سنڌ سلامت پاران
طارق اشرف کي ”اظهار جي آزادي“ جي ڏوهه ۾ ٻه ڀيرا جيل ۾وڌو ويو. پهريون ڀيرو 1975ع ۾ ٻيو ڀيرو 1983ع ۾ گرفتار ڪيو ويو. 1983ع ۾ جيل وارو عرصو ٽن مهينن تي ٻڌل هو، جنهن طارق اشرف کان ”هٿين هٿ ڪڙول“ (جيل جي ڊائري) لکرايو, جنھن ۾ھـُن پنهنجي جيون ساٿي کي خطن ذريعي جيل جي گھڙين کان واقف ڪيو آھي. ان ۾ ملاقات لاءِ اچڻ وارن، جيل جي ساٿين ۽ ٻين ڳالھين جو ذڪر ڪيو آھي. ھو لکي ٿو:
”مان ھڪ سنڌي ليکڪ آھيان .ڇا مون ڪا چوري ڪئي آھي؟ ڪو اخلاقي جرم ڪيو آھي؟ جو مونکي جيل موڪليو ويو آھي؟ منهنجو اھو ڏوھ آھي تہ مون سچ لکيو آھي. ھر ليکڪ ھٿڪڙين ۽ جيلن کان ڊڄي قلم تہ نہ ڦٽو ڪندو. نہ ئي قلم وڪڻندو. ڇو تہ اھڙو بہ وقت ايندو جڏھن نہ ھن لاء جيل ھوندا، نہ حڪومتون، نہ ئي انعام ۽ عهدا ھوندا ڇو تہ ھڪ ڏينهن دنيا ۾ ھن جي قلم سان لکيل لکڻيون رھنديون.“
ھي ڪتاب 1985ع ۾ ناري پبليڪيشن حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آھيون وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي اسڪين ڪري پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو.
[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
[b]نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي[/b]