جيل ڊائري

ماڙين ماريس ڪينڪي

ھي جيل ڊائري آريسر صاحب 1980-81 ۾ ضياءَ شاھيءَ جي قيد ۾ تصنيف ڪئي. ”ماڙين ماريس ڪينڪي“ روزنامچي نما ڊائري نہ آھي. ”ماڙين ماريس ڪينڪي“ آريسر صاحب جي ادب، سياست، انساني نفسيات، سنڌي سماج، سنڌ، برصغير ۽ دنيا جي سياسي واقعن، ذاتي من پيڙائن، احساسن، قومي خيالن بابت گھري مشاھدي، مطالعي ۽ تجربن تي مشتمل تصنيف آھي، جيڪا سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ وڏو درجو حاصل ڪري سگهي ٿي.

Title Cover of book ماڙين ماريس ڪينڪي

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران قومپرست سياستدان ۽ نامياري ليکڪ عبد الواحد آريسر جي لکيل جيل ڊائري ”ماڙين ماريس ڪينڪي“ اوھان اڳيان پيش آھي. ھي جيل ڊائري آريسر صاحب 1980-81 ۾ ضياءَ شاھيءَ جي قيد ۾ تصنيف ڪئي. 
”ماڙين ماريس ڪينڪي“ روزنامچي نما ڊائري نہ آھي. جيتوڻيڪ ان ۾ جيل ۽ جيل ۾ بيمار ٿيڻ دوران اسپتال ۾ پوليس جي پھري ھيٺ پيش آيل ڪيترن واقعن جو ذڪر آھي، پر انھن تي ڪا تاريخ نہ آھي ۽ نہ ئي ترتيبوار لکيا ويا آھن. ”ماڙين ماريس ڪينڪي“ آريسر صاحب جي ادب، سياست، انساني نفسيات، سنڌي سماج، سنڌ، برصغير ۽ دنيا جي سياسي واقعن، ذاتي من پيڙائن، احساسن، قومي خيالن بابت گھري مشاھدي، مطالعي ۽ تجربن تي مشتمل تصنيف آھي، جيڪا سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ وڏو درجو حاصل ڪري سگهي ٿي.
ھي ڪتاب 1989ع ۾ رنيڪوٽ پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي وتايي جي گهر جي دوستن جي سھڪار سان پيش آھي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com


نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي