اي سنڌ جا دولتمندو
اوهان سمجهو ٿا ته اوهين سماج جي چونڊ پڙهيل ۽ معتبر اشرافيه گروهه جو حصو آهيو. اوهان اڳتي نڪتل آهيو ۽ اوهان کي انساني ۽ ديني ذميدارين ۽ روحاني آسودگين جي ڪا ضرورت ڪانهي ۽ اهي مشغوليون گهٽ ترقي يافته ماڻهن جو وڙ آهن! اوهان ڇاڪاڻ ته ترقيءَ جون مٿيون منزلون طئي ڪري چڪا آهيو ۽ زندگيءَ جون مڙئي آسائشون اوهان کي حاصل آهن، انهيءَ ڪري اوهان کي اهڙين مشغولين ۾ پئجي پنهنجي عيش کي ڦيٽاڙي ۾ وجهڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي! اوهان جي اکين تي خودغرضي ۽ نفس پرستيءَ جا اهڙا پردا چڙهي ويا آهن جو اوهان کي پنهنجي ذات، پنهنجي مفادن ۽ پنهنجي لذتن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نظر نٿو اچي! پر جيڪڏهن اتفاق سان ديندار بڻجي ويا آهيو تڏهن به توهان جي دينداريءَ جو بنياد قرآن جي هدايت ڀري تعليمات ۽ الله تعاليٰ جي معرفت مليل ابراهيمي شعور ناهي، جنهن چيو هو ته ”منهنجي نماز، منهنجون قربانيون، منهنجو مرڻ ۽ جيئڻ ان پالڻهار جي لاءِ آهي جيڪو سمورن جهانن جو پالڻهار آهي ۽ مان سندس ان رستي تي آهيان، جنهن جو مون کي حڪم ڪيو اٿائين.“
درحقيقت اوهان جڏهن ”ديندار“ بڻجو ٿا ته ان وقت به خودغرضين جي ڌُٻڻ مان نٿا نڪرو. اوهان جي دينداري جڏهن اوهان کي خرچ ڪرڻ لاءِ اڪسائي ٿي ته اوهين خلق خدا جي ڀلي بدران انفرادي اطمينان لاءِ پاڻ ۽ پنهنجي اولاد جي حجن ۽ عمرن مٿان عمرن جا پرگرام ٺاهي پنهنجي نفس کي خرچ ڪرڻ جو دلبو ٿا ڏيو. جيڪڏهن اڃا ڪجهه وڌيڪ خرچ ڪرڻ جي نيت بڻجي ٿي ته پوءِ مئلن جا حج بدل ۽ عمرا بدل ٿا ڪرايو. پر حضرت ابراهيم عليه السلام وانگر پنهنجن درن تي بيهي الله جي مخلوق جو انتظار نٿا ڪريو ته ڪو مهمان ۽ مسافر اچي ته ان کي پنهنجي رزق ۾ شريڪ ڪريون. اوهان پنهنجي اولاد جي اسماعيلي تربيت نٿا ڪريو جو اهو دعوت توحيد ۽ معرفت الاهي جي منصب ۾ اوهان جو اهڙو ساٿاري بڻجي جو، جيڪڏهن ڪنهن مرحلي تي اوهان کيس چئو ته پٽ! تنهنجي قربانيءَ جو وقت اچي ويو آهي ته هو هڪدم وراڻي ته: بابا، تون ائين ئي ڪر! مان انهيءَ واٽ تي عمل لاءِ حاضر آهيان!
اي سنڌ جا دولتمندو!
هي به عجب جي ڳالهه آهي جو اوهان پنهنجي ان عظيم پيغمبر، محسن انسانيت حضرت محمد ؐ تي ڪلمو پڙهندي به سندس تعليم ۽ طريقي تي عمل ڪرڻ کان قاصر آهيو. پاڻ سڳورن ؐ کي جيترو به حاصل ٿيو، الله جي راهه ۾ خرچ ڪري ڇڏيو يا پنهنجي چوڌاري وياج ۽ ٻين مسئلن ۾ وڪوڙيل ماڻهن تي خرچ ڪيو. مسڪينن، مسافرن ۽ بيڪسن تي خرچ ڪيو، انسانن جي آزاديءَ ۽ سڌاري لاءِ ٿيندڙ ڪوشش تي خرچ ڪيو ۽ ايترو خرچ ڪيو جو پنهنجي گهر جي چلهه ٻه ٻه ڏينهن ڪا نه ٻرندي هئن ۽ کارڪون کائي گذارو ڪندا هئا. ايتريقدر جو شاديءَ کان پوءِ عرب جي امير ترين عورت بيبي خديجه رضي الله عنها جي سڄي دولت به ساڳئي طريقي سان ساڳين ڪمن تي خرچ ٿي.
اوهان وٽ جيتري هوند آهي، انهيءَ جي اڌو اڌ حصي ۾ به جيڪڏهن عزيزن ۽ قوم کي ڀاٽي ڀائيوار سمجهو ۽ ان دولت کي قوم ۾ سجاڳيءَ جي دعوت ۽ تعليم تي خرچ ڪيو ۽ ماڻهن کي معاشي استحڪام جا بنياد فراهم ڪيو ته جيڪر هن قوم جي تقدير بدلجي پوي. اوهان وٽ ايتري هوند آهي جو اڌ تي ڪفايت ڪيو ته اوهانجو جهان آباد رهندو، جڏهن ته باقي اڌ مان جيڪو سنڌ جي پيڙهيل عوام جو مستقبل جڙندو ان جو ڪاٿو ئي نٿو ڪري سگهجي. سنڌ جو شاندار مستقبل اوهان جي ضرورت هجي نه هجي پر اوهين پنهنجي اولاد کي ئي شاندار آئيندو عطا ڪري وڃو ته اهو توهان جي لاءِ بيحد اطمينان آهي.
اطمينان به هڪ وڏو سرمايو آهي، انهيءَ مايا جو ڪوئي لطف وٺي ڏسي! جاپان جا ماڻهو پنهنجي آمدنيءَ کي لازمي طرح ورهائين ٿا جو هو عقيدي جي حد تائين اهو مڃين ٿا ته ”اسان جي ترقي اسان جي اطمينان جي ڪري آهي ۽ اسان جو اطمينان انسانن تي خرچ ڪرڻ جي ڪري آهي.“ اوهان پنهنجي شادين مُرادين، طهرن ۽ ٻين رسمن جي ادائيگيءَ ۾ وڏن ڪاڄن ۽ اجائي ڏيکاءَ کي ڇڏي رڳو اهي ڏوڪڙ ڌرتيءَ واسين جي اجتماعي ڀلي لاءِ خرچ ڪيو ته هتي هر طرف تبديلي ۽ ترقيءَ جا سوين امڪان پيدا ٿي پون.
اوهان، سڄي سنڌ جا ديندار دولتمند، پنهنجا ۽ پنهنجي عيال جا حج ۽ عمرا رڳو چار سال ڇڏي پنجين سال ڪرڻ جا روادار بڻجو ته انهن چئن سالن جي حجن ۽ عمرن جي رقم مان سنڌ ۾ ڪيتريون ئي يونيورسٽيون جوڙي سگهجن ٿيون ۽ ڪيترائي ڪارخانا کولي سگهجن ٿا. اوهان ميلاد، عزاداري ۽ ختمن خيراتن جي نالي تي ٿيندڙ کاڌي ۽ رسومات جي رقم پاسيري ڪري قومي فنڊ ۾ ڪٺي ڪريو ته اوهان جي انهيءَ رقم مان هر سال سنڌ جي سوين هزارين بي گهر غريبن جا گهرڙا اڏجي سگهجن ٿا. اوهان پنهنجي روزاني زندگيءَ جي مهماندارين ۽ تڪلفات ۾ مناسب ڪفايت شعاري ڪريو ته انهن رقمن مان هر سال سنڌ جي هزارين يتيم ۽ گهرجائو نياڻين جا ڏاج جڙي سگهن ٿا.
سنڌ جا دنيادار ؤ !
اوهان جي غفلتن جي نتيجي ۾ هتان جي ماڻهن بيحد ڀوڳيو آهي. غريبن ۽ حال هيڻن ماڻهن کي ته پنهنجي گذر سفر ئي نهوڙي رکيو آهي. اهي هن ڌرتيءَ جي مالڪي ۽ وسيلن بچائڻ جي ڪهڙي فڪرمندي ڪن؟ اوهان وٽ وسيلا هئا، هوند هئي، واسطا هئا، فرصت هئي ۽ ٿيندڙ ڦرلٽ جي ڄاڻ هئي. اوهان ڌرتيءَ ڄاون جي هيڏن وسيلن کي بچائڻ لاءِ ڪهڙو بند ٻڌو، ڪهڙي واويلا ڪئي، ڪهڙي پيشرفت ڪئي ۽ ڪيترو خرچ ڪيو!؟ اوهان حيثيت وارا هيؤ، پڙهي پار پيؤ، آفيسريون ۽ مرتبا حاصل ڪيوَ ، اختيارن جا صاحب بڻيؤ، اوهان جي اکين اڳيان ڌرتيءَ جي حقن ۽ وسيلن جي ڦرلٽ ۽ ڀينگ ٿيندي رهي پر اوهان پنهنجي حيثيتن ۽ اسٽيٽس کي بچائيندا رهيؤ. مرتبن ۽ پئسن جي نشي جي غنودگي، بي حسي ۽ لاتعلقيءَ ۾ مبتلا ر هيؤ ، جيم خانن ۽ ڪلبن جا پيٽوڙي ميمبر بڻيؤ . اوهان لکين سنڌين کي روزگار جي ڳولا ۾ مدد ڏيڻ لاءِ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ هڪ ريسورس سينٽر به نه جوڙي سگهيؤ. انهن شهرن ۾ نووارد بيروزگارن جي لاءِ هڪڙي پنجن ڪمرن جي هاسٽل به جوڙي نه سگهيؤ. سڄي زندگي اوهان جو مقصد رهيو:
بي اي ڪيا، نوڪر هوئي، پينشن ملي اور مرگئي!
اوهان جڏهن رٽائر ٿيو ته پنهنجيون صلاحيتون قومي ادارن کي ارپڻ بجاءِ ساڳين آفيسن ۾ نوس نوس ڪندا رهيؤ ۽ جيستائين اها ڌپ توهان جي نڪ کي نٿي پهتي اوهان حيران ۽ پريشان پئي رهيؤ . رڳو بنگلن، گهرن جي سجاوٽن، موٽر گاڏين، دعوتن جي فڪر ۽ هر قسم جي نمائشن ۾ رڌل رهيؤ ليڪن ڪابه سماجي، تعليمي ۽ سڌارڪ مصروفيت ۽ سرگرمي، ڪوبه لکڻ ۽ پرچار جو ڪم پنهنجو وطيرو نه بڻائي سگهيؤ. اوهان کي پئسن ۽ مرتبن جي حاصلات جا ڪيترا موقعا مليا! اوهان ٺيڪن، تجارت ۽ سڻڀين پوسٽن تي ڪروڙين رپيا ڪمايا، پر پوئتي پنهنجي مسڪين ڀائرن، ڀاڻيجن ، سوٽن ماساتن ۽ ٻين عزيزن کي پنجاهه هزارن جو دڪانڙو به ڪونه کولي ڏنوَ. ڪا پنجن اٺن لکن رپين جي ڪاٽيج انڊسٽري نه هڻي ڏنوَ، جنهن سان پنجن اٺن نوجوانن جي روزگار جي مستقل بحال ڪاري ٿي وڃي ها. ڪو هڪڙو ٽيوشن سينٽر به نه کوليوَ جنهن مان نوجوان ڪا پروفيشنل مهارت حاصل ڪري روزگار سان لڳڻ جي اهل بڻجي سگهن ها.
اوهان جي سڄي دولت اوهان جي ذات جي چوڌاري ڦرندي رهي . اوهان کي جيڪا آخري پاڇي ٿي، اها به اوهان اولاد کي ولايت موڪلي انهن جي مستقبل سنوارڻ تي تيل ڪري ڇڏي يا وري فڪس ڊپازٽن ۾ رکي ڇڏي ته مهيني جو ساڳيو سڻڀو خرچ اوهان جي اشرافيائي رتبي جو پورائو ڪندو اچي ۽ هاڻي رڳو ان ڳڻ ڳوت ۾ وقت ڪاٽي رهيا آهيو ته ڪڏهن ٿو موت اچي پنهنجو وارو وٺي! موت ته اوهان جي خطرناڪ انجام جو پيڇو ڪري رهيو آهي، پر هيءَ جيڪا اوهان کي مهلت مليل آهي سا به رب جي رُسڻ جو اهڃاڻ آهي، جو الله سائين قرآن ۾ چئي ڇڏيو آهي ته جيڪو اسان جي رضا کي ڇڏي دنيا جي حياتيءَ کي پنهنجو مقصود بڻائي وٺندو ته اسين اُن کي دنيا جي حياتيءَ ۾ گَپي ڇڏينداسون.
اوهان جي سرڪشي ۽ دنياپرستيءَ جي لونجهه اوهان کان مت کسي ڇڏي آهي. نتيجي ۾ اوهان کي اتان موٽڻ جي توفيق به نٿي ملي. اوهان انيڪ بيمارين جي ڌٻڻ ۾ ڦاسو ٿا ته پئسي جي هوند اوهان کي فرعون بڻائي ٿي رکي. پوءِ اوهان لکين رپيا پنهنجي علاج تي خرچ ته ڪريو ٿا پر پنهنجي رٺل رب کي پرچائڻ جا جتن نٿا ڪريو! اهو الله، جنهن غريبن کي کاڌو نه کارائڻ ۽ انهن جي غربت نه مِٽائڻ جي ڪري اوهان جي مٿي تان پنهنجي رحمت جو هٿ هٽائي ڇڏيو آهي. اوهان پاڻ کي خدا جي خلق کان بي نياز ڪري ڇڏيو ته خدا پاڻ کي توهان کان بي نياز ڪري ڇڏيو. اوهان ڀانت ڀانت جي عذابن ۽ چٽين مان گذريؤ ته به توهان کي قدرت جي تنبيهه ۽ گرفت جو گمان نه گذريو ۽ اوهان شايد انهيءَ گمان ۾ رهيؤ ته جيڪڏهن قدرت جي تنبيهه ٿيڻي آهي ته اُها ائين ٿئي جو قدرت آسمان مان هٿ ڪڍي اوهان کي چنبو وهائي ڪڍي! اوهان به اهائي ڳالهه ڪئي جيڪا سڀني نبين کي دعوت ڏيڻ وقت انڪار ڪندڙ مخاطب ٿي چوندا هئا ته جيڪڏهن قدرت کي عذاب ڏيڻو آهي ته اهو اچي ڪڙڪي ڇو نه ٿو؟ پوءِ پيغمبر چوندا هئا ته انتظار ڪيو ان عذاب جو، جيڪو اوهان جي مٿان جلدي ڪڙڪڻ وارو آهي.
اوهان جڏهن دنيا پرستي ۽ اسراف واري زندگيءَ جا سڀ مزا وٺي پوڙهپ ۾ پير پايو ٿا ۽ جڏهن اوهان جو ڪٺو ڪيل مال اوهان جي هٿن مان کسڪي اوهان جي اولاد جي ور چڙهي وڃي ٿو ته پوءِ توهان کي الله کي راضي رکڻ جا دورا پون ٿا. پوءِ اوهان هٿ ۾ تسبيحون کڻڻ شروع ڪيو ٿا. درودن جا ڪتاب ڇاپڻ شروع ڪيو ٿا ۽ مسجد ۾ رڪوعن ۽ سجدن جا سانباها ڪيو ٿا ليڪن جنهن ڳالهه جي ڪري الله اوهان تان پنهنجي رحمت جو هٿ هٽايو هو، اوهان هينئر به ان جي ازالي جي سوچ کان محروم رکيا وڃو ٿا. افسوس اوهان جي حال تي، افسوس اوهان جي بيوسيءَ تي، افسوس اوهان جي محروميءَ تي!
اي سنڌ جا دولتمند ؤ!
هيءُ مال جيڪو ممڪن آهي ته اوهان کي حلال جي ذريعن سان مليو هجي، اهو به الله جي پاران اوهان وٽ نج امانت هئي. ان جي ذريعي اوهان جي آزمائش ٿيڻي هئي ۽ ان جي آڌار اوهان جا مرتبا بلند ٿيڻا هئا. قرآن مجيد ۾ صاف صاف ٻڌايو ويو هو ته اوهان کي اولاد ۽ مال آزمائش ڪري ڏنو ويو آهي. اهو به ٻڌايو ويو هو ته جيڪي ان آزمائش مان پار نه پيا انهن کي سندن مال جو رسو ٺاهي ڳچيءَ ۾ وجهي جهنم جي باهه ڏانهن گهلينداسون. اهو به ٻڌايو ويو هو ته دولتمندن جي جمع ڪيل سڪن کي جهنم جي باهه ۾ تپائي انهن سان کين ڏنڀ ڏينداسون. اوهان جي پيغمبر، دنيا جي ڀلاري ۽ نهايت سچي انسان حضرت محمد ؐ پڪ ڪرائي ته مان معراج جي رات دولتمندن جا اهي تماشا اکين سان ڏسي آيو آهيان ... پر اسان نه قرآن جي سچائيءَ تي اعتبار ڪيو ۽ نه وري عظيم پيغمبر ؐ جي شاهديءَ کي هينئين سان هنڊايو. قرآن هيءُ به ٻڌايو ته الله تعاليٰ مومنن سان انهن جي مالن ۽ جانين جو سودو ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان جي بدلي ۾ کين جنت جون دائمي خوشحاليون عطا ڪندو... ليڪن اوهان، الله تعاليٰ طرفان قرآن مجيد ۾ بيان ڪيل انهن صاف ۽ چٽن حڪمن تي به ڪونه ويچاريو. بلڪه اوهان جي حرص اوهان جي اکين تي پٽيون چاڙهي ڇڏيون. اوهان هڪ لک جي ذريعي ٻن لکن، هڪ ڪروڙ جي ذريعي ٻن ڪروڙن ۽ هڪ ملڪيت جي ذريعي ٻين ملڪيتن جي حرص گيريءَ ۾ گتل رهيؤ يا انهيءَ گهمنڊ ۾ رهيؤ ته هيءَ ڪمائي اسان جي قابليتن جو انتهائي ڪمال آهي.
اوهان سمجهو ٿا ته جيڪو رزق ۽ مال عطا ٿيو اٿوَ اهو فقط اوهان جي پنهنجي صلاحيتن جو ڪمال ۽ رات ڏينهن جي هڻ هڻان جو نتيجو آهي! اها اوهان جي سراسر ڀل آهي. انهيءَ ڪري جو اوهان جيڪا هڻ هڻان ڪئي آهي، انهيءَ جا پيداواري ذريعا الله تعاليٰ جا جوڙيل آهن. اوهان جيڪا زمين ۾ ڪاشتڪاري ڪرائي آهي، انهيءَ کي مليل پاڻي الله جو وسايل آهي:
(پوکن کي اسان ٿا پاڻي رسايون يا اوهان ٿا رسايو؟)
انهيءَ زمين ۾ سَلن کي نسارڻ ۽ اڀارڻ جي صلاحيت پيدا ڪرڻ واري ذات الله تعاليٰ جي آهي
( پوک جي سَلن کي اسان ٿا واڌ ويجهه ڏيون يا اوهان ٿا وڌايو؟)
هيءُ، اوهان جي ڪارخانن ۾ جيڪو ڪجهه جڙي رهيو آهي، انهيءَ جو خام مواد جوڙيندڙ الله تعاليٰ جي ذات آهي، جنهن ڌرتيءَ کي سڄي انسانيت جو گڏيل ورثو بڻائي ان ۾ پنهنجون نعمتون ڀري رکيون ته جيئن سڀئي انسان ان جي فائدن مان بهره ور ٿين.
هيءُ اوهان کي موقعو مليو آهي جو اوهان الله تعاليٰ جي ڌرتيءَ اندر موجود ڪيل پيداواري ذريعن تي ۽ ڌرتيءَ کان مٿي گردش ڪندڙ لهرن تي دسترس حاصل ڪرڻ ۾ڪامياب ٿيا آهيو پر ياد رکو! انهيءَ ڪاميابيءَ تي رسڻ لاءِ اوهان جا جسم ۽ دماغ خالق جا عطا ڪيل آهن. الله تعاليٰ اوهان کي تمام پيچيده انساني مشينريءَ وارو اهڙو جسم عطا ڪيو آهي، جيڪو معذوريءَ کان آجو هو ۽ ڪروڙين ڇا اربين رپيا خرچ ڪري به اهڙو قيمتي جسم حاصل نه پئي ڪري سگهيو. ان جسم ۾ اوهان کي هڪ نرالو ۽ نفيس انساني دماغ مهيا ڪيو ويو، جنهن ۾ سوچڻ جون بي انتها صلاحيتون وديعت ڪري ڏنيون ويون ۽ پوءِ به چئو ٿا ته اهو سڀ ڪجهه اوهان جو پنهنجو ڪمال ۽ اوهان جي پنهنجي پيشه وراڻي مهارت جو ثمر آهي!
اوهان واري اها ساڳي ڳالهه ته قارون حضرت موسيٰ علي. السلام کي به چئي هئي ته جيڪي ڪجهه مونکي مال ۽ دولت حاصل ٿيو آهي اهو منهنجي قابليت ۽ پيشه وراڻي مهارت سان مليو آهي ... ته پوءِ قارون ۽ اوهان جي ذهنيت ۾ فرق ڪهڙو رهيو! قارون تي قرآن هميشه لاءِ ڦٽڪار ان ڪري ڪئي ته هو دولت ميڙيندو ويو ۽ الله جي نبي حضرت موسيٰ عليه. السلام جي چوڻ باوجود الله جي مخلوق ۾ اها دولت تقسيم ڪرڻ جي لاءِ تيار نه هو. اوهان، قرآن ۾ دولتمندن جي خدا سان”دولتاڻي بغاوت” جا احوال گذريل قومن جا قصا ڪري ته پڙهو ٿا ليڪن دنيادارن جي ذهنيت تي ٿيل خدائي ڦٽڪار مان عبرت ۽ رهنمائي نٿا وٺو. نتيجي ۾ اوهان دولت جي نشي ۾ ڌت آهيو ۽ پاڻ بدلائڻ جو فڪر ئي نٿا ڪريو.
ليڪن اي سنڌ جا دولتمند
جيستائين موت جو فرشتو توهان جي مٿان اچي نٿو بيهي، تيستائين توهان لاءِ خدائي راهه تي واپسيءَ جا دروازا کليل آهن پر ياد رکو ته جيئن اوهان جي عياشي ۽ لاابالي دولت جي ڍيرن مٿان ٿي آهي، تيئن توهان جي پنهنجي رب ڏانهن واپسي به انهن ڍيرن جي مٿان گذرڻ سان ڪارائتي آهي. واپسيءَ لاءِ رڳو تسبيحن ۽ رڪوعن سجدن جون اٽڪلون ڪونه هلنديون.
اهو طئي آهي ته اسان جي ماڻهن کي رياست جي پاسي کان ڀلايون ملڻيون ڪونهن جو صدين کان غلامي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ اسان جي مٿان مسلط آهي. هينئر انهن ڏتڙيل ماڻهن سان اوهان ڀلايون نه ڪندو ته آخر ڪير ڪندو! انهن جي جهالتن ۽ بي علميءَ جي خاتمي لاءِ ٻيو ڪير ڳڻ ڳوت ڪندو! سندن غربت ختم ڪرڻ جا جتن ڪير ڪندو! انهن جي تعليم، شعور ۽ سماجي ترقيءَ جا منصوبا ڪير جوڙي عمل ۾ آڻيندو؟ انگريزن جي ڏيڍ سو ساله غلاميءَ کان وٺي هاڻوڪي سٺ ساله غلاميءَ تائين اسان جي ماڻهن ڇا ڇا نه ڀوڳيو آهي! اسان جون عورتون ڪهڙين پيڙائن مان گذريون آهن. اسان جون نياڻيون ۽ ٻار ڪهڙي ڪرب مان گذريا آهن، ان جا تفصيل اسان کان ڳجها ڪونهن. هن ترقي يافته دور ۾ دنيا جي گولي تي هڪ طرف اهڙا سماج اڏيل آهن جتي فلاحي معاشرن ۾ انسانن جي سڀني بنيادي ضرورتن جو پورائو ٿئي ٿو ۽ ٻئي طرف اسان وٽ ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي بک بدحالي، فقر فاقي ۽ وياجن ۾ پيڙجي هڪ زندهه لاش واري زندگي گذارين ٿا. ڪيتريون ئي عورتون آهن جيڪي روزانو جهالتن ۽ فرسوده رسمن رواجن جي صليب تي لٽڪائي عذاب ۾ مبتلا ڪيون وڃن ٿيون ۽ کين گارين، مار موچڙي ۽ سخت گهرو بدحاليءَ مان گذاريو وڃي ٿو. ڪيترائي ٻار آهن جيڪي سماجي درندگين جي ور چڙهي ضربيل روحن سان وڏي ٿيڻ جي بي روح عمل مان گذرن پيا! هن سماجي ابتريءَ جي خاتمي لاءِ جنهن وڏي تحريڪي تبديليءَ جي ضرورت آهي، ان جي ڳڻ ڳوت آخر ڪير ڪندو؟ دنيا جي سماجي تبديلين ۾ اتي هوند وارن جو ڪردار ڏسو ۽ هتي پنهنجي ڪردار تي نظر وجهي محاسبو ڪريو. پوءِ پاڻ بدلائڻ جون ارپڻ ذريعي آغاز ڪريو. پڪ ڄاڻو ته اوهان جي مالي سهڪار ذريعي سماج جو سڌارڪ ڪردار هن معاشري جو رنگ بدلائي ڇڏيندو. اوهان جڏهن محسن ۽ مهربان جي روپ ۾ ماڻهن وٽ ويندو ته اهي پاڻ کي اوهان جي حوالي ڪري ڇڏيندا. ماڻهن جي بک بدحالي انهن کي خدا کان ويڳاڻو بڻائي رهي آهي. هو اڳ ۾ ئي جهالتن ۽ فرسوده رسمن جي شرڪ ۽ غلاميءَ جي ڪوڙڪين ۾ ڦاٿل آهن، ويتر”بک بڇڙو ٽول” سندن روح کي رهڙي بدحال ڪري رهيو آهي. اوهان جون ساڻن مهربانيون ۽ ڀلايون کين بک ۽ بدحاليءَ سان گڏ جهالت ۽ شرڪ مان به ڪڍي اينديون. ماڻهن جي ذهني آسودگي ۽ سڌارڪ ڌارا ۾ اچڻ ڪري انهن جون عورتون جهالت ۽ مردود روايتن جي صليب تي لٽڪڻ کان بچي وينديون. انهن جا ٻار سماجي درندگين کان بچي پوندا ۽ روح جي آسودگيءَ جي ڪري اڳتي هلي هن قوم جا ڪارآمد فرد ثابت ٿيندا.
اي دولتمندو !
اوهان جيڪڏهن سنڌ جي خمير جي پيداوار آهيو ته پوءِ هن ڌرتيءَ جي هر ماڻهوءَ کي پنهنجو ڀاءُ بنائڻ، هر عورت کي پنهنجي نياڻي بنائڻ ۽ هر ٻار کي پنهنجي ٻچي بنائڻ جو درد، فڪر ۽ عمل کڻي جيئو. انهيءَ سان اوهان کي نه رڳو اطمينان جي زندگي نصيب ٿيندي بلڪه اڳئين جهان ڏانهن به اطمينان سان اُسهندو ۽ اوهان الله جي حضور ۾ به سرخروئي سان پيش ٿيندو. اڳ ۾ جيئن اوهان اکيون ٻوٽي دولت کي پنهنجي گهر جي پونجي بڻائي رکيو هو ، هينئر اکيون کولي وڏي فراخيءَ سان پنهنجي چوڌاري ماڻهن جي بحال ڪاريءَ تي خرچ ڪيو. سندن تعليم ۽ تربيت تي خرچ ڪريو ۽ سندن اهنجن ۽ دردن هٽائڻ تي خرچ ڪيو.
اوهان پنهنجي ماليت مان چاليهون حصو خرچ ڪرڻ تي اڪتفا نه ڪيو پر ان کان اڳتي وڌو ڇوته مال مان پنهنجي بنيادي ضرورتن کان جيڪو به وڌيڪ آهي سو سمورو خرچ ڪرڻ جو قرآني حڪم آهي. ان الاهي حڪم جي پابندي ڪريو. جيتريون پنهنجون بنيادي ضرورتون محدود ڪند و اوترو وڌيڪ خرچ ڪري سگهندوئ. ان سان اوهان اوترو وڌيڪ سک ماڻيندو. اوهان جا مرتبا اوترا وڌيڪ بلند ٿيندا ۽ اوتري وڌيڪ الله جي قربت نصيب ٿيندي. ان سان ئي اوهان جي ايمان جي تڪميل ٿيندي، جو ايمان جي لاءِ غيب واري کي مڃڻ، فرمانبرداري ۽ خرچ ڪرڻ بنيادي لوازمات آهن. ان سان اوهان جو ايمان مڪمل ٿيندو ۽ ان سان ئي اوهان جي نجات آهي.