لطيفيات

شاھ جو رسالو SHAH JO RISALO alias Ganj Latif

شاھ جي رسالي جي گنج ايڊيشن جو انگريزي ترجمو پيش آھي، جنھن جو ترجميڪار محمد يعقوب آغا آھي. شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ ھڪ وڏي شاعر جون سڀ صفتون موجود آھن. ھن پنھنجي نياپي کي ڪمال ڪاريگريءَ سان لفظن جو لباس پارائي عام تائين پڄايو آھي. ڀٽائيءَ اعليٰ مقصد کي عاليشان فن سان سنڌيءَ ۾ آڻي نہ فقط پاڻ کي پر اسان جي ٻوليءَ کي پڻ ھميشہ لاءِ جياري ڇڏيو آھي. 


Title Cover of book شاھ جو رسالو SHAH JO RISALO alias Ganj Latif

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران شاعرن جي سرتاج شاعر شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام شاھ جي رسالي جي گنج ايڊيشن جو انگريزي ترجمو پيش آھي، جنھن جو ترجميڪار محمد يعقوب آغا آھي.   
شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ ھڪ وڏي شاعر جون سڀ صفتون موجود آھن. ھن پنھنجي نياپي کي ڪمال ڪاريگريءَ سان لفظن جو لباس پارائي عام تائين پڄايو آھي. ڀٽائيءَ اعليٰ مقصد کي عاليشان فن سان سنڌيءَ ۾ آڻي نہ فقط پاڻ کي پر اسان جي ٻوليءَ کي پڻ ھميشہ لاءِ جياري ڇڏيو آھي. 
ھن رسالي جو پھريون ڇاپو 1985ع ۾، ٻيو ڇاپو 2004ع ۾ ۽ ٽيون ڇاپو 2016ع ۾ سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سنڌيڪا اڪيڊميءَ جا جنھن ڪمپوزنگ ۾ سھڪار ڪيو. مھربانيون ثقافت کاتي وارن جون جن ھن رسالي کي آنلائين ڪرڻ جي اجازت ڏني ۽ مدد ڪئي. 



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي ) 
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
 books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي