سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعرہ ۽ نثر نگار سلطانہ وقاصيءَ جو شعري مجموعو ”سوال“ اوهان اڳيان حاضر آهي. مھتاب اڪبر راشدي لکي ٿي:
”سلطانہ جي شاعريءَ ۾ جتي انساني سوچ جا داخلي ۽ خارجي پھلو نظر ٿا اچن، اتي ھوءَ سماج ۾ ٿيندڙ ناانصافين تي بہ پنھنجي ردعمل جو اظھار ڪري ٿي. سندس دل سنڌ جي دردن سان ڀري پئي آھي. ھوءَ ماضيءَ ۾ نٿي جيئي، ھوءَ اڄ جي ڏکوئيندڙ حقيقتن کي آڏو رکي، سنڌ جا سور ورجائي، پنھنجن جي عياري ۽ مفادپرستيءَ جو ئي ماتم پئي ڪري.“
ھي ڪتاب 2016ع ۾ ڪونج اڪيڊمي، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي