سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري قومپرست سياستدان عبدالحميد خان جتوئيءَ جي قومي اسيمبلي ۾ ڪيل تقريرن ۽ بيانن تي مشتمل ڪتاب ”تاريخ ڪنھنکي بہ معاف نہ ڪندي“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو سھيڙيندڙ اڪبر عباسي آھي.
عبدالحميد خان جتوئي ھڪ اصول پرست سياستدان ھيو، جيڪو اسيمبليءَ ۾ سنڌ جو آواز ھيو. ون يونٽ تحريڪ ھجي يا 1973ع جو آئين، اسيمبليءَ ۾ ھو سنڌي ماڻھن جي زبان بڻجي حق ۽ سچ جو آواز اٿاريندو ھيو. حق ۽ سچ جو اعلان سندس منشور رھيو. ھو سنڌ ۾ سيڪيولرزم جو وڏي ۾ وڏو حامي ۽ مبلغ رھيو آھي. جتوئي صاحب عدل ۽ انصاف جو بہ سرچشمو رھيو آھي.
ھي ڪتاب 1987ع ۾ مخدوم بلاول پبليڪيشن، ميھڙ پارن ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندڙ نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو..
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي