ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڪتاب ”امُلَهه اڻ توريا (شاهه جي رسالي جا لڌل بيت)“ اوھان اڳيان پيش آھي. ھي بيت رسالن ۾ ناھن ڇپيا پر سنڌ ۽ ھند جي ماڻھن وٽ حفظ ٿيل آھن. شاهه عبد اللطيف ڪلچرل سوسائٽي جي صدر سيد غلام مصطفيٰ شاھه ۽ ڪجه ٻين دوستن ڪشالن ۽ مصيبتن سان ھي بيت گڏ ڪيا. شاھ صاحب لکي ٿو:
”ھن ڪم ۾اسان تقريباً ڇھ سال لڳايا، جنھن ۾ اسان جي ڪارڪنن کي ھندوستان ۽ ڪَڇ ۽ ڀِڄ ۽ راجستان ۾ وڃڻو پيو. پاڪستان ۾ ٿر ۽ لاڙ ۾ وڏين ڪوششن سان مواد حاصل ڪيو. جن دوستن اسان جي مدد ڪئي آھي، اُھي آھن فقير امداد علي سرائي، مولوي حاجي خميسو ميرپور بٺوري وارو ۽ فقير رمضان کور واھ وارو. جَت ۽ ناکئا صدين کان شاھ جا مداح ۽ مريد رھيا آھن. شاھ، جو رسالو لاڙي زبان ۾ آھي. جبل، ريگستان، ڪوھستان ۽ سمنڊ سڀ شاھ جي فِڪر جو مرڪز رھيا آھن. اسان ھڪ تمام وڏو مواد ھٿ ڪيو ھو، جنھن جي ڇنڊ ڇاڻ ۽ تصحيح لاءِ اسان محترم محمد ابراھيم جويو ۽ محترم ٻانھي خان کان ڪتاب کي تيار ڪرڻ ۾ مدد ورتي. ٻانھو خان نه صرف ڀٽ شاھ جو رھواسي آھي پر شاھ صاحب جي ڪلام تي وڏو عبور رکن ٿا. اسين سندن ھِن ڪم لاءِ مشڪور ۽ ٿورائتا آھيون. ڪتاب لاءِ پروفيسر ڊاڪٽر اياز حسين قادري چيئرمن سنڌي شعبو ڪراچي يونيورسٽي، اسان جي سوسائٽي جي سيڪريٽريءَ وڏو ڪم آھي.“
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1987ع ۽ ٻيو ڇاپو 1988ع ۾ شاهه عبد اللطيف ڪلچرل سوسائٽي پاران آدمجي فائونڊيشن پاران آدمجي پيپر ۽ بورڊس مل جي تيار ڪيل ڪاغذ جي عطيي طور مليل ڪاغذ تي ڇپايو ويو،
اسان ٿورائتا آھيون ”وتايي جي گهر“ ۽ ”پڙھندڙ نسل (پَن)“ جا جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ