مهاڳ
انهي دور ۾ سنڌو به موج سان ۽ ڇيڪ پيو وهندو هو. جتان ايندو هئس، گس، گهيڙ ڪريو بندر ڀڃيو، ملڪ ٻوڙيندو، اَلوليون پيو ڪندو هو. پاڻي به پاڻي هوندو هو، اصل ٻوڙ ٻوڙان هوندي هئي. اها ڳالهه نه ڪنهن ٻڌي نه سُئي ته ڪو سنڌو به سُڪندو، سندس پيٽ ۾ ٻارهوئي واريءَ جا واچوڙا پيا اڏامندا، پر سائين، ماڻهو به ماڻهو آهي، ارڏو اڙٻنگ، پنهنجيءَ تي وريو ته بند ۽ ڊيم، ڪئنال ۽ ڍنڍون ٺاهي سڄو درياه ئي چورائي کڻي ويو.
اُنهيءَ دور ۾، ’ٻنون‘، جيڪو درياه جي پڃاري ڦاٽ سان لڳ هئڻ جي ناتي ۽ پنهنجي جاگرافيائي بيهڪ جي ڪري ’گيٽ وي آف لاڙ‘ هوندو هو. حيدرآباد سان ٿيندڙ واپار هڪ پاسي، ٻنون جي بلڪل سامهون جهرڪ وٽان ٻيڙين ذريعي ٿيندو هو، جتان پوءِ لهندڙ مال ٺٽي ننگر ۽ ڪلاچي تائين ۽ ٻي پاسي بلڪل جهرڪن جي سامهون ’ٻنون‘ سڄي لاڙ ۾ مال آڻڻ ۽ نيڻ جو رستو هو.
’ٻنون‘، پنهنجي بيهڪ جي حوالي سان پڻ، نهايت سهڻي هنڌ ۽ حيثيت ۾ آهي درياءَ جي ڪنڌي تي ۽ چئني پاسن مٽي جي بند ٻڌل هئڻ سبب ڪنهن پيالي وانگر نظر ٿو اچي، اُنهي پيالي وانگر ڳوٺ ۾ نمن جي وڻن جي گهڻائي ۽ انهن جي ڇانوري جي ڪري، ’ٻنون‘ جو حسن تهائين وڌي وڃي ٿو.
عبدالحئي پليجو، انهي ٻني جي خوبصورت ۽ نمن جي ٿڌي ڇانو، واري ڳوٺ مان نڪري، دنيا جا ڪيترائي ملڪ گهمي ڦري، اُتي جي ماڻهن، ريتن، رسمن، روايتن، سياست ۽ تاريخ وغيره جو مطالعو مشاهدو ڪري، وري انهن کي لکي، ڇپائي، ٻين کي به پنهنجي انهيءَ سفر ۾ حصيداري ڪرائي ٿو، اها ڳالهه اسان جهڙن ڪنڊ ۾ ويٺل ۽ گهمڻ گهتڻ جي سگهه نه رکندڙن لاءِ بنهه اهم ڳالهه آهي.
ويهارو سال کن اڳ، الطاف شيخ کانسواءِ، باقي ڪنهن ايڪڙ ٻيڪڙ جوئي ڪو ’سنڌيءَ‘ ۾ سفر نامو ڇپيل هو، پوءِ جيئن جيئن وقت ۽ حالتون ويون بدلبيون تيئن، ٻاهرين ملڪن ڏانهن ويندڙ ڪيترن ئي دوستن سفرناما لکيا ۽ ڇپايا، پوءِ ڪنهن جو هڪ ڪتاب ڇپيو ته ڪنهن جا ٻه پر عبدالحئي پليجي جي خوش نصيبي اها آهي ته کيس نه رڳو انهيءَ سڄي عرصي دوران، بار بار ٻاهر وڃڻ جو، گهمڻ ڦرڻ جو موقعو ملندو رهيو، پر ’اتان موٽي اچڻ کان پوءِ لکڻ جو اهو سلسلو به جاري رکيائين. ائين هاڻ سندس نالي سان ٻين ڪتابن کانسواءِ اٺن ڏهن سفرنامن جي لسٽ پڻ موجود آهي.
عبداحئي پليجي جو هي سفرنامو ’ اُتر لڳا، آءُ پرين‘ پڻ انهي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، جيڪو چئن يورپي ملڪن بيلجيم، لگزمبرگ، سوئيزرلينڊ ۽ اٽلي جي سفرنامي تي مشتمل آهي.
سفرنامن لکڻ جو مقصد ڪهڙو آهي؟ وندر ۽ ورونهن۽ معلومات ڏيڻ، معلومات به هلڪي ڦلڪي، جيڪا هضم ٿي سگهي. ائين نه جو سفرنامي بدران، عام معلومات جو ڪتاب بنجي وڃي. عبدالحئي پليجي جو هي سفرنامو انهيءَ ڪسوٽي تي پورو ٿو لهي.
پليجو صاحب، بيلجيئم جي باري ۾ معلومات ڏيندي، جتي اهو ٻُڌائي ٿو ته هن ننڍڙي ملڪ ڪيئن ۽ ڪهڙي نموني ترقي ڪئي، ۽ اهو پڻ ٻڌائي ٿو ته ملڪي حڪومت ڪيئن نه پنهنجي تاريخي ورثي کي سنڀالي رکيو آهي. پوءِ اهو ورثو ڪنهن ڪوٽ يا قلعي جي صورت ۾ هجي يا ڪنهن ڪئٿيڊرل يا گرجا جي صورت ۾، يا وري ڪنهن فنڪار جو ڪو شهپارو، يورپ وارن، پنهنجي هر ننڍي ۽ غير اهم شئي کي به اهميت ڏيئي وڌائي چڙهائي. سانڍي، سنواري ۽ سنڀالي رکيو آهي ۽ هاڻ انهن جي قدامت وعيره جي باري ۾ پيا باور ڪرائيندا آهن. نه ته مغرب جي اڪثر شين جي ڀيٽ ۾ مشرق جي شين جي اهيمت به ڪا گهٽ ڪونهي، پر پاڻ انهن کان ٻه رتيون سرس، پر ڇاڪاڻ ته گذريل ٻن اڍائي صدين دوران يورپ جا اڪثر ملڪ، بليجيم سميت، ايشيا، آفريقا ۽آمريڪا جي ملڪن تي قابض رهيا آهن. تنهن ڪري هنن جي هر شئي جي حاڪمانه اهميت سان گڏ تاريخي اهميت به وڌائي چڙهائي پيش ڪئي ويندي رهي آهي. هونئن به ڪنهن ڏاهي جي چوڻ موجب ته ’غريب‘ ۽ پٺتي پيل ملڪن جي تهذيب يا ثقافت کي هروڀرو ڪير به اهميت نه ڏيندو آهي.
عبدالحئي پليجي جي هن سفرنامي مان هڪ ٻي ڳالهه به معلوم ٿي، جنهن مون کي وڌيڪ سوچڻ تي مجبور ڪيو ته: يورپ جي اڪثر ملڪن جا ماڻهو پنهنجي ئي ٻوليءَ ۾ ڳالهائين ٿا ۽ سمجهندي به ٻي کي اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، ڄڻ هنن ڪجهه سمجهيوئي ڪونهي يا کين اها ٻولي ڪونه ٿي اچي. اهو محب وطني جو هڪ عظيم ۽ لازوال مثال آهي. ممڪن آهي ته انهي ڳالهه جي پويان ڪو ٻيو سبب به هجي، پر اهو به هڪ طريقو آهي، ٻي کي پنهنجي ٻولي جي اهميت جتائڻ جو، عبدالحئي انهيءَ ڳالهه جو تجزيو ڪندي لکي ٿو: يورپي ماڻهو توهان سان صرف پنهنجي ملڪ جي ٻولي ڳالهائيندو. ٻي ٻولي اچڻ جي باوجود به نه ڳالهائيندو، ۽ کلي هليو ويندو. بلڪل اهڙي نموني، جيئن پاڻ وٽ سنڌ ۾ مهاجر توهان سان سنڌي ڪڏهن به ڪونه ڳالهائيندو ۽ ڀلي کڻي سنڌيءَ ۾ ’پي. ايڇ.ڊي‘ ڪيل هجيس. پر انهي جي مقابلي ۾ پنجابي ، پٺاڻ ۽ سرائڪي سنڌي ڳالهائيندي شرمائين ڪونه.
ڇا، ڪٿي اهو شاؤنسٽ ذهنيت جو مظاهرو ته ڪونهي؟ مهاجر به پاڪستان ۾ حاڪم طبقي جو روپ وٺي ’فاتح‘ جي صورت ۾ هت آيا ۽ يورپ جا اڪثر ملڪ به ٻي جنگ عظيم کان اڳ سڄي دنيا جا حاڪم ئي ته هئا.
عبدالحئي پليجو، پنهنجي سفر نامي ۾ هڪ ٻي ڳالهه جي به نشاندهي ڪري ٿو: ”يورپ جي ٽوئر ۾ مون ڏٺو آهي ته هي پنهنجا چرچ ۽ ڪئٿيڊرل ڏاڍا ڏيکاريندا آهن. پوءِ انهن چرچن۽ ڪئٿيڊرل ڏيکارڻ سان گڏ انهن جي ڏاڍي تعريف به ڪن. هاڻ ته توهان کي يورپ جي هر هوٽل ۾ انجيل ۽ عيسائي مذهبي ڪتاب، رکيل ملندا. پر ڏهه پندرهن سال اڳ ائين ڪونه هو.“
انهيءَ مان اهو سمجهجي ته ٽين دنيا جي ملڪن تي جيڪو مذهب پرستي يا بنياد پرستي جو الزام يورپ وارا هڻندي دير ئي نه ڪندا آهن، پاڻ خود به ڪنهن نه ڪنهن نموني اهو ساڳيو رستو اختيار ڪندا پيا اچن، پوءِ هو انهن کي ڪهڙو نالوبه ڏين، ڪروسيڊس، تهذيبن جو ٽڪراءُ يا بنياد پرستي. تڏهن ته سنڌي ۾ ڏاڍو خوبصورت پهاڪو آهي. ”ڏٻري تان ڪاوڙ لهي ئي ڪانه“ سو نشانو ته بهرحال ٽين دنيا جي ڏٻرن ملڪن کي ئي بنجڻون آهي.
اهڙي طرح عبدالحئي پليجو، پنهنجي هن سڄي سفرنامي ۾ بنيادي نوعيت جي هلڪي ڦلڪي ڄاڻ ڏيڻ سان گڏ، پنهنجي خوبصورت جملن ۽ تبصرن وسيلي اسان کي وندرائيندو به هلي ٿو.
• اسان دلي ئي دل ۾ چيو هن ويچاريءَ جي لاءِ جهڙي انگريزي تهڙي سنڌي، پوءِ ڇو نه کيس سنڌيءَ ۾ سلام ڪريون.
• ٽيمس، سين ۽ رائن نديءَ ۾ توهان کي شيڪسييئر، روسو ۽ گوئٽي جي شاعري جي سڳنڌ ۽ سرهاڻ ڪانه ملندي، پر انهن جي ڪنارن تي توهان کي اوگهڙ ۽ عريانيت هر طرف نظر ايندي.
• ”مِنا هو ڏس ونود ۽ نور ڇوڪرين سان پيا ڪچهريون ڪن.“ ”ڇڏتوکي ته رڳو اهي ڳالهيون آهن .“
• ”ڇا ڪريان، رب سائين منهنجي پتيءَ ۾ محبت ۽ سياحت مڙيئي ڳچ لکي ڇڏي آهي.“
• جنهن گائيڊ اسان کي مس گائيڊ ڪيو.
• سوئيزر لينڊ آهي ته جنت لڳي پئي، ستر حورن واري نه، پر هڪڙي لال پري واري.
اهڙا ٻيا ڪئين ننڍا ننڍا جملا جتي پڙهندڙ کي وندرائين به ٿا ته اتي گهڙي کن لاءِ ڪجهه سوچڻ تي پڻ مجبور ڪن ٿا.
عبدالحئي پليجي جو هي سفر نامون مون کي انهي ڪري به دلچسپ لڳو ته هن ۾ ڪٿي به اجائي ڊيگهه يا پتاڙ واري ڪا ڳالهه محسوس نه ٿي ۽ ماڻهو يڪ ساهي دلچسپي مان پڙهي پورو ٿو ڪري.
سفر نامو، جڏهن بيلجيم مان ٽپي، سوئيزرلينڊ ۾ داخل ٿئي ٿو ته ليکڪ جي دل به باغ و بهار ٿيو وڃي. هونئن به سياحت ۾ سوئيزر لينڊ جو پنهنجو مقام آهي. لوزرين ۾ رائن ندي جي ڪپ تي رات جو ويٺي، روشنين جي جهرمر ۽ صبح جو واڪ ڪندي، ليکڪ تصور ئي تصور ۾ سوئيزر لينڊ جي سونهن کان متاثر ٿيندي، انهي جي واکاڻ مان نه ڍاپندي، سنڌو درياءَ کي اُنهي سان ڀيٽيندي پنهنجي احساس جو اظهار ڪندي ڄڻ نثر ۾ ڪو نظم جو ٽڪرو لکيو آهي. ”پي آئون چوان ٿو، سنڌو درياه ۾ جڏهن فل پاڻي هجي. درياءُ جي اٿل ڪري ڪچو مڪمل پاڻيءَ سان ڀرجي وڃي. درياءَ ۾ ٻيلن جا وڻ اڌ پاڻيءَ ۾ اچيو وڃن. سمنڊ مان مڇي ۽ پلو گهڻي تعداد ۾ درياءُ ۾ اچيو وڃي ۽ اُن کي مارڻ جي لاءِ گهڻي تعداد ۾ ٻيڙيون ڏينهن رات درياءُ بادشاهه ۾ پهچيو وڃن، پوءِ چانڊوڪي رات هجي ۽ وڏي ڪٽار (ٻيڙي جو قسم). ٻيڙيءَ ۾ محفل سان گڏ راڳ رنگ هجي. درياءَ ۾ مست ڇوليون هجن. جن ڇولين جي وچ ۾ ٻيڙي خود به ايئن پئي هلي ڄڻ مستيءَ ۾ اچي درياءَ ۾ رقص ڪري رهي هجي. ڄڻ ٻيڙيءَ کي به مڌ جا کيپ چڙهي ويا آهن ۽ ڇولين جو پاڻي ٻيڙيءَ ۾ ويٺلن کي پسائي رهيو هجي ۽ چوڏهين جي چنڊ جي چانڊاڻ انهن ڇولين تي پئجي من موهي ماندو ڪري رهي هجي. پوءِ ڪير چاهيندو ته اها رات کٽي ۽ باک ڦٽي..!“
افسوس جو پنجاب جي پليتائين ۽ پنهنجن جي بيوفائين درياءَ کان اها مستي ۽ هستي ئي کَسي ورتي آهي. عبدالحئي پليجي جو اهو حقيقي مشاهدو هاڻ ته خواب ئي ٿو لڳي.!؟
تنهن کانسواءِ اٽليءَ جي وينس جهڙي ندين ۽ ٻيٽن تي، پاڻي ۾ بيٺل شهر جو ذڪر ڪندي شڪسپيئر جي ڊرامي ’مرچنٽ آف وينس‘ جي يادگيري ڏياري ٿو. الائجي ڇو مون کي هن وقت يورپ جو ڪردار، شائيلاڪ يهودي (ڊرامي جو هڪ اهم ڪردار) کان جند ڇڏائڻ وارو لڳو. انهيءَ شائيلاڪ (آمريڪا) جي هڪ هٽي مان جند ڇڏائڻ لاءِ يورپ جو يورپي يونين جو تصور ۽ ’يورو‘ جي اجراءِ، جنهن ڪجهه ئي سالن ۾ ’ڊالر‘ کان دنيا جي ويهه سيڪڙو مارڪيٽ کسي ورتي آهي، جنهن تي شائيلاڪ جو مڇرجڻ ته لازمي آهي. پر ٻي پاسي يورپ جي ملٽي نيشن ڪمپنين جو ٽين دنيا جي ملڪن جي حوالي سان ڪردار به شائيلاڪ يهودي کان ڪنهن به حوالي سان گهٽ نظر نه ٿو اچي.
انهي سان گڏ سوئيزر لينڊ جو بئنڪاري نظام، جتي سڄي دنيا جي غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي رت ۽ پگهر جي ڪمائي دنيا جا ڦورو جنرل ۽ ڪرنل ڏکئي وقت جي لاءِ اچيو لڪايو رکن ۽ پوءِ بقول عبدالحئي جي ته: انهيءَ دولت جي ڌڻين، جن جنگ دوران سڄي دنيا جي دولت آڻي هت سوئيزرلينڊ ۾ گڏ ڪئي، تن جو هڪ وڏو تعداد انهن جنگين ۾ مري کپي ويو ۽ اهو سڄي دنيا جو خزانو مفت ۾ سوئيزرلينڊ جي حڪومت ۽ بئنڪن کي ملي ويو ۽ ملڪن جي نظام وغيره بابت به بنيادي نوعيت جي معلومات ڏيندو ۽ گهمائيندو ڦيرائيندو ۽ وندرائيندو به ٿو هلي.
عبدالحئي پليجو ، ذاتي طور تي محبتي، محنتي، يار ويس ماڻهو آهي. علم و ادب ڪتابن، گلن ٻوٽن، پکين ۽ جانورن سان سندس بي حد لڳاءُ ۽ پيار آهي. سندس ادبي سُڃاڻپ رڳو سفرنامن جي حوالي سان به ڪونهي. پر هو سنڌي شاگرد سياست خاص ڪري 4 مارچ جي تحريڪ جي حوالي سان به انهي تحريڪ جو اکين ڏٺو شاهد ۽ انهيءَ جو هڪ سرگرم ڪردار پڻ رهيو آهي. انهيءَ حوالي سان سندس ڪتاب ’سنڌ جي شاگرد سياست‘ هڪ دستاويز جي حيثيت ٿو رکي ۽ سنڌ جي شاگرد سياست جو اُڀياس انهي ڪتاب جي مطالعي کانسواءِ اڻپورو محسوس ٿيندو.
سندس ٻي ڪم ۾، ٺٽي ضلعي جي پنهنجي همعصر سياسي، سماجي، ادبي ۽ ثقافتي شخصيتن تي لکيل ٻن جلدن ۾ ڪتاب ڇپجڻ کان پوءِ يقينن ’مولانا دين محمد وفائي! جي ڪتاب ’تذڪره مشاهير سنڌ‘ ۽ سائين جي . ايم. سيد جي ڪتاب ’جنب گذاريم جن سين‘ وانگر ئي اهم ۽ تاريخي دستاويز طور ڪتب ايندو ۽ پنهنجي جاءِ والاريندو.
[b]يوسف سنڌي
[/b]دڙو 26 مئي 2002