تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اي سنڌ جا سنڌيو!

ھن ڪتاب جو مقصد سماج جي مختلف طبقن جو پنھنجي ذميداراڻي ڪردار جي طرف توجه ڇڪائڻ آھي. سماج جا مختلف اھم طبقا جيڪڏھن پنھنجي مٿان لاڳو اخلاقي، سماجي ۽ پيشه ورانه ذميداريون ۽ فرائض پوريءَ طرح سرانجام ڏيڻ شروع ڪن ته موجود ابتريءَ جي صورتحال ۾ خرابين کان ڪافي حد تائين بچي سگھجي ٿو.
Title Cover of book اي سنڌ جا سنڌيو!

اي سنڌ جا پروفيشنل ماهرو “ڊاڪٽر، وڪيل، انجنيئر وغيره“

سڄي دنيا جا پروفيشنل ماهر پنهنجي قومن جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ پنهنجي عوام جي سک ۽ سلامتيءَ جو ڪارڻ هوندا آهن، ليڪن اوهين دنيا جي هن خطي جا واحد پروفيشنل آهيو، جن وٽ نه قوم جي ترقي ۽ خوشحاليءَ جي شعوري سرگرمي آهي ۽ نه عوام جي سک ۽ سلامتيءَ کي عقيدي ۽ ايمان جي حيثيت حاصل آهي.
هيءَ ڪيڏي نه بدقسمتيءَ جي ڳالهه آهي جو ڪنهن به قوم جي چونڊ پڙهيلن جي اڪثريت، زندگيءَ جي باري ۾ ڪنهن به نصب العين کان عاري هجي، اها ڌرتيءَ جي درد ۽ ڪرب کان بي نياز هجي ۽ انسانن جي آجپي ۽ فلاح جي اجتماعي ڪوششن کان ڪٽيل ۽ لاتعلق هجي ۽ سندن زندگيءَ جو سڄو مقصد عيش عشرت ۽ آرام واري زندگي هجي. نئين ماڊل جي ڪار، ڊرائنگ روم جي سجاوٽ وارو ڪشادو گهر ۽ تمام مهانگي فيس وارن تعليمي ادارن ۾ سندن ٻارن جي پڙهائي زندگيءَ جي ڪل حاصلات هجي.
پنهنجي ذات جي انهيءَ عيش ڀري زندگيءَ لاءِ انسانيت کي تين وال ڪرڻ جي ڪيتري به ڪمپرومائيز ڪرڻي پوي. اعليٰ انساني قدرن ۽ ڌرتيءَ جي مفادن تي سوديبازي ڪرڻ کان وٺي لکين ڪروڙين غريب ديس ڌڻين جي مفادن سان لاڳاپيل مسئلن تي مصلحت اختيار ڪرڻ تائين، سڀني خسيسپاين تان گذري ڪري به لامحدود ڏوڪڙن جي حاصلات زندگيءَ جو اولين مقصد هجي ته پوءِ چٽائي جو باقي آسرو ڇا ٿو رهي!
اي سنڌ جا پروفيشنل ماهرو
هن دنيا ۾ اوهانجو دولت ڪمائڻ جو خيال ملعون ڪونهي، ليڪن اوهان کي جيتري دولت گهرجي ٿي ۽ جنهن اسٽينڊرڊ تي پنهنجي زندگيءَ کي بيهارڻ گهرو ٿا، ان جي حاصلات لاءِ اوهان جي پروفيشن جي چونڊ غلط آهي. اوهان ڊاڪٽر، وڪيل، انجنيئر ۽ استاد بڻجي جڏهن عيش ۽ آرام پسنديءَ جي لامحدود ۽ بي ڪنار زندگيءَ کي ٽارگيٽ بڻايو ٿا ته اوهان جا مريض، اوهان جا ڪلائينٽ، اوهان جا وزيٽر ۽ اوهان جا ڌرتيءَ ڄاوا بيحد ڀوڳنائن مان گذرن ٿا.
اهي ڌرتيءَ ڄاوا ماڻهو جيڪي اڳ ۾ ئي رياست جي نڌڻڪائيءَ جي ڪري ڪيترن عذابن ۽ اهنجن مان گذاريا وڃن ٿا، اوهان جي پيٽ پرستي واري رويي جي ڪري ويتر احساس محروميءَ جي ڌٻڻ ۾ گچندا ٿا وڃن. اوهان، انهيءَ قسم جي عيش واري زندگيءَ لاءِ جيڪڏهن ڪاروبار، صنعتڪاري، سٽي بازي ۽ مٽاسٽا جي انيڪ قسمن مان ڪنهن هڪ جو انتخاب ڪري ان کي حاصل ڪري وجهو ها ته اوهان جي لامحدود دولت واري حاصلات تي ڪنهن کي به ارهائي ڪونه ٿئي ها، پر اوهان جي پاران خالص انساني خدمتن کي پنهنجي ترقيءَ جي ڏاڪڻ بنائڻ واري رجحان اسان جي سماج جا ترا ڪڍي ڇڏيا آهن. انهيءَ سان هڪ طرف اوهان پروفيشنل تعليم حاصل ڪندڙ سماج جي ذهين کان ذهين ماڻهن جو وڏو تعداد جڏهن پنهنجي شعبن ۾ وڃي ٿو ته پوءِ پنهنجي عيش عشرت جي ٽارگيٽ جي حاصلات ۾ پنهنجي ذهانتن جو ڀرپور فائدو سماج کي ڏئي نٿو سگهي. ٻئي طرف انهن پروفيشنلز جي لونجهه ۽ لوڀ جي ڪري عوام جي وڏي ڀينگ الڳ ٿيندي رهي ٿي.
اوهان مان ڊاڪٽرن، وڪيلن ۽ ڪامورن سنڌي سماج ۾ اهڙا ڪرشما ڏيکاريا آهن، جو هينئر اهو سماج چيلهه کي هٿ ڏيڻ کانسواءِ هلي نٿو سگهي. اوهان مان ڪيترا ماڻهو هئا جيڪي پاڻ کي پنهنجي ضمير ۽ خدا ڏانهن جوابده سمجهي پنهنجي لامحدود عيش عشرت جي زندگيءَ کي ٺوڪر هڻي ڌرتيءَ ڄاون سان انصاف ۽ احسان جي هلت هلي پنهنجي خمير جي تقديس جو حق نباهي ويا. ليڪن 80 ۽90جي ڏهاڪن کانپوءِ جڳاڙ بازي ۽ پيداگيريءَ جو اهڙو واءُ گهليو جنهن هن سماج جي اڻ پڙهيل ۽ اڌ پڙهيل جڳاڙين کي جڏهن پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو ته اوهان پڙهيلن جي وڏي تعداد به انهن جي عيش پرستيءَ جو ديوانو بڻجي پاڻ کي ساڳئي وهڪري ۾ وهائي ڇڏيو.
ان وهڪري ۾ وهندي اوهان کي اهو احساس به نه رهيو ته هن ديس جي عوام جي مٿان مسلسل ڌارئين اقتدار جو تسلط نقاب ويڙهي پنهنجي ڏاڍ ۽ ڦرلٽ جا هزارين حيلا هلائي رهيو آهي ۽ اوهان پنهنجي عيش پرستانه زندگيءَ جي حصول ۾ اکيون ٻوٽي ان ڏاڍ ۽ ڦرلٽ ۾ حصيدار بڻجي رهيا آهيو!
اوهان سڀني سان هڪ نفسياتي پرابلم لاحق ٿي ويو ته اوهان پنهنجي پنهنجي پروفيشن کي خدا جي مخلوق لاءِ سهنجايون پيدا ڪرڻ جي ذميداري سمجهڻ جي بجاءِ ان کي وڏماڻهپ ۽ سماجي طبقاتي برتريءَ جو ڪارڻ سمجهيو. انهيءَ ڪري اوهان پنهنجي زندگيءَ لاءِ اعليٰ اسٽيٽس جي چڪر ۾ هر قيمت تي دولت جي حاصلات جا هيراڪ بڻجي ويا. انهيءَ هير اوهان کي ڪٿي به اڪتفا ڪرڻ ڪونه پئي ڏني. لک مان ٻه لک ۽ ڏهن مان ويهه لک ٺاهڻ، هڪ پلاٽ جي ٻٺيان پنجن پلاٽن جي حاصلات، گهر ۽ ڪاٽيج کانپوءِ لگزري بنگلي جو ٽارگيٽ، ان کانپوءِ ان بنگلي جي اميراڻي سجاوٽ جي منصوبابندي ۽ پنهنجي ٻارن کي ملڪ کان ٻاهر پڙهائڻ جو خبط هميشه اوهان جي اعصابن تي سوار رهيا. پوءِ اوهان جي سڄي زندگي، جهنم جي پيٽ وانگر”هل من مزيد”“اڃا ڀي اچي” ۽ “اڃا ڀي اچي” جو نمونو ٿي رهجي ويئي.

اي سنڌ جا ڊاڪٽرو
وڏماڻهپ ۽ طبقاتي برتريءَ جو نفسياتي پرابلم ۽ ان جي چڪر ۾ دولت جي لونجهه پروفيشنلز ۾ سڀني کان وڌيڪ اوهان جي زندگيءَ جو وطيرو بڻجي وئي. وڏماڻهپ کي ڇهڻ لاءِ دولت اوهان کي هر قيمت تي گهرجي پئي. ان ڪري اوهان سيمپل جون دوائون مريضن کي وڪرو ڪرڻ ۾ به ڪو عيب ڪونه سمجهيو. اوهان کي دوائن جي نمائندن کان ڪميشنون گهرجن پيون، انڪري اوهان پنهنجي مريضن کي ٻه نمبر دوائون لکي ڏيڻ کان به ڪونه پئي ڪيٻايو ۽ ان ۾ اوهان اهڙا انڌا ٿي پئي ويا جو جان بچائيندڙ دوائن ۾ به اوهان ساڳي ڪرت پئي اختيار ڪئي. اوهان کي گهر جي سجاوٽ جا تحفا هر حالت ۾ گهرجن پيا. اتفاق سان جيڪڏهن اوهين ديندار هئا ته اوهان کي عمري جون ٽڪيٽون به گهرجن پيون ۽ اوهان مان ڪيترا ڊاڪٽر هئا جن ميڊيڪل ريپريزنٽيٽوز کان انهن جي ٻه نمبر دوائن کي رواج ۾ آڻڻ جي بدلي عمري جون ٽڪيٽون وٺي عمرا پئي ڪري آيا ۽ جن کي عمري جي ٻاڙ نه هئي ته انهن پنهنجا ٻيا شوق شغل پئي انهن نمائندن کان پورا ڪرايا. پنهنجي ڪلينڪ جي ٻاهران ميڊيڪل اسٽور کولائي، مريضن کي ڳرين قيمتن جون هاءِ ڊوز دوائون رڳو انهيءَ ڪري معمول بڻايون ويون ته انهن جي قيمت مان هڪ مقرر پرسنٽيج ڊاڪٽر صاحب جو حصو پئي بڻيو. ڪن ميڊيڪل سينٽر کولي، ڄڻ اُتي دولت ميڙڻ جون ڏانداريون رکي ڇڏيون. غيرضروري طور مريضن کي آپريشن ٿيئٽر ۾ پڄائي ۽ سينٽرن ۾ ترسائي بلن کي ڊگهو ڪرڻ کان وٺي صحت ۽ علاج جي اصولن کي يڪسر نظر انداز ڪري پنهنجي ڪمائي جي شرح وڌائڻ، مريضن کي سخت درد ۽ ڪرب جي باوجود انتظار جي عذاب مان گذارڻ، ڪنهن مسڪين وٽ وسيلن جي اڻهوند جي ڪري سندس علاج ۾ بي رخي ڏيکارڻ ۽ سنگين مرض ۾ وڪوڙيل مريضن کي فوري طبي امداد کانپوءِ ڪنهن اسپيشلسٽ ڏانهن ريفر ڪرڻ بجاءِ پنهنجي بل کي هر حال ۾ سگهارو بنائڻ جهڙا ڪارناما ڪيترن ئي ڊاڪٽرن جي روزاني زندگيءَ جو عام وهنوار بڻجي ويا.
مريضن جي بنا مهارت چير ڦاڙ، انهن جي درد، اهنج ۽ مرض تي بغير تشخيص دوائن جي طبع آزمائي ائين عام معمول بڻجي ويو ڄڻ انسان اشرف المخلوقات تي نه پر ڍورن جي مٿان اها طبع آزمائي ٿيندي هجي.
سنڌ وطن، جتي جا غريب ۽ مسڪين ماڻهو، ويساهه ۽ احترام ۾ ٻڏل ماڻهو، آڻين ۽ چاڙهين جيترا وسيلا رکندڙ ماڻهو، ڪڏهن پنهنجي گهر جي سڄي ميڙا چونڊي ڪري، ڪڏهن پنهنجي ٻچن جي رزق لاءِ بيهاريل ٻڪري وڪڻي، ڪڏهن گُنديءَ ۾ رکيل ڇهن مهينن جو اَنُ وڪڻي ۽ ڪڏهن پنهنجي نياڻين جي ڏاج لاءِ پاڇي ڪري رکيل چند رپيا کڻي ڊاڪٽرن وٽ پهچن ته انهن جي لاءِ هر مريض” کُل جا سم سم” هجي. هي ڪاسائڪو مزاج رکندڙ”مسيحا “ انهن غريبن جي منهن تي بيوسي ۽ ناداريءَ جون ريکائون به پڙهي نه سگهن! مريض ڪهڙي به عذاب ۽ مرض ۾ ورتل هجي، ان تي ٻه نمبر دوائن سان طبع آزمائيءَ جو آغاز ٿيندو ۽ پوءِ مرض ڪڏهن انجام تي پهچڻ جو نالو ئي نه وٺندو . غريب جي گُنديءَ مان اَنُ ختم، گهر جي ميڙا چونڊي ختم، ٻه چار ٻڪريون چٽ ۽ هاڻي غريب پنهنجي ٻچڙن لاءِ تمام ڳري وياج تي پئسا کڻڻ شروع ڪندو. ٻئي پاسي، ان جي نتيجي ۾ ڊاڪٽرن جي گهر ۾ عيش جي زندگي جهمريون پائڻ شروع ڪري ڏنيون. انهن جا پلاٽن پٺيان پلاٽ ٺهڻ شروع ٿيا ۽ اولاد اعليٰ اسڪولن جي تعليم کانپوءِ ديارِ غير مان ڊگريون وٺڻ جي اهل بڻجي ويو، ليڪن غريبن جي مٿان ڪهڙي قيامت گذري. گُنديءَ ۾ رکيل داڻا ختم ٿي وڃڻ کانپوءِ ڪيئن انهن جي گهر ۾ ويلاڪشي ٿيڻ لڳي. نياڻيءَ جو ڏاج ختم ٿيو ته وري ان ڏاج جي بندوبست جو ڪو آسرو ئي نه جڙيو. وياج تي کنيل رپين وياج مٿان وياج بڻجي هزارن جي شڪل اختيار ڪئي. روزانو شام ٿيڻ تي سڄو غريب خاندان هڪ ٻئي کي پنهنجي بيوسي ۽ لاچاري وچان تڪيندي مجبورين جي ڪرب ۾ زندگيءَ کي موت وانگر ننڊ جي حوالي ڪندو آهي ۽ صبح جو وري نئين سر ڪرب ۽ عذاب ۾ پيڙهجڻ جي لاءِ ان خاندان کي وري جيئڻو پوندو آهي. ائين هزارين خاندان هن ڌرتي تي روز شام جو مرن ٿا ۽ صبح جو وري نئين سر سورن ۽ عذابن سهڻ لاءِ جيئرا ٿين ٿا.
اوهان مان ڪيترا ڊاڪٽر آهن جيڪي سرڪاري اسپتالن ۾ انساني خدمات جي اهم ڊيوٽيءَ جا چور آهن. سنڌ جا ويچارا غريب ماڻهو غربت جي ڪري جڏهن سرڪاري اسپتالن جو منهن ڪن ته اتي اُنهن ڊاڪٽر جي عدم دستيابي ۽ علاج توڙي دوائن جي اڻهوند جي ڪري اهنجن ۽ تڪليفن مان گذرن. اوهان پنهنجي معتبر حيثيت جي ڪري دوائن ۽ سهولتن جي سرڪاري رسد گهٽ هئڻ جي صورت ۾ پنهنجي چوڌاري هوند وارن کان انهن سهولتن لاءِ مدد وٺي سگهيا ٿي، ليڪن اوهان جي غرضن ۽ مطلب پرستيءَ اوهان کي اهڙين عظيم چٽاين جي سوچ کان محروم ڪري ڇڏيو. اوهان جو ماڻهپو، اوهان جو ايمان ۽ اوهان جي مريادا مان ڪا هڪ به خوبي زندهه نه هئي جيڪا اوهان کي پنهنجي ڌرتيءَ ڄاون مجبور ۽ بيڪس ماڻهن سان پنهنجي غير مشروط محبتن جي ذريعي ڳنڍي سگهي. ۽ اوهان کان عظيم مقصدن جي لاءِ ڪي مهم جويون ڪرائي سگهي.
اي سنڌ جا ڊاڪٽرو
انسانيت کي پنهنجي هزارين سالن جي سفر ۾ قرآن مجيد جهڙو انساني فلاح جو عالمگير آخري منشور مليو، جنهن جي آڌار انسانن کي پنهنجي عملي زندگيءَ سان پنهنجي خدا جي رضا ۽ ان جون قربتون حاصل ڪرڻيون آهن. اوهان کي پنهنجي پروفيشنل مهارتن جي ذريعي قدرت هيءُ موقعو نصيب ڪيو هو ته اوهان ان جي بندن جي مسيحائي واري عملي زندگيءَ ذريعي پنهنجي خدا جي قربتن کي پائي وٺو. اوهان ڊاڪٽرن جي عملي زندگيءَ جو تعلق نسورو خدا جي مخلوق جي اهنجن ۽ ايذائن کي هٽائي کين عافيت ۽ سلامتيءَ ۾ وٺي اچڻ هو ۽ اهڙي عملي زندگيءَ سان اوهان کي پنهنجي انساني مرتبن کي ترقي وٺائڻ ۽ مالڪ جي قربتن ۾ اچڻ جا ڀرپور موقعا هئا. خدا جي تخليق ڪيل انسان اشرف المخلوقات جي جسماني نظام ۾ پيدا ٿيل پيچيدگين کي سنواري الله تعاليٰ جي تخليقي نظام ۾ بندگي ۽ خلافت جي منصب ادائيءَ جي عظيم حاصلات جا اوهان کي اڻ ڳڻيا موقعا هئا.
ليڪن اوهان مان اڪثريت ڊاڪٽرن جي اهڙي هئي جن کي انسانيت جي اعليٰ آدرشن کي پائڻ لاءِ نه ڪا جستجو هئي، نه ڪا ضرورت هئي. اوهان لاءِ اوهانجو پروفيشن صرف ۽ صرف دولت ڪٺي ڪرڻ جو ذريعو هو ۽ اوهان خدا جي بندن جي اهنجن ۽ ايذائن ۾ پنهنجي عيش ۽ آرام جي زندگيءَ کي تلاشي ورتو هو.
ڇا ته اوهان جي ذات ۽ شخصيت کي قدرت اوهان جي پروفيشن جي ذريعي ترقي وٺائڻ جو موقعو عطا ڪيو هو ۽ ڇا ته اوهان انتخاب ڪيو پنهنجي ذات کي پَستين ۾ ڪيرائڻ لاءِ! ان انتخاب اوهان جي شخصيت ۽ اوهان جي ذات کي وقتي عيش ۽ آرام پسنديءَ جي زندگي ته عطا ڪري ڇڏي ليڪن جيڪي محروميون اوهان جو مقدر بڻيون، اوهان کي پنهنجي آرام پسند زندگيءَ ۾ ان تي سوچڻ جو موقعو ئي ڪونه پئي مليو.
اوهان مان ڪيترا اهڙا هئا جن رسمي مذهبيت ۾ پنجن وقتن جون نمازون به پئي پڙهيون ۽ وقت اچڻ تي عمرن پٺيان عمرا به پئي ڪيا ليڪن اوهان وٽ انهن نمازن جي صرف ايتري ضرورت هئي جو اوهان نماز جي وضوءَ ۾ پنهنجون خطائون ڌئاري ۽ ڇڻائي اچڻ جو پنهنجي نفس کي اطمينان ڏيو ۽ نماز کانپوءِ جي دعا ۾ پنهنجي دولت جي واڌاري لاءِ الله جي برڪت شامل ڪرائڻ جو پروانو حاصل ڪري اچو ۽ پوءِ ساڳي طرح پنهنجن ڌنڌن ۾ وري شروع ٿي وڃو، ائين”رند ڪي رند رهي پارسائي ڀي نا گئي“ جو ٻٽو مزو وٺڻ اوهان جو ڪمال هو.
اي سنڌ جا وڪيلو
اوهان کي ماڻهن جي بنيادي انساني حقن ۽ انهن جي حاصلات جي جيتري ڄاڻ آهي، اوهان ان ڄاڻ جو مجموعي طرح سنڌي سماج کي فائدو ڪونه رسائي سگهيا آهيو. اوهان مان جيڪي وڏا ۽ ناليوارا وڪيل آهن انهن ڪڏهن به سنڌ ۾ وڪيلن جو اهڙو سنڊيڪيٽ ڪونه جوڙيو آهي جيڪو سماج جي ڏاڍن ۽ ظالمن هٿان ظلم جو شڪار ٿيندڙن جي دادرسي ڪري سگهي. سنڌ ۾ ڪنهن وڏي قانوني سهائتا جو عمل پنهنجي جاءِ تي پر اوهان مان ڪنهن انصار برنيءَ جيتري قانوني سهائتا جو عمل به ڪونه ڪري ڏيکاريو آهي. اوهان مان وڏن وڪيلن کي ساڳيو ئي پروفيشلز وارو وڏماڻهپ، طبقاتي برتري ۽ عياشيءَ واري زندگيءَ جو وائرس وچڙيل آهي. ان طبقاتي برتريءَ واري عياشيءَ جي زندگيءَ جي حاصلات لاءِ اوهان مان ڪيترن پنهنجي پروفيشن سان ٺڳيون ۽ مڪاريون ڪيون آهن سي به خدا جي ڪتاب ۾ محفوظ آهن. ڪنهن غريب جو ناحق خون ٿيو، ان جا اصيل اوهان وٽ پهتا، اوهان جي چاندي ٿي. غريب مقتول جي ڪيس ۾ قاتل جي طرفان سڻڀي آفر تي سڄي ڪيس جو ٻيڙو ٻوڙڻ جا قصا سنڌ جي مهان ۽ ناليوارن وڏن وڪيلن جي کاتي ۾ جيئن گردش ڪند ارهيا آهن، عوام انهن کي پنهنجي ذهنن تان ميساريو ڪونهي. ان جو اصلي حساب ڪتاب ته الله جي عدالت ۾ ٿيڻو آهي، ليڪن غريب عوام جي ضربيل روح مان نڪتل آهون به هميشه اوهان جي پيڇي ۾ رهيون آهن ۽ انهن آهن اوهان جي زندگيءَ ۾ سک ۽ سلامتيءَ جو ماحول پيدا ٿيڻ نه ڏنو آهي. پر اوهان ڇاڪاڻ جو عملن جي مڪافات جا مڃيندڙ ئي نه آهيو ته پوءِ دوائن ۽ داسين جي عياشيءَ تي مڙوئي زندگيءَ جي گاڏي کي گهلي رهيا آهيو.
حيرت جي ڳالهه وري هيءَ آهي جو اوهان جهڙن وڏن وڪيلن مان ڪي وري سياست جي ميدان ۾ سنڌي ماڻهن ۽ سنڌي سماج جي لاءِ پاڻ کي بي چين ۽ بي هوش باور ڪرائي مهانتائن جا مزا الڳ وٺڻ جي ڪوشش ڪندا پئي رهيا آهن. هڪ طرف عوام جا سياسي هيرو ۽ ٻئي طرف وري پنهنجي پروفيشن ۾ اوهان سُکين سڻڀن قاتلن جا ڪيس کڻڻ لاءِ به هر وقت ڪوشان رهندا آهيو. توڙي جو ڪيترن ئي معاملن ۾ اوهان کي يقيني طور معلوم هوندو آهي ته ڪير ظالم آهي ۽ ڪير مظلوم آهي. اوهان انساني حقن جا چيمپين هوندي به اهڙي ٻچاپڙائپ کي پروفيشلزم جون ٿوڻيون ڏيئي جائز ڄاڻائيندا رهيا آهيو.
اي سنڌ جا وڪيلو
اوهان هن جڳاڙي رياست جي جڳاڙن ۽ ان جي ترياقن کي ڄاڻندڙ سڀني کان وڌيڪ باشعور طبقو آهيو. انهي ڪري هن درد منديءَ جي ديس کي اهڙين جڳاڙبازين ۽ انيائن کان فوري رليف ڏئي بچائڻ جوموثر ڪردار به اوهان ادا ڪري ٿي سگهيا. پوليس، وڏيري ۽ بدمعاش جي بدمعاشين کي منهن ڏيڻ، اوهان جي اجتماعي سگهه آڏو بيحد آسان هو ليڪن اوهان ڪڏهن به هن ڌرتيءَ جي ماڻهن لاءِ پنهنجي سگهه کي اجتماعي شڪل نه ڏني. اوهان جي مرتبي کي هن دُنيا ۾ به چار چنڊ لڳي وڃن ها جيڪڏهن اوهان ڏاڍ ۽ ظلم جي ستايل سنڌ جي ماڻهن لاءِ پنهنجا سنڊيڪيٽ ٺاهي گڏيل جدوجهد ڪريو ها ۽ آخرت واري زندگيءَ ۾ پنهنجي مالڪ جي حضور ۾ جنهن سرخروئيءَ سان حاضر ٿيو ها ته اوهان جي هن زندگيءَ جا ٿَڪَ ئي لهي وڃن ها ليڪن اوهان سڄي زندگي پنهنجا ٿڪ هتي ئي جبر ۽ قهر ۾ ڦاٿل ماڻهن جي کيسن مان لاهڻ جا خواهان رهيو.
اوهان جي انهيءَ کيسي تاڙ جي ڪري ماڻهو پنهنجي بنيادي حقن ۽ دادرسيءَ جي لاءِ قانوني ويڙهه ڪرڻ جو رستو ئي ڇڏي ڏنو آهي. ڇو ته هو سمجهن ٿا ته وڪيلن جي ذريعي به داد ۽ انصاف جي حاصلات لاءِ مالي ڀينگ ٿيندي، تنهن ڪري انهن جي لاءِ ٻئي سُور هڪجهڙا آهن.
سنڌ سان ڪيتريون ئي ناانصافيون ٿيون آهن، هڪ هڪ ڪري هر شيءِ ڌرتيءَ ڄاون جي پيرن هيٺان کسڪائي وئي آهي، ليڪن ڪنهن هڪ مسئلي تي به اوهان سنڌ جي وڏن وڪيلن ڪا اجتماعي ويڙهه نه ڏيکاري آهي. اهو بجا آهي ته هتي قانون خود ڦورن جي گهر جي لونڊي بڻيل آهي، ليڪن ان جي باوجود مزاحمت جي ڪري جيڪو عوام کي حوصلو ملندو آهي، اوهان پنهنجي عدم تحرڪ جي ڪري عوام ۾ مزاحمت جي ان حوصلي شڪنيءَ جا مرتڪب رهيا آهيو.
اي سنڌ جا وڪيلو
اسان جي ماڻهن بي حد ڀوڳيو آهي ۽ اوهان جو سماج سڄڻ ڪردار هن وقت ظلم ۽ ڏاڍاين جي وڙ چڙهيل سنڌ جي عوام لاءِ مسيحائي جو سبب بڻبو. اوهان جو پروفيشن اوهان جي انسان دوستيءَ جي ترقي ۽ اوهان جي وقار جي ڏاڪڻ آهي. اوهان پاڻ بدلايو ۽ پنهنجي پروفيشن کي هڪ مشن ڪري وٺو ته نه صرف هتان جي ماڻهن لاءِ ڀلاين جا سوين امڪان پيدا ٿي پوندا بلڪ خود اوهان جي اندر ۾ پنهنجي زندگيءَ جي بامقصد هئڻ جون مشعلون روشن پڻ ٿي پونديون.

اي سنڌ جا پروفيشنل ماهرو!
اوهان سنڌ جو چونڊ پڙهيل طبقو هئا. اوهان ڄاتو ٿي ته سنڌ سان رياست جي سڄڻائپ ڪونهي، هتان جي وسيلن جي نسوري ڦرلٽ ٿي رهي آهي، ڌرتيءَ ڄاون جي پيرن هيٺان ڌرتي کسڪائي پئي وڃي. طاقتور استحصالين جي لاءِ سنڌين جو وجود وِهه بڻيل آهي، انهن کان ڌرتيءَ جي مالڪيءَ جو حق ختم ڪيو پيو وڃي. اهڙي صورت ۾ اوهان ڪيئن سک جي ننڊ سمهي پئي سگهيو!
ماڻهن کي بيدار ڪرڻ، انهن کي منظم ڪرڻ، انهن جي سهائتا ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن اوهان جهڙو پڙهيل طبقو به ڪو ڪردار ادا نه ڪري سگهي ته پوءِ بچاءَ جي اميد ڇا وڃي رهندي! اهو بجا آهي ته اوهان مان ڪي انهيءَ صورتحال تي ڪڙهن ٿا، انهيءَ صورتحال جي ذميدارن جو تعين ڪرڻ بعد انهن تي لعنت ملامت ڪري ماٺ ڪري ويهي ٿا رهن ۽ پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ ڪا موثر اجتماعي سرگرمي ڪونه ٿا ڏيکارين. انهن جون انائون ۽ مفاد انهن جي پنهنجي عملي ڪردار ۾ رڪاوٽ بڻجن ٿا.
عملي سرگرمي ڏيکارڻ لاءِ جيڪا قرباني ۽ همت گهرجي اها قرباني ڏيڻ ۽ اها همت ڌارڻ جو اسان پاڻ ۾ حوصلو نٿا پيدا ڪري سگهون ته پوءِ ڌرتيءَ تي اسان جو وجود ڀاڙيائپ ۽ بي شرميءَ جي علامت وڃي بيهي ٿو. اسان جيڪڏهن پنهنجي وجود لاءِ انهن علامتن جو تاب سهي وڃڻ جي نرڄائي پيدا ڪري به وڃون ته پوءِ اسان پنهنجي ايندڙ نسل کي ڪربناڪ ۽ غيرمحفوظ مستقبل ڏئي وڃڻ جا ذميدار بڻباسون، انهيءَ انتهائي غيرمحفوظ مستقبل ۾ اسان جا پنهنجي اولاد لاءِ جڙيل هي بنگلا ۽ انهن ۾ بيٺل چار چار گاڏيون سندن سک سلامتيءَ جون ضامن هرگز ڪونه بڻبيون.
انهيءَ ڪري هينئر به وقت آهي، اچو ته پنهنجين خودغرضين، ذاتي مفاد پرستين، لاابالين ۽ اجتماعي ڪمن کان لاتعلقي وارن روين کي ڇڏي، پنهنجي شخصيت جي لاءِ فضيلتن جي حقيقي جهان جي چونڊ ڪريون، پنهنجي ذات جي چوڌاري ڦرڻ ڇڏي ڏيون ۽ پنهنجي چوڌاري موجود ڌرتيءَ ڄاون جي اجتماعي تحفظ ۽ سلامتي لاءِ جيئڻ شروع ڪيون. انهن تي ٿاڦيل غلاميءَ جي نتيجن تي ڪهڪاءُ کائي انهن کي غير مشروط محبتن جي ڀاڪر ۾ آڻيون. پنهنجي قابليتن کي قومي ۽ خدائي امانت ڪري خدا جي مخلوق جي ڀلي لاءِ استعمال ڪريون. پنهنجي لاءِ طبقاتي وڏماڻهپ واري عيش پسند زندگيءَ جا تصور بدلائي پنهنجي خدا کي پسند پيل هڪ مومن واري وچٿري ۽ ورهائي کائڻ واري زندگي جو لطف ماڻيون. پنهنجيون باقي بچتون پنهنجي چوڌاري اڻهوند وارن ماڻهن ۽ اجتماعي جدوجهد جي ڪمن ۾ وڏي فراخدليءَ سان خرچ ڪري، پنهنجي ماڻهن ۽ ڌرتيءَ جي بقا جي جهد ۾ پنهنجو ڀرپور عملي ڪردار ادا ڪيون. اهڙي طرح پنهنجي خلقڻهار جي هن منشا جا ساٿي بڻجئون جو خلقڻهار قومن کي پنهنجي سڃاڻ قائم رکڻ لاءِ پنهنجو تشخص عطا ڪيو آهي. سندس منشا آهي ته هن ڌرتيءَ جي مٿان خلق سان عدل ۽ احسان ٿئي. انسان جي آزمائش آهي ته پنهنجي عمل سان ڌرتي تي عدل ۽ احسان قائم ڪري،”خليفي“ ۽”نائب“ وارو منصب ادا ڪري سرخرو ٿي ان جي حضور ۾ حاضر ٿئي ۽ دائمي فلاح ۽ سک واري جنت جي زندگي ماڻي وٺي.