تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اي سنڌ جا سنڌيو!

ھن ڪتاب جو مقصد سماج جي مختلف طبقن جو پنھنجي ذميداراڻي ڪردار جي طرف توجه ڇڪائڻ آھي. سماج جا مختلف اھم طبقا جيڪڏھن پنھنجي مٿان لاڳو اخلاقي، سماجي ۽ پيشه ورانه ذميداريون ۽ فرائض پوريءَ طرح سرانجام ڏيڻ شروع ڪن ته موجود ابتريءَ جي صورتحال ۾ خرابين کان ڪافي حد تائين بچي سگھجي ٿو.
Title Cover of book اي سنڌ جا سنڌيو!

اي سنڌ جا سياسي ۽ سماجي ورڪرو!

اوهان جي اٻوجهائپ ۽ عدم احتسابي وارن روين جي ڪري هتي ڪابه اهڙي مضبوط پارٽي نه جڙي سگهي آهي، جيڪا ڌرتي ڌڻين کي پنهنجو حق ۽ انصاف ڏياري سگهي ۽ جيڪا امن ڀرئي فلاحي معاشري جي حاصلات يقيني بڻائي سگهي. ڌرتيءَ ڄاوا سٺ سالن کان عذابن ۾ آهن ۽ ظلم ۽ ڏاڍ جي ڪري اهو سفر کٽي ئي نٿو. دنيا گلوبل وليج بڻجي ويئي. ان گلوب تي هڪڙا خطا انساني آزادين، معاشي پاڻ ڀراين ۽ فلاحي معاشرن جي صورت ۾ انسانن لاءِ امن، آشتي ۽ سڪون جا گهوارا بڻيل آهن. اهي خطا ترقي ۽ تمدن جا اهڙا شاهڪار آهن جن تي انسان خود اچرج ۾ آهي. پر اسان جو خطو جهالت، ابتري، غلامي ۽ تمدني تباهيءَ جو عالمي شاهڪار رهجي ويو آهي. اسان سان ڌارئي تسلط اهي هاڃا ته بجا ڪيا پر اسين پنهنجي قسمت بدلائڻ لاءِ مليل موقعن مان فائدو به نه وٺي سگهيا آهيون. اسان جي سياسي ۽ سماجي نظام جي ابتري ڏينهون ڏينهن اسان کي بيوسيءَ ڏانهن گهلي رهي آهي. انهيءَ جو وڏو سبب جتي اسانجي سياسي قيادتن جي عدم بصيرت ۽ بي پرواهي آهي، اتي اوهان سياسي ۽ سماجي ورڪرن جي سادگي ۽ عدم احتسابيءَ جي روين کي به ان کان آجو نٿو ڪري سگهجي.
اوهان جي جذبن جي سچائيءَ تي ڪي به ٻه رايا ڪونهن. هيءَ ڳالهه به بجا آهي ته اوهان سنڌ ۾ جنهن به سياسي ڌر سان سلهاڙيل آهيو، اتي اوهان جي جذبي جو محرڪ اوهان جي سنڌ دوستي آهي. اوهان جيڪڏهن ڪنهن وفاقي پارٽيءَ سان ساٿ ڏيو ٿا ته ان وقت به اوهان جو جذبو هيءُ آهي ته اها وفاقي پارٽي وفاق ۾ سنڌ جي ڀرپور نمائندگي ڪرڻ جي اهليت رکي ٿي. اوهان ديني پارٽين مان به انهيءَ کي چٽو سمجهو ٿا، جنهن جا عالم ماضيءَ جي ڊگهي تسلسل ۾ انساني ۽ قومي آزادين جي لاءِ هميشه ويڙهه وڙهندا آيا آهن ۽ خدا پرستي ۽ انسان دوستي سندن ديني سوچ جو مرڪز آهي. اوهان جي قومپرست پارٽين سان وابستگي به هن ڌرتيءَ جي ماڻهن سان غير مشروط محبت جي نتيجي ۾ آهي. ليڪن الميو هي آهي ته اوهان مان اڪثريت جون اجتماعي ڪمن سان وابستگيون اوهان جي پارٽ ٽائيم مصروفيت پئي رهيون آهن. اوهان مان اهڙا ڪي ٿورا ماڻهو آهن جيڪي انساني فلاح جي ڪنهن عالمگير فڪري بنياد ۽ تسلسل ۾ اجتماعي ڪمن سان پنهنجي ذات ۽ زندگيءَ جو سڄو سودو ڪري ويهن. اوهان مان اڪثر ورڪرن جون پارٽين سان وابستگيون نعرن ۽ وقتي مسئلن جي لاءِ آهن. اهي بنهه ٿورڙا ورڪر آهن، جن جي پارٽين سان وابستگي جو بنياد جذباتيت بدران اهڙي آئيڊيالاجي هجي، جيڪا انسانن کي خود شناسيءَ جو شعور ڏيندي هجي، جيڪا انهن جي لاءِ زندگيءَ جي هڪ نصب العين جو تعين ڪندي هجي، جيڪا انسانن جي ڀلائي ۽ ڌرتيءَ تي انصاف جي قيام کي خدائي ذميداري سمجهندي هجي، جيڪا انسانن کي الله جو عيال سمجهي انهن جي نجات ۽ فلاح جي لاءِ تڙپ ۽ جاکوڙ کي ايمان جو درجو ڏيندي هجي، جيڪا حقن جي حاصلات لاءِ شهادتن جي نذراني کي پنهنجي خدا جي حضور ۾ سرخروئيءَ سان حاضر ٿيڻ جو ثمر سمجهندي هجي.
اوهان مان اڪثريت جون پنهنجين جماعتن جي قيادتن سان وابستگيون انهن جي ذات ۽ شخصيت سان آهن. اوهان مان اهڙا به ڪي ٿورا ورڪر آهن جيڪي قيادتن سان وابستگين ۾ انهن جي فڪر جي بلندي ۽ عمل جو اهو جذبو، حوصلو، استقامت ۽ ديوانگي تلاش ڪن جيڪا هزارين سالن کان انسانيت جي رهبري ڪندڙن ۾ موجزن رهندي آئي آهي. بس اوهان ته پاڻ کي سياسي روبوٽ بڻائي هلائيندا رهيا. نه اوهان ڪڏهن پنهنجي سفر جي مضبوط فڪري رجحانن جي اڻ هوند تي بيچيني ڏيکاري ۽ نه سماجي سهڪار جي عمل کي پنهنجي تحريڪن جي عروج لاءِ ٻارڻ بڻايو. نه پنهنجي قيادت کان انقلاب ۽ تبديلين جي لاءِ سائنٽيفڪ طريقن جي گهر ڪئي ۽ نه انهن کان عملي جدوجهد جي مرحليوار اقدامن جي تقاضا ڪئي. نه انهن جي پنهنجي شخصيت جي جوهر ۽ مثالي ڪردار کي سامهون رکيو ۽ نه انهن جي عملي ڪارگذاريءَ کي ڳاڻاٽي ۾ آندو. نه انهن جي موقعي پرست ڪمپرومائيز تي احتجاج ۽ احتساب ڪيو ۽ نه اهڙن روين تي ان احتجاج کي طوفان جي شڪل ڏني.
اوهان کي سماج لاءِ پنهنجي ذميدارانه ڪردار جو هي ادراڪ ته هو ته اوهان پنهنجي انفراديت پسندي ڇڏي، اجتماعي ڌارا ۾ سلهاڙجو، ليڪن اوهان پنهنجن ذهنن ۾ ذميداراڻي ڪردار جي محرڪ واري ان شعور کي ماڻي نه سگهيا، جيڪو قدرت جي منشا سان هڪ تمام ڊگهي انساني سفر جو تسلسل آهي. درحقيقت اوهان ۾، قدرت جي منشا مطابق ان لڙيءَ ۾ پويل هجڻ جو شعور به پختو هئڻ گهربو هو.
هيءَ قدرت جي منشا هئي ته انسان خدا جي خليفي جي صورت ۾ ڌرتيءَ تي ذميدارانه ڪردار ادا ڪري. انسانن جي ذميدارانه ڪردار جو اهو قافلو ڌرتيءَ تي لڳ ڀڳ ارڙهن هزار سالن (حضرت آدم) کان روان دوان آهي. انهيءَ ڪردار جي پختي شعور حاصل ڪرڻ لاءِ حضرت موسيٰ عليه السلام کان وٺي هيستائين، انسان کي ساڍا سورهن هزار سال صرف ٿيا آهن. انهيءَ عرصي ۾ هڪ لک چوويهه هزار نبي آسماني هدايت جا ڪيترائي ڪتاب ۽ صحيفا کڻي انسانن کي پنهنجي ذميدارانه ڪردار لاءِ ميڙون منٿون ڪندا رهيا. پاڻ بدلائڻ جي لاءِ انهن کي قدرت جي پاران خوشخبرين ۽ خوف جا نياپا رسائي، ابدي زندگيءَ جي حسناڪين کي پسڻ جو شعور بخشيندا رهيا. انهن جي عذابن ۽ اهنجن کي هٽائڻ لاءِ پاڻ اهنجن ۽ عذابن مان گذرندا رهيا. پنهنجي وقت جي طاقتور ۽ ظالم ترين ماڻهن سان مهاڏو اٽڪائي، ماڻهن کي آزاد معاشري جو اهڙو موقعو فراهم ڪندا رهيا، جنهن ۾ هو خليفي واري پنهنجي ذميدارانه ڪردار نڀائڻ لائق بڻجي سگهن ۽ جيئن اطمينان سان خودشناسي ۽ خدا شناسيءَ سان بهره ور ٿي سگهن. ساڍا سورهن هزار سالن جي پڄاڻيءَ تي دنيا انهيءَ صورت ۾ بين الاقواميت ۾ داخل ٿي چڪي هئي ته ٻه وڏا سپر پاور قيصر روم ۽ ڪسريٰ ايران دنيا جي اڪثر خطن ۽ قومن کي پنهنجي تسلط ۽ غلاميءَ ۾ سوگهو ڪري چڪا هئا. هنن غلاميءَ جي سنگهرن کي سوگهو بنائيندڙ ذريعن شرڪ ۽ جهالت سان قومن کي اوندهه ۾ ڌڪي رکيو هو. ان وقت به قدرت هڪ متبادل بين الاقوامي نظام جي لاءِ عدل ۽ انصاف جو شاهڪار دستور قرآن مجيد جي صورت ۾ حضرت محمد ؐ جي ذريعي موڪلي انسانيت کي ان ظالماڻي تسلط کان نجات ڏيارڻ جو بندوبست ڪيو.
انسانيت اتان نئين دور ۾ داخل ٿي، جنهن کانپوءِ جهالتن ۽ شرڪ جو خاتمو هو ۽ ان بنياد تي انسانيت کي غلامين کان نجات هئي. نجات جي انهن ابدي اصولن مان سڄي انسانيت پنهنجو پنهنجو حصو کڻي ورتو ۽ پنهنجي پنهنجي ذات ۽ سماج جي اڏاوت ڪئي. ڪن قوانين فطرت جي نالي سان پنهنجا عاليشان معاشرا اڏيا ۽ ڪن خدائي ضابطن جي مٿان عمل جي ذريعي پنهنجي شخصيت، پنهنجي خاندان ۽ پنهنجي معاشرت لاءِ اطمينان ۽ عدل جو فيض ماڻيو. اوهان انسانيت جي واسطي چٽاين جي حاصلات واري هن ڊگهي سفر جا پانڌيئڙا بڻيا ته اوهان کي انسانيت جي لاءِ ان شاهڪار دستور جي سرچشمي مان شعوري طرح سيراب ٿيڻو هو، ليڪن اوهان مان وڏو تعداد انهيءَ شعور کان محروم رهيو.
اوهان سياسي ۽ سماجي ورڪر بنجڻ وقت سماج جي جنهن وڏي ذميواريءَ جو بار پنهنجي مٿان وڌو هو ۽ ان ڪردار جي ادائيگي لاءِ پاڻ حوالگي ڪئي هئي، اها ڪا معمولي پيش رفت نه هئي ۽ نه ڪو اهو راند يا وقت گذاري جهڙو مشغلو هو. عظيم مقصدن جي لاءِ پاڻ حوالگي ڪرڻ وقت پنهنجي کل ۽ گوشت واري جسم (Outer Person) کي حوالي ڪونه ڪيو ويندو آهي بلڪه شخصيت جي مرڪز ان دل (Inner Person) کي به وابسته ڪيو ويندو آهي جتي انسان جون خواهشون، ان جون ڪلپنائون، ان جا ارادا ۽ عزم، پسند ۽ ناپسند، سرگرميون ۽ پيش قدميون، اهي سڀ اڀامي نڪرن ٿيون، جن جي چوڻ تي زندگيءَ جو رخ متعين ڪري پيشرفت ڪئي ويندي آهي. انهيءَ قلب کي سليم بنائڻ جي لاءِ اوهان پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪهڙا جتن ڪيا؟
اوهانجو ماڻهپو، اوهان جو تزڪيو، اوهان جو خلوص، اوهان جي فدائيت ۽ اوهان جي اندر جي سڄي سندرتا جو مرڪز اوهان جي دل هئي، ان جي ڪوملتا کي سدا بهار رکڻ جي لاءِ اوهان انسانن جي سڌاري لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ عملي ڪردارن کي پنهنجو ڪيترو آئيڊيل بڻايو؟ انسانيت جي آخري آسماني دستور قرآن مان ڪيتري اثر پذيري حاصل ڪئي، جنهن سان اوهان پنهنجي تخليقي حقيقتن ۽ مقصدن جو شعور حاصل ڪري سگهو، جنهن سان اوهان انساني ڪمزورين جو ادراڪ ڪري مُنافقتن کان بچي سگهو. نفاق جو مرڪز به اها دل ئي هوندي آهي. ماڻهو جڏهن بي عملين، سازشن ۽ غدارين جي رستي جي چونڊ ڪندو آهي ته اهو دماغ جي خرابي يا اکين جي ويهجي وڃڻ کان ائين ڪونه ڪندو آهي، بلڪه سندس سيني ۾ موجود دل انڌي ٿي ويندي آهي ۽ پوءِ هن کي پنهنجي ڪائنات لٽجڻ جو احساس ئي نه رهندو آهي. ذهنن ۽ ضمير جي انهيءَ ڪائنات کي بچائڻ جي لاءِ اوهان کي سياسي ۽ سماجي وابستگين کان اڳ ۾ هڪ ٻي وابستگي گهرجي پئي، جنهن ۾ توهان پنهنجي سماج ۾ وڏن مقصدن جي لاءِ پنهنجي خلقڻهار سان پنهنجي بندگي ۽ محبوبيت نڀائڻ جا عهد و پيمان ڪري سگهو. اها ئي هڪ وٿ هئي جنهن سان اوهان انساني ڪمن جي لاءِ حوالگيءَ واسطي مضبوط ارادي ۽ عزم جي ضرورت پوري ڪري سگهيا پئي. اوهان جڏهن ان حاصلات کان محروم رهيا ته پوءِ اوهان پنهنجي زندگيءَ ۾ عمل جي لاءِ ارادا ته خوب ڪندا رهيا پر گهڻو ڪري ڳالهيون اوهان کان وسرنديون رهيون. اوهان جي دل اندر ڪم ڪرڻ جون خواهشون موجود هيون ته هيئن به ڪجي ۽ هونئن به ڪجي، پر انهن خواهشن کي عملي جامون ڏيڻ جي لاءِ جنهن عزم جي ضرورت هئي، ان جي اوهان وٽ اڻهوند هئي. جڏهن اوهان جا، اعليٰ مقصدن سان پاڻ ارپڻ وارا محرڪ ڪمزور رهيا ته پوءِ اوهان مان ڪيترا اهڙا جوان منظر تي اچي ويا جن پنهنجي سرگرمين کي معاوضي ۽ معاشي حاصلات سان مشروط ڪري ڇڏيو ۽ ڪيترن ته مقصد ئي پئسي کي بڻائي ڇڏيو. پر اوهان سڀني ڏٺو ته هن سماج ۾ انهن ماڻهن کي پٽ کوهه ۽ لونجهه کانسواءِ حاصل به ڇا ٿيو! انهن کي انساني ڪمن جي معاوضي ۽ فائدن جي طور تي جيڪو به حاصل ٿيو، ان مان ڪڏهن به سندن پورت نه ٿي ۽”اڃا به اچي”،”اڃا به اچي” جي هوس گيري سڄي زندگي انهن جو مقدر رهي آهي.
اوهان جڏهن مخلوق جي لاءِ پاڻ کي غير مشروط وقف ٿا ڪريو ته ڄڻ پاڻ کي”اءِ جي عيال” جو ذميدار بڻايو ٿا ۽ الله تعاليٰ جي لاءِ اوهان جو هي گمان نهايت پڪو هجڻ گهرجي ته هو پنهنجي عيال جي ذميداريءَ جو ڀلو بدلو ڏيندڙ آهي. اوهان کي ان جي بدلي ۾ پڪ سان پرتعيش بنگلا، گاڏيون ۽ آرام جون ٻيون سهولتون ڪونه ملنديون، پر انهن سڀني کان قيمتي سرمايو”دل جو اطمينان“ يقينا حاصل ٿيندو ته اوهان قدرت جي منشا هيٺ انسانيت جي ارڙهن هزار ساله سفر ۾ ذميدار زندگيءَ جي حاصلات ماڻي چڪا آهيو. اوهان کي هيءُ به اطمينان ٿيندو ته اوهان جڏهن ان جي عيال جا ذميدار بڻيا آهيو ته هو پڪ سان اوهان جي عيال جو ذميدار بڻبو ۽ پڪ سان هو بدلي ڏيڻ ۾ وڏي هوند وارو ۽ وڏو سخي آهي.
اي سنڌ جا سماجي ورڪرو!
اوهان مان سماجي ورڪرن جو وڏو ذهين حصو غيرسرڪاري سماجي تنظيمن جي حوالي ٿي وڃي ٿو ته پوءِ اُتي انهن ئي اين جي اوز جي فائيلن ۾ ڀيڪوڙيل ۽ ميٽنگ جي ٽيبل جي چوڌاري ڦرندڙ ايجنڊا تي ڪم ڪري ٿو. جنهن کان پوءِ اسان جي سماج ۽ ماڻهن لاءِ انهن جي ڏکن ۽ ڏولاون کي دور ڪرڻ جي خدمتن واسطي پاڻ ارپڻ ۽ فدائيت واري جذبي سان سرشار انهن ذهين ماڻهن جي راهنما ڪردار جي کوٽ ٿي پوي ٿي. اوهان پنهنجي ذهانتن جي ڪري پنهنجي ايتري ڪفالت ضرور ڪري سگهو پيا جو ڪڏهن دال مانيءَ ۽ ڪڏهن مڇي مانيءَ تي گذارو ڪري پئي سگهيو ۽ پنهنجي ارپنا جون سڀ صلاحيتون ماڻهن ۾ سماجي تبديليءَ جي تحريڪ تي صرف ڪري ڇڏيو ها. پر جيڪڏهن اوهان ائين نه ڪري سگهيو ته اين جي اوز ۾ وڃڻ کانپوءِ اتي جون سڻڀيون پگهارون سچ پچ ته اوهان جي لاءِ وڏي آسيس بڻيل هيون. پوءِ ٿيڻ هيئن گهربو هو ته اوهان ان قسم جي معاشي بي فڪريءَ کانپوءِ آسانيءَ سان هڪ وڏي سماجي تبديليءَ جي تحريڪ جو حصو بڻجي وڃو ها. اوهان پنهنجي صلاحيتن کي گهڻن رخن ۾ سماجي تبديليءَ جي سرگرمين ۾ صرف ڪريو ها پر ايئن بنهه گهٽ ٿيو ۽ اوهان مان اڪثريت اهڙن ماڻهن جي هئي جن سماج جا مثالي ورڪر بنجڻ بجاءِ اين جي اوز جا انجنيئرڊ ورڪر رهڻ تي اڪتفا ڪيو. نتيجي ۾ بدقسمتيءَ سان اوهان مان ڪوبه اوڌو داس ۽ گدومل ڏيارام جي اسپرٽ جو ماڻهو هن سماج کي ڪونه مليو. مسڪين جهان خان کوسي جهڙي ديوانگي به اوهان مان گهڻن ماڻهن جو وڙ نه بڻجي سگهي. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ مولوي نذير حسين جتوئي جهڙا بي لوث ڪردار به وڌيڪ ڪونه نسريا.
اي سنڌ جا سياسي ۽ سماجي ورڪرو!
دنيا اندر تبديليءَ جي وڏين تحريڪن پنهنجي اعتماد ۽ عمل جي ڀروسي کي موثر سماجي ڪمن جي ذريعي عوام جي دلين ۾ راسخ بڻايو ۽ پنهنجي مثالي عملي ڪردار سان انهن ماڻهن پاڻ کي سماج جو محسن ثابت ڪرايو. پوءِ انهيءَ احسان ۽ اعتماد جي بدلي ۾ ماڻهن پنهنجا ذهن انهن تحريڪن جي حوالي ڪري ڇڏيا، پنهنجي دلين جا دروازا انهن ورڪرن جي لاءِ کولي ڇڏيا ۽ پنهنجين وابستگين جي سرجوشيءَ ۾ پنهنجي مال، پنهنجي جان ۽ پنهنجي ٻچن جي قربانين جا نذرانا پيش ڪرڻ کان به ڪين ڪيٻايو. ليڪن اوهان هتي سٺ سالن جي اندر ماڻهن جي مالڪي ۽ سهائتا جي لاءِ سرگرم ۽ پرجوش تنظيم ڪاري ۽ تحريڪ سازي ته نه ڪري سگهيا، پر ايڌي سينٽر جهڙيون خدمتون به اوهان کان اوس پري رهيون. حماس ۽ حزب الله جهڙيون سياسي ۽ سماجي صف بنديون ته ناممڪنات ۾ رهيون پر هڪ بنگالي پروفيسر جي ڪوشش جيتري گرامين بينڪ به اوهان لاءِ حسرت جو سامان رهي. اوهان جي انهن حسرتن ۽ ٿڌن شوڪارن ۾ اسان جا”مارو ويچارا کلندي رات کڄي ويا.“ واري ڪيفيت تي وڃي پهتا.
اي سنڌ جا سياسي ۽ سماجي ورڪرو!
اوهان روزانو صبح جي اخبارن ۾ سنڌ جي غريب نياڻين ۽ ابهم معصوم ٻارڙن جي عصمتن جي پائمالي جون خبرون پڙهو ٿا، اوهان جي معلومات ۾ اضافو ٿئي ٿو. انتقام، ڪوڙي غيرت ۽ قبيلائي انائن جي ور چڙهيل خونن سان ڪيترن نياڻين ۽ ابهم ٻارن جي يتيمي ۽ عورتن جي بيواهگي پڙهو ٿا، اوهان جي خبريت پختي ٿئي ٿي. ڏاڍن جي ظلم ۽ ستم جي نتيجي ۾ ڪمزورن جي ڪرب جون خبرون به اوهان پڙهو ٿا، اهي به انهن ماڻهن جي بدقسمتيءَ جو روڳ سمجهي نظر انداز ڪر ي ڇڏيو ٿا. وحشت پڻي جي سنگين ترين واقعن تي به اوهان جي پاران مجلس ۾ ان وقت تي رسمي ڏک جي اظهار بازي ٿئي ٿي ۽ وڌ ۾ وڌ اوهان جي سرگرمي اها آهي جو ڏک جي ان وڇايل تڏي تي وڃي پنهنجي همدرديءَ جو اظهار ڪري موٽي اچو ٿا. اهو سالن کان ٿيندو پيو اچي پر اوهان جو ردعمل فيصله ڪن مرحلي تائين نٿو پهچي. اوهان جي اندر جيڪڏهن عوام لاءِ درد ۽ ڪرب جي ڪابه چڻنگ دکندڙ آهي ته سالن پُڄاڻان به اها شعلو ۽ جوالا مکي نه بڻجي سگهي آهي. نتيجي ۾ نه نياڻين ۽ ابهم ٻارڙن جي عصمتن جي سوداگرن کي ان جوالا مکيءَ جو تاءُ ساڙي سگهيو ۽ نه ظلم ۽ ڏاڍ جي سرڪش پيشه ورن جو گهيراءُ ٿي سگهيو. وياج خورن جا ڪٽڪ سنڌين جي غربت بيوسي ۽ حال هيڻائيءَ جو ناجائز فائدو وٺي وڏي آزاديءَ سان خاندانن جا خاندان تباهه ڪندا رهيا پر انهن کي سڄي ڌرتيءَ تي ڪوبه عبرتناڪ چئلينج سامهون ڪونه آيو. انسانيت جا دشمن زندگي بچائيندڙ دوائن ۾ جعل سازيءَ کان وٺي زندگيءَ جي سڀني شعبن ۾ اسان جي ماڻهن سان دوکيبازيون، فراڊ ۽ انياءَ ڪندا رهيا، سي سڀ جو سڀ آرام سان انهن کي ڦٻندا رهيا ليڪن انهن کي هن ڌرتيءَ تي پنجن يا پنجاهه ماڻهن جي پاران عبرتناڪ انجام جو ڪوبه ردعمل سامهون نه آيو. ائين ڌرتيءَ جو هي خطو هڪ طرف غريبن ۽ ڪمزورن جي لاءِ بيوسي ۽ ڪربناڪي جي ڪربلا بڻجي ويو ۽ ٻئي طرف لوفرن، ظالمن ۽ استحصالين جو آماجگاهه بڻجي ويو. رياست کي اسان جي تباهيءَ لاءِ اهڙي سماجي ابتري گهربل هئي، سا ان باهه تي تيل هاريندي رهي ۽ اسان ان سماج کي وڪوڙيل خطرناڪيءَ جي احساس کان به غافل ٿيندا وياسون.
اسان جي سنڌي سماج کي جڏهن رياست جي ڪابه سڄڻائپ حاصل ڪانهي ته ان وقت اها سڄڻائپ ۽ دردمندي هن قوم جا سڀ موثر طبقا گڏجي ڪندا ته ڪا مالڪي ٿي پوندي. ماڻهن جي ضمير کي بيدار ڪري انهن کي اجتماعيت سان مزاحمت لاءِ تيار ڪرڻ، انتهائي ردعمل سان شرافت جي لٽيرن کي پنهنجي انجام تي پڄائڻ ۽ هڪٻئي جي سهائتا سان سماجي انصاف جي فراهمي لاءِ هتي ديوانن جون نرسريون آخر ڪير پوکيندو؟ ظاهر آهي ته عالم، دانشور، استاد، سياستدان ۽ هوند وارا سڀ گڏيل طور اهڙين نرسرين جي پوکڻ جا ذميوار آهن، ليڪن ان پوکائي کي فصل تائين رسائڻ جي وچ جون سموريون سڻايون پيدا ڪرڻ اوهان سياسي، سماجي ورڪرن جو وڙ ۽ ذميواري آهي. اوهان کي پنهنجي ڌرتي ۽ سماج جي ٿيل ڀيل جو شعور به آهي ۽ پنهنجي ماڻهن سان ٿيندڙ انهيءَ ڏاڍ ۽ ناانصافين تي خار کائڻ جي ڪري اندر ۾ اڻ تڻ به موجود آهي اوهان کي رڳو ان شعور کي پنهنجي عمل جو شعلو بنائڻو آهي، ان اڻ تڻ کي دائمي ڪرب بنائڻو آهي ۽ ان امنگ کي پنهنجي ديوانگيءَ جي صورت ڏيڻي آهي.
جيڪڏهن اوهان اهو عزم نٿا ڪري سگهو ۽ پاڻ کي رسمي سياسي ۽ سماجي ورڪر بڻائي مڙيئي زندگيءَ جي گاڏي کي گهلي رهيا آهي ته پوءِ اوهان پاڻ ته سخت بي انصافيءَ جو شڪار ٿي رهيا آهيو پر پنهنجي نسلن کي به بدترين مستقبل ڏانهن ڌڪي انسانيت ۽ ڌرتيءَ جي مجرمن ۾ پنهنجو شمار ڪرائي رهيا آهيو. هي ڳالهه پوري شرح صدر سان سمجهي وٺو ته جيڪڏهن ڌرتيءَ جي ڪنهن به ڪمزور ۽ مسڪين کي ڏاڍ، ناحق ۽ ناانصافيءَ سان ماريو وڃي ٿو، ان جي پنجن اٺن ٻارن کي يتيمي ۽ ان جي عورتن کي بيوسيءَ جي داغن سان ڏنڀيو وڃي ٿو ته انهن جي اها يتيمي ۽ بيوسي سماج جي سڀني محفوظ ماڻهن جو درد ۽ ڪرب هئڻ گهرجي ۽ ان جي رد عمل لاءِ سڀني چوڌاري ماڻهن جي پنهنجي مزاحمت هئڻ گهرجي. جيڪڏهن اها مزاحمت سامهون نٿي اچي ۽ اوهان پاڻ کي لاتعلق ٿا رکو ته پوءِ اوهان جي پنهنجي محفوظ زندگين جي به ڪا ضمانت ڪونهي ۽ پوءِ اوهان جو خدا به اوهان کان لاتعلق ٿي ويندو. جڏهن خدا ڪنهن زندگيءَ مان نڪري وڃي ته پوءِ انهيءَ کان وڌيڪ ڇورو ڇنو ڪير آهي؟ پوءِ رڳي نڌڻڪائي آهي ۽ ماڻهو بي واهو آهي، جنهن کي جڏهن به وڻي ته بيماري جهپڙ هڻي ليٽائي رکي، ڪڏهن به ڪا اوچتي مصيبت ڪڙڪي ۽ ڪڏهن به سندس جان جوکم ۾ پوي. اهڙي طرح هڪڙي غريب ۽ بيوس ماڻهوءَ جي نياڻي پنهنجي گهر ۾ ان علائقي جي لوفر ۽ ڏاڍن ماڻهن جي هوس گيرين جو نشانو بڻجي ۽ پنهنجي روح رهڙجي وڃڻ سبب شديد ڪرب مان گذرندي، تڙپندي تڙپندي شڪارين جي هٿان بيوسي جو شڪار ٿي وڃي ته اها هن سماج جي سڀني شريفن جي پنهنجي نياڻيءَ جو درد ۽ ڪرب، راڙو ۽ رنڀ هئڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن غيرتمندي جو سوال آهي ته سڀني جي غيرت بيدار ٿيڻ کپي. جيڪڏهن ڪنهن مسڪين جي نياڻيءَ جي درد ۽ ڪرب تي اوهان جي غيرت نٿي سجاڳ ٿئي ۽ خدا جي ڪمزور مخلوق کان پاڻ کي لاتعلق ٿا رکي ڇڏيو ته پوءِ اوهان جي نياڻين جي عصمتن جي تحفظ جي به ڪا ضمانت ڪونهي ۽ پوءِ خدا اوهان کان به پاڻ کي لاتعلق رکي ڇڏيندو.
محسن انسانيت ؐ جو فرمان آهي ته ”هڪ بستيءَ جا ماڻهو کائي پي پيٽ ڀري سمهي پيا ۽ ان بستيءَ جو ڪو هڪ ماڻهو بکيو رهيو ۽ وسنديءَ وارن ان جي خبر ئي ڪونه رکي ته الله تعاليٰ ان بستيءَ جي مٿان انهيءَ رات پنهنجي حفاظت جو هٿ مٿي کڻي ڇڏيو.“ هاڻي اها بستي بي واهي آهي ۽ ان جا ماڻهو ڇورا ڇنا آهن. وڻي ته ان بستيءَ تي ڪاهيندڙ ڪاهي اچن. وڻي ته ان بستيءَ کي ڪو وائرس وٺي، وڻي ته ان بستيءَ کي لوڏن سان لوڏي ڌرتي پنهنجي تپش ظاهر ڪري ۽ وڻي ته ان بستيءَ تي ڏاڍن جي ڏمر ۽ انتقام جو نزلو ڪري!
جنهن بستيءَ ۾ ويلن جا ويلا ڪيترن گهرن ۾ ڪُني ڪونه چڙهي، انهن گهرن جا معصوم ماني ڳڀي لاءِ رڙندا پنهنجي مائرن جي روحن کي ضربيندا رهيا. پنهنجي ڀينرن جي دلين کي پڄرائيندا رهيا. انهيءَ بستيءَ جي انهن ماڻهن تي ڇا گذرندو جن پيشرفت ۽ پيشقدمي ڪري در در تي وڃي پنهنجي بستيءَ جي بکين ۽ ڏکين جو حال معلوم نه ڪيو ۽ انهن جي درد ۽ ڪرب کي ختم ڪرڻ جو بندوبست نه ڪيو هوندو! قدرت جي قانونن کي اوهان ڪڏهن ان جي موڪليل ڪتابن ۾ پڙهي ڏٺو آهي ته اهي ڪيئن ماڻهن جي عملن ۽ بي عملين جي محاسبي ۾ ماڻهوءَ جي چوڌاري ڦرندا رهندا آهن ۽ پنهنجي گرفت ۾ آڻي حساب چڪائيندا رهندا آهن.
اوهان سياسي ۽ سماجي ورڪرن کي پارٽ ٽائيم مشغلي جي بجاءِ هن دردمنديءَ جي ديس جي ماڻهن تان کين وڪوڙيل بيوسي ۽ غلاميءَ جي نتيجي ۾ دوکن ۽ سورن جا غلافن مٿان غلاف هٽائڻا آهن. اوهان کي هن ڌرتي جي انهن امڙين جي روحن کي ان ڪرب جي ضرب کان بچائڻ جي ذميواري سپرد ٿيل آهي جن جي ڳڀرو اولاد اميدن ۽ سهاري جي آشا بنجڻ جي بجاءِ زنده ۽ مرده لاشن جي صورت ۾ انهن جي اڳيان اچڻ مقدر بڻجي وئي آهي. اوهان کي انهن ڀينرن جي دلين کي ڏهڪاءَ ۽ مصيبتن مان گذرڻ جي امڪانن کي ختم ڪرڻو آهي، جيڪي جهالت ۽ نشي جي ور چڙهيل جوان ڀائرن جي الفتن ۽ شفقتن جي هوند کان ئي بي خبر ٿينديون وڃن ٿيون. اوهان جي مٿان هن ڌرتيءَ جي ماڻهن جي ٻٽي ذميداري آهي جو رياست جي سڄڻائپ واري فرض ادائگي به اوهان کي نباهڻي آهي ۽ انساني، قومي ۽ ديني تعلق جي فرض ادائگيءَ جو به اوهان جي مٿان بار آهي. اهڙي طرح اوهان جي سماجي ڀلائي وارو عمل نه صرف سڄي بستيءَ جي ماڻهن کي امان ۾ رکندو پر ٻين ماڻهن کي به اوهان اجتماعي مڪافات عمل جي سزائن کان بچائڻ جو ڪارڻ بڻبوئ.
اوهان جي جيتري موثر ۽ منظم سرگرمي هوندي، اوهان اوتري گهڻ مقصدي نتيجن کي حاصل ڪري سگهندو. اوهان جي زندگيءَ کي هڪ نصب العين ۽ هڪ اطمينان حاصل ٿيندو ۽ اهي ٻئي شيون ماڻهوءَ جي بامقصد زندگي ۽ آخرت ۾ مالڪ جي حضور ۾ حاضريءَ جي لاءِ وڏو سرمايو آهن.