لطيفيات

شاهه لطيف جي وائي ۽ وائيءَ جي اوسر

ھي ڪتاب نامياري ليکڪ، شاعر ۽ ايڊيٽر ستار پيرزادي جو لکيل آھي ۽ ايڊيٽنگ پروفيسر محمد سليم ميمڻ ڪئي آھي.
هن ڪتاب ۾ ستار پيرزادي، شاهه لطيف جي وائي ۽ سنڌي وائيءَ جي اوسر تي کوجنا ڪئي آهي. ادبي تاريخن ۾ وائيءَ جي اوسر تي تمام گهٽ ڌيان ڏنو ويو آهي. هي ڪتاب مستقبل ۾ وائيءَ جي تحقيق ڪندڙن لاءِ گهڻو ڪجهه بنيادي ماخذ مهيا ڪندو. هن وائيءَ تي تحقيق ڪري ڪجهه نتيجا به آڏو آندا آهن ۽ اهو به ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته وائيءَ جي صنف شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کان اڳ به موجود هئي، گڏوگڏ هن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي وائيءَ جو تحقيقي جائزو به ورتو آهي. وائي ۽ ڪافيءَ جي گهاڙيٽن ۾ فني فرق کي واضح به ڪيو آهي.
Title Cover of book شاهه لطيف جي وائي ۽ وائيءَ جي اوسر

مقدمو: اختر درگاهي

”شاهه لطيف جي وائي ۽ وائيءَ جي اوسر“ جي عنوان هيٺ لکيل مسودو/مواد نظر مان گذريو. وائيءَ جهڙي اهم سنڌي شعري صنف تي لکيل اهڙو تفصيلي مواد منهنجي لاءِ نهايت دلچسپيءَ کان خالي نه هو، ڇاڪاڻ ته هِن کان اڳ، سنڌي ادب، خاص ڪري شاعريءَ جي اڪثر تذڪرن ۽ تاريخن ۾ ”وائي ۽ ڪافيءَ“ جو گڏيل طور ۽ مختلف راءِ سان نهايت مختصر بيان ڪيو ويو آهي، سواءِ انهن هڪ اڌ مضمونن جي، جن جو حوالو هن ليک ۾ ڄاڻايو ويو آهي. ان لحاظ کان هِن مسودي ۾ ليکڪ تمام گهڻي محنت ۽ جاکوڙ ڪئي آهي ۽ ان موضوع تي نه صرف سٺو مواد ڪَٺو ڪري ڏنو آهي بلڪ هڪ ذهين ليکڪ هجڻ جي ناتي، وائيءَ جي صنف متعلق ڪي نتيجا به ڪڍيا آهن ۽ اِها بلڪل صحيح راءِ قائم ڪئي آهي ته، ”ڪافيءَ کان وائي جدا صنف آهي ۽ نه ئي هڪ گهاڙيٽي جا ٻه نانءَ آهن.“ ساڳي وقت ليکڪ وائيءَ متعلق انهيءَ راءِ کي به دليلن سان رد ڪيو آهي ته، ”وائيءَ جو گهاڙيٽو بلها شاهه جي شاعريءَ تان ڀٽائي ورتو.“ يا ”وائي، لوڪ گيت يا سهري مان نڪتي آهي.“ جيئن ته ليکڪ جو وڌيڪ زور شاهه لطيف جي وائيءَ تي آهي، ان ڪري هن مسودي جي شروعاتي ٻن بابن کي ڇڏي جيڪي مجموعي طور ’شاعري ڇا آهي‘ ۽ ’ادب ۾ شاعريءَ جي اهميت‘ تي آهن، باقي سڀ باب شاهه لطيف جي حوالي سان آهن، جڏهن ته آخري باب جديد دؤر ۾ وائيءَ جي واڌ ويجهه بابت آهي. جيتري قدر وائيءَ جي تاريخي پسمنظر ۽ اُن جي ارتقا ۽ اوسر جو تعلق آهي، ليکڪ اُن لاءِ ڪو الڳ باب نه رکيو آهي، جيڪو رکڻ کپندو هو، البت ’شاهه لطيف کان اڳ جي وائي‘ ۽ ’وائيءَ جي گهڙت‘ وارن بابن ۾ هن ان سلسلي ۾ ڪي حوالا ضرور ڏنا آهن، جن جو تفصيلي ذڪر اڳتي ڪبو.
’ڪافي‘ ۽ ’وائي‘ سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ هڪ ئي وقت شاعريءَ جون صنفون به آهن ته راڳ جون صنفون به آهن. هن وقت هنن ٻنهي صنفن جو شعري حوالي سان گهاڙيٽو توڙي موضوع ۽ راڳ جي حوالي سان ڳائڪيءَ جو انگ ۽ انداز الڳ الڳ آهي. جيئن ته اسان جي مطالعي هيٺ آيل مسودو وائيءَ جي شعري صنف جي حوالي سان لکيل آهي، ان ڪري اسين اُن جو راڳ وارو پاسو ڇڏي ٿا ڏيون.
تاريخي حوالي طور سنڌ ۾ پهريان ’ڪافي‘ ۽ پوءِ وائيءَ جو نالو ملي ٿو. جڏهن ته هنن صنفن جي لکيت ۾ مليل پهرين نمونن ۾ ناليوار پهريان ’وائي‘ ۽ پوءِ ’ڪافي‘ اچي ٿي. شاههه لطيف ۽ سچل سائينءَ جي دؤر اچڻ تائين لکيت ۾ جيڪي شعري نمونا مليا آهن، تن ۾ وائي ۽ ڪافيءَ جي گهاڙيٽي توڙي موضوع ۾ ڪوبه فرق ناهي ۽ هڪ ئي دؤر ۾ هڪ ئي شعري گهاڙيٽي جا ٻه مختلف نالا ملن ٿا، وائي به ته؛ ڪافي به.
شاهه عنات رضوي (1720ع-1625ع) اهو پهريون شاعر آهي، جنهن پنهنجي رسالي ۾ بيت کان پوءِ جيڪا شاعريءَ جي صنف لکي آهي، اُن کي هن ’وائيءَ‘ جو نالو ڏنو. جڏهن ته ’ڪافي‘ چوڻ جو اهڃاڻ سنڌ ۾ شاهه عنات رضويءَ کان اٽڪل هڪ سؤ سال اڳ ارغونن جي دؤر ۾ ملي ٿو. تذڪرن ۾ آيل آهي ته، ”سورهين صديءَ واري دؤر ۾ سنڌ جي ذاڪرن ۽ ڳائيندڙن مان پاٽ جو بزرگ شيخ لاڏ جيو سنڌي (1598ع-1523ع) برهانپور ۾ سنڌي ڪافي ڳائڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو.(1) ان بعد شاهه عنات رضوي کان ٿورو اڳ مغل دؤر ۾ مير معصوم شاهه جي ڀاءُ مير فاضل بکريءَ لاءِ لکيل آهي ته ”هُن سنڌي ڪافيءَ کي دهلي ۽ آگري طرف مشهور ڪيو.“ هڪ هنڌ ته ايئن به لکيل آهي ته، ”مير فاضل بکري سنڌي ٻوليءَ جو شعر ’ڪافي‘ نهايت ئي سهڻو چوندو هو.“(2) ان مان خبر پوي ٿي ته اُن دؤر ۾ سنڌي ڪافي نه صرف راڳ جي بلڪ سنڌي شاعريءَ جي به مڃيل صنف هئي، پر اسان جا سڀئي تذڪره نويس ان ڳالهه تي اچي بيهي رهيا ته ’ڪافيءَ‘ جي ان دؤر وارو گهاڙيٽو محفوظ رهي نه سگهيو جيڪو ملي نه سگهيو آهي. ٻئي طرف اهو ڏسون ٿا ته مٿي ذڪر ڪيل سنڌي ڪافيءَ جي مقبول دؤر ۾ پنجاب اندر شاهه حسين (1593ع-1531ع) ڪافيءَ جو وڏو ۽ پهريو شاعر نظر اچي ٿو، جنهن لاءِ اهو پڻ چيو وڃي ٿو ته مٿس سنڌي راڳ ڪافيءَ جو اثر هو. بقول ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي ته، ”سنڌ جو راڳ ايترو مشهور هو، جو اُن جو اثر سنڌ ۽ پنجاب جي مسلمان صوفين ۽ درويشن تي پيو، جو لاهور جي صاف دل درويش شاهه حسين پنهنجي جذبن جو اظهار ڪافين ذريعي ڪيو.“(3) خاص ڳالهه ته شاهه حسين جي ڪافين جو شعري گهاڙيٽو به اهڙو آهي، جيڪو بعد ۾ ملندڙ سنڌي اوائلي ڪافين ۽ واين جو آهي.
مائي ني مين کينون اکهان، درد وڇوڙي دا حال
دهوان دُکي ميري مرشد والا، جان ڦولان تان لال
کهي حسين فقير نماڻان، اج وي نه آيو لال.(4)

شاهه حسين جي اُها ڪافي دوهي ڇند تي آهي، البت ان جا ماترا عام دوهي جي ماترائن کان گهڻا آهن. وائيءَ جي پهرين باقاعده شاعر شاهه عنات رضويءَ وٽ به اهڙو ئي شعري گهاڙيٽو ملي ٿو، جيئن ڏسو:
تان تون رات سڄيائي سُمهين، ساٿين نندا بار
انهين جي عنايت چئي، پُڇي ونءُ پيزار.(5)

مٿي پيش ڪيل اقتباس مان ثابت ٿئي ٿو ته، سنڌي ڪافيءَ جو به اوائلي شعري گهاڙيٽو اهوئي هوندو، پر جڏهن لکيت ۾ انهن جو نمونو مليو ته اُهو هيو ته هڪڙي ئي گهاڙيٽي کي ڪٿي وائي لکيو ويو ته ڪٿي ’ڪافي‘.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جڏهن سنڌي ڪافين جي ڪتاب جو پهريون جلد ترتيب ڏنو ته ان ۾ هُن شاهه عنات رضويءَ کي سنڌي ڪافيءَ جي پهرين شاعر طور آڻي سندس ويهه عدد ’وايون‘، ڪافيون قرار ڏئي ڪتاب ۾ شامل ڪيون. ساڳئي وقت ڊاڪٽر بلوچ، شاهه لطيف، تمر فقير ۽ ڪن ٻين شاعرن جون ’وايون‘ پڻ ڪافيءَ طور ان جلد ۾ شامل ڪيون آهن. جڏهن ته انهن بعد صاحبڏني فاروقيءَ جون ڪافيون ڏنيون اٿائين، جنهن ساڳئي دؤر ۾ پنهنجي ڪلام کي ’ڪافي‘ چيو ۽ لکيو. هونءَ به ڏسنداسون ته ان دؤر ۾ ملندڙ شاهه عنات ۽ شاهه لطيف جي واين ۽ صاحبڏني فاروقيءَ جي ڪافين جو شعري گهاڙيٽو ۽ موضوع پڻ ساڳيو آهي. پر هتي اهو سوال ٿو اُڀري ته جڏهن ’ڪافي راڳ‘ ۽ پڻ ’ڪافي شعر‘ شاهه عنات رضويءَ کان اڳ سنڌ ۽ پنجاب ۾ مقبول هيو ۽ ان جو گهاڙيٽو به ساڳيو هو ته پوءِ شاهه عنات رضوي اهڙي شعري صنف کي ’وائي‘ نالو ڇو ڏنو؟ انهيءَ جا ٻه خاص سبب ٿي سگهن ٿا. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکيو آهي ته، ”وائي ۽ ڪافي راڳ جا اصطلاح آهن.“ (6) ڪافي راڳ ته سنڌ جو اوائلي راڳ هيو. جڏهن ته ’وائي‘ راڳ جي باري ۾ ڊاڪٽر بلوچ لکيو آهي ته، ”’وائي‘ معنيٰ وڏي آواز سان چوڻ. جنهن مان اسم ’وائي‘ آهي. انهيءَ مناسبت سان وائيءَ جي اصطلاحي معنيٰ پيدا ٿي. اهو ٻول جيڪو مٺي آواز يا آلاپ سان ڳائجي، ان لحاظ کان ’وائي‘ موسيقيءَ جي آڳاٽي صنف ’قول‘ جي هم معنيٰ اصطلاح آهي.“(7) هڪ ته شاهه عنات رضوي، جيڪو پنهنجي وقت ۾ راڳ جو پڻ وڏو ماهر هو، پنهنجي ڪلام کي سُرودن ۽ سُرن ۾ ورهايائين ۽ سنڌي راڳ ۾ ڪافيءَ جي اوائلي انگ کان پوءِ وائيءَ جو نئون آهنگ متعارف ڪرايائين، جنهن کي اڳتي هلي شاهه لطيف عروج تي پهچائي ڇڏيو. ٻيو ته شاهه عنات رضوي جيئن جو پنهنجي وقت جو هڪ سڄاڻ ۽ عظيم شاعر هو، تنهن سنڌي شاعريءَ جو رُخ پڻ موڙيو. شاهه عنات رضويءَ وٽ سنڌي شاعري ڳاهن، گنانن، قاضي قادن جي بيتن ۽ دادو ديال کان ٿيندي اچي هن وٽ پهتي هئي، جنهن جو بنيادي تاڃي پيٽو تصوف جو روحاني فڪر، جنگين جا واقعا ۽ عوامي قصا ۽ داستانن جو بيان هو. شاهه عنات رضويءَ پنهنجي ’وايُن‘ ۾ نواڻ آندي، هو نوان عوامي داستان جهڙوڪ راءِ ڏياچ، مڱڻو، نوري ڄام تماچي کڻي آيو، جنهن کان سواءِ ٻيا عوامي موضوع آتڻ، ڪاپائتي، سامي، جوڳي ۽ سخي مردن کي به ڳايو. شاهه عنات رضوي پهريون دفعو سنڌي شاعريءَ ۾ مجازي حسن ۽ عشق کي به متعارف ڪرايو. اهڙيءَ طرح شاهه عنات رضوي سنڌ جي اوائلي ’ڪافيءَ‘ کي نئون موڙ ڏئي ان ۾ جدت آڻي ۽ ان ۾ موضوعن جي نواڻ ۽ وسعت آڻي، سنڌي شاعريءَ ۾ ’وائيءَ‘ جي صنف کي الڳ ٿلڳ بڻائي هڪ Break Through ڪيو. شاهه عنات رضويءَ جي انهيءَ ئي روايت تان اثر وٺي شاهه لطيف وائيءَ جي صنف کي هنئين سان هنڍايو ۽ ان ۾ فن ۽ فڪر جا نوان جوهر ڏيکاري، وائيءَ جي صنف کي ڪمال جي سطح تائين وٺي آيو، جنهن جو اثر اڄ جي جديد شاعريءَ تائين موجود آهي.
هوڏانهن اُتر سنڌ اندر درگاهه درازا ۾ تصوف جي اثر هيٺ ’ڪافي‘ راڳ ۽ ’ڪافي ڪلام‘ جو سلسلو هلندو آيو، جنهن ۾ اڳتي هلي سچل سائينءَ ڪافيءَ جي شعري صنف کي وسعت ڏئي نه صرف اوائلي گهاڙيٽي تي ڪافيون چيون، بلڪ انهن جي ٿلهه ۽ مصراعن ۾ نوان تجربا ڪيا، پر ڪافيءَ جي صوفيانه موضوع ۾ پنهنجو رنديءَ ۽ مستيءَ وارو جوش ۽ جذبو شامل ڪيو. اهڙو ئي جوش ۽ مستي ڪافي راڳ ۾ به آندي جو شاهه لطيف جي ’وائيءَ‘ کان پوءِ خاص ڪري سنڌ جي صوفيانه تحريڪ ۾ سنڌ جي درگاهن تي ’ڪافيءَ‘ اچي جاءِ والاري. پر ان جي موضوع جو خاص نڪتو صرف ۽ صرف صوفيانه خيال، حسن ۽ عشق جو بيان (پوءِ اُهو مجازي هجي يا حقيقي) ئي رهيو. سچل سائينءَ کان پوءِ جن صوفي بزرگن ۽ شاعرن ڪافيون چيون، انهن جي سچل سائينءَ جي ئي فن ۽ فڪر ۽ ڪافين جو اثر پيو ۽ سندن ڪافيون ’وائيءَ‘ کان ان ڪري به مختلف آهن جو ’وائيءَ‘ جيان ان جو موضوع به وسيع ناهي ته وائيءَ جيان ڪو هڪڙو گهاڙيٽو به ناهي. صوفي بزرگن وٽ غزلياتيون ڪافيون به ملن ٿيون، وائيءَ جي گهاڙيٽي ۾ به ڪافيون ملن ٿيون ته انهن صنفن کان مختلف به ڪافيون ملن ٿيون.
ڪافيءَ ۽ وائيءَ جي مٿي ذڪر ڪيل بيان جو مقصد اُهو هيو ته جيئن اسين وائي ۽ ڪافيءَ جي بنيادي فرق ۽ ان جي تاريخي پسمنظر کي سمجهي سگهون. هن مسودي ۾ ليکڪ اٺين باب اندر ’وائي ۽ ڪافي‘ جو جيڪو فرق ڄاڻايو آهي، اهو صرف شعري گهاڙيٽي جو آهي، جيئن لکيو اٿائين ته، ”وائيءَ جي هر هڪ مصرع هڪ تُڪي ۽ ان جي پهرين مصرع يا ان جو اڌ هر ڪنهن مصرع جي پٺيان ايندو.“ يعني وراڻي يا ايئن به لکيو اٿائين ته ”وائي، سورٺي يا دوهي جي پدن تي آڌاريل آهي.“ اهو به ڄاڻايو اٿائين ته ”وائيءَ جي ٿلهه ۾ ته ڪافي تجربا ٿيا آهن، پر ان جي مصرعائن ۾ وسعت ناهي آئي.“ وغيره، پر اسان ڏسئون ٿا ته ’وائيءَ‘ جي مٿي بيان ڪيل گهاڙيٽي ۾ اڄ به ’ڪافيون‘ چيون ۽ لکيون وڃن ٿيون، تنهن ڪري ڪافي جيڪڏهن وائيءَ کان گهڻو مختلف آهي، ته اُها موضوع جي حوالي سان آهي. ڪافيءَ جو خاص موضوع حسن، عشق، مجاز، فراق، وصال ۽ ٻيا صوفيانه خيال آهي، جڏهن ته وائيءَ ۾ انهن موضوعن سان گڏوگڏ ٻيا گوناگون موضوع بيان ڪرڻ جي وسعت موجود آهي. گهاڙيٽي جي حوالي سان به ’ڪافيءَ‘ جا گهاڙيٽا سچل سائينءَ وارا ئي هلن پيا، ڇوته جيڪڏهن ڪافيءَ جي گهاڙيٽي ۾ تجربا ڪبا ته پوءِ اها ’ڪافي‘ نه رهندي يا گيت ٿي ويندي يا نظم، جڏهن ته وائيءَ ۾ نون تجربن ڪرڻ جي وسعت موجود آهي ۽ پڻ نوان خيال به آڻي ٿا سگهجن. اهوئي سبب آهي جو جديد ادب ۾ اڄ به ’ڪافيءَ‘ جي جاءِ تي وائي وڌيڪ لکي وڃي ٿي. ٻي ڳالهه ته ڪافي لکڻ کان وڌيڪ جهونگارڻ جي شيءِ آهي، جنهن لاءِ راڳ جي ڄاڻ ضرور هئڻ گهرجي.
هن مسودي جي باب چوٿين ۾ ليکڪ وائيءَ جي صنف جا پيرا شاهه عنات رضويءَ جي دؤر کان به اڳ کنيا آهن ۽ اهو لکيو آهي ته، ”شاهه عنات رضويءَ کان اڳ ۾ ميران ٻائيءَ جي گيتن يا پَدن ۾ وائيءَ جو گهاڙيٽو ملي ٿو.“ ان سلسلي ۾ ليکڪ ميران ٻائيءَ جي شبدن جا ڪي پَد به مثال طور ڏنا آهن. ان بيان کان پوءِ به سنڌي شاعريءَ ۾ وائيءَ جو پهريون شاعر شاهه عنات رضوي ئي بيهي ٿو.
اڳتي هلي مسودي جي باب پنجين ۾ ليکڪ، نارائڻ شيام جي هڪ مضمون جي حوالي سان هڪ اهم ڳالهه به لکي آهي ته، راجستان جي ’دادو ديال‘ (1602ع-1544ع) وٽ سنڌي وائيءَ جهڙي شروعاتي صنف ملي ٿي، جيڪو شاهه عنات کان اڳ ٿي گذريو آهي. ليکڪ مسودي ۾ دادو ديال جي انهن شعرن کي به پيش ڪيو آهي، جيڪي وائيءَ جي گهاڙيٽي جهڙا آهن، جڏهن ته دادو ديال جي اهڙي شعري گهاڙيٽي کي واڻي يا ٻاڻي سڏيو ويو آهي. بهرحال ليکڪ سنڌي وائيءَ جي حوالي سان شاهه عنات کان اڳ جي دادو ديال جو سٺو حوالو پيش ڪيو آهي، پر دادو ديال کان به اڳ وائيءَ جا نشان ڪونه ڄاڻايا آهن ۽ اهو لکيو اٿائين ته، ”دادو ديال کان اڳ اهڙو ڪو مثال اڃا هٿ نه آيو آهي.“ دادو ديال جي وائيءَ جهڙي شعري نموني تي لکيل واڻيءَ مان خبر پوي ٿي ته کانئس اڳ سنڌ ۾ اهڙي شعري صنف موجود هئي، جنهن اڳتي هلي ڪافي يا وائيءَ جو روپ ورتو.
اسان ان سلسلي ۾ جڏهن سنڌي ادب جي تذڪرن خاص ڪري شاعريءَ جي تاريخ جي ورق گرداني ڪريون ٿا ته خبر پوي ٿي ته هن وقت جيڪا سنڌي ڪافي يا وائي لکي وڃي ٿي، ان جا شروعاتي اهڃاڻ دادو ديال کان به اڳ سومرن جي دؤر ۾ ملن ٿا، جنهن دؤر ۾ سنڌي شعر ڳاهه، دوهي، سورٺي ۽ بيت کان ارتقا ڪري اسماعيلي بزرگن جي نظم گنان تي پهچي ٿو. جن تذڪره نويسن اهو لکيو آهي ته سنڌ ۾ وائي ۽ ڪافيءَ جا اوائلي نمونا ملي نه سگهيا آهن، انهن جو الائي جي ڇو سنڌي شعر ’گنان‘ ڏانهن ڌيان نه ويو آهي. ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ’گنان‘ کي وائيءَ جي شروعاتي شعري سِٽا ڄاڻايو آهي ۽ لکي ٿو ته، ”گنان ۾ وراڻي ٿئي ٿي جيڪا هر بند ۾ وري وري دهرائجي ٿي. وائيءَ جي ساخت به لڳ ڀڳ هن نظم جهڙي آهي، ان مان لڳي ٿو ته سنڌيءَ ۾ وائيءَ جي سٽا جهڙي صنف موجود هئي.“(8) ڊاڪٽر غلام علي الانا موجب، ”’گنان‘ هڪ اهڙي صنف آهي، جنهن کي سنگيت وديا يا راڳداريءَ موجب ڪافيءَ جي صنف چئي سگهجي ٿو، جنهن ۾ هر بند کان پوءِ ٿلهه جي وراڻي ڌيان ڇڪائي ٿي.“(9) هينئر گنان نظم جو هڪ بند پيش ڪجي ٿو، جنهن جا اصل ۾ پنج بند آهن.
شاهه جو مڃيئڙو تن کي، جي صُبوحڙي جاڳن.
اُٿي الله نه گُهرين بندا تون، سُتين سڄي رات.
نه ڪا جهوري جيءَ بندا، نه ڪو سمر ساٿ.
شاهه جو مڃيئڙو تن کي، جي صُبوحڙي جاڳن.(10)

سومرن جي دؤر ۾ پير صدرالدين جو چيل هي ’گنان‘ سنڌ ۾ دوهي، ڳاهه ۽ بيت کان پوءِ سرجندڙ پهرين شعري صنف آهي، جنهن اڳتي هلي ڪافيءَ يا وائيءَ جو روپ اختيار ڪيو. هن ’گنان‘ ۾ ’ٿلهه‘، ’مصرعا‘ ۽ پڻ ٿلهه جي مصرعن سان ’وراڻي‘ ظاهر ڪري ٿي ته سنڌي شاعريءَ ۾ وائي يا ڪافيءَ جهڙي صنف جا اهڃاڻ پير صدرالدين جي ’گنانن‘ ۾ نمودار ٿيا، اُن جو باقاعده گهاڙيٽو دادو ديال جي شاعريءَ ۾ تخليق ٿيو، جڏهن ته اهڙي صنف تي ’وائيءَ‘ جو نالو رکي شاهه عنات رضوي ان کي نون موضوعن ۽ فڪر سان سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ خوبصورت اضافو ڪيو.
وائيءَ جا شروعاتي بنياد ۽ اهڃاڻ سنڌ جي سرحدن کان ٻاهر نه ڳولڻ گهرجن، جو اها نِج شاعريءَ جي صنف آهي، جيڪا ميران ٻائيءَ کان به ٻه سؤ سال پهريان سنڌ ۾ تخليق ٿي، جنهن جون پاڙون سنڌي شعر جي دوهن، سورٺن ۽ بيتن ۾ موجود آهن. ڪافي هجي يا وائي، اُها سنڌي بيت مان ئي اُسري آهي، خاص ڪري ’وائيءَ‘ جو شروع کان وٺي اڄ تائين شعري گهاڙيٽو ’بيت‘ جي چوڌاري ڦِري ٿو، اهو به ڇندوديا جي شعري ويس ۾. هن مسودي ۾ ليکڪ اهو صحيح ڄاڻايو آهي ته، ”وائي حقيقت ۾ دوهي يا سورٺي جي پڌن تي آڌاريل آهي.“ بيت يا ڏوهيڙي مان ڪافي يا وائي ڪيئن اُسري، ان جو سبب به سنڌ ۾ راڳ جو اوائلي ذوق ۽ شوق آهي. ان سلسلي ۾ ادبي تذڪرن ۾ ڄاڻايل آهي ته، ”جڏهن بيت ۽ ڏوهيڙي ماڻهن جي دلين تي اثر ڪيو ته هُو دل وندرائڻ لاءِ اُهي بيت سُر سان چوڻ لڳا ۽ انهن کي ڳائڻ لڳا، تنهن ڪري سُر بيهارڻ لاءِ پوءِ مصرع جو پويون اڌ قافيه وارو يا ڪڏهن پهريون به اڳي ڪري چوڻ لڳا.“(11) اهڙيءَ طرح بيت جي سٽن کي اڳتي پوئتي ڪرڻ سان ۽ ان کي ٿلهه، وراڻي ۽ مصرعن جي ورهاست سان هڪ نئين صنف وجود ۾ آئي. هتي سولي طرح بيت ۽ وائيءَ جي ڦيري جو اهڙو مثال ڏجي ٿو، جنهن مان خبر پوندي ته بيت ۽ وائي ڪيئن هڪٻئي سان سلهاڙيل آهن.
پهريان شاهه لطيف جو هي بيت پڙهو:
مون ساريندي سپرين، اچين جي هيڪار،
پيرين ڌريان پنبڻيون، هنڌ وڇايان وار،
صاحب سڀ ڄمار، ڳولي ٿي گذاريان.

هاڻي شاهه لطيف جي انهيءَ بيت جي آخري سِٽ کي کڻي ڪري بيت جي مٿان پهرين سِٽ رکبي ته اها وائي بڻجي ويندي.
ٿلهه: صاحب سڀ ڄمار، گولي ٿي گذاريان.
مون ساريندي سپرين، اچين جي هيڪار.
پيرين ڌريان پنبڻيون، هنڌ وڇايان وار.

اوهان ڏٺو ته اهو بيت ٿوري ڦيرڦار سان دوهو وائي بڻجي ويو.
هن مسودي جي ليکڪ وائيءَ جي اها صحيح پڪڙ ڪئي آهي ته، ”وائي ڇندوديا جي اصول مطابق دوهي ڇند ۽ سورٺي ڇند تي آڌاريل آهي.“ مسودي جي باب ٽئين ۾ ليکڪ شاهه لطيف جي شاعريءَ جي صنفن طور دوهي، سورٺي، دوهي سورٺي ميل ۽ ٻين بيتن جو پيرائتي نموني ذڪر ڪيو آهي ۽ انهن کي سٺو سمجهايو آهي. اهڙيءَ طرح شاهه لطيف جي وائي پڻ دوهي ڇند ۽ سورٺي ڇند تي چيل آهي ۽ ان جو اڪثر وزن دوهي ڇند ۾ پهرين پَد ۾ 11 ماترائون ۽ ٻئي پَد ۾ 13 ماترائون آهي، پر جيئن ته ڇند جا به ڪيترائي قسم آهن ۽ دوهن جو به ماترائن ۾ ڪٿي ڪٿي الڳ حساب ٿئي ٿو. شاهه لطيف به واين ۾ خاص ڪري ان جي ٿلهه ۾ ڪيترائي نوان تجربا ڪيا. اهي سموريون خوبيون هن مسودي جي باب ’شاهه لطيف جي واين جا گهاڙيٽا ۽ موضوع‘ ۾ ليکڪ تفصيل سان بيان ڪيون آهن، البت ڇندوديا جي علم موجب اهو نه ٻڌايو آهي ته ’ماترا‘ ڇاکي چئجي ۽ اهي ماترائون ڪنهن بيت يا وائيءَ مان ڪيئن ڳڻجن جو انهن جي مقرر وزن جي خبر پوي. ”ماترائن جي ڳڻپ جو مدار نِڙيءَ جي آواز کي ڇوٽي يا ڊگهي ڪرڻ تي آهي. آواز جي انهيءَ ڇوٽائيءَ ۽ گهڻائيءَ ۽ وڪڙڻ کي، اهڙي اکري صورت ۾ آڻڻ ناممڪن آهي جهڙي صورت ’علم عروض‘ جي ٺهرايل آوازن کي ڏنل آهي.“(12)
”حرفَ ٻوليءَ جي پيڙهه آهن. حرف ما پَد يا جُزا ٿا جُڙن. مثال آهي ”شاهه“، اُهو ٻن جُزن مان جُڙيو آهي ’شا‘ ۽ ’هه‘. ’شا‘ جُزي ۾ ٻه حرف آهن ش ۽ الف، ’هه‘ ۾ هڪ جُزو آهي. اهڙي طرح زير زبر وارا ٿين ننڍا جُزا ته وري حرف علت يعني الف، و، ي، آ وارا ٿين ڊگها جُزا. ننڍن جُزن کي اُچارڻ ۾ ويرم گهٽ ٿي لڳي ۽ ڊگهن جُزن کي اُچارڻ ۾ ويرم (Timing) ڪجهه وڌيڪ ٿي لڳي. انهيءَ ويرم کي چَون ’ماترا‘. ننڍي جُز جي ڳڻبي هڪ ماترا ۽ ڊگهي جُزي جون ڳڻبيون ٻه ماترائون. ’شاهه‘ لفظ ۾ هڪ ڊگهو جُزو آهي ’شا‘ ان جون ٻه ماترائون ۽ ننڍو جُزو آهي ’هه‘، جنهن جي هڪ ماترا. ان حسان سان ’شاهه‘ لفظ جون ماترائون ٿيون ٽي.“(13) ان حساب سان شاهه لطيف جي بيتن ۽ واين جي وزن کي سمجهي ۽ ڳڻي سگهجي ٿو.
هن مسودي ۾ ليکڪ وائيءَ جي گهاڙيٽي تي صحيح راءِ قائم ڪري ۽ اُن جي وصف بيان ڪري، شاهه لطيف کان پوءِ لکجندڙ وائيءَ جي اهم شاعرن ۾ روحل فقير، مراد فقير، سچل سائين، صوفي صديق، شاهه شريف، فتح فقير، غلام رسول فقير، غلام محمد، پير غوث محمد، بيدل سائين، مصري شاهه، حمل فقير جي ڪلام کي شامل ڪيو آهي.
شايد ليکڪ سندن ڪلام اُن ڪري شامل ڪيو آهي جو اُهو وائيءَ جي گهاڙيٽي تي دوهي ڇند ۽ سورٺي ڇند تي چيل آهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب به ڪافيون جلد 1 ۾ ڪافين ۾ ٻين شاعرن سان گڏ شاهه عنات رضوي ۽ شاهه لطيف جون ’وايون‘ به شامل ڪيون هيون، پر ان جو سبب هڪ ته اُهو هو جو شاهه عنات ۽ صاحبڏني فاروقيءَ تائين اڃا ’وائي ۽ ڪافي‘ الڳ الڳ صنف طور ڪو خاص گهاڙيٽو يا موضوع اختيار نه ڪيو هو، ٻيو ته وايون؛ ڪافيءَ جي ئي انداز ۾ ڳايون ٿي ويون، جڏهن ته مٿي ذڪر ڪيل شاعرن خاص ڪري سچل سائين، روحل فقير، مراد فقير، حمل فقير، بيدل سائين ۽ مصري شاهه سڀني پنهنجي ڪلام کي ’ڪافي‘ سڏيو ۽ لکيو آهي ۽ انهن جي ڪلام جا جيڪي به ڇاپي ۽ قلمي نسخا آهن، انهن ۾ انهيءَ صنف کي ’ڪافين‘ طور ئي درج ڪيو ويو آهي، ٻي خاص ڳالهه ته سچل سائينءَ کان پوءِ صوفيانه فڪر کي وڌيڪ ڦهلائڻ لاءِ وائيءَ جي جاءِ اچي ’ڪافي‘ راڳ ۽ ڪافيءَ جي شعري صنف ورتي هئي ۽ سچل سائينءَ کان وٺي سمورن صوفي شاعرن جي ڪافين جو لهجو ۽ موضوع نِج صوفياڻو ۽ حسن ۽ عشق جو آهي ۽ انهن ۾ موضوعن جي اها وسعت ناهي، جيڪا شاهه لطيف ۽ کانئس پوءِ جي جديد شاعريءَ ۾ وائيءَ جي صنف اندر ملندي. انهيءَ ڪري منهنجو ذاتي خيال اُهو آهي ته انهن شاعرن جي ’ڪافين‘ کي، ڀلي پوءِ اُهي وائيءَ جي گهاڙيٽي تي چيل هجن، مڪمل وائيءَ جي دائري ۾ آڻي نه ٿو سگهجي.
اهي ته آهن سنڌي صوفيانه ’ڪافيون‘، جن کي وائيءَ جي گهاڙيٽي ۾ هئڻ ڪري کڻي قبول به ڪيو وڃي، پر هن مسودي ۾ ليکڪ بُلها شاهه جي ڪافين کي به وائيءَ جي زمري ۾ آندو آهي، جنهن کي مڃڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. بُلها شاهه، شاهه لطيف جو همعصر آهي، جنهن وٽ ڪافيءَ جي صنف شاهه حسين وٽان ٿيندي ۽ ڪمال صورت اختيار ڪري اچي پهتي هئي. مڃون ٿا ته شاهه حسين ۽ بُلها شاهه جي ڪافين تي به سنڌ جي صوفيانه فڪر ۽ ’ڪافي راڳ‘ جو اثر ٿيو، پر جن ڏينهن ۾ اسان وٽ اڃا ڪافي يا وائيءَ جا ڪي ٺوس نمونا نه مليا ها، پنجاب اندر ’ڪافي‘ صنف پنهنجا پير پختا ڪري چڪي هئي، جنهن جو مثال شاهه حسين جون ڪافيون آهن. بُلها شاهه وٽ به اڃا وڌيڪ ’ڪافيءَ‘ کي عروج مليو ۽ اها صوفيانه فڪر کي پيش ڪرڻ جو اهم ۽ مضبوط ذريعو بڻجي چڪي هئي. بُلها شاهه پاڻ به پنهنجي ڪلام کي ’ڪافيون‘ چيو آهي ۽ ان جي سمورن شارحن به ان ڪلام کي ڪافيون سڏيو آهي ته پوءِ ان کي ’وايون‘ شمار نه ٿو ڪري سگهجي.
ڳالهه صرف گهاڙيٽي جي هڪجهڙائيءَ جي ناهي، پنجاب ۾ شاهه حسين ۽ بُلها شاهه وٽ سنڌ ۾ سچل سائينءَ کان پوءِ ’ڪافي‘ پنهنجي گهاڙيٽن جي وسعت ۽ صوفيانه موضوع ۾ وائيءَ کان الڳ ٿلڳ بيٺي آهي ۽ اُها ڳالهه هن مسودي جي ليکڪ به بار بار لکي آهي ته ’وائي‘ ۽ ’ڪافي‘ الڳ صنفون آهن، جي ايئن ناهي ته پوءِ پنجاب جي سمورن شاعرن جي ڪافين کي (بمع شاهه حسين جي) واين ۾ شمار ڪرڻو پوندو، جيڪي وائيءَ جي گهاڙيٽي تي چيل آهن.
اهڙو ئي هڪ مغالطو ليکڪ کي شاهه لطيف ڏانهن منسوب هڪ ڪافيءَ متعلق ٿيو آهي، جيڪا جي. ايم. سيد پنهنجي ڪتاب ’شاهه لطيف جون وايون ۽ ڪافيون‘ ۾ شاهه لطيف جي ڪافيءَ طور شامل ڪئي آهي. ڪافيءَ جا ٻول هن طرح آهن:
لائي ته نماڻيءَ سان نيهُن، دوست ايئن نه دل مٽجي.
مون کان پاليو نه ٿئي، شوق اوهان جي جو شيهُن،
ماسُ هڏن تان ٿو ڪپجي، الا.

ليکڪ انهيءَ ڪافيءَ کي شاهه لطيف جي سمورين واين کان منفرد گهاڙيٽي واري ’وائي‘ قرار ڏيئي لکي ٿو ته، ”ان کي ڪنهن به شاهه جي رسالي ۾ شامل ناهي ڪيو ويو، سواءِ جي. ايم. سيد جي.“ ۽ ايئن به لکي ٿو ته ان گهاڙيٽي ۾ شاهه لطيف جي ٻي وائي يا ڪافي به نه ٿي ملي. وري ٽئين هنڌ ساڳي ڪافيءَ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته، ”جيتوڻيڪ ان وائيءَ تي اختلاف آهي ته اها وائي شاهه لطيف جي ناهي.“ اصل ۾ هيءَ ڪافي سنڌ جي هڪ خاتون شاعره مائي غلام فاطمہ ’لعل‘ جي چيل آهي. مائي غلام فاطمہ لعل (1925ع-1860ع) پنوعاقل جي ڳوٺ ”ڪٽن“ جي رهندڙ هئي. پيءُ جو نالو ’لعل فقير‘ هُيس، تنهن ڪري پنهنجن ڪافين ۾ ’لعل‘ تخلص طور استعمال ڪندي هئي. سندس ڪلام سنڌ اندر تمام گهڻو مشهور ٿيا پر مائي صاحبا جي شخصيت ڪافي عرصو گمنام رهي. جيئن ته شاهه لطيف کي به عام طور تي ’لعل لطيف‘ يا ’لعلئون لعل لطيف‘ چيو ويندو آهي، تنهن ڪري مائي صاحبا جي ڪلامن کي، جن ۾ نالي طور ’لعل‘ استعمال ٿيل هو، شاهه لطيف ڏانهن منسوب ڪيو ويو. جي. ايم. سيد پنهنجي مذڪوره ڪتاب ۾ مائي صاحبا جو هڪ ٻيو به مشهور ڪلام شاهه لطيف ڏانهن منسوب ڪري ڇڏيو آهي.
ڪير ڪشالا ڪري، تنهن جي محبت وڌو آ مامري.

مائي غلام فاطمہ لعل جو اسان جي وڏڙن سان گهڻو اچڻ وڃڻ جو رستو هو، جنهن ڪري اسان جي امڙ بيگم فقيرياڻي سندس ڪيترائي ڪلام ڳايا، جن ۾ اهو ڪلام به شامل آهي جيڪو شاهه لطيف ڏانهن منسوب ٿي ويو آهي. اهي ڪافيون اسان جي امڙ کي خود مائي غلام فاطمہ لعل وٽان مليون هيون.
هن مسودي ۾ ڄاڻايل مائي غلام فاطمہ جي ڪافي، سچل سائينءَ جي اثر ۾ اُسريل انهيءَ ڪافيءَ جو نمونو آهي، جيڪا ٿلهه ۾ ٻپدي ۽ مصراعن ۾ ٽپدي ته آهي پر اُن ۾ ٻٽو قافيو استعمال ڪيو ويو آهي. ٿلهه جي پهرين پَد ۾ به قافيو آهي ته ٿلهه جي ٻئي پَد ۾ قافيو رکيو ويو آهي. مصراعن ۾ ان جي پهرين ٻئي پَد جو قافيو ٿلهه جي پهرين پَد سان ۽ مصراعن جي ٽئين پَد جو قافيو ٿلهه جي ٻئي پَد سان هم قافيا آهي. مائي صاحبا جي ان ڪافيءَ جو نالي وارو مصرعو هن طرح آهي:
اڱڻ آسرونديءَ جي، ڪري ڀلايون اچي پيهُه
لعل ايئن نه دل لُٽجي.(14)

ليکڪ باب نائين جي صفحي ڏهين تي ساڳي گهاڙيٽي تي چيل فتح فقير جي ڪافيءَ کي ان جي وائي ۽ نئين تجربي طور ڄاڻايو آهي، جڏهن ته هُو ان کي شاهه لطيف جي به انوکي وائي ڄاڻائي ٿو. ڪافيءَ جو اهڙو گهاڙيٽو ڪيترن ئي ڪلامن ۾ اسان کي سچل سائين، نانڪ يوسف، دريا خان وٽ به ملي ٿو، جيڪي فتح فقير کان اڳ جا شاعر آهن.
هتي اها ڳالهه به واضح ڪندا هلون ته شاهه لطيف وائيءَ جي صنف کي جيڪو عروج ڏنو، جيڪي ان ۾ تجربا ڪيا ۽ وائيءَ جي ٻوليءَ ۽ لهجي ۾ ’سنڌي بيت‘ جي جيڪا خوشبو وڌيڪ نکاري ۽ فڪر جي حوالي سان جيڪي گوناگون مامرا، زندگيءَ جون مختلف وارتائون سو به مختلف عوامي داستانن ۽ سُرن ۾ آڻي، سنڌي شاعريءَ کي جيڪو ڪمال عطا ڪيو، ان جو اهو نتيجو نڪتو جو کانئس پوءِ سچل سائين ۽ روحل فقير جهڙا شاعر پيدا ٿيا، پر سچل سائينءَ جي ’ڪافيءَ‘ کان پوءِ سنڌ ۾ اهڙا گهٽ شاعر هئا جن شاهه عنات رضوي ۽ شاهه لطيف کان پوءِ وائيءَ جي صنف تي سنجيدگيءَ سان طبع آزمائي ڪئي. نظر ايئن ٿو اچي ته وائيءَ کان پوءِ ڪافيءَ جي اچڻ سان خاص طور تي ان ۾ سنڌ جي صوفيانه فڪر ۾ سچل سائينءَ جي مستي ۽ رنديءَ جي لهجي اچڻ سان ان جو ايترو ته زوردار اثر ٿيو، جو عام طور تي شاهه لطيف جي وائيءَ وارو بنيادي حسن ۽ تخيل جي وسعت ڄڻ هڪڙي پاسي ٿي وئي. اهوئي سبب آهي جو سچل سائينءَ کان پوءِ اڪثر صوفي شاعرن وٽ ’ڪافي‘ صرف ۽ صرف تصوف جي عشق مجازي ۽ عشق حقيقيءَ جي چؤگرد ڦِري ٿي، سواءِ تمر فقير، خليفي نبي بخش، شاهه شريف ڀاڏائي، فتح فقير، صديق فقير ۽ لاڙ جي ٻين گمنام شاعرن جي، جن پنهنجي ڪلام کي پاڻ وائيءَ جو نالو ڏنو ۽ سندن ڪلام ۾ ان جو گهاڙيٽو، ٻولي، لهجو ۽ موضوعن جي وسعت وائيءَ جي صنف واري آهي.
اڳتي هلي شايد ويهين صديءَ ۾ آيل سنڌي شاعريءَ جو اهو جديد موڙ ئي آهي، جيڪو سنڌي شاعريءَ ۾ ڪافيءَ جي جاءِ تي وائيءَ کي ٻيهر وٺي آيو. هن مسودي جي باب ڏهين ۽ يارهين ۾ ليکڪ جديد سنڌي شاعريءَ ۾ وائيءَ جي اهم شاعرن ۾ 33هن شاعرن جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ان جي شروعات شيخ اياز کان ڪئي اٿائين. انهن بابن ۾ سمورن شاعرن جي وايُن جي جائزي پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن تي پنهنجي تنقيدي نگاهه به وڌي آهي، البت اهڙي ترتيب ۾ ليکڪ تحقيقي اصول موجب سينيئر ۽ جونيئر شاعر جو لحاظ نه رکيو آهي، جڏهن ته وائيءَ جي ڪن اهم شاعرن کي به وساري ويو آهي، جهڙوڪ هري دلگير، ولي دائود پوٽو، آغا سليم، انور پيرزادو ۽ درگاهي ميراڻي وغيره. انهيءَ باب ۾ ليکڪ کان ڪٿي ڪٿي ڳالهين جو متضاد ورجاءُ به ٿي ويو آهي، جن ڏانهن ٻيهر ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. مثال طور ان باب جي صفحي 7 تي هُو لکي ٿو ته، ”نياز همايوني پنهنجي هڪ وائيءَ ۾ قافئي سان گڏ رديف رکي نئون تجربو ڪيو آهي“، جڏهن ته صفحي 9 تي نياز همايونيءَ کان به سينيئر شاعر نارائڻ شيام لاءِ پڻ اهائي ڳالهه لکي اٿائين ته هُن به وائيءَ ۾ رديف رکي نئون تجربو ڪيو آهي. وري جڏهن ان باب جي مسودي ۾ آيل وائيءَ جي پهرين شاعر شيخ اياز کي پڙهون ٿا ته ان جي هن وائيءَ ۾ به قافئي سان گڏ رديف شامل آهي.
جهيڙي ۾ جُهونجهار يار، ساٿي سج اُڀار يار
مون من اوهان موهيو
ڄڻ ڪا ڪَني سج جي، آه ڪُهاڙيءَ ڌار يار
مون من اوهان موهيو.

هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته رديف وارو تجربو انهن ٽنهي شاعرن مان سڀ کان پهريان ڪنهن ڪيو. آخر آخر ۾ ليکڪ پنهنجون لکيل چار ’وايون‘ به ڏنيون آهن ۽ انهن لاءِ اها دعويٰ ڪئي اٿائين ته انهن وايُن ۾ هُن اهڙا تجربا ڪيا آهن، جيڪي شاهه لطيف کان پوءِ مسودي جي آخري شاعر تائين ڪنهن به نه ڪيا آهن. جيتري قدر ليکڪ جي وايُن جو فني ۽ فڪري تعلق آهي ته اُهي ڏاڍيون سهڻيون ۽ جاندار آهن، جن کي جديد سنڌي شاعريءَ جي سُٺين ’وايُن‘ ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو، البت ليکڪ جي اها دعويٰ درست ناهي ته ڪي اهڙا تجربا اڳ نه ٿيا آهن. سندس وايُن جي خاصيت اها آهي ته اُنهن ۾ ٿلهه ۽ مصرعن ۾ ٻٽي قافئي جو استعمال آهي ۽ پڻ ڪنهن وائيءَ ۾ قافئي سان گڏ ’رديف‘ جو استعمال، جڏهن ته اِهي ٻئي خوبيون ۽ خاصيتون هن کان اڳ ٻڌايل صوفي شاعرن ۽ جديد شاعريءَ ۾ شيخ اياز، نياز همايوني ۽ نارائڻ شيام ۾ به آهن، جن جو ذڪر خود ليکڪ پاڻ به ڪيو آهي.
بهرحال وائيءَ جي صنف ۽ شاهه لطيف جي وائيءَ جي حوالي سان هي مسودو/ٿيسز انتهائي اهم آهي، جنهن ۾ پهريون ڀيرو ’وائي‘ جي صنف تي ايتري محنت ڪري ليکڪ جَسُ لهڻي، البت جيڪڏهن اسان جي هن تفصيلي راءِ جي روشنيءَ ۾ ان تي وڌيڪ نظرثاني ٿي ۽ سمورن اُٿاريل سوالن ۽ بحث کي هن ۾ شامل ڪيو وڃي ته ’وائيءَ‘ جي حوالي سان هي اهم دستاويز ثابت ٿيندو. بهرحال پوءِ به اسان سندس ڪوشش ۽ محنت کي ساراهڻ کان سواءِ رهي نه ٿا سگهون.

[b] اختر درگاهي
[/b]30 جولاءِ 2015ع
روهڙي، سنڌ

[b]حوالا[/b]

1. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ’سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ‘، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، 2003ع.
2. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ’سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ‘، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، 2003ع.
3. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ’سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ‘، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، 2003ع.
4. ڀٽي، عبدالمجيد، ’شاهه حسين (ڪلام و ترجمه) اداراہ لوڪ ورثه، اسلام آباد، 1987ع.
5. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ’ميين شاهه جو ڪلام‘، سنڌي ادبي بورڊ، 2010ع.
6. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ’ڪافيون (جلد پهريون)‘، سنڌي ادبي بورڊ، 1985ع.
7. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ’ڪافيون (جلد پهريون)‘، سنڌي ادبي بورڊ، 1985ع.
8. سنڌي، عبدالمجيد، ميمڻ، ’سنڌي ادب جو تاريخي جائزو‘، روشني پبليڪيشن، 2002ع.
9. الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، ’سومرن جي دؤر ۾ سنڌي ادب‘، نئين زندگي، مارچ 1972ع.
10. سنڌي، عبدالمجيد، ميمڻ، ’سنڌي ادب جو تاريخي جائزو‘، روشني پبليڪيشن، 2002ع.
11. خليل، محمد ابراهيم، ’رهنماءِ شاعري‘، 1948ع.
12. جهمٽ مل خوبچند، ’شاهه جي شعر جي بناوٽ تي هڪ نظر‘، نئين زندگي، سيپٽمبر، 1991ع.
13. جهمٽ مل خوبچند، ’شاهه جي شعر جي بناوٽ تي هڪ نظر‘، نئين زندگي، سيپٽمبر، 1991ع.
14. مائي غلام فاطمہ جو ڪلام (قلمي) مملوڪه راقم الحروف.