سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر سعيد ميمڻ جي شاعريءَ جو مجموعو ”خالي آکيرو“ اوھان اڳيان حاضر آھي. ساجد سنڌي لکي ٿو؛
”سعيد ميمڻ جو نانءُ سنڌي شاعريءَ ۾ اھم حوالي طور ڳڻيو وڃي ٿو. سعيد ميمڻ جي شاعريءَ ۾ اڪثر احساساتي ڪمال جون تشبيھون ۽ استعارا کيس پنھنجي ھمعصر توڙي اڳ ئي ٽھيءَ کان منفرد ۽ ممتاز ڪري بيھارين ٿيون. سندس رومانوي غزل، وايون، بيت، پنجڪڙا توڙي نثري نظم اکين مان رستو ٺاھي من پاتال ۾ پيوند ٿيڻ جي سگه سان سرشار آھن.“
ھي ڪتاب 2017ع ۾ سمبارا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي صاحب خان سورھ ميراڻيءَ جي سھڪار سان حاضر آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي