مذهب

دعاءِ جوشن ڪبير

دعاءِ جوشن ڪبير ۾ پالڻھار جا ھزار اسم گرامي آھن ۽ اسم اعظم بہ آھي. ھيءَ دعا سئو فصلن تي مشتمل آھي ۽ ھر فصل ۾ ڏھہ ڀيرا اسم الاھي آيو آھي. 

Title Cover of book دعاءِ جوشن ڪبير

دعاءِ جوشن ڪبير

شيخ ڪفعمي جن پنهنجن ڪتابن المصباح ۽ بلد الامين ۾ هن دعا سڳوريءَ جو ذڪر ڪيو آهي.
حضرت امام سجاد  جن پنهنجي ابن ڏاڏن کان ۽ انهن حضرت رسول اڪرم جن کان روايت ڪئي آهي ته هي دعا جبرائيل امين جن هڪ جنگ جي دوران پاڻ سڳورن تائين پهچائي. حضرت کي ان وقت وزني زره پاتل هئي جنهن جي وزن سبب سندن جسم مبارڪ کي تڪليف ٿي رهي هئي. جبرائيل امين عرض ڪيو ته: يا محمد() اوهان جو پالڻهار اوهان کي سلام چوي ٿو ۽ فرمائي ٿو ته هي وزني زره لاهي ۽ هي دعا پڙهو ته هي دعا اوهان لاءِ ۽ اوهان جي امت جي لاءِ حفظ ۽ امان جو سبب آهي.
هن دعا جا فضائل:
هن دعا سڳوريءَ جا فضائل ۽ خاصيتون تمام گهڻيون آهن:
ڪتاب تحفة النجاح ۾ لکيل آهي ته جيڪو شخص گهران نڪرڻ مهل هيءَ دعا پڙهي يا پاڻ وٽ رکي ان جي الله سائين هر آفت کان حفاظت ڪندو ۽ ان جو ثواب ان شخص مثل آهي جنهن چار ئي آسماني ڪتاب پڙهيا هجن ۽ جنهن گهر ۾ هيءَ دعا موجود هجي اهو گهر باھ لڳڻ ۽ چوريءَ کان محفوظ رهندو.
هي دعا نيت جي خلوص سان جنهن مريض تي پڙهجي الله سائين ان کي شفا ڏيندو، توڙي جو اهو چريائپ جو مرض هجي يا ڪوڙھ هجي.
جيڪو شخص هن دعا کي پنهنجي ڪفن تي لکرائي ته الله سائين مٿس عذاب نه ڪندو.
جيڪو شخص رمضان المبارڪ جي پهرين رات خلوص نيت سان هي دعا پڙهي ته ان کي شب قدر نصيب ٿيندي ۽ پالڻهار هن دعا جي سبب ستر هزار فرشتا پيدا ڪندو جيڪي تسبيح ۽ تقديس ڪندا جنهن جو ثواب ان شخص کي ملندو.
۽ جيڪو شخص رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ هن دعا کي ٽي ڀيرا پڙهي ته الله سائين مٿس دوزخ جي باھ کي حرام ۽ مٿس بهشت واجب ڪندو ۽ ٻه فرشتا ان شخص تي مقرر ڪندو جيڪي گناهن کان ان جي حفاظت ڪندا ۽ هو پوري زندگي الله سائين جي امان ۾ هوندو.
علامه مجلسي() جن پنهنجي ڪتاب زاد المعاد ۾ هن دعا کي شب قدر جي اعمال جي ضمن ۾ لکيو آهي. ۽ ڪجھ روايتن ۾ ذڪر ٿيو آهي ته هن دعا کي قدر جي ٽنهي راتين ۾ پڙهندا ڪريو.
بهر حال هن دعا ۾ پالڻهار جا هزار اسم آهن ۽ اسم اعظم به آهي.
هن دعا ۾ سؤ (100) فصل آهن ۽ هر فصل ۾ پالڻهار جا ڏھ اسم گرامي آيا آهن.
هر فصل جي پڇاڙيءَ ۾ هي جملا پڙهجن:
سُبْحانَكَ يا لا اِلهَ اِلاّ اَنْتَ الْغَوْثَ الْغَوْثَ خَلِّصْنا مِنَ النّارِ يا رَبِّ
اي اها ذات جنهن کان سواءِ ڪو معبود ناهي، تون پاڪ آهين ۽ فرياد ڪندڙن جي فرياد ٻڌندڙ آهين اسان کي دوزخ جي باھ کان ڇوٽڪارو ڏي اي پالڻهار