جيل ڊائري

جيل گهاريم جن سان

طارق اشرف جي جيل جي اندر وارن سياسي ساٿين بابت خاڪا آھن. انهن ۾ سردار شير باز خان مزاري، رسول بخش پليجو، مير رسول بخش ۽ جنرل شيروف سميت ڪل ٻارھن ماڻھن بابت خاڪا آھن. رسول بخش پليجي واري خاڪي ۾ صفائي سٿرائي، ننهن وڌڻ، بوٽ پالش ۽ اھڙن ٻين معاملن تي تفصيل سان لکيو اٿس. بهرحال ھي خاڪا طارق جي ساٿي سياسي قيدين جي عادتن ۽ ذات بابت آھن ۽ دلچسپيءَ کان خالي نه آھن.
  • 4.5/5.0
  • 419
  • 251
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • طارق اشرف
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جيل گهاريم جن سان

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڪتاب ”جيل گهاريم جن سان“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ليکڪ طارق اشرف جو لکيل آھي.
طارق اشرف جي جيل جي اندر وارن سياسي ساٿين بابت خاڪا آھن. انهن ۾ سردار شير باز خان مزاري، رسول بخش پليجو، مير رسول بخش ۽ جنرل شيروف سميت ڪل ٻارھن ماڻھن بابت خاڪا آھن. رسول بخش پليجي واري خاڪي ۾ صفائي سٿرائي، ننهن وڌڻ، بوٽ پالش ۽ اھڙن ٻين معاملن تي تفصيل سان لکيو اٿس. بهرحال ھي خاڪا طارق جي ساٿي سياسي قيدين جي عادتن ۽ ذات بابت آھن ۽ دلچسپيءَ کان خالي نه آھن.
طارق اشرف کي ”اظهار جي آزادي“ جي ڏوهه ۾ ٻه ڀيرا جيل ۾وڌو ويو. پهريون ڀيرو 1975ع ۾ جيڪو عرصو ٻاويهن مهينن تي ٻڌل هو، جنھن ۾ ھن ڪيترائي ڪتاب لکيا جهڙوڪ: ٻاويهه مهينا جيل ۾ (ٻه ڀاڱا)، جيل گهاريم جن سان، اڌ ملاقات، ميرو ڌاڙيل (جيڪو هڪ ڌاڙيل مير محمد لانگاهه جي حياتي جو احوال آهي).
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1997ع ۾ ڇپيو جڏھن تہ ٻيو ڇاپو سڳنڌ پبليڪيشڻ لاڙڪاڻو پاران 1983ع ۾ ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آھيون وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي اسڪين ڪري پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو.


[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

[b]نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي[/b]