ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سنڌي ڪهاڻي بابت رئوف نظاماڻيءَ جي تنقيدي مضمونن تي مشتمل ڪتاب ”جديد سنڌي ڪهاڻي “ اوهان اڳيان حاضر آهي جنهن ۾ 14 اهم تنقيدي مضمون شامل آهن.
رئوف نظاماڻي سنڌي ادب جي ميدان ۾ ترقي پسند ليکڪ طور سڃاتو وڃي ٿو. ھن ڪتاب ۾ شامل 14 مضمونن سان، ھو ڪھاڻيءَ جي فن ۽ ان جي سمجهڻ ۽ تجزيہ نگار جي حيثيت سان سامھون اچي ٿو. ان مان لڳي ٿو تہ رئوف نظاماڻي سنڌي ادب ۾ سرجندڙ ڪھاڻي – ساھت جو ڳوڙھو اڀياسي آھي ۽ ان جي اوک ڊوک ڪرڻ ۾ کرو ۽ بي باڪ نقاد آھي. ھن اھي مضمون مختلف ڪھاڻين جي مجموعن جي مھورتن، ورڪشاپس ۽ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ پڙھيا ھيا، جيڪي ھاڻي ڪتابي شڪل ۾ شايع ٿيا آھن.
ھي ڪتاب 2003ع ۾ انڊس پبلشرز ڪراچي پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ