سنڌ شناسي

تخت گاھہ خدا آباد

خدآ آباد ڪلھوڙن جي دور ۾ سنڌ جو تخت گاھہ رھيو ھئو. ھن ڪتاب ۾ تخت خدا آباد کان موجودہ خدا آباد تائين جي معلومات، خدا آباد جي تاريخي مسجد، خدا آباد قلعي، ميان يار محمد ڪلھوڙي، ميان نور محمد ڪلھوڙي، خدا آباد ۾ ٿيل تصنيف ۽ تاليف جو جائزو، خدا وادي لپي، ڪلھوڙا دور حڪومت جو سياسي ۽ معاشي تجزيو پيش ڪيل آھي.  ڪتاب ۾ سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ لکيل 22 مقالا ۽ مضمون شامل ڪيا ويا آھن.

Title Cover of book تخت گاھہ خدا آباد

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سنڌ ۾ ڪلھوڙا دور جي قديم راڄڌاني، خدا آباد بابت تاريخي مضمونن ۽ مقالن تي ٻڌل شاھڪار ڪتاب ”تخت گاھہ خدا آباد“ اوھان اڳيان پيش آھي، جيڪو محترم نظير احمد ڀنڊ جو مرتب ڪيل آھي.
خدآ آباد ڪلھوڙن جي دور ۾ سنڌ جو تخت گاھہ رھيو ھئو. ھن ڪتاب ۾ تخت خدا آباد کان موجودہ خدا آباد تائين جي معلومات، خدا آباد جي تاريخي مسجد، خدا آباد قلعي، ميان يار محمد ڪلھوڙي، ميان نور محمد ڪلھوڙي، خدا آباد ۾ ٿيل تصنيف ۽ تاليف جو جائزو، خدا وادي لپي، ڪلھوڙا دور حڪومت جو سياسي ۽ معاشي تجزيو پيش ڪيل آھي.  ڪتاب ۾ سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ لکيل 22 مقالا ۽ مضمون شامل ڪيا ويا آھن.
ھي ڪتاب ڊسمبر 2004ع ۾ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان اوھان اڳيان پيش آھي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي