مذهب

دعاءِ جوشن ڪبير

دعاءِ جوشن ڪبير ۾ پالڻھار جا ھزار اسم گرامي آھن ۽ اسم اعظم بہ آھي. ھيءَ دعا سئو فصلن تي مشتمل آھي ۽ ھر فصل ۾ ڏھہ ڀيرا اسم الاھي آيو آھي. 

Title Cover of book دعاءِ جوشن ڪبير

31 کان 40

31. اک جي سور جي خاتمي لاءِ

يَا عَزِيزاً لا يضَامُ يَا لَطِيفاً لا يرَامُ يَا قَيوماً لا يَنَامُ يَا دَائِماً لا يَفُوتُ يَا حَيا لا يَمُوتُ يَا مَلِکا لا يَزُولُ يَا بَاقِيا لا يَفْنَى يَا عَالِماً لا يَجْهَلُ يَا صَمَداً لا يطْعَمُ يَا قَوِياً لا يَضْعُفُ.
اي اهو غالب جيڪو مغلوب نٿو ٿئي. اي اهو باريڪ جيڪو نظر انداز نٿو ٿئي. اي اهو توانا جيڪو سمهي نٿو. اي اهو هميشه رهندڙ جيڪو مرندو ناهي. اي اهو زنده جنهن کي موت ناهي. اي اهو بادشاھ جنهن جي سلطنت کي زوال ناهي. اي اهو باقي رهندڙ جنهن کي فنا ناهي. اي اهو عالم جنهن ۾ اڻ ڄاڻائي ناهي. اي اهو بي نياز جيڪو کاڌي پيتي کان آجو آهي. اي اهو سگهارو جنهن ۾ ڪمزوري ناهي.

32. دشمنن تي ڪاميابي ماڻڻ لاءِ

اللَّهُمَّ إِنِّي أَسْأَلُكَ بِاسْمِكَ يَا أَحَدُ يَا وَاحِدُ يَا شَاهِدُ يَا مَاجِدُ يَا حَامِدُ يَا رَاشِدُ يَا بَاعِثُ يَا وَارِثُ يَا ضَارُّ يَا نَافِعُ.
اي پالڻهار! آءُ توکان درخواست ٿو ڪريان تنهنجي نالي سان. اي يڪتا. اي يگانا. اي شاهدي ڏيندڙ. اي بزرگوار. اي ساراھ وارا. اي راھ ڏيکاريندڙ، اي اڀاريندڙ. اي وارث، اي نقصان پهچائيندڙ، اي فائدو ڏيندڙ.

33. حاڪمن سان ملڻ لاءِ مفيد آهي

يَا أَعْظَمَ مِنْ كُلِّ عَظِيمٍ يَا أَکْرَمَ مِنْ كُلِّ كَرِيمٍ يَا أَرْحَمَ مِنْ كُلِّ رَحِيمٍ يَا أَعْلَمَ مِنْ كُلِّ عَلِيمٍ يَا أَحْكَمَ مِنْ كُلِّ حَکِيمٍ يَا أَقْدَمَ مِنْ كُلِّ قَدِيمٍ يَا أَکْبَرَ مِنْ كُلِّ كَبِيرٍ يَا أَلْطَفَ مِنْ كُلِّ لَطِيفٍ يَا أَجَلَّ مِنْ كُلِّ جَلِيلٍ يَا أَعَزَّ مِنْ كُلِّ عَزِيزٍ.
اي سڀني بزرگن کان وڌيڪ بزرگ. اي سڀني مهربانن کان وڌيڪ مهربان. اي سڀني رحم ڪندڙن کان وڌيڪ رحم ڪندڙ. اي سڀني ڄاڻيندڙن کان وڌيڪ ڄاڻيندڙ. اي سڀني عقلمندن کان وڌيڪ عقلمند. اي سڀني قديمن کان وڌيڪ قديم. اي سڀني بزرگن کان وڌيڪ بزرگ ۽ برتر. اي سڀني پاڪن کان وڌيڪ پاڪ. اي سڀني جلال وارن کان وڌيڪ جليل. اي سڀني عزيزن کان وڌيڪ عزيز.

34. رات جو ڊڄڻ کان بچڻ لاءِ

يَا كَرِيمَ الصَّفْحِ يَا عَظِيمَ الْمَنِّ يَا كَثِيرَ الْخَيرِ يَا قَدِيمَ الْفَضْلِ يَا دَائِمَ اللُّطْفِ يَا لَطِيفَ الصُّنْعِ يَا مُنَفِّسَ الْكَرْبِ يَا كَاشِفَ الضُّرِّ يَا مَالِكَ الْمُلْکِ يَا قَاضِيَ الْحَقِّ.
اي بهترين درگذر ڪندڙ. اي وڏا احسان ڪندڙ. اي گهڻي ڀلائي وارا. اي هميشه کان فضل ڪندڙ. اي هميشه کان لطف ڪندڙ. اي خوبصورت پيدا ڪندڙ. اي رنج کي پري ڪندڙ. اي نقصان کي هٽائيندڙ. اي سڀني ملڪيتن جا مالڪ. اي حق جو فيصلو ڪندڙ.

35. وات جي سور کان بچڻ لاءِ

يَا مَنْ هُوَ فِي عَهْدِهِ وَفِي يَا مَنْ هُوَ فِي وَفَائِهِ قَوِي يَا مَنْ هُوَ فِي قُوَّتِهِ عَلِي يَا مَنْ هُوَ فِي عُلُوِّهِ قَرِيبٌ يَا مَنْ هُوَ فِي قُرْبِهِ لَطِيفٌ يَا مَنْ هُوَ فِي لُطْفِهِ شَرِيفٌ يَا مَنْ هُوَ فِي شَرَفِهِ عَزِيزٌ يَا مَنْ هُوَ فِي عِزِّهِ عَظِيمٌ يَا مَنْ هُوَ فِي عَظَمَتِهِ مَجِيدٌ يَا مَنْ هُوَ فِي مَجْدِهِ حَمِيدٌ.
اي اها ذات جيڪا پنهنجي عهد کي پورو ڪندڙ آهي. اي اها ذات جيڪا پنهنجي وفا ۾ قوي آهي. اي اها ذات جيڪا پنهنجي قوت ۾ برتر آهي. اي اها ذات جيڪا پنهنجي برتري ۾ سڀني جي تمام ويجهو آهي. اي اها ذات جيڪا پنهنجي قرب ۾ مهربان آهي. اي اها ذات جيڪا پنهنجي لطف ۾ ڪريم آهي. اي اها ذات جيڪا پنهنجي بزرگيءَ ۾ عزيزتر آهي. اي اها ذات جيڪا پنهنجي عزت ۾ عظيم آهي. اي اها ذات جيڪا پنهنجي عظمت ۾ وڏي شان واري آهي. اي اها ذات جيڪا پنهنجي بزرگيءَ ۾ ساراهيل (تعريف ڪيل) آهي.

36. آسيب کان حفاظت لاءِ

اللَّهُمَّ إِنِّي أَسْأَلُكَ بِاسْمِكَ يَا كَافِي يَا شَافِي يَا وَافِي يَا مُعَافِي يَا هَادِي يَا دَاعِي يَا قَاضِي يَا رَاضِي يَا عَالِي يَا بَاقِي .
اي پالڻهار! آءُ توکان تنهنجي نالي سان سوال ڪريان ٿو. اي ڪفايت ڪندڙ. اي صحت ڏيندڙ. اي وفا ڪندڙ. اي تندرستي ڏيندڙ. اي هدايت ڪندڙ. اي سڏيندڙ. اي فيصلو ڪندڙ. اي خوش ٿيندڙ. اي مٿانهين مرتبي وارا. اي باقي رهڻ وارا.

37. جنگ ۾ سوڀ ماڻڻ لاءِ

يَا مَنْ كُلُّ شَي ءٍ خَاضِعٌ لَهُ يَا مَنْ كُلُّ شَي ءٍ خَاشِعٌ لَهُ يَا مَنْ كُلُّ شَي ءٍ كَائِنٌ لَهُ يَا مَنْ كُلُّ شَي ءٍ مَوْجُودٌ بِهِ يَا مَنْ كُلُّ شَي ءٍ مُنِيبٌ إِلَيهِ يَا مَنْ كُلُّ شَي ءٍ خَائِفٌ مِنْهُ يَا مَنْ كُلُّ شَي ءٍ قَائِمٌ بِهِ يَا مَنْ كُلُّ شَي ءٍ صَائِرٌ إِلَيهِ يَا مَنْ كُلُّ شَي ءٍ يسَبِّحُ بِحَمْدِهِ يَا مَنْ كُلُّ شَي ءٍ هَالِکٌ إِلا وَجْهَهُ.
اي اها ذات جنهن اڳيان هر شيءِ آزي نيازي ڪندڙ آهي. اي اها ذات جنهن اڳيان هر شيءِ خوف زده آهي. اي اها ذات جنهن مان هر شيءِ کي وجود مليو آهي. اي اها ذات جنهن جي ڪارڻ هر شيءِ موجود آهي. اي اها ذات جنهن ڏانهن هر شيءِ جي بازگشت آهي. اي اها ذات جنهن کان هر شيءِ خائف آهي. اي اها ذات جنهن جي ڪارڻ هر شيءِ باقي آهي. اي اها ذات جنهن ڏانهن هر شيءِ موٽندي آهي. اي اها ذات جنهن جي ساراھ ۾ هر شيءِ تسبيح ڪري رهي آهي. اي اها ذات جنهن کان سواءِ هر شيءِ هلاڪ ٿيڻ واري آهي.

38. پالڻهار جي پناھ جي حصول لاءِ

يَا مَنْ لامَفَرَّ إِلا إِلَيهِ يَا مَنْ لا مَفْزَعَ إِلا إِلَيهِ يَا مَنْ لا مَقْصَدَ إِلّا إِلَيهِ يَا مَنْ لا مَنْجَى مِنْهُ إِلّا إِلَيهِ يَا مَنْ لا يُرْغَبُ إِلّا إِلَيهِ يَا مَنْ لا حَوْلَ وَ لا قُوَّةَ إِلّا بِهِ يَا مَنْ لا يسْتَعَانُ إِلّا بِهِ يَا مَنْ لا يتَوَكَلُ إِلّا عَلَيهِ يَا مَنْ لا يرْجَى إِلّا هُوَ يَا مَنْ لا يعْبَدُ إِلّا هُوَ.
اي اها ذات جنهن جي بارگاھ کان سواءِ ڪٿي جاءِ فرار ناهي. اي اها ذات جنهن کان سواءِ ڪا پناھ جي جاءِ ناهي. اي اها ذات جنهن کان سواءِ ڪا منزل مقصود ناهي. اي اها ذات جنهن جي غضب کان ڇوٽڪارو ناهي سواءِ سندس بخشش جي. اي اها ذات جو رغبت نٿي ڪئي وڃي سواءِ ان ڏانهن. اي اها ذات جنهن کان سواءِ ڪنهن ۾ به قوت ۽ توانائي نه آهي. اي اها ذات جنهن کان سواءِ ڪٿان کان مدد نٿي ملي سگهي. اي اها ذات جنهن کان سواءِ ڪنهن تي ڀروسو نٿو ڪري سگهي. اي اها ذات جنهن کان سواءِ ڪنهن ۾ اميد نٿي ڪئي وڃي. اي اها ذات جنهن کان سواءِ ڪنهن جي عبادت نٿي ڪري سگهجي.

39. مخالفن تي حاوي ٿيڻ لاءِ

يَا خَيرَ الْمَرْهُوبِينَ يَا خَيرَ الْمَرْغُوبِينَ يَا خَيرَ الْمَطْلُوبِينَ يَا خَيرَ الْمَسْئُولِينَ يَا خَيرَ الْمَقْصُودِينَ يَا خَيرَ الْمَذْكُورِينَ يَا خَيرَ الْمَشْكُورِينَ يَا خَيرَ الْمَحْبُوبِينَ يَا خَيرَ الْمَدْعُوِّينَ يَا خَيرَ الْمُسْتَأْنِسِينَ.
اي بهترين ذات جنهن کان ڊپ ڪيو وڃي ٿو. اي بهترين ذات جنهن ڏانهن رغبت ڪئي وڃي ٿي. اي بهترين ذات جنهن کي طلب ڪيو وڃي ٿو. اي بهترين ذات جنهن کان سوال ڪيو وڃي ٿو. اي بهترين ذات جنهن جو قصد ڪيو وڃي ٿو. اي بهترين ذات جنهن جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو. اي بهترين ذات جنهن جو شڪر ادا ڪيو وڃي ٿو. اي بهترين ذات جنهن سان محبت ڪئي وڃي ٿي. اي بهترين ذات جنهن کي سڏيو وڃي ٿو. اي بهترين ذات جنهن سان انس ڪيو وڃي ٿو.

40. خطائن جي بخشش لاءِ

اللَّهُمَّ إِنِّي أَسْأَلُكَ بِاسْمِكَ يَا غَافِرُ يَا سَاتِرُ يَا قَادِرُ يَا قَاهِرُ يَا فَاطِرُ يَا كَاسِرُ يَا جَابِرُ يَا ذَاکِرُ يَا نَاظِرُ يَا نَاصِرُ.
اي پالڻهار! آءُ توکان سوال ڪريان ٿو تنهنجي نالي سان. اي بخشڻهار. اي ڍڪيندڙ. اي قدرت وارا. اي غلبي وارا. اي پيدا ڪندڙ. اي ٽوڙيندڙ. اي ڳنڍيندڙ. اي ذڪر ڪندڙ. اي ڏسندڙ. اي مدد ڪندڙ.