ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر سعيد ميمڻ جي شاعريءَ جو مجموعو ”اسان جو عشق اڻپورو“ اوھان اڳيان پيش آھي. هن ڪتاب ۾ سعيد ميمڻ جا بيت، هائڪا، غزل، نظم، پنجڪڙا ۽ ترائيل شامل آهن. تاج جويو لکي ٿو:
”سعيد ميمڻ ھن دور جو اھم شاعر آھي. ھن سنڌي غزل ۽ بيت کي نئين زبان ڏني آھي. پنھنجي ٽھيءَ جو هي پختو شاعر، ڪيترين نين تشبيھن ۽ استعارن جو خالق آهي. ھيءُ پنھنجي دور جي مسئلن ۽ احساسن کي انوکي آھنگ ۽ انداز ۾ پيش جو ڍنگ رکي ٿو.“
ھي ڪتاب 2010ع ۾ سليٽ اشاعتي شعبي پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندڙ نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو..


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ