لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

لاڏا : سنڌي لوگ گيتن جو گلدستو

لوڪ گيت جيون جو سُر آھن. جيون کان موت تائين ڪيئي ڏڻ اچن ٿا جن ۾ گيت ۽ لاڏا شامل ھجن ٿا، ڇو تہ لاڏا سنڌي ثقافت جو اھم جُز آھن. لاڏا ھر خوشيءَ جي موقعي ٻار ڄمڻ، ڇٺي، طھر، شاديءَ يا ٻين خوشيءَ جي موقعن تي ڳايا وڃن ٿا. لاڏن جا جدا جدا قسم ٿين ٿا. لاڏا گهوٽيتن ۽ ڪنواريتن ٻنھي طرفن ۾ ٿيندا آھن، ڇاڪاڻ تہ ساٺ سنئوڻ ٻنھي پاسي ٿيندا آھن. 

Title Cover of book لاڏا : سنڌي لوگ گيتن جو گلدستو

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سنڌي لوگ گيتن جو گلدستو ”لاڏا“  اوھان اڳيان پيش آھي. ھن ڪتاب جو سھيڙيندڙ ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي آھي.
لوڪ گيت جيون جو سُر آھن. جيون کان موت تائين ڪيئي ڏڻ اچن ٿا جن ۾ گيت ۽ لاڏا شامل ھجن ٿا، ڇو تہ لاڏا سنڌي ثقافت جو اھم جُز آھن. لاڏا ھر خوشيءَ جي موقعي ٻار ڄمڻ، ڇٺي، طھر، شاديءَ يا ٻين خوشيءَ جي موقعن تي ڳايا وڃن ٿا. لاڏن جا جدا جدا قسم ٿين ٿا. لاڏا گهوٽيتن ۽ ڪنواريتن ٻنھي طرفن ۾ ٿيندا آھن، ڇاڪاڻ تہ ساٺ سنئوڻ ٻنھي پاسي ٿيندا آھن. 
ھي ڪتاب 2014ع ۾ ساھتيہ اڪيڊمي نيو دھلي پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي ڊاڪٽر روشن گولاڻيءَ جي ٿورن سان پيش آھي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي