21 کان 30
اللَّهُمَّ إِنِّي أَسْأَلُكَ بِاسْمِكَ يَا عَلِي يَا وَفِي يَا غَنِي يَا مَلِي يَا حَفِي يَا رَضِي يَا زَکِي يَا بَدِي يَا قَوِي يَا وَلِي.
اي پالڻهار! آءُ توکان درخواست ڪريان ٿو تنهنجي نالي سان. اي مٿانهان، اي وفا ڪندڙ، اي بي نياز، اي مهربان، احسان ڪندڙ، اي پسنديده تر، اي پاڪيزه، اي مشهور، اي قوت رکندڙ، اي حاڪم.
22. خوشحالي نصيب ٿيندي
يَا مَنْ أَظْهَرَ الْجَمِيلَ يَا مَنْ سَتَرَ الْقَبِيحَ يَا مَنْ لَمْ يؤَاخِذْ بِالْجَرِيرَةِ يَا مَنْ لَمْ يَهْتِکِ السِّتْرَ يَا عَظِيمَ الْعَفْوِ يَا حَسَنَ التَّجَاوُزِ يَا وَاسِعَ الْمَغْفِرَةِ يَا بَاسِطَ الْيَدَينِ بِالرَّحْمَةِ يَا صَاحِبَ كُلِّ نَجْوَى يَا مُنْتَهَى كُلِّ شَکْوَى.
اي اها ذات جنهن ڀلائي کي ظاهر ڪيو، اي اها ذات جنهن برائي کي لڪايو، اي اها ذات جا ڏوھ ڪرڻ تي سوگهو نٿي ڪري، اي اها ذات جا ڪنهن جو به عيب ظاهر نٿي ڪري، اي اها ذات جا گهڻو بخش ڪندڙ آهي، اي بهترين درگذر ڪندڙ، اي وسيع مغفرت وارا، اي ٻنهي هٿن سان رحمت ڪرڻ وارا، اي سڀني سُس ڦُس کي ڄاڻندڙ، اي هر هڪ جي شڪوه کي ٻڌڻ وارا.
23. رحمت جي نزول لاءِ
يَا ذَا النِّعْمَةِ السَّابِغَةِ يَا ذَا الرَّحْمَةِ الْوَاسِعَةِ يَا ذَا الْمِنَّةِ السَّابِقَةِ يَا ذَا الْحِکْمَةِ الْبَالِغَةِ يَا ذَا الْقُدْرَةِ الْكَامِلَةِ يَا ذَا الْحُجَّةِ الْقَاطِعَةِ يَا ذَا الْكَرَامَةِ الظَّاهِرَةِ يَا ذَا الْعِزَّةِ الدَّائِمَةِ يَا ذَا الْقُوَّةِ الْمَتِينَةِ يَا ذَا الْعَظَمَةِ الْمَنِيعَةِ.
اي بيشمار نعمتن جا مالڪ، اي بي انتها رحمتن جا مالڪ، اي احسان ڪرڻ ۾ پهل ڪندڙ، اي ڪامل حڪمت وارا، اي ڪامل قدرت وارا، اي قاطع دليل جا مالڪ، اي ظاهر ظهور سخاوت ڪرڻ وارا، اي دائمي عزت وارا، اي قدرت استوار جا مالڪ، اي سڀ کان مٿانهين مرتبي وارا.
24. پالڻهار جي خوشنودي لاءِ
يَا بَدِيعَ السَّمَاوَاتِ يَا جَاعِلَ الظُّلُمَاتِ يَا رَاحِمَ الْعَبَرَاتِ يَا مُقِيلَ الْعَثَرَاتِ يَا سَاتِرَ الْعَوْرَاتِ يَا مُحْييَ الْأَمْوَاتِ يَا مُنْزِلَ الْآيَاتِ يَا مُضَعِّفَ الْحَسَنَاتِ يَا مَاحِيَ السَّيئَاتِ يَا شَدِيدَ النَّقِمَاتِ.
اي آسمانن جي ٺاهڻ وارا، اي اونداهين کي پيدا ڪندڙ، اي لاڳيتو وهندڙ لڙڪن تي رحم ڪندڙ، اي لغزشن کي درگذر ڪندڙ، اي عيبن جا لڪائيندڙ، اي مئلن کي جيئرو ڪندڙ، اي آيتن کي نازل ڪندڙ، اي نيڪين کي گهڻو ڪندڙ، اي بدين کي ميساريندڙ، اي سخت پڇاڻو ڪندڙ.
25. نحوست جي ٽارڻ لاءِ
اللَّهُمَّ إِنِّي أَسْأَلُكَ بِاسْمِكَ يَا مُصَوِّرُ يَا مُقَدِّرُ يَا مُدَبِّرُ يَا مُطَهِّرُ يَا مُنَوِّرُ يَا مُيَسِّرُ يَا مُبَشِّرُ يَا مُنْذِرُ يَا مُقَدِّمُ يَا مُؤَخِّرُ.
اي پالڻهار! آءُ توکان درخواست ڪريان ٿو تنهنجي نالي سان. اي تصويرون ٺاهيندڙ، اي تقدير ٺاهيندڙ، اي تدبير ڪندڙ، اي پاڪيزه ڪندڙ، اي روشن ڪندڙ، اي آسان ڪندڙ، اي خوشخبري ٻڌائيندڙ، اي ڊيڄاريندڙ، اي سڀ کان پهريان، اي سڀ کان مؤخر.
26. بخار جي خاتمي لاءِ
يَا رَبَّ الْبَيتِ الْحَرَامِ يَا رَبَّ الشَّهْرِ الْحَرَامِ يَا رَبَّ الْبَلَدِ الْحَرَامِ يَا رَبَّ الرُّکْنِ وَ الْمَقَامِ يَا رَبَّ الْمَشْعَرِ الْحَرَامِ يَا رَبَّ الْمَسْجِدِ الْحَرَامِ يَا رَبَّ الْحِلِّ وَ الْحَرَامِ يَا رَبَّ النُّورِ وَ الظَّلامِ يَا رَبَّ التَّحِيَةِ وَ السَّلامِ يَا رَبَّ الْقُدْرَةِ فِي الْأَنَامِ.
اي مقدس گهر جا پالڻهار، اي مقدس مهينن جا پالڻهار، اي مقدس شهر جا پالڻهار، اي رڪن ۽ مقام جا مالڪ، اي مشعر الحرام جا مالڪ، اي مسجد الحرام جا مالڪ، اي حلال ۽ حرام جا مالڪ، اي روشني ۽ اونداهين جا مالڪ، اي درود ۽ سلام جا مالڪ، اي مخلوق ۾ وڌيڪ قدرت ۽ سگھ پيدا ڪندڙ.
27. خطرن کان دوري لاءِ
يَا أَحْكَمَ الْحَاکِمِينَ يَا أَعْدَلَ الْعَادِلِينَ يَا أَصْدَقَ الصَّادِقِينَ يَا أَطْهَرَ الطَّاهِرِينَ يَا أَحْسَنَ الْخَالِقِينَ يَا أَسْرَعَ الْحَاسِبِينَ يَا أَسْمَعَ السَّامِعِينَ يَا أَبْصَرَ النَّاظِرِينَ يَا أَشْفَعَ الشَّافِعِينَ يَا أَکْرَمَ الْأَکْرَمِينَ.
اي حاڪمن ۾ وڏو حاڪم، اي انصاف ڪندڙن ۾ وڌيڪ انصاف ڪندڙ، اي سچن ۾ سڀ کان وڌيڪ سچار، اي پاڪن ۾ وڌيڪ پاڪ، اي خالقن ۾ بهترين خالق، اي حساب ڪندڙن ۾ سڀ کان تيز، اي ٻڌندڙن ۾ وڌيڪ ٻڌڻ وارا، اي ڏسندڙن ۾ وڌيڪ ڏسندڙ، اي شفاعت ڪندڙن ۾ وڌيڪ شفيع، اي بزرگن ۾ وڌيڪ بزرگ.
28. اڌ مٿي جي سور جي خاتمي لاءِ
يَا عِمَادَ مَنْ لا عِمَادَ لَهُ يَا سَنَدَ مَنْ لا سَنَدَ لَهُ يَا ذُخْرَ مَنْ لا ذُخْرَ لَهُ يَا حِرْزَ مَنْ لا حِرْزَ لَهُ يَا غِيَاثَ مَنْ لا غِيَاثَ لَهُ يَا فَخْرَ مَنْ لا فَخْرَ لَهُ يَا عِزَّ مَنْ لا عِزَّ لَهُ يَا مُعِينَ مَنْ لا مُعِينَ لَهُ يَا أَنِيسَ مَنْ لا أَنِيسَ لَهُ يَا أَمَانَ مَنْ لا أَمَانَ لَهُ.
اي ڀرجهلو ان جو جنهن جو ساٿ ڏيڻ وارو ڪو ڪونهي، اي سهارو ان جو جنهن جو ڪو سهارو ڪونهي، اي سرمايو ان جو جنهن جو ڪو سرمايو ڪونهي، اي پناھ ان جي جنهن جي ڪا پناھ ڪونهي، اي ان جي دانهن ٻڌندڙ جنهن جي دانهن ٻڌندڙ ڪو ڪونهي، اي ان جي بزرگي جن جو ڪو فخر ڪونهي، اي عزت ان جي جنهن لاءِ ڪا عزت ناهي، اي مددگار ان جو جنهن جو ڪو مددگار ڪونهي، اي دوست ان جو جنهن جو ڪو دوست ڪونهي، اي پناھ ان جي جنهن جي ڪا پناھ ڪونهي.
29. ڏکن ڪمن کي آسان ڪرڻ لاءِ
اللَّهُمَّ إِنِّي أَسْأَلُكَ بِاسْمِكَ يَا عَاصِمُ يَا قَائِمُ يَا دَائِمُ يَا رَاحِمُ يَا سَالِمُ يَا حَاکِمُ يَا عَالِمُ يَا قَاسِمُ يَا قَابِضُ يَا بَاسِطُ.
اي پالڻهار! آءُ توکان درخواست ٿو ڪريان تنهنجي نالي سان. اي محفوظ رکندڙ، اي پائيدار، اي هميشه رهندڙ، اي ٻاجھارا، اي سلامتيءِ وارا، اي حاڪم، اي ڄاڻيندڙ، اي ورهائيندڙ، اي بند ڪندڙ، اي کوليندڙ.
30. ڪاميابي جي حصول لاءِ
يَا عَاصِمَ مَنِ اسْتَعْصَمَهُ يَا رَاحِمَ مَنِ اسْتَرْحَمَهُ يَا غَافِرَ مَنِ اسْتَغْفَرَهُ يَا نَاصِرَ مَنِ اسْتَنْصَرَهُ يَا حَافِظَ مَنِ اسْتَحْفَظَهُ يَا مُکْرِمَ مَنِ اسْتَکْرَمَهُ يَا مُرْشِدَ مَنِ اسْتَرْشَدَهُ يَا صَرِيخَ مَنِ اسْتَصْرَخَهُ يَا مُعِينَ مَنِ اسْتَعَانَهُ يَا مُغِيثَ مَنِ اسْتَغَاثَهُ.
اي نگهبان ان جا جيڪو پناھ گهري، اي رحمت گهرندڙ تي رحم ڪندڙ، اي بخشش گهرندڙن کي بخشيندڙ، اي مدد گهرندڙن جا مددگار، اي حفاظت گهرندڙن جي حفاظت ڪندڙ، اي ڪرم گهرندڙن تي ڪرم ڪندڙ، اي هدايت گهرندڙن جي هدايت ڪندڙ، اي دادرسي گهرندڙن جا دادرس، اي مدد گهرندڙن جا مددگار، اي فرياد ڪندڙن جي فرياد رسي ڪندڙ.