هيءَ به خوبي هوندي آهي، جو جيڪڏهن هنن جا چاڪ چڪندا ۽ ڏکندا به پيا، ته به هو پنهنجي ان ڏاڍي ڏک جي گلا ڪنهن سان به نه ڪندا آهن، بلڪ صبر سان پيا سور سهندا. حاصل مطلب ته شاھ صاحب هن بيت ۾ انهن انسانن جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي ڏک کي سک تي ترجيح ڏيندا آهن ۽ انهن لاءِ زهر به تِرياق جو ڪم ڏيندو آهي. اهڙا انسان هميشہ صابرَ ۽ شاڪر رهندا آهن.
    هن قسم جون ڪئين بيتن جون سٽون، شاھ صاحب جي ڪلام ۾ نظر اينديون، جن کي واقعاتي طور پهاڪي يا چوڻيءَ جي حيثيت ۾ ڪم آڻي سگهجي ٿو. نه فقط ايترو بلڪ، ٽپي ٽپي تي بيان ڪري، پنهنجي گفتگوءَ جي انداز کي پُر اثر بنائي سگهجي ٿو. مثال طور:
    1. اسان عبادت، نظر ناز پرين جو.
    2. سو ئي عين عذاب، سو ئي راحت روح جي.
    3. سو ئي راهه رد ڪري، سو ئي رهنما.
    4. ٻيا در تن حرام، اي در جنين ديکئو.
    5. مٺايان مٺو گهڻو، ڪڙو ناھ ڪلام.
    6. پريان سندي پار جي، مڙئي مٺائي.
    7. ڪسڻ قرب جن، مرڻ تن مشاهدو.
    8. تو جنين جي تات، تن پڻ آهي تنهنجي.
    اهڙا ڪئين بيت ملندا، جن کي اڄ به پارس جا پارکو، پنهنجي زندگي جي روزمره جي وهنوار ۾ استعمال ڪري رهيا آهن. پوءِ گهر هجي يا ملوڪاڻي مجلس، محفل هجي يا ڪا ادبي گڏجاڻي، بهرحال اهڙي قسم جا عاقلانه گفتا، موقعي جي مناسبت سان ورجائي، گفتگوءَ ۾ رنگيني ۽ تاثير پيدا ڪري رهيا آهن.
    پهاڪن ۽ چوڻين کان سواءِ، ڪيترا ئي اصطلاح ۽ محاورا به شاھ جي ڪلام ۾ ڪثرت سان نظر ايندا، جن کي اڄ به ڳالهائڻ خواھ لکڻ ۾ آسانيءَ سان استعمال ڪيو وڃي ٿو. محاورن پيش ڪرڻ کان اڳ، ان جي مختصر وضاحت ڪرڻ مناسب ٿو سمجهان.
    ڪي به هڪ کان وڌيڪ لفظ، جيڪي پڇاڙيءَ ۾ فعل تي مشتمل هجن ۽ انهن ۾ لفظ ۽ فعل پنهنجي لغوي خواھ لفظي معنى کان هٽي ضرورت مطابق ٻي معنى ڏيکارين، اهڙن لفظن جي مجموعي کي ”محاورو“ سڏجي ٿو. ان لحاظ سان هونءَ ته سڄي رسالي اندر، ڪيترا ئي اهڙا محاورا ملي ويندا، جن کي اڄ جي ٻوليءَ ۾ وڏو مقام حاصل آهي. مگر جيئن ته هتي سُر ڪلياڻ جي تحقيق طلب آهي، ان ڪري اهڙن محاورن کي به سُر ڪلياڻ تي اڪتفا ڪجي ٿو. مثال طور؛ داستان پهرئين جي پوئين سٽ ۾ شاھ صاحب فرمايو آهي ته:
    ڪري پاڻ ڪريم، جوڙون جوڙ جهان جي.
    هن سٽ ۾ ”جوڙون جوڙڻ“ محاورو آهي. هنن لفظن جي لفظي معنى کان هٽي، جيڪڏهن معنى ڪبي ته ٿيندي ”اميدون پڄڻ“. اهڙيءَ ريت ٻئي بيت جي پوئين سٽ ۾؛ ’ڏکي ڏنائين، ٻئي سرائون سيد کي‘ ۾ ”ڏکي ڏنائين“ محاورو آهي. اهڙي ريت ڪيترا ئي اهڙا محاورا سُر ڪلياڻ ۾ ملن ٿا، جن کي اڄ به عام طور استعمال ڪيو پيو وڃي. مثال طور؛ هيڪاندو ٿيڻ، هينئين ساڻ هجڻ، اوتڙ اولڻ، ڏسياندر ڏورڻ، ڪلھنئون ڪورڻ، ويهي ووڙڻ، پهه پوڻ، ڳوڙها ڳاڙڻ، وي وهائڻ، کٽڻ هارائڻ، ٻيائيءَ کي ٻک وجهڻ، چڱائي چکڻ، ڪاتي پائڻ، اڏيءَ سِر ڌرڻ، پير ڀرڻ، چاڪ چڪڻ، سِر ڏيڻ، ڪنڌ سنباهڻ، سِر لاهڻ، پڪون پيڻ، سِسي سانڍڻ، ڪلھنئون ڪاٽڻ، ساهه سلاڙڻ، پر ۾ پچن، سر سانڍڻ، سٽ جڙڻ، مٺو ٿئڻ، ساهه جون رڳون سوجھڻ، آسر لاهڻ، ڇنڻ ڳنڍڻ، ڪر لهڻ، سوري چڙهڻ، ڏنڀ ڏيڻ، ورهه وٽڻ، واهه وهائڻ، وغيره محاورا، شاھ صاحب جي ڪلام ۾ ڪثرت سان نظر ايندا. نه فقط ايترو بلڪ اهڙن محاورن جي عام استعمال سبب، سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ قسم جي جاذبيت، تاثر ۽ وسعت به پيدا ٿي چڪي آهي. جيستائين اصطلاحن جو تعلق آهي ته سر ڪلياڻ ۾ چند اصطلاح به ضرور موجود آهن، جن کي اهل زبان طرفان استعمال ڪيو وڃي ٿو.
    در حقيقت اصطلاح جي لغوي معنى عربي ۾ عرف ۽ انگريزي ۾ Usage, convention ۽ سنڌي ۾ ڄاڻڻ چئجي ته بجا ٿيندو. اصطلاح جي مختصر سمجهاڻي هيءَ آهي ته؛ ”ڪنهن خاص لفظ کي اصل معنى کان الڳ ڪري، اهل زبان ڪنهن خاص مقصد لاءِ استعمال ڪري، اهڙي لفظ کي اصطلاح چئجي ٿو. اڪثر ڪري اهڙا لفظ آهستي آهستي محاوري جي صورت اختيار ڪندا آهن. اهڙيءَ ريت اصطلاح کي ڪن حالتن ۾ ڪو سياسي تعلق به هوندو آهي.“ شاھ صاحب سُرڪلياڻ ۾ هڪ جاءِ تي فرمايو آهي ته :
    ڪِ تو ڪَنين نه سُئا، گهٽ اندر گهوڙا!
    بيت جي هن سٽ ۾ ”گهوڙا“ لفظ ڌيان طلب آهي. لفظ گهوڙا جي لفظي معنى کي وٺجي ٿو ته اهو هڪ جانور آهي، جو سواريءَ جي ڪم جو آهي، مگر هن جاءِ تي استعمال ٿيل لفظ کي ڪو تاريخي پس منظر حاصل ٿيل ڏسجي ٿو. ٻيءَ صورت ۾ لفظي معنى کان هٽي، جيڪڏهن هن لفظ جي معنى محسوس ڪريون ٿا، يا عام طور هٽي هن لفظ کي جنهن نموني استعمال ڪيو وڃي ٿو، اهو آهي ”ظلم“. هڪ ٻي جاءِ تي شاهه صاحب فرمايو آهي ته:
    تِڪ ڏيئي پِڪ پي تون، گهوٽ سنهان گهاٽي.
    هن سٽ اندر”گهوٽ “ لفظ، اصطلاح پيو معلوم ٿئي، جنهن جي لغوي معنى کان هٽي معنى ٿيندي ”شهيد.“ اهڙيءَ ريت:
    عاشق زهر پياڪ، وهه ڏسي وهسن گهڻو.
    يا
    محبت جي ميدان ۾، وڃان پير ڀري.
    اهڙي قسم جا ٻيا به لفظ ملندا، جن کي اڄ به اصطلاح طور عام استعمال ڪيو وڃي ٿو.
    بهرحال پهاڪا يا چوڻيون هجن يا اصطلاح ۽ محاورا، اهي سچ پچ ته سنڌي ٻوليءَ جو سينگار آهن. بيشڪ لطيف گهوٽ، هن نموني سنڌي زبان ۾ ساءُ وجهي، ان کي دنيا جي مهذب زبانن جي مٽ ڪري ڇڏيو آهي، بلڪ سنڌي زبان کي حياتِ جاودان بخشيو آهي.

    ***


    شاهه جون چوڻيون : نياز همايوني

    (سسئي آبري، معذوري، ديسي، ڪوهياري ۽ حسينيءَ جي حوالي سان)

    سنڌيءَ ۾ چوڻيون، سماجي اهميت رکن ٿيون. اهي نه رڳو زبان جي زينت آهن پر بيان جي لحاظ کان، نيڪيءَ بديءَ جي ڄاڻ ۽ سچائيءَ جي واکاڻ ڪري، سهڻي زندگي گهارڻ جو ثمر پڻ بڻجن ٿيون. اهي چوڻيون، ظاهر ۾ ته نهايت ساديون پيون لڳن پر گهرائيءَ ۾ جاچيو ويندو ته گهڻن مقصدن جو گهر آهن.
    چوڻين جي ترڪيب، گهڻي ڀاڱي شاعراڻي هوندي آهي. انهيءَ ڪري عام واقعن توڙي خاص محفلن ۾ هنن کي دلچسپيءَ سان دهرايو وڃي ٿو. خيال آهي ته؛ چوڻيون صدين جي تجربن ۽ نتيجن جو نچوڙ آهن. منجهن جيڪي ڳالهيون موجود آهن سي نئين پراڻي نسل جي رهنمائيءَ سان گڏ اورچائيءَ جو ڪم ڏين ٿيون. جيڪي ماڻهو، انهن تي عمل ڪن ٿا تن کي يا ته ڪا مشڪل درپيش نٿي اچي يا آئيءَ ويل از خود ئي سندن سڻائي ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ ته چوڻين جو بنياد، هر حالت ۾، عقل جي اُڌر تي آهي. اهو عقل ئي آهي جو ماڻهن جي علم کي وسعت ۾ آهي. ان جي محابي، کين سئين دڳ لائي ٿو.
    چوڻيون، اصل ۾ لوڪ ريت جي شاخ مان آهن، جيڪي زماني جي رفتار سان وجود ۾ اينديون رهن ٿيون. اهي ڪنهن چيون يا ڪٿان مليون، تن سوالن جو ڪو جواب نه آهي. ايتري تائين جو خود، لوڪ ادب جي باري ۾ به ڪا سند نٿي ملي ته اهو ڪنهن جي ايجاد آهي. ان بابت ڪنهن مفڪر چواڻي اهو ئي چئي سگهجي ٿو ته؛ لوڪ ادب، انساني زندگيءَ جو اٿاهه سمنڊ آهي، جنهن ۾ ماضي، حال ۽ مستقبل سمايل آهي.
    سنڌيءَ ۾ هونءَ ته هزارين چوڻيون مشهور آهن، جن جي پنهنجي ساک آهي، پر هتي اهي چوڻيون پيش ڪجن ٿيون، جن کي شاهه سائينءَ پنهنجي آفاقي شاعري ۾ سنواري عالم آشڪار ۽ لازوال بڻائي ڇڏيو آھي. شاھ لطيف جي ڪلام ۾، جتي ٻيون خوبيون لکين خوبيون آهن، اتي ان ۾ اھا خصوصيت به ملي ٿي ته لوڪ رنگ جون ڪيتريون صنفون منجھس پنھنجي رنگينيءَ سان اجاگر ٿيل آھن. انھيءَ اھم وصف جي ڪري شاهه سائينءَ جي شاعري، پنهنجي ملڪ ۽ عوام جي محبوب شاعري آهي. سنڌي لوڪ ادب جي ارتقائي تاريخ جي ڪنهن خاص قول مطابق؛ لوڪ شاعريءَ جو دائرو، عوامي زندگيءَ جي ڪنهن خاص موضوع سان به آهي ته ڪنهن قصي، ملڪي رسم و رواج يا ڪنهن رواجي مقصد يا مدعا سان به آهي. انهيءَ جون مصرعون اھڙيون ته تڪيل توريل هونديون آهن جو زباني طرح سان چوڻ پڙهڻ ۾ بلڪل موزون پيون لڳنديون آهن ۽ انهيءَ جي اظھار يا ادائگيءَ ۾ ڪنھن به مصنوعي فڪر جي نزاڪت جي بوءِ نه ھوندي آھي. اھو شعر آسانيءَ سان ڳائي سگھبو آھي. انھيءَ جي وزني ساخت ۾ ڪا به نقالي نه هوندي آهي.
    شاهه سائينءَ پنهنجي فڪر ۽ فن جي آڌار تي، نهايت فلسفياڻي انداز ۾، جيڪي عوامي گفتا ۽ خاص نڪتا، شعر جي وسيلي بيان ڪيا آهن، تن مان گھڻن کي چوڻين جي حيثيت ملي وئي آهي. اهڙي نموني جي ڪن سٽن جي، سسئي آبري، معذوري، ديسي، ڪوهياري ۽ حسينيءَ مان چونڊ ڪري، هتي ڏجي ٿي، جن ۾ انسان جي ذهني واردات کان وٺي سماجي روداد تائين پيش ايندڙ واقعن ۽ حادثن جي پوري پچار پسڻ ۾ اچي ٿي. جهڙوڪ:
    • ڪنهن پر رئان پريءَ کي، روئي نه ڄاڻان.
    • هيڏا هاڃا ٿين، بري هن ڀنڀور ۾.
    • ويٺي ور نه پون، ستي ملن نه سپرين.
    • ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪهڙا پرين.

    اهڙيءَ طرح هتي درج ڪيل هر ڪا سٽ، انهيءَ حقيقت تي انحصار رکي ٿي، جنهن جو سنئون سڌو لاڳاپو، انسان جي نجي توڙي سماجي زندگيءَ سان آهي.
    • اول آخر آهه، هلڻ منهنجو هوت ڏي.
    • اندر جنين اڃ، پاڻي اُڃيو تن کي.
    • هتان کڻي هت، جن رکيو سي رسيون.
    • وڃين ڇو وڻڪار، هت نه ڳولين هوت کي!
    • هيج نه هوندو جن، سي ڪينءَ وندر وينديون!
    • هوت تنهنجي هنج ۾، پڇين ڪوهه پرياڻ!
    • ڄاڻي سڃاڻي وھان، ڪيئن ماٺ ڪري!
    • اديون آ اڄاڻ، مون سڱ سڃاڻي نه ڪيو.
    • لڳي جن لوري، ڏونگر سي ڏورينديون.
    • رتيءَ جي رهاڻ، جيءُ اڙايم جت سين.
    • تو تي لڄ لطيف چئي؛ آهي سندي عام.
    • وندر جي وڃن، سي مر ٻڌن سندرا.
    • سيڻن ڪارڻ سسئي، پئي پراهين پور.
    • وٺي ور نه پون، ستي ملن نه سپرين.
    • ڪڏهن ٿِجي ڪات، ڪڏهن ٿِجي ٻڪرو.
    • جي ماڙهن کي مارين، تن سورن کي سڏ ڪريان.
    • پاڙي پاڙي پيهه، وت پڇندي پنهونءَ کي.
    • سپريان سين سوڀ، ننڊون ڪندي نه ٿئي.
    • وهي ويڙهجي جا، وصل تنهين وڃائيو.
    • پير پروڙي کڻ، ته هلڻ ۾ هوري وهين.
    • ويندي ڏانهن پريَن، جتي جات نه پائيان.
    • مري جيءُ ته ماڻئين، جانب جو جمال.
    • مرڻا اڳي جي مئا، مري ٿين نه مات.
    • لکيو جو نراڙ، سو انگ ڪياڙيءَ نه ٿئي.
    • آئون نه گڏي پرين کي، جوڀن ويو جاڙ.
    • رڃن ۾ رڙ ٿي، ڪر ڪوئل جي ڪوڪ.
    • اڳي اٺ رڙن، مون ڀيري ماٺ ٿئي.
    • هيءَ ڪميڻي ڪير، جا امر کي آڏو اچي.
    • ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪهڙا پرين.
    • ٻانڀڻ کي ٻروچ ريءَ، ٻيلي ناهه ٻيو.
    • جتن ڪج جتن جو، آيا ڪي ايندا.
    • هي جي آيا هير، سي مون اڳ نه ڏٺا ڪڏهين.
    • سرتيون دعا ڪجاھ، ته ميڙائو مون ٿئي.
    • مون کي ٿا مارين، سڄڻ سانباهي ڪيو.
    • واٽون ويھ ٿيون، ڪهه ڄاڻان ڪيهي ويا.
    • الله اچن اوءِ، جن آئي من سرھو ٿئي.
    • لک لھي ٿي لوڏ، جيجان تن جتن جي.
    • جھڙو پنھون پاڻ، تھڙي سٽا ساٿ جي.
    • ڪوهيارو قهري، ويو نھوڙي ننڊ ۾.
    • ڪاڏي منهن مڪران جو، ڪاڏي ڪيچ ٿيو.
    • وري آيس ور، سفر مئي جا ساب پيا.
    • آڏو ٽڪر ٽر، متان روهه رتيون ٿئين.
    • سنجهي مون نه سنڀاليو، ماريس سور صبوح.
    • سمر جنين نه ساڻ، هوت حماتي تن جو.
    • منهنجو وس واڪا، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو.
    • پرين جا پاتي، سا جڙ جيئري نه لهي.
    • هوندن مٿي هون، لاڳاپا هن لوڪ جا.
    • ستريون ساهه سندوم، ٿيو حوالي هوت جي.
    • متان ڪا ٻڙي! ٻول ٻاروچي وسھي.
    • پورھيو ڪنديس پر جو، ڀرينديس پاڻي.
    • سي ڪيئن محب مڙن، جي سنجهي رهن سمهي.
    • ستينءَ سواري، منهن ويڙهي مئن جئن.
    • چڱي ڪا نه ڪياءِ، پير وڃائي پريءَ جو.
    • گوندر جا گهوڙا، وڃن جان جدا ڪيو.
    • ڪوڙن ڪندابن، ڏاگهن ڏڌي آهيان.
    • ستي پون ڇرڪ، آيل! ٻاروچن جا.
    • ٻانڀڻ کي موٽي، پاڻهن پڇندو پٻ ڌڻي.
    • مون کي جنين ماريو، سڃاتم سيئي.
    • دارونءَ جا داڻا، ڏنم هوت هٿن سين.
    • ڪنهن پر رئان پريءَ کي؟ روئي نه ڄاڻان.
    • ور نه سهي ويڪ، تون ٽيڏي ٽٽايون ڪرين.
    • سونهين ٿي سواٽ، ته منجهان دل دڳ لهين.
    • سورن ساڻ سرهو، اچي ٿيم جيڏيون.
    • سرتيون سڄي سڃ، متان ڪا مون سين هلي.
    • تئيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل ويھڻ جي.
    • ڇڏينديس ڀنڀور، ھينئون هت نه وندري.
    • ماڻيون تنين مور، ديکيو جنين دل سي.
    • هيڏا هاڃا ٿين، بري هن ڀنڀور ۾.
    • جا پر پاڻيءَ لوٽ، سا پر منھنجي ڄندڙي.
    • پڇن سي پسن، جڏهن تڏهن پرينءَ کي.
    • ڏوريان ڏوريان م لهان، شال م ملان هوت.
    • ديوانيءَ سين دوس، ساٿي آهي سڃ ۾.
    • الا ڪيچ ڌڻين، مون سين پوءِ م مامرو.
    • ڪا مون ٿيندي ڏيٺ، ٻيهر ٻاروچن سين!
    • نڪي ٿي جيئان، نڪي مئي آهيان.
    • پنهونءَ وڌم پيچ، نسورو ئي نينھن جو.
    • الله آهين تون، هوتن تان هيڏي ڪئي.
    • هيم هوتن سين چک، سڄو سڱ نه ساريان.
    • ڪا جا پيس ڪاڻ، نبيريانس نه نبري.
    • ڏکوين اھڃاڻ، ڪلهي ڦاٽو ڪنجرو.

    ***


    سرُ ديسيءَ ۾ پهاڪن، چوڻين ۽ قولن جو ذخيرو : ڊاڪٽر محمد علي مانجهي

    لطيف سرڪار پوُري ڪائنات، انسان ۽ انسانيت جي اعلى قدرن جو شاعر آهي، پر ان ۾ به ڪو شڪ نه آهي ته هوُ سنڌ ۽ سنڌي قوم جو اهو قومي شاعر آهي، جنهن وٽ سنڌ، سنڌي قوم ۽ سنڌي سماج جي سڀني زمانن ۽ رُخن جي ڀوپور ترجماني آهي. سنڌ ۽ سنڌي قوم جي جنهن به پهلوءَ تي غور ڪبو ته لطيف جي شاعري، سج جي پُرنور ڪرڻن وانگر، سُهائي ڪندي نظر ايندي. سائين جي ايم سيد، ”پيغام لطيف“ ۾ لکيو آهي ته؛ ”منهنجو پڪو رايو آهي ته شاهه سنڌ جو قومي شاعر آهي“(۱) ڇاڪاڻ ته لطيف وٽ، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي روح جي گهراين جون حقيقتون ۽ احوال آهن. وٽس زندگيءَ جي بنھ ويجهڙائيءَ جون وايون ۽ ورلاپ آهن. اهو ئي سبب آهي، جو سندس شاعريءَ جي سُرهاڻ ڏينهون ڏينهن ڦهلجندي رهي ٿي. سوين سال گذري ويا آهن: ڪئين سياسي، سماجي، معاشي، انقلاب ۽ تبديليون آيون آهن: سماج ڊٺا، اڏيا ۽ وري ڊٺا آهن، ايتري قدر جو ٻوليءَ ۾ به ڪيتريون تبديليون آيون آهن، پر لطيف جي شاعري اڄ به اسان لاءِ رهبري ۽ روشني آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي، جو لطيف سان سنڌي ماڻهن جي عشق ۾ به ڪا ماٺائي نه آئي آهي؛ ڇو ته جيئن جيئن وقت اڳتي وڌندو رهي ٿو، تيئن تيئن لطيف شعور سان ٽمٽار شاعريءَ جون مشعلون کڻي، اسان کي دڳ ڏيکاريندو ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ اُتساهيندو رهي ٿو.
    دنيا ۾ اهڙا شاعر پيدا ٿيندا آيا آهن، جيڪي قومن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ، انقلاب آڻڻ، بهادريءَ، سورهيائيءَ، سچائيءَ، خودشناسيءَ، اخلاقي بلنديءَ، انسان دوستيءَ، وطن ۽ قوم دوستيءَ جا جذبا اُڀاريندا آھن. اهڙن شاعرن ۾ لطيف جو نالو بنهه مٿاهون بيهي ٿو.
    لطيف، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي اندر جي اونهاين ۾ پيهي، روح جون ڳالهيون اهڙي سچائيءَ سان پنهنجي شاعريءَ جي سٽ سٽ ۾ سمايون آهن، جو سنڌ جا اڪثر رهواسي پنهنجي اندر جون حقيَقتون سمجهي مختلف موقعن ۽ وقتن تي ڪڏهن سندس بيت ته ڪڏهن وري ڪي سٽون پهاڪن، چوڻين، هدايتن ۽ سهڻن سخنن طور ڪتب آڻيندا رهيا آهن. اها هڪ شاعر جي پنهنجي قوم تي وڏي ڇاپ آهي. هو هڪ اهڙو شاعر آهي، جنهن جي شاعريءَ ۾ گهرو مشاهدو، مطالعو، حڪمت، دانائي، ڄاڻ، سوچ ۽ ويچار موجود آهي. وٽس انسان جي اعلى قدرن جون حقيقتون آهن. تهذيب، تمدن، ثقافت، رسم و رواج، سچائي، حق ۽ عشق جا جذبا تارؤن تار آهن.
    پهاڪا، چوڻيون ۽ قول، روزمره جي زندگيءَ جي ڌار ڌار وسيع تجربن مان حاصل ڪيل اهڙا ڏاهپ، دانائيءَ ۽ حڪمت سان ڀريل گفتا/جملا آهن، جيڪي اسان جي وڏڙن، پنهنجي تجربن جي نتيجن جي آڌار تي سُخنن جي شڪل ۾ ايندڙ نسلن کي منتقل ڪيا آهن. اُهي پهاڪا، چوڻيون ۽ قول، هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين، سفر ڪندا رهن ٿا. ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي پنهنجي ڪتاب ”سنڌي پهاڪا ۽ محاورا “۾ لکيو آهي ته؛ انسان ٻوليءَ ذريعي جڏهن پنهنجي جذبات ۽ ويچارن جو اظهار ڪري ٿو، تڏهن هو گهربل لفظ چونڊي، پنهنجي مرضيءَ مطابق جدا جدا نمونن ۾، انهن کي ڪتب آڻي سگهي ٿو.(۲) اهڙيءَ ريت ڪي جملا، جن ۾ ھدايت ۽ گيان، سرس هوندو آهي ته وري وري ڪتب اچن ٿا ۽ اڳتي هلي پهاڪن، چوڻين ۽ قولن جو روپ اختيار ڪري، ٻوليءَ ‍۾ پنهنجي جاءِ والارين ٿا. انهن ۾ سماجي زندگيءَ جو عڪس چٽيل هوندو آهي.
    ڪي آفاقي شاعر اهڙا به هوندا آهن، جن جي بيتن يا نظمن جون سٽون اهڙيون ته علم، ڏاهپ ۽ دانائيءَ ڀريون، اثرائيتون ۽ دلچسپ هونديون آهن، جيڪي ماڻهن جي ذهنن تي اُڪرجي وينديون آهن، ۽ اُهي اڳتي هلي، پهاڪن، چوڻين ۽ قولن جي صورت اختيار ڪري وٺنديون آهن.
    سنڌي ٻوليءَ ۾ لطيف سائين هڪ اهڙو شاعر آهي، جنهن جون سوين سٽون پھاڪن، چوڻين ۽ قولن جا روپ وٺي چڪيون آھن، جن کي اسان جو خاص توڙي عام ماڻهو استعمال ڪري ٿو. ايتري قدر جو اسان جي گهرن ۾ اسان جون عورتون به لطيف سرڪار جون سٽون پنهنجي عام ڳالهه ٻولهه ۾ ڪتب آڻينديون رھنديون آهن.
    اسان جو خاص موضوع آهي؛ شاهه سائينءَ جو ”سُر ديسي“ جنهن ۾ ڏيرن ۽ ڏاگهن جي اچڻ، سسئيءَ کي ويسلائي سندس محبوب پنهونءَ کي پاڻ سان کڻي وڃڻ، سسئيءَ جو پنهونءَ (حق) کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪشالا ڪٽڻ، پنهنجي منزل طرف هلندي، هر تڪليف، ڏک ڏولاوا برداشت ڪري پنهنجو سفر جاري رکڻ، ڪيترن خطرن جي باوجود، مسلسل جدوجهد ڪرڻ ۽ پنهنجي مارڳ تان ذرو به نه ٿڙڻ، اڪيلائي، اُڃ ۽ بُک ۾ به اڳتي هلڻ وغيره جو ذڪر آهي. سسئيءَ جي سامهون ڏيرن، ڏاگهن ۽ ڏونگرن جا ڏک به آهن، ته پير پٿون ڪندڙ پھڻ به آهن. ڇپر جون ڇپون به آهن، جک ماريندڙ جبل به آهن، آڏا ترڇا اهڙا به آهن، ته وندر جا وراڪا ۽ واٽن ونگا ور به آهن، ڪرڙا ڏاونگر ڪَهه گهڻي به آهي ته رڻ تتو رائو به آهي، اُڃ اُساٽ به آهي. جبلن جي جانارن جا خطرا به آهن ته مرُون به منهن پَون ٿا. مطلب ته هر لحاظ سان حالتون خراب آهن. تنهن هوندي به هُوءَ حالتن جو بنهه بهادريءَ سان مقابلو ڪندي. پنهنجو حق وٺڻ لاءِ، اڳتي وڌي ٿي. حالتن کان هار کائي موٽڻ کان رائي ۾ رڙي مرڻ کي ترجيح ڏئي ٿي:
    پُـڄــان نـه پُـڄــان، وڃــڻ سـيـن وس ڪريان،
    سَڳر مانَ سُڄان، ته رائي ۾ رڙي مئي. (۲۱/۹)
    ارادي جي مضبوطيءَ ۽ پنهنجي مقصد سان سچائيءَ جي اها انتها آهي ته:
    پُڄان نه پُڄان، وڃڻ سين وسَ ڪريان.
    سُر ديسيءَ ۾ ڪيتريون ئي حقيقتون پنهنجيءَ جاءِ تي اهم آهن، پر منهنجي خيال ۾ هن سر جو خاص مضمون ۽ موضوع آهي: ”ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪهڙا پرين!“ ڇو ته؛ ”ڌُريان ئي ڌاريا، مٽ مُئيءَ جا نه ٿيا.“
    هن سڄي سُر جي معنى، مقصد ۽ فلسفو، انهن ئي سٽن ۾ سمايل آهي. اهي ئي سٽون اسان لاءِ هر زماني جون هدايتون به آهن، ته راهه نجاتون به آهن. اهي سٽون اسان جي ماضيءَ لاءِ به هُيون، حال لاءِ به آهن ۽ اسان جي مستقبل لاءِ به آهن. آ صدقِ يقين سان چوان ٿو ته جيڪڏهن لطيف جي انهن سٽن تي ماضيءَ ۾ عمل ڪيو وڃي ها ته ڏکيا ڏينهن ڏسڻا هرگز نه پون ها. توڙي جو وقت گهڻو گذري چڪو آهي، پر اڄ به جيڪر انهن سٽن تي عمل ڪيو وڃي ته گهڻين مصيبتن کان نجات حاصل ڪري سگهجي ٿي. اي ڌرتي! اسان کي اها سگهه عطا ڪر، جو اسين لطيف جي ھنن سٽن تي عمل ڪري سگهون!
    هڪ ٻِي اهم ڳالهه به ڌيان طلب آهي ته اسان وٽ محبوب جو تصور به ڏاڍو محدود ۽ سطحي آهي. اسان وٽ محبوب جو تصور نه فقط هڪ حسين ماڻهوءَ تائين محدود آهي، پر ان سان گڏ کيس پنهنجي ذاتي ملڪيت بڻائي ڇڏڻ آهي، پر حقيقت ۾ محبوب جو تصور انهيءَ کان گهڻو مٿاهون ۽ وسيع هئڻ گهرجي. مڃون ٿا ته محبوب، حسين ۽ جميل انسان به ٿي سگهي ٿو. محبوب ڪا مُند ۽ مُند جو ڪو نظارو به ٿي سگهي ٿو. فطرت جا حسين منظر به محبوب ٿي سگهن ٿا. پنهنجو وطن به محبوب ٿي سگهي ٿو. ساڻيهه جا سمورا ماڻهو به محبوب ٿي سگهن ٿا. سچ به محبوب ٿي سگهي ٿو. علم ۽ آگهي محبوب ٿي سگهي ٿي. ڪو نظريو به محبوب ٿي سگهي ٿو. ڪو خاص ماحول/نظارو به محبوب ٿي سگهي ٿو. مطلب ته هر ماڻهوءَ وٽ، محبوب جو تصور پنهنجو پنهنجو هوندو آهي، پر اعلى انسانن ۽ عظيم شاعرن وٽ، محبوب جا تصور هميشه مٿاھان ۽ وسيع هوندا آهن. لطيف وٽ محبوب جو تصور وسيع، اعلى ۽ بنهه نرالو آهي ۽ هو هر حالت ۾ اُنهيءَ محبوب/پرينءَ جي پنڌ تي هلڻ جو تلقين ڪري ٿو. اها به هدايت ڪري ٿو ته جيڪا طاقت محبوب جو راهه ۾ رنڊڪ بڻجي، اُن سان مهاڏو اٽڪائي، محبت جي ويرين جي رستا روڪ ڪجي ته جيئن اھي ڪو ڇيهو رسائي نه سگهن. محبتن جا ويري، جيڪي حقن تي ڌاڙو هڻن ٿا، انهن کي سڃاڻڻ گهرجي.
    هن سُر ۾ لطيف سرڪار سسئيءَ کي تمثيل بنائي چوي ٿو ته؛ تو جڏهن ڌارين کي ڏاگهن تي ايندي ڏٺو، تڏهن تو کي سمجهي وڃڻ گهرجي ها ته اُهي تنهنجو پنهون (حق/وسيلا) تو کان کسيندا، تنهنڪري تون انهن اُٺن جا گوڏا ٻڌي، ڌارين جي رستا روڪ ڪرين ها، ته جيئن اُهي ڌاڙو هڻي نه سگهن ها. جيڪڏهن تون پاڻ سنڀالين ها ته هوند تنهنجو محبوب (سنڌ، سنڌو، سنڌ جا وسيلا، سرحدون) تو کان کسي نه سگهن ها. غفلت جي ڪري ئي هيءُ هاڃو رسيو آهي، جو هاڻي تون تڪليفن ۾ پئي آهين. هاڻي تون سڀ تڪليفون ۽ رڪاوٽون ٽوڙي، اٽل ارادي ۽ هوشياريءَ سان اڳتي هلندي هل، جدوجهد ڪندي رهه، جيئن تون پنهنجا کسيل حق واپس وٺي سگهين.
    هيٺ اُهي سٽون پيش ڪجن ٿيون، جيڪي پهاڪن، چوڻين ۽ قولن طور استعمال ٿين ٿيون:
    (1) سي سڀ ڀانيم سُک، هيڪاند ڪارڻ هوت جي. (۱-۲)
    سچا عاشق ۽ اعلى انسان محبوب جي راهه ۾ جيڪي به ڏکيائون ۽ تڪليفون سهندا آهن، اُهي سڀ ڏک ۽ سُور کين سک محسوس ٿيندا آهن، جو سندن اندر ۾ عشق هوندو آهي، تڏهن ته سُور به سُکن برابر سمجهندا آهن، ڇو ته تڪليفون ۽ رڪاوٽون، سندن سامهون حيثيت وڃائي ويهنديون آهن.
    (2) اڳي اُٺ رڙن، مون ڀيري ماٺ ٿي. (۱-۱۰)
    ڪتيريون اهڙيون حقيقتون ۽ عمل ٿيندا آهن، يا مصيبتون اچي ڪڙڪنديون آهن، جن جي اڳواٽ ڪا سُڌ نه پوندي آهي، ڇو ته سُڌ پوڻ سان ته ماڻهو پاڻ سنڀالي وٺندو آھي، پر آگھيءَ بنا ڪا مصيبت يا آفت اچي ڪڙڪندي آھي ته لطيف جي مٿين سٽ انساني اندر جي ترجمان بنجي پوندي آهي.
    (3) پلئه نه ڇڏيان پنهنجو، جي هوت ڪري هيڏيون! (۱-۱۳)
    محبوب (مقصد) مان بيزار ٿيڻ، بزدلي، ڪچائي ۽ نيچ-پڻو آهي. اهو عشق ئي ڪهڙو، جنهن ۾ بيزاري، بزدلي ۽ مايوسي هجي. عشق ۾ ته جيڪي ۽ جهڙيون به حالتون، تڪليفون ۽ اوکايون اينديون آهن، سي جهوليءَ پائي جهلبيون آهن.
    (4) ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪهڙا پرين! (۱-۱۲)
    پنهنجن سان پيڇ پائڻ ۽ ساڻن سلهاڙجي هلڻ هڪ سُٺو ۽ مانائتو عمل آهي، پنهنجي ۽ ڌارئي ۾ فرق محسوس ڪرڻ، تمام ضروري آهي. عشق ۽ محبتون به پنهنجن ۾ ئي سُونهنديون آهن، پنهنجي ڪڙم/قوم کان ڌار ٿي، ڌارين سان سلهاڙجي جيڪو به عمل ڪبو، اُهو پنهنجن جي نقصان ۾ هوندو. ڏيهي ماڻهن جا نقصان، فائدا، ڏک، سُک، سرهايون، سُور ۽ درد ساڳيا هوندا آهن. ڏيهه جي بربادي، قوم جي هر فرد جي بربادي هوندي آهي. ديس تي ڌاڙو، قوم جي ھر فرد تي ڌاڙو هوندو آهي. سنڌوءَ جي قدرتي ۽ آبي وسيلن تي ڌاڙو، سڄي قوم تي ڌاڙو آهي، تنهنڪري پنهنجي قوم سان سلهاڙجي هلڻ ۾ ئي ڀلو آهي، ڇو ته هر ڪو پنهنجي ڪڙم ۾ ئي سُونهندو آهي.
    (5) ڌريان ئي ڌاريا، مٽ مئيءَ جا نه ٿيا. (۱-۱۳)
    جن جي مفادن ۾ ٽڪراءُ هجي، اُهي ڪڏهن به پنهنجا ٿي نه ٿا سگهن. ڇو ته ظالم ۽ مظلوم ۾ وڏو فرق آهي: قاتل ۽ مقتول جي احساسن ۽ ڪيفيتن ۾ هڪجهڙائي ناممڪن آهي: ڦُريندڙ ۽ ڦُرجندڙ ۾ فرق آهي. پنهنجائپ ۽ ڌاريائپ، هڪ عمل ۽ روش جي نالو آهي. اُهي ڪي سکڻا لفظ نه آهن، جن ۾ ڪو جذبو ۽ احساس نه هجي. لطيف جي مٿين سٽ، اسان لاءِ هدايت جو پيغام به آهي ته واٽ به آهي.
    (6) تاڻج تيڏاهين، وارج ڪا مَ ورڻ جي!
    لطيف جي شاعريءَ ۾ ڪٿي به نااُميدي ۽ مايوسي نظر نه ايندي. سندس شاعريءَ ۾ اُميد، همت، بهادريءَ، عشق ۽ سچائيءَ جا جذبا تارؤن تار ملندا، ڇو ته هُو اُميدن، همتن، حوصلن ۽ بي پناهه محبتن جو شاعر آهي. وٽس موٽڻ جي وائي ته ڇا، پر تصور ئي نه آهي. هو ته هر حالت ۾ پنھنجي محبوب کي حاصل ڪرڻ جي هدايت ٿو ڪري.
    (7) آڏو ٽڪر ٽر، متان روههَ رَتيون ٿئين. (۳-۱)
    لطيف وٽ سمجهوتو يا ٺاهه ڪرڻ، حالتن کان هار کائي موٽڻ، مهڻو آهي. هر آفت ۽ آزار سان بي ڌڙڪ اٽڪي مقابلو ڪرڻ ئي سندس درس آهي.
    (8) سنجهي مون نه سنڀاليو، ته اوٺي ڪندا ايئن. (۴-۷)
    ڪنهن به عمل جي شروعات جيڪڏهن سوچي، سمجھي ۽ خبرداريءَ سان وقت سر نه ڪبي يا سنڀالي قدم نه کڻبو ته ڪنهن وڏي هاڃي جو شڪار ٿبو.
    (9) منهنجي وس واڪا، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو. (۹-۲)
    اهڙا ڪيترا ئي ماڻهو چوندي ٻڌبا ته؛ ”مون پنهنجي محبوب لاءِ هيئن ڪيو، هونئن ڪيو، هُو بيوفا نڪتو“ يا ڪي چوندا؛ ”اسان قوم لاءِ هي وڃايو، هُو ڪيو، الائي ڇا ڇا سٺو، پر قوم اسان جو قدر نه ڪيو“ يا ”مون انقلاب لاءِ وڏا ڪشالا ڪٽيا، وقت ڏنو وغيره وغيره پر ماڻهو اسان کي نٿا سمجهن.“ اهڙا ماڻهو واپاري ذهنيت جا مالڪ هوندا آهن، جيڪي ڪا شيءِ ڏئي ڪجهه وٺڻ چاهيندا آهن. اهڙن ماڻهن جي اندر ۾، عشق ۽ سچائيءَ جي کوٽ هوندي آهي. سندن عمل، سکڻا ڏيکاءَ هوندا آهن. لالچ ۽ لوڀ بنا، مسلسل جدوجهد، فقط اهي ماڻهو ڪندا آهن، جن جي اندر ۾ عشق ۽ سچائي هوندي آهي. اهڙا ماڻهو ڪڏهن به مايوس نه ٿيندا آهن.
    (10) ڀينر آءٌ ڀلياس، مون سڱ سڃاڻي نه ڪيو.
    غفلت ۽ ويسلائي، وڏا هاڃا رسائي ٿي. ننڊ جي تشبيھ ۽ استعارو، غفلت لاءِ استعمال ٿيندو رهيو آهي. محبوب يا اعلى مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ، غفلتون، ڀُلون ۽ آرام پسنديون، هاڃيڪار هونديون آهن.
    (11) پَههَ پارسيون پاڻ ۾، ڏير ڏهاڻي ڏين. (۲-۵)
    لطيف جنهن دؤر ۾ اک کولي، تنهن دؤر ۾ سنڌ ملڪ تي ڌارين جو قبضو هو، جن جي ثقافت، طور طريقا ۽ ٻولي به ڌاري ۽ اسان جي ماحول سان نه ٺهڪندڙ هُئي. ان دؤر ۾ ”پارسيون ڏيڻ“ هڪ عام چوَڻي هُئي، جنهن جو مطلب هو؛ ”منجهائڻ، نه سمجهه ۾ ايندڙ ڳالهيون ڪرڻ“. اڄ به چيو ويندو آهي ته؛ ”پارسيون نه ڏي“ يا ”مون سان پارسيون نه ڪر“ يعني؛ منجهائيندڙ يا نه سمجهه ۾ ايندڙ ڳالهيون نه ڪر.
    (12) ٻَڌي سورن سندرو، ساڻم هلي سا. (۱۸/۶)
    ساٿي به اهڙا ئي کڻبا آهن يا کڻڻ گهرجن، جيڪي سختيون ۽ سور قبول ڪري ساٿ ڏين. اٽل ارادا رکندڙ ۽ اڏول انسان ئي اهڙي صلاح ڏيندا آهن ته اهي هلي سگهندا جيڪي ثابت قدم رهي سگهن.
    سُر ديسيءَ ۾ ٻيون به ڪيتريون سونَ سَريکيون سِٽون آهن، جيڪي مختلف وقتن تي استمال ٿين ٿيون. هيٺيون سِٽون به پهاڪن، چوڻين ۽ قولن طور ڪتب اينديون آهن.
    ويا ورائي جيڏيون، مون ڏکيءَ کي ڏک. (۳/۱)
    متان ڪا ٻي لَنءَ لائي. (وائي/۱)
    پُڄاڻا پرين، ڪجي بس ڀنڀور کان. (۱۳/۱)
    الله اچن اُوءِ، جن آئي مَن سَرهو ٿئي. (۱/۳)
    ڪاڏي مُنهن مڪران جو، ڪاڏي ڪيچ ٿيو. (۸/۳)

    ***


    سُر ديسيءَ ۾ پهاڪن ۽ چوڻين جو استعمال : ڊاڪٽر مخمور بخاري

    ٻڌي سورن سندرو، صبح ڏونگر ڏورئام،
    ڪـڍي ڪـشـالا ڪيـچ ڏي، ويـلا وچ پئام،
    سوين ساٿ گڏئام، پنهون پار نه هيڪڙو.

    سنڌي ٻوليءَ جي مهندار حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ پنهنجي ستن سورمين مان سسئيءَ کي وڌيڪ ڳايو آهي. سُر سسئي آبري، سُر معذوري، سُر ديسي، سُر ڪوهياري ۽ سُر حسيني. هنن پنجن ئي سُرن ۾ سسئيءَ جي جدوجهد، پنهونءَ ڪارڻ ڪشالا ڪڍڻ ۽ رڻ پٽ جون سختيون سهڻ جا سمورا مضمون بيان ٿيل آهن. خاص طور تي سُر ديسيءَ ۾ سسئيءَ کي پنهنجي ننڊ نڀاڳيءَ تي ندامت آهي ۽ هوءَ هوت ڪارڻ ڏونگرن جا اڻانگا ۽ اڻ ڏٺل پيچرا لتاڙيندي وڃي ٿي. سالڪ لاءِ، سسئي جدوجهد جي علامت آهي. جيڪي پرينءَ جي تلاش ۾ نڪتا، اُهي ڪهڙيءَ طرح پوئتي موٽندا! واٽون ويهه آهن، ڪنهن کي ڪهڙي سُڌ ته سسئيءَ جو پنهون، ڪهڙي واٽ وٺيو پيو وڃي:

    ڪيچان اوري ڪيتريون، معذوريون مُيون،
    واٽـون ويـهه ٿيـون، ڪُـہ ڄاڻان ڪيهيءَ وئا.

    ڪرڙا ڏونگر، ڪهه گهڻي، جت جبل گهونا گهون،
    لــيـــڙن جــــو لـطــيـف چـئــي، تـنـگ تـنـوارون پـون،
    جـن ڏٺـو پـيـر پـرينءَ جو، سي نڪي رُون نه چُون،
    هــونـــدن مـٿــي هــون، لاڳــاپـــــا هـــن لــــوڪ جـــــــا.

    سُر ديسيءَ ۾، سسئيءَ جو ڏوَنگر ڏورڻَ جو بيان آهي. هن سُر جا ڏونگر ۽ اُٺ، مکيه ٽاڻا آهن. لطيف سائينءَ، هن سُر ۾ اٺن جا ڪيترا ئي نالا پنهنجي مفهوم مطابق خوبصورت پيرائي ۾ ڪتب آندا آهن. مثال طور:

    ڪرهو: مٺيس جهل مهار، ڪٺيس ڪاهه مَ ڪرھو. (۱/۱)
    گورو: ونگيئي نه وارن سين، تن گورن جا گوڏا. (۱۰/۱۱)
    ليڙو: ليڙن جو لطيف چئي، مون کي منجهه نه ڏين. (۱۰/۱۴)
    توڏو: لنگهئا لڪ لطيف چئي، توڏا تڙٻنگ تاڦ. (۶/۱۳)
    ڪرهل: ڪا جا اُرڪ اوٺيين، ڪرهل ڪوڏ ڪشين. (۹/ وائي)
    چانگل: موڙي مَڃر ٽاريون، چانگا اَئين چرو. (۱۰/۲)
    ڪنواٽ: ڏير ڏمرجي هلئا، ڪاهي ڪيچ ڪنواٽ. (۶/۱۳)
    اُٺ: ساٿين سويرو، آڻي اُٺ اويٽئا. (۵/۲)
    ميو: ڏيرن ڪين ڏکوئي، مُنڌ ميين جي مُٺ. (۵/۱۵)
    بوتو: نهارينديس نڪڻي، بوتن ڪارڻ بر. (۱۴/۱۵)
    چنگل: چنگل جن جا چوڦرا، راحت ان جي رت. (۸/۵)
    ڏاگهو: ڏاگهن ڏيرن ڏونگرن، ٽنهي ڏنم ڏک. (۱۰/۶)
    شُتر: ڪُڄاڙئان ڪاهي، شتر ان سينگارئا. (۱۰/۱۷)
    نيش: ليڙا رات لطيف چئي، نڌائون نيشي. (۱۳/۵)

    اهڙيءَ ريت هن سُر ۾ ڪيتريون ئي، اهڙيون سٽون پڻ موجود آهن، جيڪي پهاڪي ۽ چوڻيءَ طور استعمال ڪري سگهجن ٿيون. پهاڪو، چوڻِي ۽ قول، حقيقت ۾ اهڙي مختصر جملي کي چئجي ٿو، جيڪو ٿورن لفظن ۾ گهڻو مقصد ۽ مفهوم بيان ڪندڙ هجي. پهاڪي جي لغوي معنى آهي؛ ڏاهپ جو قول يا سوچي سمجھي اچاريل ٻول. عام طرح اسان گهڻ-مفهوم واري مختصر جملي کي پهاڪو يا چوڻي چئي سگهون ٿا. اهڙا جملا، قديم دؤر کان هر سڌريل ٻوليءَ ۾ مروج هوندا آهن. سنڌي ٻولي، دنيا جي قديم ترين زبانن ۾ شمار ٿئي ٿي. منجهس پڻ ڪيترا ئي پهاڪا، چوڻيون، اصطلاح، محاورا عام جام ملن ٿا. ٻوليءَ جي اها خاصيت، زبان کي شاهوڪار بڻائي ٿي.
    هتي سُر ديسيءَ جون اهڙيون سٽون ڌار ڪري لکجن ٿيون، جيڪي پهاڪي ۽ چوڻيءَ طور، استعمال هيٺ آڻي سگهجن ٿيون. اهي سٽون محترم ٻانهي خان جي ترتيب ڏنل شاهه جي رسالي جلد ٻئي تان ورتيون ويون آهن.

    (1) مٺيس جهل مهار، ڪٺيس ڪاهه مَ ڪرهو. (۱/۱)
    (2) ڪيچان اوري ڪيتريون، معذوريون ميون. (۱/۵)
    (3) واٽون ويهه ٿيون، ڪوهه ڄاڻان ڪيهيءَ وئا. (۵۱)
    (4) لڏيندي لباس، جتن جيڏو ئي ڪئو. (۱/۸)
    (5) مرون کِينم ماس، هڏ هلندا هوت ڏي. (۱/۸)
    (6) لک لهي ٿي لوڏ، جيجان تن جتن جي. (۱/۲۰)
    (7) وار وڍي واڳون ڪريان، پوئان هوندا پلاڻ. (۱/۲۱)
    (8) جهڙو پنهون پاڻ، تهڙي سٽا ساٿ جي. (۱/۲۱)
    (9) ويئي ڪالهه قطار، تون اَئَي! اڄ نهارئين. (۱/۲۲)
    (10) منهنجو وس واڪا، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو. (۲/۲)
    (11) وٺي وَرُ واٽ ٿئا، بر چڙهي بانڪا. (۲/۲)
    (12) هُين جيءَ اندر جا ڪا، وئا پڄاڻي پانهنجي. (۲/۲)
    (13) جي هت نه هوت پَسَن، سي ڪنهن پر ڪيچ پسنديون. (۲/۹)
    (14) توڻي لَڪن لک، ته سڀ لنگهنديس سڪ سين. (۲/۱۱)
    (15) رُڃن ۾ روئي، پسان شال پنهونءَ کي. (۲/۱۲)
    (16) ڪيچي وئڙم ڪالهه، آ اڄ ٿي ڏونگر ڏوريان. (۲/۱۳)
    (17) آهين اَڻ سونهن کي، ڀر لڪن لوڏا. (۲/۵)
    (18) آرياڻي آھي، مَنهن معذورن جو. (۳/۶)
    (19) جنهن جو آرياڻي اڳواڻ، تنهن ڪانهي باڪ بهير ۾. (۳/۸)
    (20) هادي هوت ملاءِ، آسَروندي آهيان. (۳/۱۰)
    (21) ويڙهو ڏيئي ويڪرو، پهري وئا پَٽِ. (۴/۲)
    (22) ڳاڙيم ٿي ڳوڙها، رات نه رهئا هيڪڙي. (۴/۶)
    (23) ڪارون ڪيم ڪيتريون، سنجهي وئا سرواڻ. (۴/۷)
    (24) آئون تان جوٺي ذات، تون پاڻ سڃاڻج سپرين. (۴/۱۸)
    (25) سائينءَ ڪارڻ سپرين، دوست درسن ڪارئو. (وائي/۴)
    (26) سرهو ساهه ٿيوم، اچڻ ويل عجيب جي. (۵/۱۰)
    (27) اڱڻ اُهيئي، جت نه پسان جُوءِ ۾. (۵/۱۱)
    (28) جيءِ ۾ جت رهن، ٻي پرٿڻي پاسي ٿي. (۵/۱۲)
    (29) ڌُريان ئي ڌاريا، مٽَ مئيءَ جا نه ٿيا. (۵/۱۳)
    (30) جيڏو جت جُوان، ڪئَو زور ضعيف سين. (۵/۱۴)
    (31) سنجهي هوت وئا، صبح ٻڌم سندرو. (۵/۱۶)
    (32) ڪو ڳنڍيندڙ هوءِ، ته پرت پراڻي نه ٿئي. (۵/۲۱)
    (33) ايندن پڇي خبرون، ويندن پيرين پوءِ. (۵/۲۲)
    (34) اندر روح رهئام، سڄڻ اوطاقون ڪري. (۲/۶)
    (35) جيجان جهل مَ پاءِ، هنيون هوت هڻي وئا. (۶/۶)
    (36) ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪهڙا پرين! (۶/۷)
    (37) پڄاڻان پرين، ڪجي بس ڀنڀور کان. (۷/۶)
    (38) رُلي ڀانيئي راند، ٻانڀڻ عَشقُ ٻروچ جو. (۶/۸)
    (39) ساري سڏ ڪندوم، ڪوهيارو ڪيچ ڌڻي. (۶/۱۰)
    (40) دوس نه سهان دام، تون وندُر ٿو ويلا ڪرين. (۶/۱۱)
    (41) برههَ مڻياس بَرُ، نه ته سُکي ڪير سڌون ڪري. (۶/۱۴)
    (42) وَري آيس ور، سفر مُئيءَ جا ثاب پئا. (۶/۱۴)
    (43) آڏو ٽڪر ٽر، متان روهه تريون ٿيين. (۵/۱۵)
    (44) رتيءَ جي رهاڻ، جيءُ اڙايم جت سين. (۶/۱۸)
    (45) جتا! شالَ جيو، جيو ٿا جَاڙُون ڪريو! (۷/۱)
    (46) ڇنڻ تان نه پئو، هيءُ سڱُ نه ڇنڻ جهڙو. (۷/۱)
    (47) ٿِئا پاڻ قرار، مُون من گڏيائون گوندرين(۷/۲)
    (48) جي ڄاڻان جتن، ته پوءِ پٽاندَرُ هيترو. (۷/۶)
    (49) سر هڻيئو سيلا، لايو نينهن ننڊون ڪري. (۷/۱۰)
    (50) جَتَ نه ڀائي رت، ڌارئان ڌارئين ڏيهه جا. (۷/۱۱)
    (51) ڪيچ پڄندي ڪير، وڃڻ سين وس ڪريان. (۸/۶)
    (52) پڄان جي نه پڄان، وڃڻ سين وس ڪريان. (۷/۱۰)
    (53) ايرادي آڻي، سانگين سين سَڱُ ڪئو. (۸/۱۰)
    (54) اِيءَ پر نه پانهنجي، جيئن پهس پڇاڙين پوت. (۸/۱۳)
    (55) جن هتي هوت وسارئو، سي مهند نه لهنديون ماڳ. (۸/۲۸)
    (56) جيءَ جڙيم جن سين، سي لاهي چڙهئا لاڳ. (۸/۲۸)
    (57) سمر نه جني ساڻ، هوت حمائتي تن جو. (۹/۵)
    (58) ٿيندي روح رهاڻ، لحظي ۾ لطيف چئي. (۹/۵)
    (59) ڇا جي ڏنگا ڏير، منهنجو ڏينهن ڏنگو مَ ٿئي! (۱۰/۱)
    (60) هيءَ ڪميڻي ڪير، جا امر کي آڏي ڦري. (۱۰/۱)
    (61) پڇان پير پنهونءَ جو، وجهان وک وڌي. (۱۰/۵)
    (62) لکئي آئون لڌي، نه ته پٽن ڪير پنڌ ڪري. (۱۰/۵)
    (63) سي سڀ ڀانيم سُک، هيڪاند ڪارڻ هوت جي. (۱۰/۶)
    (64) ولِهيءَ جا ويڙها، سُڃا سَرواڻن ري. (۱۰/۱۵)
    (65) وئڙو ساٿ وهي، تو ننڊائي نه لهي. (۱۰/۱۷)
    (66) بر وڏو، بار گهڻو، ويجهو نه وڻڪار. (۱۱/۸)
    (67) وڻندُن ته وڙ ڪندا، نه ته اڳين جي اختيار. (۱۱/۸)
    (68) ڪٿي ٿئو ڪوهيار، ڪٿي ٿي هٿڙا کڻي. (۱۱/۸)
    (69) ڪاڏي منهن مڪران جو، ڪيڏانهن ڪيچ ٿئو. (۱۱/۹)
    (70) جني جت نئو، تن اُٺن گهوري آهيان. (۱۱/۹)
    (71) ڪوهه ڄاڻان ڪيڻ وئا، انهيءَ پر اورا. (۱۱/۱۹)
    (72) ڀنڀي هن ڀنڀور ۾، وھڻ وهه ٿئوم. (۱۲/۲۶)
    (73) سرتيون ساهه سندوم، ٿئو حوالي هوت جي. (۱۲/۲۶)

    حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي سر ديسيءَ مان جيئن هي سٽون پهاڪن ۽ چوڻين خاطر چونڊ ڪيون ويون آهن، تيئن شاهه سائينءَ جي هر سُر مان اهڙيون ڪيئي سٽون چونڊ ڪري سگهجن ٿيون. لطيف سائينءَ جو ڪلام، لطيف جذبن جي عڪاسي ڪري ٿو. شاهه سائينءَ وٽ، تاريخ جو گهِرو شعور موجود آهي. هو پنهنجي دؤر جي حالتن کان چڱيءَ ريت باخبر آهي. اِها ڀٽ ڌڻيءَ جي ڪمال ڪاريگري آهي، جو هن پنهنجو سڄو ڪلام، نج سنڌي زبان ۾ چيو آهي، جنهن تي ٻين ٻولين جو اثر بنهه اَڻ لکو آهي. لطيف سائينءَ ٻوليءَ جا محاورا، پهاڪا توڙي چوڻيون اهڙي ته منفرد انداز ۾ بيان ڪيون آهن، جو اهي بيت جي مفهوم ۾ ڄڻ ضم ٿي ويون آھن ته ساڳيءَ ريت اهڙيون سٽون پڻ تخليق ڪيون اٿس، جيڪي گهڻن موقعن تي اثرائتي انداز ۾ بيان ڪري سگهجن ٿيون.
    ڀٽائي گهوٽ جي سورمي سسئي، توڙي جو ڏونگرن جا اڻانگا پنڌ ۽ پيچرا پنهونءَ ڪارڻ طيءِ ڪري ٿي، پر جيڪڏهن گهِرائيءَ سان ڏٺو وڃي ته سسئيءَ جو اهو پنڌ صرف پنهونءَ لاءِ ناهي، اهو پنڌ ته حق ۽ سچ لاءِ آھي. جي منزل ملي وڃي ته اھي رڻ پٽ جون اذيتون، جھڪن ۽ جھولن جون تڪليفون، ڪجهه به نه آهن. رڳو طالب جي طلب ۽ ارادو پختو هجي. پرينءَ جا ڏس، ڏونگر پاڻيھي ڏيندا. پنھنجي سڪ ۽ چاھت، پاڻ وٽ سانڍيندي اڳتي وڌبو ته پنهونءَ جو سسئيءَ سان ملڻ اڻٽر آهي. شاهه سائين چوي ٿو ته:

    سمر نه جـنـي ساڻ، هوت حمائتي تن جو،
    ڇـنــا اڏبــا ڇــپــريــن، ايـنــدو پـنــهــون پاڻ،
    ٿيندي روح رهاڻ، لحظي ۾ لطيف چئي.
    ---
    مڙي منڌ ڏي آئيون، جيڏيون ڪري جوڙ،
    سـرئـو سور سرير ۾، گهميو لاهي گهور،
    لُنءَ لُنءَ ۾ لطيف چئي، لڳو پنهونءَ پور،
    آريـاڻـي اَتُور، وساري ڪئين ويهي رهان.

    مددي وسيلا:
    (1) ٻانهون خان شيخ: شاهه جو رسالو (جلد ٻيو)، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، ۲۰۰۱ع.
    (2) ڪلياڻ آڏواڻي: شاهه جو رسالو، مڪتبہ اسحاقيہ، ڪراچي.
    (3) تاج جويو (مرتب): سُر رپ (هڪ مطالعو)، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، سال ۲۰۰۲ع.
    (4) سيد اظهر جيلاني: شاهه جي ڪلام ۾ پهاڪا ۽ چوڻيون، مهراڻ اڪيڊمي، ۲۰۰۴ع.
    (5) غلام اصغر ونڊير: سنڌي کٽ-مٺڙا عرف اصطلاحات اصغر، آر ايڇ احمد ائنڊ برادرس، حيدرآباد،
    (6) ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي: پهاڪا ۽ محاورا، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، ۱۹۹۶ع

    ***


    ڊاڪٽر محمد علي مانجهي : شاهه جي شعر جو پھاڪن طور استعمال

    (سر مارئي ۽ سر حسينيءَ ۾)

    دنيا ۾ جيڪي به وڏا شاعر ٿي گذريا آهن، قومون انهن شاعرن سان پيار ڪن ٿيون. نسل اُنهن کي ياد رکن ٿا. مختلف مهلن ۽ موقعن تي سندن شاعري پڙهي، ٻُڌي، ٻُڌائي ۽ ياد ڪئي وڃي ٿي. سنڌ ساڻيهه ۾ به لوڪ شاعريءَ سميت اسان جي مهان شاعرن جي شاعري نه رڳو پڙهي، ٻُڌي، ٻُڌائي ۽ ياد ڪئي وڃي ٿي، پر روزاني زندگيءَ جي ڪار وهنوار ۾ نياپن، هدايتن، فڪر فھم، سمجهڻ سمجهائڻ ۽ مثالن طور استعمال ڪئي وڃي ٿي. اُنهن شاعرن ۾ قاضي قادن، شاهه ڪريم، ميون شاهه عنات رضوي، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، خليفو نبي بخش ”قاسم“ ۽ شيخ اياز اچي وڃن ٿا.
    لطيف ته سنڌ ملڪ جو اُهو محبوب شاعر آهي، جنهن کي ھر طبقي ۽ هر عمر جا ماڻهو نه رڳو ياد ڪن ٿا ۽ ڳائين وڄائين ٿا، پر کيس دل جي گهِراين سان پيار ڪيو وڃي ٿو. سندس ذڪر فڪر ڪيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته هو سنڌ ۽ سنڌ جي زندگيءَ جو شاعر آهي. اها ھڪ شاعر جي تمام وڏي عظمت ۽ پڻ قوم جو ساڻس پيار ۽ بنھ ويجھڙائيءَ وارو رويو آهي، جو سندس شاعري سماج جي هر فرد کي ٿوري گهڻي ياد ھوندي آهي. سندس بيتن يا بيتن ۽ واين مان سٽن جو سٽون، جيئن جو تيئن، روزاني زندگيءَ جي ڪار وهنوار ۾ هدايتن، سهڻن نُڪتن، سمجهاڻين، سَنيهَن ۽ مثالن طور استعمال ٿينديون آهن. ايتري قدر جو سندس شاعري دعائن طور به استعمال ٿيندي آهي، ڇاڪاڻ ته لطيف جي شاعري سڄي سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن جي اندر جي سمورن احساسن ۽ ڪيفيتن جي شاعري آھي. سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻھن جي ماضي، حال ۽ مستقبل جي شاعري آھي. سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن جي پسندن، ناپسندن، محبتن ۽ نفرتن جي ڀرپور اظھار ڀري شاعري آھي. سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن جي حقيقتن، حالتن، وسيلن ۽ مڙني مُندن جي شاعري آھي. اھو ئي سبب آھي جو سندس استعمال جو دائرو بنھ وسيع آھي. سندس شاعري ٻوليءَ جو اٽوٽ حصو ٿي چڪي آھي، ڇاڪاڻ ته سندس شاعريءَ ۾ سڄي سنڌ موجود آھي.
    لطيف جي شاعريءَ مان سوين بيت ۽ سٽون اهڙيون به آهن، جيڪي چوڻين ۽ پهاڪن جو روپ ڌاري چڪيون آهن ۽ ٻوليءَ ۾ اهم جاءِ والارين ٿيون ۽ سڄي سنڌ جي ھر واھڻ وستي ۽ علائقي ۾ ھڪجھڙي دلچسپيءَ ۽ جذبن سان استعمال ٿين ٿيون. سنڌي ٻوليءَ جا سڀئي لھجا ۽ لاڙا سندس شاعريءَ ۾ موجود آھن، ڇو ته لطيف اھو شاعر آھي، جنھن سڄي سنڌ جي ھر ھنڌ کي گھمي ڏٺو. سامونڊي علائقا، سرو، وچولو، لاڙ، ڪچو، ڪوھستان ۽ ٿر جي ٻاڙي ٻاڙي کي گھِرائيءَ سان ڏٺو. اتي جي ماڻھن جي گذر سفر جا وسيلا، ڪم ڪار، ھنر، حرفتون، مصروفيتون، رسم و رواج، پسند ناپسند، دلچسپيون ۽ سنڌ جي مختلف علائقن تي پوندڙ اثرن جو به گھِرائيءَ سان مشاھدو ڪيو. اھو ئي سبب آھي جو ماڻھو پنھنجي اندر جي ترجماني محسوس ڪري ٿو. ھر ماڻھو لطيف جي شاعريءَ کي وڏي احترام سان ٻڌي، ٻڌائي، ياد ڪري ۽ من ئي من ۾ ان جو ورد ۽ ورجاءُ به ڪري ٿو.
    ھتي اسان جو موضوع، لطيف جي شاعريءَ جو پھاڪن طور استعمال آھي. پهاڪو، اھڙي سخن يا نقطي کي چيو وڃي ٿو، جيڪو وسيع آزمودي کان پوءِ حاصل ڪيل هدايت، سخن ۽ مثال ھوندو آھي، جيڪو پويان نسل، ضرورت وقت ڪتب آڻيندا آهن. پهاڪي يعني ”Proverb“ جي معنى، انگريزي ٻوليءَ جي شاھڪار ڊڪشنري ”انسائيڪوپيڊيا ڊڪشنريءَ“ ۾، هيٺين ريت ڏني وئي آهي:
    “Proverb: Short pithy saying in general use, adage saw, by word, thing that is proverbial or matter of common talk didactic poetical.”(1)
    جڏهن ته ”دي برٽش انسائيڪلوپيڊيا“ ۾ Proverb جي سمجهاڻي هيٺين ڏني وئي آهي:
    “A short pithy sentence forming a popular saying and expressing, in a keen quaint or lively fashion, some results of the experience of life. Proverbs are the flower of popular wit and the treasure of popular wisdom. They give the result of experience in a form made impressive by rhyme alliteration parallelism a pointed turn or comparison drawn from the most ordinary scenes and occurrences of life which by the force of association makes their effect strong and permanent. Proverbs are plain spoken. They may be unassuming, lively, grave or even sublime, their general character is naivete. In their views as in the eye of the law, all are equal. They take cognisance of the virtues and vices and follies of all classes, without respect of persons. They pierce the object at which they aim, and this in fact gives them currency, and makes them what they are.”(2)
    “Proverb have been defined by Cerruntes as; ‘Short sentences drawn from long experience’, by Howell as sayings which combine ‘sense, shortness and slot’, by Bacon as ‘the genius wit and spirit of a nation’, and by Earl Russell as ‘the wisdom of many and the wit of one.’ They have formed an important part of the common wisdom of both Eastern and Western civilizations, and in this way they are interesting in a study of the spread and structure of language, as it has been pointedly applied to changing manners and customs.”(3)
    جڏھن ته سنڌي پھاڪي متعلق مانواري مرزا قليچ بيگ ”سنڌي لغات قديمي“ ۽ ”لغات لطيفي“ ۾ پهاڪي جي معنى واٽ، رستو، پهو(۴) ڏني آهي. انهيءَ معنى ۾ پهاڪي جو مول سنسڪرت ”پٿ“ مان ڄاڻايو آهي، جنهن جي معنى لاءِ هن شاهه جي ڪلام ۾ هيءَ سٽ حوالي طور ڏني آهي:
    آتڻ وجهي آڳ ۾، پڇنديس پوءِ پهاڪو.

    ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جو خيال آهي ته؛ پهاڪو سنسڪرت لفظ ”پٿ“ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنى ”کولڻ، ڪو راز پروڙڻ“ آهي. هن ”تحقيق لغات سنڌي“ ۾ پهاڪي جي معنى هن ريت ڏني آهي: ”پهاڪو (سن: پٿ+ڪو پڇاڙي) نصيحت آميز چوڻي، ضرب المثل“.(۵) هو چوي ٿو ته؛ پٿڪ ڦري ٿيو پٿاڪو، جو سنڌيءَ ۾ پهاڪو ٿي ويو.
    جامع سنڌي لغات ۾، پهاڪي جي معنى هن طرح ڏني وئي آهي: پهاڪو (سن - پٿ+ڪو) ضرب المثل، ڏاهپ جو قول، ڪهاوت، مقولو، نظير، سياڻپ، دانائي يا ڪنهن واقعي جو ٿورن لفظن ۾ اشارو، رستو، واٽ نصيحت.“(۶)
    ڊاڪٽر اياز قادريءَ جي خيال ۾ ”پهاڪو“ اصل ۾ پَهه + آکو آهي، پَهه معنى ويچار، سوچ، آکو - آکڻ معنى چوڻ. ڪا ڳالھ سوچ ويچار کان پوءِ چوڻ.(۷)
    پھاڪي تي سڀ کان وڌيڪ تحقيق ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي ڪئي آھي. ھو پنهنجي شاهڪار ڪتاب ”سنڌي پهاڪا ۽ محاورا“ ۾ پهاڪي لفظ جي معنى ۽ سمجهاڻي ڏيندي لکي ٿو ته: ”سنڌيءَ ۾ هڪ مصدر آهي؛ پهڻ. اُن جون مکيه معنائون آهن: خيال ڪرڻ، فيصلو ڪرڻ، صلاح وٺڻ يا ڏيڻ، سوچڻ، نبرڻ. مثال طور؛
    (1) تڏهن ويهي ساٿ وارن پاڻ ۾ پهيو پرياڻ. (مخدوم غلام محمد بگائي)
    (2) پتنگن پَهه ڪيو، مڙيا مٿي مچ. (شاهه لطيف)
    پَهه ڌاتوءَ ۾، ’آڪو‘ پڇاڙي گڏڻ سان، لفظ ٺهيو آهي؛ ”پهاڪو“. اُن ريت فعل، ڌاتوءَ ۾ ’آڪو‘ يا ’ڪو‘ پڇاڙي جوڙڻ سان سنڌيءَ ۾ ٻيا به اسم ٺاهبا آهن، جيئن ته ميڙ (ميڙڻ) ميڙاڪو، چُئه (چُئڻ) چُئاڪو. لُڇُ، لڇڻ، لُڇڪو. چَٻڻ، چٻڪو. ڇلڻ، ڇلڪو. انهيءَ ڪري پهاڪي لفظ جي اکري معنى آهي؛ اُهو نقطو يا گفتو، جنهن ۾ ڪو اونهو خيال يا ويچار سمايل آهي. عام ماڻهن جي روزاني جيوت ۾ اهو گفتو صلاح يا هدايت طور ڪتب آڻجي ٿو، جنهن مان ٻين کي اڪثر صحيح واٽ تي هلڻ لاءِ اشارو ملي ٿو.“(۸)
    اسان جي خيال ۾، مٿين عالمن جي ڏنل معنائن ۾ مرليڌر جيٽلي جي ڏنل معنى ۽ سمجهاڻي، وڌيڪ سگهاري ۽ درست آهي. توڙي جو ڊاڪٽر مرليڌر جي مٿين معنى ئي ڪافي آھي، تنھن ھوندي به ھن صاحب پھاڪي کي وڌيڪ واضح ڪيو آھي. ھو پنھنجي ڪتاب ۾ اڳتي لکي ٿو ته؛ ”سنسڪرت لفظ پٿ يعني رستو، مارڳ، گس، سنڌي ۽ ٻين ڪيترين هاڻوڪين ٻولين ۾ ساڳئي روپ ۽ معنى ۾ پڻ ڪتب اچي ٿو، پر انهيءَ جو بدليل روپ پڻ پراڪرت، سنڌي، هندي، راجسٿاني، وغيره ٻولين ۾ ملي ٿو. جيئن ته سنڌيءَ ۾ هيءُ لفظ؛ پَهه، پهو (سنسڪرت - پٿ) رستو واٽ، گس.(۹)
    پهي (سن - پٿن) واٽهڙو، پانڌي، قاصد، همراهه.
    راجسٿانيءَ ۽ هنديءَ ۾ پَهه، پاهه لفظ ملن ٿا، جن جي معنى آهي؛ رستو، واٽ.(۱۰)
    اھڙيءَ ريت سمجھجي ته پھاڪو سنڌي لفظ پھ مان ئي نڪتل آھي، جنھن جي معنى آھي؛ واٽ، رستو، ڏس. پهاڪي جو مطلب آهي؛ اهو ننڍڙو جملو يا جملي جو ٽڪرو، جيڪو هدايت، سخن، سمجهاڻي، دانائي ڀرئي گفتي يا ڏسڻ لاءِ، اشاري طور ڪتب اچي ٿو. پهاڪا، وسيع تجربن، مشاهدن ۽ نتيجن مان ڦٽي نڪتل نقطن جا نچوڙ هوندا آهن. اُهي سياڻپ جا سخن ۽ نصيحت جا نقطا آهن، جيڪي انسان جي زندگيءَ ۾ رهنمائي ڪن ٿا.
    ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي درست لکي ٿو ته؛ ”پهاڪا ۽ چوڻيون، وهنواري زندگيءَ جي آزمودن مان حاصل ڪيل گيان ڀريا گفتا آهن. اسان جي ابن ڏاڏن زندگيءَ جي لاهين چاڙهين، ڏکن ڏولائن، غمن خوشين ۾ رهندي، وهنواري زندگيءَ جي آزمودن مان جيڪي پرايو، اُهو سڀ سنجروئي ننڍڙن سخنن جي صورت ۾ پوين کي ورثي ۾ ڏئي ويا. اهڙن ننڍڙن گيان ڀرين گفتن، سماج ۾ مروج ٿي پهاڪن ۽ چوڻين جو درجو حاصل ڪيو. هتي اها ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ جڳائي ته پهاڪا ۽ چوڻيون، هڪ شخص جي دماغي ورزش جي پيدائش نه آهن. ڪو عالم جيڪڏهن ڪنڊ پاسيرو اڪيلائيءَ ۾ ويهي سوچ ويچار ڪري ۽ نصيحت آميز پُر معنى نقطا لکي، عوام اڳيان رکي ته اُهي پهاڪي يا چوڻيءَ جو درجو مشڪل حاصل ڪري سگهندا.“(۱۱)
    مطلب ته پهاڪا، ڏاها ماڻهو ڪي ويهي (شعوري) ٺاهيندا ۽ گهڙيندا ڪو نه آهن، نه ئي ڪي اُهي ٿوري وقت ۾ پهاڪا بڻجي پوندا آهن، پر انهن جي جڙڻ ۾ زمانن جو رياض هوندو آهي. انهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته لطيف جي شاعريءَ ۾ زمانن جو رياض ۽ رچاءُ شامل آھي. ڊاڪٽر مرليڌر لکي ٿو ته: ”انهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته هر ڪو پهاڪو، هر ڪا چوڻي پهرين پهرين ڪنهن هڪ شخص جي واتان نڪتل آهي، پر انهيءَ ۾ جيون جي سچائي اهڙي ته سهڻي، دلچسپ ۽ اثرائتي نموني پيش ڪيل آهي، جو سماج جا ٻيا ماڻهو ٻڌندي ئي متاثر ٿيو ٿا وڃن ۽ پوءِ اُهي انهيءَ سخن کي اپنائي، ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ پاڻ به استعمال ٿا ڪن. اهڙيءَ طرح هڪ شخص جي آزمودن ۽ جذبات جي سڀاويڪ اظهار تي بيٺل سخن، عوام ۾ مروج ٿي، پهاڪو يا چوڻي بڻجي وڃي ٿو. ڪن حالتن ۾ اعلى شاعرن جي بيتن جون ننڍڙيون تُڪون به اثرائتيون ۽ دلڪش هئڻ سببان عوام جي دل ۽ دماغ تي ڇانئجي ٿيون وڃن.“(۱۲)
    هن اُنهيءَ ڏس ۾ لطيف سرڪار جون هيٺيون سٽون مثال طور ڏنيون آهن:
    • ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪهڙا پرين.
    • ڏک سُکن جي سُونهن، گهوريا ڏک سکن ري.
    • تتيءَ ٿڌي ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي.
    لطيف اُهو عظيم شاعر آهي، جنهن جي شاعريءَ ۾ گهرو مشاهدو، آزمودو، حمڪت، دانائي، ڄاڻ، سوچ ويچار آهي. انسانن جي اعلى گڻن جا احوال (مثال طور) آهن. تهذيب، تمدن ۽ ڪلچر جي عڪاسي ٿيل آهي. تاريخي، نيم تاريخي، عشقيه داستان، قصا، ڪهاڻيون ۽ سنڌ ساڻيهه جو هر نظارو به موجود آهي. سنڌ جي رهڻي ڪهڻي، ريتون رسمون، عقيدا، وهم وسوسا، اظهار جا نمونا، حرفتون، هُنر، ڌنڌا، فن ۽ ڪاريگريون موجود آهن. مطلب ته سنڌ جون جھلڪيون سندس شاعريءَ ۾ پسجن ٿيون.
    ذڪر ٿي چڪو آهي ته لطيف جا ڪيترا ئي بيت، بيتن ۽ واين جون سٽون، نه رڳو عام زندگيءَ جي ڳالهه ٻولهه، ڪار وهنوار ۾ بنهه ڀرپور نموني سان ڪتب اچن ٿيون، پر لطيف جي شاعري، پهاڪن طور به گهڻي استعمال ٿئي ٿي. مثال طور هيٺيان بيت ۽ سٽون، عام زندگيءَ ۾ تمام گهڻيون ٻڌيون وينديون آهن ۽ اُهي پهاڪن طور ئي ڪتب اينديون آهن:
    • حيف تنين کي هوءِ، وطن جن وساريو.
    • ڇلي ڇڏ مَ ڇپرين، ڏلي ڇڏ مَ ڏيهه.
    • سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اَڻاسيءَ وسري.
    • ايءَ نه مارن ريت، جيئن سيڻ مٽائين سونَ تي.
    • ڏڪاريا ڏيهه مان، موذي شال مرن.
    • چپاتا چڙهي ويا، وڃي پهتا توڙ.
    • ويا مور مري، هنج نه رهيو ھيڪڙو.
    • گهوڙن ۽ گوٽن، جيئڻ ٿورا ڏينهڙا.
    • ويا سي وينجهار، هيرو لعل ونڌين جي.
    • سندي سڪ پرين، لوڪ ڏٺي نه لهي.
    • وکر سو وهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي.
    • ستر ڪر ستار، آ اگهاڙي آهيان،
    ڍڪين ڍڪڻهار، ڏيئي پاند پناهه جو.
    • صاحب ڏي شفا، ميان! مريضن کي.
    ٻيا به اهڙا ڪيترائي بيت ۽ بيتن جون سٽون آهن، جيڪي پھاڪن طور استعمال ٿين ٿيون. حقيقت ۾ لطيف جي شاعريءَ ۾ عام سنڌي ماڻهن جي جذبن، ڪيفيتن، احساسن، تجربن ۽ سوچ ويچار جو گهِرو بيان ۽ سندن سڀيتا جو وسيع عڪس ملي ٿو. ھونئن ته لطيف جي شاعريءَ مان سوين سٽون پهاڪن طور ڪتب آڻجن ٿيون پر اسان پنھنجي ھن مقالي اندر شاھ صاحب جي ڳايل ٻن سرن؛ سُر مارئي ۽ سر حسينيءَ کي موضوع طور آندو آھي، تنھنڪري ھتي فقط انهن بيتن ۽ واين جي سٽن جو ذڪر ڪبو جيڪي ٻنھي سرن منجھ پهاڪن طور استعمال ٿين ٿيون.

    سر مارئي:
    سُر مارئي ۾ وطن جي حب ۽ آزادي مرڪزي موضوع آھي. ھي سُر ساڻيھ جي سڪ، خودداري، اڏولپڻي، عزم ۽ استقلال جو سُر آھي. ھي سُر پنھنجن ۽ پنھنجي ملڪ سان بنھ گھڻي محبت، ھر ڏکي حالت ۾ به پنھنجو ست سيل سلامت رکڻ جو ھڪ اعلى درس آھي. ھي بنھ مشڪل حالتن ۾ به اميدن جو سُر آھي. ھي سُر بنھ گھڻي محبت ۽ خلوص ڀري فطري رھڻي ڪھڻيءَ، جھڙي تھڙي پر پابندين کان بنھ آجي ماحول جو داستان آھي. ھن سُر ۾ اعلى اخلاقي خوبين، زندگيءَ جي اعلى قدرن، ڳڻن ۽ لڇڻن جو چٽو ۽ سچو عڪس آھي. ھيءُ سُر سنڌ جي اعلى سماجي قدرن جو آئينو آھي.
    اعلى مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ جستجو، جاکوڙ ۽ سخت کان سخت حالتن کي به منھن ڏيڻو پوندو آھي. محنت ڪرڻي پوندي آھي. ڪشالا ڪٽڻا پوندا آھن. مصيبتن ۽ مشڪلاتن کي منھن ڏيڻو پوي ٿو. پُرپيچ پيچرن تان لنگھي پار ٿيڻو پوندو آھي. سخت پيڙائن جا پنڌ ڪرڻا پوندا آھن. پنهنجي منزل مقصود حاصل ڪرڻ لاءِ بنھ خراب ماحول کي به منھن ڏيڻو پوندو آھي. جڏهن نه چاھيندي به گھُٽيندڙ ماحول جون سختيون به برداشت ڪرڻيون پونديون آھن. جڏھن ماڻھو پنھنجي پاڻ کي بيوس ۽ لاچار محسوس ڪندو آھي ۽ اھڙي ايذائيندڙ ڪيفيت جي اظھار لاءِ لطيف جي ھنن لفظن ۾ چئبو آھي ته؛
    قسمت قيد ڪياس، نات ڪير اچي ھن ڪوٽ ۾. (۱۶/۱)
    پنھنجي اعلى مقصد لاءِ ڪيترائي ايذاءَ، آزار ۽ سختيون سھڻيون پونديون آھن. قيد و بند رڳو لوڙھن، ديوارن ۽ ڪڙن ۾ بند رکڻ جو نالو به نه آھي پر قيد ته اھي مشڪل ماحول ۽ نظام جون سختيون پابنديون به آھن، جن ۾ ھر قسم جي اظھار جي بندش ھجي ٿي. انسان ھميشه اتي ئي رھڻ چاھيندو آھي جتي پنھنجا ۽ پنھنجائپ ھجي، ڇاڪاڻ ته انسان جو آزاد رھڻ فطري آھي. انسان ته ڇا پر ھر ساھوارو آزاد رھڻ چاھيندو آھي. انھيءَ جي ابتڙ جيڪڏھن ڪيڏا به محل ماڙيون، ٺٺ ٺانگر ھجن، اُتي پنھنجا ۽ پنھنجائپ نه ھجي ۽ آزاد فضا نه ھجي ته انسان لاءِ ھڪ گھڙي گھارڻ به بنھ ڏکي ۽ ايذائيندڙ ھوندي آھي. جڏھن سختيون ۽ صدما ڏيندڙ ۽ گُھٽيندڙ ماحول ۾ به پنھنجي اعلى مقصد ڏانھن وکون کڻندي وڌبو رھبو آھي، تڏھن چيو ويندو آھي:
    ڪوٺين گھاري ڪير، محلين منجھي مون ھنيون. (۱/۲)
    انسان جي فطرت آھي ته ھو نه رڳو آزاد رھڻ چاھيندو آھي پر پنھنجن سان گڏ رھڻ گھرندو آھي. جھڙي تھڙي ماحول ۾ ته گھاري سگھندو آھي پر پنھنجا ۽ پنھنجائپ جو احساس ضرور طلبيندو آھي. ھر باضمير ۽ سالم ذھن انسان پنھنجي تھذيب، تمدن، ثقافت، رسم رواج وغيره تي فخر محسوس ڪندو آھي. ان سان پيار پڻ انسان جو فطري عمل آھي. پنھنجي ثقافت، رسم و رواج، سوچ ۽ فڪر نه ڇڏڻ لاءِ لطيف جي ھن سٽ ۾ اظھاريو ويندو آھي:
    جا ڏنيم ڏاڏاڻن، سا لاھيندي لڄ مران. (۳/۱)
    جڏھن اندر ۾ آزار ھوندا آھن، اندر دردن سان ڀريو پيو ھوندو آھي. ڏک ڳڻڻ کان گھڻا ھوندا آھن، تڏھن ماڻھوءَ جو ھانءُ ڀرجي ايندو آھي ۽ اکيون ڇُلڪڻ لڳنديون آھن. جڏھن ڪنھن دردمند يا پنھنجائپ رکندڙ ماڻھوءَ سان انھن ڏکن جو اظھار ڪبو آھي، تڏھن لطيف جي ھيٺين سِٽ زبان تي تري ايندي آھي:
    لڙڪ نه لکڻ ڏين، ڪرئو پون قلم تي. (۲/۲)
    سماج جون حالتون ڪڏھن ڪڏھن ايتريون ته ڏکيون ٿي پونديون آھن، جو ماڻھو چاھيندي به ڪجھ ڪري نه سگھندو آھي. پنھنجي اعلى مقصد جي منزل ڏانھن وک وڌائي نه سگھندو آھي. ماحول مجبور ۽ لاچار ڪري وجھندو آھي. جڏھن ويل به ڀرجي ايندي آھي ۽ پوءِ به بيوسي وڌڻ يا ڪجھ ڪرڻ نه ڏيندي آھي. تڏھن چئبو آھي ته:
    ھَئي منھنجي حال، جئن مُندون سارئو نه مَران. (۱۰/۲)
    پنھنجي اعلى مقصد لاءِ جدوجھد ڪندي ھر غيرتمند ۽ باضمير ماڻھو، ھر لالچ لوڀ ٿڏي ڇڏيندو آهي. پنھنجي اعلى مقصد تان ھٽائڻ لاءِ ڪا به سوديبازي ڪرڻ جو تصور به نه ڪندو آھي. غيرتمند ۽ باضمير ماڻھوءَ جو اھو شيوو ئي نه ھوندو آھي ته ھو پنھنجي مقعد تان ھٽي وڃي يا لوڀ ۾ اچي پنھنجا نظريا ئي تبديل ڪري ويھي. باضمير ماڻھو ته بک مرڻ ۽ ھر سختي برداشت ڪري سگھندا آھن پر پنھنجي مقصد تان ھٽڻ جو تصور به نه ڪندا آھن. ڇو ته ويڪائو مال ٿيڻ کي زندگي ۽ زماني جو وڏو عيب ۽ انسانيت تي داغ ڀائيندا آھن، تنھنڪري باضمير ماڻھو ئي ھدايت طور لطيف جي اعلى سٽن جو سھارو وٺندا آھن. اھا ئي لطيف جي عظمت آھي جو ھو چوي ٿو ته اھو انسان جو گڻ ئي نه آھي جو ھڪ ڪيڏي وڏي (يا ننڍي) لالچ تي پنھنجا سيڻ مٽي ڇڏي. ھيءَ ھدايت، ھي سُخن اڪثر چيو ويندو آھي:
    اِيءَ نه مارن ريت، جئن سيڻ مٽائين سونَ تي. (۸/۳)
    جڏھن زندگي گھڻن ڏکن ۾ گذري ويندي آھي، ماڻھوءَ وٽ رڳو درد ئي درد وڃي رھندا آھن. سندس پل پل پيڙاءَ ۾ گذريل ھوندو آھي، ماڻھو سک سنڀرندو ئي نه آھي ۽ جيڪڏھن ڪو ماڻھو حال پڇندو آھي تڏھن جواب ۾ يا پنھنجي حال جي اظھار لاءِ چوندو آھي ته:
    مون کي ماروئڙن، سُڃ ڳڻائي سيج ۾. (۱۷/۳)
    ڪنھن به عمل جي ڪري جڏھن ڪو پڇتاءَ جو احساس جاگندو آھي، يا ڪنھن عمل ڪرڻ کان سواءِ به ڪو ماڻھو ڪنھن ڏکيائي يا عيب وغيره جو سبب بڻبو آھي، تڏھن چيو ويندو آھي:
    ھيڪ نه ڄاياس، ٻئو ڄاپندي جي مران. (۳/۵)
    پنھنجي منزل ڏانھن ويندي باضمير ۽ اعلى انسان جيڪي ڪا به سوديبازي وغيره نه ڪندا آھن، تن کي تمام گھڻيون تڪليفون ۽ مصيبتون پيش اينديون آھن. سماج انھن لاءِ وک وک تي ڄڀيون ڄيرا بڻجي پوندو آھي. سختيون ۽ سور ڏيندو آھي. پنھنجي اعلى مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪي به تڪليفون، سختيون ۽ مصيبتون اينديون آھن، اعلى انسان انھن کي برداشت ڪندي فخر محسوس ڪندا آھن. ھو ڦاھيءَ ڦندا ڏسي به خوش ٿيندا آھن. سوليءَ ڏانھن ويندي به سرھا ٿيندا آھن. سخت کان سخت تڪليف برداشت ڪندي، ھنن جو عشق چوٽ چڙھندو آھي. اعلى مقصد لاءِ برداشت ڪيل سمورين سختين ۽ سورن تي ھن کي فخر محسوس ٿيندو آھي، تنھنڪري اھڙي ڪيفيت جي اظھار ڪرڻ لاءِ چيو ويندو آھي:
    سکر سيئي ڏينھن، جي مون گھاريا بند ۾. (۵/۵)
    اعلى انسان اعلى مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ته ھر تڪليف برداشت ڪندا آھن. پر ھو پنھنجو مقصد حاصل ڪرڻ ضرور گھرندا آھن. توڙي جو ھو موت کان ڪڏھن به نه ڊڄندا آھن پر موت جي منھن ۾ ويندي به پنھنجي مقصد جي حاصلات لاءِ زور ڏيندا آھن. ھو اھو نه چاھيندا آھن ته مقصد جي حاصلات بنا موت اچي، تنھنڪري ھو چاھيندا آھن ته مقصد حاصل ڪري پوءِ ڀلي موت ملي. جڏھن ڪو پنھنجي مقصد جي حاصلات لاءِ جدوجھد ڪندي، سختيون سھي رھيو ھوندو آھي، تڏھن پنھنجي مقصد سان سچو رھڻ ۽ حاصل ڪرڻ لاءِ چيو ويندو آھي:
    اللھ ائين مَ ھوءِ، جيئن آنءُ مران بند ۾. (۶/۵)
    سر مارئيءَ ۾ مارئي، وقت جي حاڪم جي ڪوٽ ۾ قيد و بند رھندي به ھيڏي ساري حاڪم، بادشاھ آڏو ڪنڌ نه ٿي جھڪائي ۽ پنھنجي ست کي به سلامت رکي ٿي. مارئيءَ جو ڪردار ڪمزور، مجبور، بيوس، لاچار، مسڪين ماڻھن جي لاءِ عزم، ھمت، بھادري، استقلال ۽ وطن جي حُب جو اعلى سبق آھي. اٽل رھڻ، عزم ۽ استقلال قائم رکڻ انسان جا بنھ اعلى گُڻ آھن. پنھنجي اعلى مقصد حاصل ڪندي موت به بي معنى ٿي وڃي ٿو. جي پنھنجي منزل تي رسجي ۽ پوءِ موت اچي ته اھو موت به ڄڻ خوبصورت زندگي آھي. اندر جي اھڙي خوبصورت تصور جي اظھار ڪرڻ لاءِ لطيف جي ھيءَ سٽ چئي ويندي آهي:
    ميائي جياس، جي وڃي مڙھ ملير ڏي. (۱۴/۵)
    سچا ۽ مڪمل انسان، پنھنجي محبوب/مقصد سان ڪنھن به ٻي شيءِ جي شراڪت کي بنھ خراب سمجھندا آھن. ھو پنھنجي زندگيءَ ۾ اٽل ھوندا آھن. ڦرڻا گھرڻا ۽ ھلڪڙا ھرگز نه ھوندا آھن. ھونئن به محبوب/اعلى مقصد تبديل نه ٿيندا آھن. جڏھن پنھنجي محبوب/مقصد تان ذرو به نه ٿڙڻ جي ڳالھ ڪبي آھي يا توڙ نڀائڻ جي سختيءَ سان ڪا ڳالھ ڪبي آھي، تڏھن لطيف جي ھيءَ ھدايت ڀري سٽ سخن طور سڻائي ويندي آھي:
    ڪانڌ نه ڪنديس ڪو ٻئو، کٿيرو ئي خوب. (۲۳/۵)
    جڏھن پنھنجي ملڪ/علائقي کان پري رھبو آھي ۽ پنھنجي ملڪ ۽ پنھنجن دل گھرين جي ياد گھڻو ستائيندي آھي، خاص ڪري تڏھن جڏھن ڪي ماڻھو زبردستي پنھنجن ۽ پنھنجن ڪکن (گھرن) کان پري ڪيا ويندا آھن. قيد و بند ڪيا ويندا آھن ۽ پنھنجي اجھن کي ڏسندي ۽ منجھن رھندي گھڻا ڏينھن لڳي ويندا آھن. تڏھن چيو ويندو آهي:
    پکڙا ۽ پنھوار، ڏٺي مون ڏينھن ٿيا. (۷/۶)
    جڏھن ڪنھن جي غربت جي ڳالھ ڪبي آھي، تڏھن چيو ويندو آھي:
    آڻين ۽ چاڙھين، ڏٿ ڏينھاڻي سومرا. (۷/۶)
    دل گھريا سدائين چڱايون ۽ احسان ڪندا آھن. دل گھرين جي احسانن ۽ ڀلاين جا ليکا نه ڪبا آھن. ڇاڪاڻ ته وٽانئن سدائين سٺائيءَ جي اميد ھوندي آھي. جڏھن ڪنھن دل گھرئي جي احسانن ۽ ڀلاين جو ذڪر ڪبو آھي، تڏھن انھن جو ليکو ئي نه ڪرڻ جي اظھار لاءِ چيو ويندو آھي ته:
    ڀلائيءَ جا ڀيرا، ڳڻي ڳڻيان ڪيترا. (۱۹/۶)
    لطيف سرڪار اھو شاعر آھي، جنھن وٽ وطن جي ماڻھن ۽ وطن جي محبت سڀ کان مٿانھين آھي. سُر مارئي ته سراپا ساڻيھ ۽ ساڻيھ واسين سان عشق آھي. لطيف جي ھيءَ سٽ ھدايت ۽ سخن طور بنھ گھڻو چئي ويندي آھي:
    وطن جن وساريو، حيف تن کي ھوءِ. (وائي /۶)
    جڏهن اول کان آخر تائين توڙ نڀائڻ جي ڳالھ ڪبي آھي يا عشق جي رشتي جي سچائيءَ جو ذڪر ڇيڙبو آھي، تڏهن چيو ويندو آهي:
    مون ماروءَ سين، لڌيون لوئيءَ ۾ لائُون. (۳/۷)
    انسان تي جھڙا به ڏينھن، وقت، زمانا وغيره ايندا آھن، سي گھارڻا پوندا آھن. اھي ڏينھن جيڪڏھن مايوس ٿي روئندي گذاربا ته به گذري ويندا. پر روئندي ۽ مايوس ٿي گھارڻ سان اھي لمحا ۽ ڏينھن وڌيڪ تڪليفون ڏيندا. حوصلا خطا ٿيڻ سان ٻين گھايلن جي حوصلن تي به اثر پوندا، تنھنڪري ھر مشڪل وقت کي بھادريءَ ۽ اڏولپڻي سان گھارڻ گھرجي. لطيف جو اھو درس اڪثر نه رڳو ٻين کي پر ڪڏھن ڪڏھن پنھنجو پاڻ کي به چئي حوصلا بلند رکڻ لاءِ اُتساھيو ويندو آھي:
    جھِڙا اچن ڏينھڙا، گھايل ويٺي گھار. (۱۸/۷)
    کوھ تڏھن سنجبا آھن، جڏھن ڏڪار ھوندو آھي. مينھن نه پوڻ جي ڪري کوھ سُڪي ويندا آھن. جڏھن ٿر ۾ ڏڪار پوندو آھي، وڻ ٽڻ سُڪي ويندا آھن، پاڻيءَ جي سطح ھيٺ لھي ويندي آھي. نيٺ کوھ به سُڪڻ لڳندا آھن. اھا حالت ڏاڍي ڏکي ھوندي آھي. اھڙي حالت ۾ به اُھو ديس جتي کوھ مان پاڻي سنججي، پوءِ به وطن ڀلو تڏھن لڳندو آھي، جڏھن اندر ۾ وطن لاءِ اٿاھ محبت ھوندي آھي. کوھ سنجڻ يا چوئڻ جيڪو ھڪ ڏکيو عمل آھي ۽ ٻيو وري سنجيل پاڻي به کارو ھجي. مطلب ته ھر لحاظ سان ڏکي حالت ھجي پوءِ به پنھنجو ديس ڀلو لڳندو ھجي. ڏکين حالتن کي منھن ڏيندي محبت کي قائم رکڻ جي اظھار لاءِ ھيٺين سِٽ سُخن طور اڪثر چئي ويندي آھي:
    ور سي کارا کوھ، سنجيم جي ساڻيھ جا. (۸/۷)
    سخت کان سخت حالتن ۾ رھي پنھنجي عشق جي سچائيءَ کي سلامت رکڻ ۾ ئي مھانتا آھي. ھر تڪليف برداشت ڪري به پنھنجي اعلى مقصد سان لڳاءَ جا جذبا بچائڻ، مصيبتن ڀرئي ماحول ۾ رھي به سچائيءَ کي جيئن جو تيئن سلامت رکڻ وڏي ڳالھ آھي. پنھنجي عزت ۽ ست سلامت رکڻ اعلى گڻن ۽ قدر رکندڙ ماڻھن جو مرڪ آھي. اھڙا عمل فقط اعلى انسان ۽ عاشق ئي ڪري سگھندا آھن. دعوى ته ھر ڪو ڪندو آھي پر اصل حقيقت ۽ صداقت ان وٽ ھوندي آھي، جيڪو سخت خراب حالتن ۾ رھي به پنھنجي سچائي ۽ عزت کي سلامت رکندو آھي. الھڙ ماڻھن کي آزمودگار ماڻھو ھدايتون ۽ ڏس ڏيندا آھن. اصل حقيقت جو احساس ڏيارڻ لاءِ اڻ واقفن کي ھيٺين سٽ ٻڌائي ويندي آھي:
    ھتي جي ھيون، ته سُڌ پيرين سيل جي. (۲۶/۸)
    سطحي ماحول، ناانصافيءَ تي ٻڌل value less سان اعلى انسان ڪڏھن به ٺاھ نه ڪندا آھن. ھو ٻاڙي يعني غليظ ۽ گھٽيا قدر رکندڙ سماج سان سمجھوتو نه ڪندا آھن. ھو سدائين اعلى قدرن ڀرئي سماج اڏجڻ جي انتظار ۾ رھندا آھن ۽ ھو انھيءَ لاءِ ڏاڍا پُراميد ھوندا آھن. لطيف ته ھونئن ئي عزم، خودداريءَ ۽ اميدن جو شاعر آھي. ٻاڙي يعني غليظ سماج سان ٺاھ نه ڪرڻ ۽ اُجري سماج جو انتظار ڪرڻ يعني سچو رھڻ جي ھدايت طور ھيءَ سٽ ٻڌائي ويندي آھي:
    ٻاڙو پئي نه ٻپڙي، سدا ابر آسري. (۱۳/۱۱)
    لطيف جي سر مارئيءَ جي شاعريءَ ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي سٽون آھن، جيڪي پھاڪن طور استعمال ٿين ٿيون، جن مان ڪجھ سٽون ھيٺ ڏجن ٿيون:
    (1) ھنيون ھڪ ھُئوم، جو مون ڏنو پرينءَ کي. (۲/۲۴)
    (2) کٿيريءَ تان کِل، عمر اھڙي مَ ٿئي. (۳/۱۴)
    (3) آئون ڪيئن لوئي لاھيان، ڪارڻ ٻن ڏينھان. (۷/۳)
    (4) ميرو ئي محبوب، اسان مارو من ۾. (متفرقه /۱۵)
    (5) جيئن ڳنڍيون منجھ ڳنڍير، تيئن مون من ماروئڙن سين. (متفرقه /۳۴)
    (6) بندي ٻئا قرار، آئون ٿي لوچيان لوھ ۾. (۵/۷)
    (7) ھنيون ھڪ ھئو، سو پرزا ٿي پئو. (۲۳/۲)
    (8) پھريان وڃان لوءِ، پوءِ مَرُ پُڄنم ڏينھڙا. (۷/۲)
    (9) ھيءَ جا ڪيئي ھاءِ، سا مُھندان ايندئي منھن ۾. (۴/۳)
    (10) سڪڻ ڪيا شھيد، مارو ملڪ ملير جا. (۱۳/۳)
    (11) مران جي ھن ھنڌ، نجاھ مڙھ ملير ڏي. (۸/۵)
    (12) ٻاٻاڻن سي ٻول، ڪيم نه ڪوٽ وھڻ جا. (۲۰/۵)
    (13) اِيءُ ورُ ويڙھيچن، مون لوڏائين لکيو. (۹/۶)
    (14) ويٺي پوڄان پير، مانَ ملنم ڪڏھين. (۱۰/۸)

    سر حسيني:
    سُر حسيني، عشق جي ڪمال، سچن جذبن، مستقبل ۾ اُميد، عزم، استقلال، رچي ريٽي ٿيڻ، همت، جدوجهد، ڳولا، تانگهه، طلب، بهادريءَ سان سورن سهڻ، ڪشالا ڪٽڻ، اعلى مقصد لاءِ هر مشڪلات کي سَهي به پنهنجي منزل ڏانهن وڌڻ، ڏکيائيءَ هوندي به پُراُميد رهڻ ۽ ايمان قائم رکڻ جو درس آهي. جڏهن ڏک سور سهي، پنهنجي منزل طرف وڌبو آهي، تڏهن ئي منزل جي ڏکن، سورن ۽ آزارن کان آزادي ملندي آهي. اهڙيءَ جدوجهد ۾ جڏهن ڪو ماڻهو ٿڪجي ساڻو ٿي پوندو آهي، وقت به گهڻو گذري چڪو هوندو آهي ته اهڙيءَ صورتحال ۾ وقت جو احساس ڏياري، همت وڌائڻ جي هدايت، هنن لفظن ۾ ڪئي ويندي آهي:
    لَڙُ مَ لوڙائُو، هَلي ڪر همت. (۱/۳)
    جڏهن وقت گذري ويندو آهي، تڏهن ماڻهو مايوس به ٿيڻ لڳندو آهي، جيئن:
    ويٺي مون وِئو، لَڙِي سج لَڪن تان. (۱/۸)
    انسان، ٻوليءَ ذريعي جڏهن پنهنجي جذبن، ڪيفيتن، سوچن ۽ ويچارن جو اظهار ڪري ٿو، تڏهن هُو گهربل لفظ، محاورا، تُڪون ۽ جملا چونڊي، پنهنجي مرضيءَ موجب جدا جدا وقتن تي اُنهن کي ڪتب آڻي ٿو. جڏهن ماڻهوءَ کي حالتون بيوس ڪري ڇڏينديون آهن ۽ ڪجهه به اُڄهي نه سگهندو آهي، تڏهن چئبو آهي:
    تاڻيان تند نه نڪري، جيءُ نه منهنجو جاءِ. (۲/۹)
    زندگي جدوجهد جو نالو آهي. جدوجهد سان ئي انسان منزل تي رسجي ٿو. اعلى مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ مشڪل حالتن، ڏکن ڏاکڙن يا تتي ٿڌيءَ يعني هر حالت ۾ اڳتي وڌڻو آهي. جدوجهد ڪرڻي آهي:
    تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل وهڻ جي،
    متان ٿئي اونداهه، پير نه لهين پريَنءَ جو. (۲/۲۱)
    جڏهن ڪو پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ، سخت جدوجهد ڪندو پيو آهي، تڏهن کيس چيو ويندو آهي.
    ڏکن پٺيان سُکَ، سگها ٿيندءِ سسئي. (۳/۱۵)
    جيڪڏهن گذريل زماني جي ماڻهن، ماڳن ۽ مڪانن کي ياد ڪبو آهي ۽ اڳوڻين حالتن ۽ هاڻوڪين حالتن جي تبديلي محسوس ڪبي آهي ته اُنهيءَ موقعي تي يا جڏهن بنهه ويجها ماڻهو به ساٿ ڇڏي ويندا آهن ۽ بيوفايون ڪندا آهن، تڏهن چيو ويندو آهي:
    اڳي ائين هُياس، جيئن پُنهونءَ ڌوتم ڪپڙا،
    هاڻي هيئن ٿياس، جئن جت نه نينم پاڻ سين. (۱۲/۴۲)
    اعلى مقصد جي حاصلات لاءِ رستي ۾ ڏک ڏاکڙا، رُڃ، سڃ ۽ سختيون سهڻيون پونديون، پر جيڪي اروٽ يا عشق ۾ ڪچا هوندا آهن، تن کي هن ريت مخاطب ٿبو آهي:
    سرتيون سڄي سُڃ، متان ڪا مون سين هلي،
    پاڻي ناهه، پنڌ گهڻو، اڳيان رائو ۽ رُڃ،
    متان مَري اُڃ، ڪا ڏئي پاراتو پرينءَ کي. (۱/۹)
    انسان ڪڏهن ڪڏهن ٻه-طرفين تڪليفن ۾ جڪڙجي پوندو آهي. هڪ طرف ماحول جون حالتون ڏکيون ۽ خراب هونديون آهن، ٻئي طرف اندر ۾ پنهنجي محبوب/اعلى مقصد سان عشق جي آڳ جو آڙاهه هوندو آهي، پوءِ به اڳتي وڌڻو پوندو آهي. اهڙيءَ صورتحال جو نقشو هيٺين بيت ۾ چٽيو ويو آهي:
    ڪِين ڌرتي ماءِ، ڪِين ڄَر سَندِي سڄڻين،
    هَلَي ۽ واجهاءِ، ٻنهي ڄيرن وچ ۾. (۲/۱)
    جڏهن ڪنهن دل گهرئي انسان سان ملاقات ٿيندي آهي، ته چيو ويندو آهي:
    آيا آس ٿيامِ، ٻاروچا ڀنڀور ۾. (۱/۴)
    تاريخ شاهد آهي ته ڌارين سان دوستين رکڻ جا نتيجا بنهه اُگرا ۽ هاڃيڪار نڪتا آهن. ڌارين جي دوستيءَ، ڌرتيءَ تي وڏيون آفتون آڻي، ڌرتيءَ جي وسيلن کي تباهه ۽ برباد ڪيو آهي. جڏهن ڄام فيروز، ڌارين سان دوستيءَ جو هٿ وڌايو ته نتيجي ۾ سنڌ تي ارغون مسلط ٿيا. نائون مَل انگريزن سان سنگت جوڙي ته سنڌ، انگريز جي قبضي ۾ آئي:
    ڪيئن اَڙايئه پاند، پلئه پرڏيهين سين. (۵/۸)
    جڏهن حالتون خراب ٿي وينديون آهن، تڪليفون وڌي وينديون آهن، دردن جو بار سهڻ کان مٿي هوندو آهي ۽ ماڻهوءَ ۾ برداشت جي حد نه رهندي آهي، تڏهن چئبو آهي:
    سُور مَ ڏٺم ڌوڻ، آءَ اڳهين ڪانهري. (۶/۴)
    اها حقيقت آهي ته جيستائين مصيبت ماريا ماڻهو، گڏجي جدوجهد نه ڪندا آهن، تيستائين مصيبت کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري نه سگهندا آهن. شاهه صاحب چوي ٿو:
    ڏکيون جان نه مڙن، تان تان ڀنڻ نه ٿئي. (۶/۱۷)
    درد جو رشتو سگهارو هوندو آهي. دردمندن کي هڪ ٻئي سان احوال اورڻ ۾ سرهائي ملندي آهي. اها ڪيفيت لطيف هن طرح بيان ڪئي آهي:
    اچو سورن واريون، ڪريون سُور پچار،
    مُٺ مُٺ سورن سڀ ڪنهن، ڪانهي سُوران ڌار،
    ڏنم جي ڏاتار، سي مون جهوليءَ پائي جهلئا. (۶/۱۹)
    جستجو، ڳولا ۽ تانگهه سان ئي اعلى مقصد حاصل ڪري سگهبا آهن. جيڪي ڳولهيندا آهن، سي ئي منزل ماڻيندا آهن:
    پُڇن سي پسن، جڏهن تڏهن پريءَ کي،
    ڏورينديون ڏسن، اڱڻ عجيبن جا. (۷/۱)
    ساٿ سان سلهاڙ جي هلڻو پونديو آهي:
    ڇِڄَ م قطاران، ساٿ چڙهندو لڪيين. (۸/۱۳)
    جيڪي سچي عشق سان جستجو ڪندا آهن، اُنهن کي منزل ضرور ملندي آهي. پر شرط قرباني آهي:
    ڪڏهن ڪا نه سُئي، ته ڪا سَگهي گڏي سڄڻين. (۹/۱۷)
    جڏهن ڪو دل گهُريو ڪا بي وفائي ڪندو آهي ۽ ماڻهو سڀ ڪجهه محسوس ۽ برداشت ڪندي، اُنهيءَ کي ڪا اڻ سُونهندڙ موٽ به ڏيڻ نه چاهيندو آهي، تڏهن هيئن چئبو آهي:
    جيڪر ڪريان ايئن، جيئن ڪميڻي ڪا نه ڪري،
    سندو نالو نينهن، هوند ڪڏهن وٺي ڪا نه ڪا. (۱۰/۱۵)
    ڏک، سُکن جي سونهن هوندا آهن، جيڪي منزل مقصود حاصل ڪرڻ لاءِ، برداشت ڪيا ويندا آهن:
    ڏک، سکن جي سُونهن، گهوريا سُک، ڏکن ري. (۱۱/۲۱)
    نينهن جو نالو وٺڻ ڏکيو آهي. نينهن يا عشق مامرن ۾ وجهندو آهي:
    جا نينهن ڳنهندي نانءُ، سا مون جئن پوندي مامري. (۱۲/۲۰)
    جڏهن ماڻهو اڪيلائي محسوس ڪندو آهي يا ڪنهن اهڙي شخص جي وفات وقت، جنهن جو ڪو ويجهو عزيز موجود نه هجي ته اهڙي حالت ۾ چئبو آهي:
    نه ڪي رُئڻ واريون، نه ڪي اوسارين. (۱۲/۱۴)

    حوالا:
    (1) “The Reader’s Digest, Great Encyclopaedia Dictionary” (Vol: 2), The Readers Digest Association London, Compiled by Oxford University Press, 1964 p 711
    (2) “The British Encyclopaedia” (Volume Eighth) Odhams Press Limited London. W.C.2 1933, p 448.
    (3) Same, p. 448.
    (4) مرزا قليچ بيگ ”سنڌي لغات قديمي“ حيدرآباد ۱۹۲۴ع، ص ۹۴. ۽ پڻ ڏسجي: مرزا قليچ بيگ ”لغات لطيفي“ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، ڇاپو ٽيون، ۱۹۹۴ع ص ۲۲۷
    (5) سنديلو عبدالڪريم؛ ”تحقيق لغات سنڌي“، ڇاپو چوٿون، لاڙڪاڻو سنڌ، ۱۹۶۳ع، ص ۱۳۰.
    (6) جامع سنڌي لغات (جلد ٻيو)، مرتب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو/حيدرآباد، ۱۹۸۱ع، ص ۸۵۴.
    (7) قادري اياز، ڊاڪٽر؛ ”شاهه جو ڪلام پهاڪن طور“ ڪتاب: ”لطيفي لات“، مرتب: ممتاز مرزا، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، حيدرآباد، ۱۹۹۲ع، ص ۱۸
    (8) جيٽلي، مرليڌر، ڊاڪٽر؛ ”سنڌي پهاڪا ۽ محاورا“، جوڙيندڙ سنتداس پنهون مل ڪشناڻي، سنت پي وي ڪشناڻي ٽرسٽ، پَڻي (مهاراشٽر)، ڀارت ۱۹۹۳ع، ص ۱۷.
    (9) سنڌي ٻوليءَ ۾ به واٽ، گس، رستي لاءِ پَهو لفظ استعمال ٿئي ٿو. اڄ به ٻيلن ۾ جيڪي رستا ٺاهيا ويندا آهن يا ٺهيل آهن، اُنهن رستن کي پَهو چيو ويندو آهي.
    (10) جيٽلي مرليڌر، ڊاڪٽر؛ ”سنڌي پهاڪا ۽ محاورا“، ص ۱۹.
    (11) ساڳيو حوال ص ۱۵.
    (12) ساڳيو حوال ص، ۱۶.
    شاھ جا رسالا:
    (الف) ”شاهه جو رسالو“ مرتب: مرزا قليچ بيگ، ڇاپو ٽيون، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد، سنڌ، ۱۹۹۴ع.
    (ب) ”شاهه جو رسالو-شاهه جو ڪلام“ (جلد ۸ ۽ ۹) تحقيق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.

    ***


    انجنيئر عبدالوهاب سهتي جا ڇپيل ڪتاب

    • ڪھاڻيون (ڇپيل)
    1. ھراس آڪٽوبر ۱۹۸۹ع
    2. جڏھن بت ئي چوي ڪافر نومبر ۱۹۹۲ع
    3. ھٿ جي وڍي ۱۹۹۹ع

    • پھاڪا ۽ چوڻيون/ ورجيسون (ڇپيل)
    1. ننڍڙي روپ وارا، چوڻيون ۽ پھاڪا اپريل ۲۰۰۲ع
    2. ورجيسون: پسمنظر ۽ ڪارج نومبر ۲۰۰۳ع
    3. موزون آکاڻين تي مشتمل پھاڪا ۽ چوڻيون آگسٽ ۲۰۰۴ع
    4. اترادي پھاڪا ۽ چوڻيون مارچ ۲۰۰۶ع
    5. گل شڪر (نئين سر لکيل) مارچ ۲۰۱۱ع
    6. پهاڪن ۽ چوڻين بابت تنقيدي مضمون (ترتيب) جولاءِ ۲۰۱۵ع
    7. لاڙي پھاڪا ۽ چوڻيون سيپٽمبر ۲۰۱۵ع
    8. ڳوٺاڻو ڳُـڙ (نئين سر لکيل) ڊسمبر ۲۰۱۵ع
    9. ماڳن مڪانن جي نالن تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون جُون ۲۰۱۶ع
    10. طبي پهاڪا ۽ چوڻيون ڊسمبر ۲۰۱۶ع
    11. چونڊ سنڌي چوڻيون (ترتيب ۽ تدوين) فيبروري ۲۰۱۷ع
    12. ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون اپريل ۲۰۱۷ع
    13. پهاڪن ۽ چوڻين بابت مقالا ۽ مضمون (ترتيب) آگسٽ ۲۰۱۷ع
    14. گهاگهر منجهه ساگر (تاليف و تصنيف) جنوري ۲۰۱۸ع
    15. پهاڪن جي پاٻوهه (سنوار سڌار) اپريل ۲۰۱۸ع
    16. شاهه جي شاعريءَ جو پهاڪاتي پهلُو (ترتيب) آڪٽوبر ۲۰۱۸ع

    • تاليف ۽ ترتيب
    1. عبدالڪريم گدائي؛ روايت ۽ بغاوت جو شاعر. جنوري ۲۰۰۶ع
    2. تنقيدون ۽ تجزيا- پروفيسر نذير احمد سومرو جنوري ۲۰۱۳ع
    3. موھيو مون کي جن- پروفيسر نذير احمد سومرو مئي ۲۰۱۵ع
    4. جيڪب آبادي صاحب ڪتاب ۽ سندن ڪتاب ڇپائيءَ ھيٺ

    • پھاڪا ۽ چوڻيون (اڻ ڇپيل)
    1. چوڻين ۽ پهاڪن تي مشتمل مضمون ڇپائيءَ ھيٺ
    2. نصيحت آموز آکاڻين وارا پھاڪا ۽ چوڻيون س ل ا وٽ
    3. تاريخي واقعن منجھان نڪتل چوڻيون ۽ پھاڪا ڇپائيءَ ھيٺ


    ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر پاران ڇپرايل ڪتاب

    ۱. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا .......................................... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (ختم)
    ۲. ماڻهو ۽ ماڻهپو .......................................................... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (ختم)
    ۳. آبشار ............................ جبران خليل جبران/انجنيئر شفقت حسين وڌو (ختم)
    ۴. يادون ۽ سُڪونُ ......................................................... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (ختم)
    ۵. ٻوليءَ جو بڻ .............................................................. ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (ختم)
    ۶. سائنسي ڄاڻ ....................................................................... اجمل هديٰ ڀٽو (ختم)
    ۷. ڪامياب زندگي ڪيئن گذارجي؟ ............................ شفقت حسين وڌو (ختم)
    ۸. سنڌي ٻولي: لفظ، لغت ۽ لکيت ............................. ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/۵۰)
    ۹. رانديڪو ................................................................................... ملهار سنڌي (ختم)
    ۱۰. ٻه ٽي جام پيئڻ کان پوءِ ....................... عمر خيام/ شفقت حسين وڌو (ختم)
    ۱۱. گريٽر ٿل ڪئنال ۽ ڪالا باغ ڊيم .................... محمد ادريس راجپوت (ختم)
    ۱۲. شعور ......................................................................... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (ختم)
    ۱۳. شام جي هوا ........................................................................ رياضت ٻرڙو (ختم)
    ۱۴. هوا ۾ ٻرياسين ...................................................................... بيخود بلوچ (ختم)
    ۱۵. تقريرون .............................................................................. غلام علي چنه (ختم)
    ۱۶. موسى کان مارڪس تائين ............... سِبطِ حسن/ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/۱۰۰)
    ۱۷. پنج ڏينهن .............................................. سعادت حسن منٽو/رضوان گل (ختم)
    ۱۸. وکر ڌارو ڌار ...................................................................... غلام علي چنه (ختم)
    ۱۹. ڪونج .................................................................................. غلام علي چنه (ختم)
    ۲۰. ديوانِ رياضت ....................................................................... رياضت ٻرڙو (-/۶۰)
    ۲۱. تحفو .............................................................................. حسن علي هڪڙو (-/۴۰)
    ۲۲. جيون تنهنجي نانءِ ............................................................ وفا اسلم شيخ (-/۵۰)
    ۲۳. ساحل ۽ سمنڊ ................. جبران خليل جبران/پروفيسر عطاءُ اللھ ابڙو (-/۴۰)
    ۲۴. سنڌ: حڪمران، ايم ڪيو ايم ۽ سنڌي عوام .... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/۹۰)
    ۲۵. قنبر: هڪ اڀياس ............................ ايڊيٽر ۽ سهيڙيندڙ: رياضت ٻرڙو (ختم)
    ۲۶. قنبر تعلقو: مختصر ڄاڻ سڃاڻ ............... مرتب: دين محمد ڪلهوڙو (ختم)
    ۲۷. گرهن جي کوجنا ................................. جيقئلن مٽن/ جاويد حسين وڌو (ختم)
    ۲۸. ٻول جو بڻ ............................................................... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/۱۰۰)
    ۲۹. ڳولا .................................................... ٽيلر ڪالڊويل/ شفقت حسين وڌو (-/۸۰)
    ۳۰. چانڊوڻا چمڪن ............................ .......................... مرتب: رياضت ٻرڙو (ختم)
    ۳۱. سڄڻ ماکيءَ ميٺ ....................................................................... اسد چاچڙ (-/۴۰)
    ۳۲. ڌرتي: منهنجو گھر ................................................... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/۴۰)
    ۳۳. آڳاٽي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي ............ ايم ايڇ پنهور/ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/۱۲۰)
    ۳۴. فلسفو: هڪ مطالعو ............................................... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/۱۰۰)
    ۳۵. ضميري پڇاڙيون ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/۱۰۰)
    ۳۶. سنڌي ٻوليءَ جون حسناڪيون ........................ ڊاڪٽر بشير احمد شاد (-/۱۲۰)
    ۳۷. پيرل قنبر .......................................................................... ڪوڙل قربدار (-/۱۶۰)
    ۳۸. اهنجي ڌرتي ............................................................ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/۱۳۰)
    ۳۹. ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (شخصيت، فڪر ۽ فن) ................ رياضت ٻرڙو (-/۲۰۰)
    ۴۰. ابتدائي سائنس (ٽئين درجي لاءِ) ................................ جاويد حسين وڌو (ختم)
    ۴۱. ابتدائي سائنس (چوٿين درجي لاءِ) ............................ جاويد حسين وڌو (ختم)
    ۴۲. ابتدائي سائنس (پنجين درجي لاءِ) ............................. جاويد حسين وڌو (ختم)
    ۴۳. فطرت، سائنس ۽ سماج .......................................... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/۱۵۰)
    ۴۴. پهاڪن ۽ چوڻين بابت تنقيدي مقالا ........ انجنيئر عبدالوهاب سهتو (-/۱۲۰)
    ۴۵. لاڙي پهاڪا ۽ چوڻيون ............................... انجنيئر عبدالوهاب سهتو (-/۱۲۰)
    ۴۶. ڳوٺاڻو ڳُــڙ ............ ڄاڃي لال ڊي آهوجا ۽ انجنيئر عبدالوهاب سهتو (-/۱۴۰)
    ۴۷. محبت جا خط ........................................................... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/۲۰۰)
    ۴۸. ماڳن مڪانن جي نالن تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون...انجنيئر عبدالوهاب سهتو (-/۱۵۰)
    ۴۹. طبي پهاڪا ۽ چوڻيون ................................ انجنيئر عبدالوهاب سهتو (-/۱۲۰)
    ۵۰. معلوماتي مالها .......................... واحد بخش تونيه ۽ عابد حسين تونيه (-/۲۰۰)
    ۵۱. چونڊ سنڌي چوڻيون ... ڪيرت مهرچنداڻي ۽ انجنيئر عبدالوهاب سهتو (-/۱۴۰)
    ۵۲. معلوماتي مالها (ٻيو ڇاپو) ....... واحد بخش تونيه ۽ عابد حسين تونيه (-/۲۲۰)
    ۵۳. ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون .................................... انجنيئر عبدالوهاب سهتو (-/۶۰۰)
    ۵۴. محبت جن جي من ................................ ترتيب ۽ تدوين: رياضت ٻرڙو (-/۴۰۰)
    ۵۵. ڌرتي: منهنجو گهر (ٻيو ڇاپو) ............................... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/۱۰۰)
    ۵۶. اکئين ڏٺم جو ....................................................................... عاشق منگي (-/۱۴۰)
    ۵۷. گهاگهر منجهه ساگر (هندڪو پهاڪا ۽ چوڻيون) ... انجنيئر عبدالوهاب سهتو (-/۱۵۰)
    ۵۸. پهاڪن جي پاٻوهه ........... تيرٿداس پيسومل/انجنيئر عبدالوهاب سهتو (-/۲۰۰)
    ۵۹. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا ۽ سنڌي ٻولي .............. ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/۴۰۰)
    ۶۰. شاهه جي شاعريءَ جو پهاڪاتي پهلُو ... مرتب: انجنيئر عبدالوهاب سهتو (-/۲۴۰)
    ***


    بئڪ ٽائيٽل تصوير


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 831
    ڪتابن جو مشاهدو: 2070682
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 539699
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ