شاعري

اڪيلائيءَ جو ڪئنواس

ھي ڪتاب نامياري شاعر رحمت پيرزادي جي نثري نظمن جو مجموعو آھي. رحمت پيرزادي جي نثري نظمن ۾ سماجي، تھذيبي ۽ تاريخي حوالن جو تسلسل موجود آھي. انھن جي علامتن ۾ زمان ۽ مڪان، ماضي ۽ حال جا عڪس آھن. سندس اڪثر نظمن ۾ قديم ۽ جديد سماجي علم آھي. رحمت وٽ بيان جو ريشمي انداز آھي، اُن ۾ فڪر جي روشني بہ شامل آھي، جيڪا ھڪ تخليق کي ھر دور ۾ ساھُ کڻائيندي آھي.

Title Cover of book اڪيلائيءَ جو ڪئنواس

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر رحمت پيرزادي جي نثري نظمن جو مجموعو ”اڪيلائيءَ جو ڪئنواس“ اوھان اڳيان حاضر آھي.  
رحمت پيرزادي جي نثري نظمن ۾ سماجي، تھذيبي ۽ تاريخي حوالن جو تسلسل موجود آھي. انھن جي علامتن ۾ زمان ۽ مڪان، ماضي ۽ حال جا عڪس آھن. سندس اڪثر نظمن ۾ قديم ۽ جديد سماجي علم آھي. رحمت وٽ بيان جو ريشمي انداز آھي، اُن ۾ فڪر جي روشني بہ شامل آھي، جيڪا ھڪ تخليق کي ھر دور ۾ ساھُ کڻائيندي آھي.
ھي ڪتاب 2014ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندڙ نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو..


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com


نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي