ڪلچر ڪيئن ٺھي ٿو- اُن جي جوڙجڪ تي مختلف اثر
اھڙي طرح بعينه ساڳي حالت قومن جي ٺھڻ ۽ سندن ڪلچر جي پيدا ٿيڻ جي رھي ٿي، مختلف ڪٽنب ۽ قبيلا ھزارن ورھين کان گذر معاش جي تنگي، پٺيان طاقتور قبيلن جي کين ڌِڪي جاءِ والارڻ، بيمارين، ڏُڪارن پوڻ وغيرہ جي وجھن ڪري، تاريخ جي جدا دورن ۽ زمانن ۾ ڌڪجيو، گھلجيو، حالتن جي تقاضا، حفاظت ۽ گذرمعاش جي سھولتن سبب، اچيو ڪن جارافيائي خطن جي ملڪن ۾ ڪَٺا ٿي رھڻ لڳن ٿا. اھو سلسلو ھميشه جاري رھي ٿو. رڳو سنڌ جو مثال وٺندا، ته اُتي دراويدي، آريا، سامائيٽ، منگول نسلن جا ماڻھو ۽ انھن جي ننڍن قبيلن جا ڪُٽنب ۽ ماڻھو وڻ وڻ جي ڪاٺي وانگر اچي ھن ملڪ ۾ ويٺا، جن ۾ سماٽ، راجپوت، لھاڻا، جت، مھاڻا، پٺاڻ، بلوچ ۽ عرب قبيلن جا ماڻھو اچي وڃن ٿا.
انھن سڀني ٻاھران آيل ماڻھن کي سندن ٻوليون، رسمون رواج، لباس، رھڻي ڪرڻي جا طريقا، ادب، قديم روايتون، مذھب ۽ قومي ڪردار ھئا. جن سڀني گڏجي سنڌي قوم بڻجي، اُن کي مخصوص ڪلچر سان سينگاريو آھي.
صدين جي گڏيل تعلقاتن، ملڪي ضرورتن، حالتن جي تقاضائن، گذر معاش جي ذريعن، پاڻ ۾ سڱابندي ڪرڻ، ملڪي آب و ھوا ۽ ماحول سبب سندن اختلاف گھٽبا ويا. اھي جدا ڪيميائي جزا، قصا ڪھاڻيون، مذھبي عقيدا، رسم رواج، سماجي دستور ۽ قومي ڪردار اختيار ڪندا اچن، جن سنڌي ڪلچر جي صورت ورتي آھي.
ان ساري سرگذشت ھزارھا ورھيه ورتا، جنھن تي مختلف زمانن جي روايات، قبيلائي نسلن جي رجحانن، مُلڪي زرخيزي، مُلڪي ماحول، واپار جي ذريعن ۽ مختلف مذھبي عقيدن، پنھنجا پنھنجا اثر ڇڏيا. اُن مان سنڌين جو مستقل ڪلچر ٺھي، سندن ذھني، سماجي، نفسياتي ۽ قومي ڪردار جو حامل ٿي پيو. دنيا ۾ اھڙا سوين زمين جا خطا آھن، جن ۾ آباد ٿيل ماڻھن، قومن جي صورت اختيار ڪري، پنھنجا پنھنجا ڪلچر بڻايا ۽ ٻوليون ٺاھيون آھن، جن کي سندن قومي ورثا سمجھي، انھن جي حفاظت ڪرڻ سندن قومي فرض سمجھن ٿا.
اڄ ڪلھ اقوام متحدہ ۾ اھڙين قومن جو تعداد 135 کي پھتو آھي. اڃا اُن جي وڌڻ جو امڪان آھي. تاريخ جي مطالعي مان ھڪ طرف جدا قومن، زبانن، ڪلچر جي بڻجڻ جو سلسلو جاري ڏسجي ٿو ته ٻئي طرف انھن جي اختلافن کي مٽائي، ھڪ ڪرڻ جون ڪوششون جاري آھن. اُن عالمگير رجحان ۾ ٽي قوتون ڪم ڪري رھيون آھن.
[b](1) سامراجي طاقتون :-
[/b]
جنھن ذريعي ننڍن مُلڪن ۽ قومن کي زوري گڏي، ھڪ طاقتور ملڪ ۽ قوم جي ماتحت بڻائجي ٿو. اھو طريقو زور زبردستيءَ سان طاقتور قوم جي فائدي لاءِ ڪتب آندو وڃي ٿو. جنھن جي خلاف ننڍن مُلڪن ۽ قومن طرفان، سندن قومي مفاد کي نقصان پھچڻ جي انديشي کان مخالفت ٿئي ٿي. گذريل مھاڀاري لڙايون انھيءَ سامراجي طريقي جي نتيجي جي پيداوار ھيون.
[b](2) وفاقي طريقه ميلاپ :-
[/b]
انھيءَ ذريعي سان ننڍا مُلڪ ۽ قومون، باھمي مفاد جي بنياد تي قبول ڪيل اصولن مطابق اتحاد ڪن ٿيون. اھو طريقو باھمي مفاد ۽ رضامنديءَ جي بنياد تي ٻَڌل ھئڻ ڪري، اڪثر مقبول پئي رھيو آھي، جنھن وسيلي گڏ ٿي رھندڙ ملڪ ۽ قومون ڏي وٺ جي آڌار تي، متحدہ ملڪ ۽ متحدہ قوم بڻجڻ لاءِ ڪوشش ڪن ٿيون. اُن مثال ۾ يونائٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا، سوويت يونين ۽ ڀارت وغيرہ اچن ٿا.
[b](3) نظرياتي طريقه ميلاپ :-
[/b]
جنھن مطابق مذھبي يا اقتصادي نظرين جي بنياد تي، جماعتون ٺاھيون وڃڻ ٿيون، جديد ملڪن ۽ قومن جي حقيقي معاملن، مڪاني حالتن، وقتي تقاضائن ۽ قومي ضرورتن کان زيادہ ھو ڪن نظرين ۽ مذھبي عقيدن کي اھميت ڏين ٿا. انھن جو تعلق مُلڪن سان نه پر ھم خيال ماڻھن سان رھي ٿو. جھڙيءَ طرح سان سڀ ماڻھو، قومون، مُلڪ ھڪ جھڙا نه آھن، ڪي ماڻھو ڊگھا، ڪي بندرا، ڪي ڳورا، ڪي ڪارا، ڪي ھوشيار، ڪي ڏُڏ ۽ اھڙي طرح ڪي قومون گھڻي تعداد واريون، ڪي ٿوري تعداد واريون، جنگجو ذھنيت جون، ته ڪي امن پسند، ڪي ترقي يافته، ڪي پٺتي پيل آھن ۽ مُلڪ به ڪي وڏا، ڪي ننڍا، ڪي ٿڌا، ڪي گرم، ڪي زرخيز ته ڪي بنجر، ڪي کاڻين سان ڀرپور ته ڪي خالي ٿين ٿا. ساڳيو قانون نظرين ۽ عقيدن سان لاڳو ٿئي ٿو- مثلاً دنيا ۾ ھن وقت ڪيترا اھڙا مکيه نظريا آھن، جي ماڻھن ۾ اتحاد پيدا ڪرڻ جي عيوض، اڻ کُٽ اختلاف پيدا ڪرڻ جو ڪارڻ بڻيا آھن. جن مان مکيه ھيٺيان آھن.
(1) نظريه دھريت (Materialism) ۽ ان جو ضد روحانيت .(Idealism)
(2) نظريه جمھوريت (Democracy)۽ ان جو ضد آمريت (Dictatorship)
(3) نظريه قومپرستي (Nationalism) ۽ ان جو ضد نظريه سرمائيداري (Imperialism)
(4) نظريه اشتراڪيت(Communism) ۽ ان جو ضد نظريه سرمائيداري (Capitalism)
بھتر آھي ته انھن نظرين جي مختصر تشريح ڪريان
[b]دھريت ۽ روحانيت
[/b]
[b]دھريت:
[/b] ھن نظرئي موجب مادہ کي زندگي (روح) تي اھميت ڏني وڃي ٿي. ان ڪري مادہ کي درجي اول جي حيثيت ڏئي روح (مائينڊ) کي ثانوي درجو ڏنو وڃي ٿو. انھيءَ نقطي نگاھه موجب روح مادہ جي مختلف عنصرن جي باھمي عمل جي پيداوار آھي. ان ڪري جڏھن به مادي جو باھمي عمل بند ٿئي ٿو، يا اُن ۾ رڪاوٽ پوي ٿي، ته زندگي ختم ٿيو وڃي. ھن نظرئي جي معقدن جو شخصي روح جي ھستي ۽ تسلسل ۾ اعتقاد نه آھي. ان نظرئي جي مڃڻ بعد مذھبن جا جملي اعتقاد، جھڙوڪ حيات بعد الممات، تناسخ (جوڻ) جزا ۽ سزا، بھشت ۽ دوزخ، ڪائنات جو پلان (منصوبو يا رٿا) ۽ مقصدن سان پيدا ٿيڻ، انھن جي پيدا ڪندڙ، ھلائيندڙ طاقت (خدا) ۾ اعتماد رکڻ جا عقيدا سڀ ختم ٿيو وڃن.
جنھن ڪري ھنن جو سارو زور ھن دنيا جي زندگي بھتر بڻائڻ ۽ ھر ڳالھ جو فيصلو عقل ۽ تجربي جي بنياد تي ڪرڻ طرف رھي ٿو.
[b]روحانيت[/b]
ھن نظرئي مطابق روح (مائينڊ) کي اصلي شيءِ ڪري ورتو وڃي ٿو. ان ۾ مادي کي ثانوي حيثيت ڏني وڃي ٿي. انھي جي مڃيندڙن مان ڪي ته مورڳو مادي جي جدا ھستي کان انڪار ڪري، ان کي صفت ۽ ڌوڪي سان تشبيھ ڏين ٿا. انھن جي نقطه نگاہ کان روح ذات ۽ مادو صفات آھي، روح ابدي (آدي) ۽ ازلي (جگادي) آھي ۽ مادو فاني ۽ تبديل ٿيندڙ آھي.
انھيءَ نظرئي جي بنياد تي جملي مذھب وجود ۾ آيا آھن. خدا حيات بعد الممات، آواگون (تناسخ) جزا ۽ سزا، ڪرم جو ڦَل، بھشت ۽ دوزخ ۽ مذھبن جا جملي طور، ھر ھڪ ماڻھو سندس عملن لاءِ جوابدار ھو. تنھن ڪري گھڻي ڀاڱي ھر شخص آزاد ھو. جيئن ته ڪي ماڻھو محنتي، لياقت وارا ۽ مضبوط ٿين ٿا ۽ ڪي سست، ڪُند فھم (ڏُڏ) ۽ ڪمزور آھن، تنھن ڪري ٻنھي گروھن جي کليل مقابلي ۾ ڪي ماڻھو ملڪيت، پيسي ۽ اقتدار جا مالڪ بڻجيو وڃن ۽ ڪي محڪوم، مفلس ۽ نادار ٿيو پون.
جنھن صورت ۾ ھن نظرئي موجب بنيادي طرح کليل مقابلو روا آھي، ته ان جي آڌار تي پيدا ٿيل طبقاتي ۽ مستقل مفاد کي تسليم ڪري، مذھبي قانون اھڙي طرح بڻايا ويا آھن، جو شخصي ملڪيت، ذرائع پيداوار ۽ ورھاست کي ھٿ لائڻ يا دست اندازي ڪرڻ جي منع آھي. نتيجي ۾ ڪي ڪروڙن روپين جا مالڪ بڻجيو وڃن، ته ڪي بي زر، بي اجھي، مزدور، بنا زال جي رھجيو وڃن. اھڙي نظام کي به ختم ڪرڻ لاءِ مذھبي قانون مخالفت ڪن ٿا. بلڪ ڪي ته ان کي ڪرم جو ڦل، يا قسمت جو نتيجو قرار ڏين ٿا. ان کان سواءِ مذھب فوق العقل اختياري تي مدار رکي، گھڻي حد تائين عقل ۽ تجربي مان حاصل ڪيل معلومات کي ثانوي حيثيت بخشي ٿو. انھي ٻنھي نظرين جي بنياد تي جي جماعتون ٺھن ٿيون، سي بين الاقوامي حيثيت رکڻ ڪري، مختلف قومن جي مستقل مفاد، جھڙوڪ وطن، ڪلچر، اقتصادي مفاد ۽ زبانن کي نقصان پھچائين ٿيون. اھي ذھني سامراج آھن، جي نظرين ۾ انسان ذات جو ڀَلو ڏسي، سڀني ماڻھن کي زوريءَ يا تبليغ ذريعي سندن جماعتي نظام ۾ آڻڻ گھرن ٿا، جنھن مان فطري طرح مختلف ملڪن ۾ پيدا ٿيل، قومن جي مختلف ورثن، جھڙوڪ شخصي عقيدن، سماجي زندگيءَ جي طور طريقن، قومي ڪردار ۽ آرٽ (ادب ۽ فن لطيف) جي جدا وجودن کي ختم ڪري، ڪن نظرياتي قالبن ۾ سمائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. تنھن ڪري سندن انتھائي حالت ۾ قومن ۽ ان جي ڪلچرن کي نظرين جي بنياد تي ٺھيل جماعتن مان نقصان پھچڻ جو انديشو رھي ٿو.
[b]جمھوريت ۽ آمريت (آپيشاھي)
[/b]
[b]جمھوريت:
[/b] جمھوريت اُن نظرئي کي ڪوٺجي ٿو جنھن موجب قوم جي افراد جي مساوي حيثيت تسليم ڪجي ٿي. ملڪ جي ھر عاقل بالغ ماڻھوءَ کي ملڪ جي سياسي، اقتصادي ۽ سماجي معاملن لاءِ آزادانه راءِ سان عيوضي چونڊي سندن مرضيءَ مطابق حڪومت ھلائڻ جو حق ڏنو وڃي ٿو. اِنھيءَ ڪري ھر فرد کي آزادانه تقرير، تحرير ۽ جماعت سازيءَ جو حق رھي ٿو.
البت پٺتي پيل مُلڪن ۾ جتي ڪثرت تعداد ماڻھن جي، جوان، پڙھيل ۽ سيادسي شعور نه رکندڙ، غريب ۽ غير منظم آھي. اتي ابتدا ۾ ھوشيار، پئسي وارا ۽ مٿاھين طبقي جا ماڻھو عوام کي برغلائي طاقت سندن قبضي ۾ رکن ٿا. ليڪن بنيادي طرح جمھوريت جي اصول مڃڻ ۽ بالغ راءِ دھي جي حق ڪري آھستي آھستي ماڻھن ۾ سياسي شعور پيدا ٿيو وڃي ۽ کليل مقابلي ۾ نيٺ عوام سندن حق حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو وڃن.
قوم پرستي ۽ جمھوريت لازم ۽ ملزوم ڳالھيون آھن. ان مطابق نه صرف افراد جي حق کي قبوليو وڃي ٿو پر ھر قوم جي خود ارادي جو حق تسليم ڪيو وڃي ٿو.
[b]آمريت:
[/b] ھن نظريي جو بنياد فسطائي نقطه نگاھه تي رکيو ويو آھي، جنھن مطابق ماڻھن کي لائق ۽ اڻ لائق مضبوط ۽ ڪمزور متبدل ۽ ڌڪاريل، سڌريل ۽ اڻ سڌريل، گروھن ۾ ورھائي، پھرين گروھه کي حڪومت، بزرگي ۽ رھبري جو اھل ڄاڻي اقتدار ۾ آندو وڃي ٿو. نتيجو اھو ٿو نڪري ته مذھب، حڪومت، علم ۽ عقل ۾ چند ماڻھن پاڻ کي خود ساخته علمبردار مقرر ڪري عام راءِ مطابق عوام کي سندن عيوضي چونڊي ڪاروبار ھلائڻ کان محروم ڪن ٿا. ان ڪري آزادانه تقرير، تحرير ۽ جماعت سازي تي پابنديون وڌيون وڃن ٿيون. ھر اختلاف راءِ کي ملڪ ۾ انتشار پکيڙڻ جي آڙ ۾ برداشت ڪيو وڃي ٿو. ھنن جي نقطه نگاھه موجب صرف لائق ۽ مضبوط قومون ھن زندگيءَ جي تنازع للبقا ۾ ڪامياب ٿين ٿيون، ٻيون سڀ فنا ٿيڻ واريون آھن.
تنھن ڪري لائق قومون يا لائق ماڻھو حڪومت ھلائڻ جا حقدار سمجھيا وڃن ٿا. انھن جي راءِ صحيح ۽ بي عيب ٿئي ٿي. انھن خيالن تي ھلندي ڪي طاقتور، ھوشيار ۽ جنگجو شخص يا گروھه زور زبردستيءَ سان حڪومت تي قبضو ڪري ان کي مخصوص ماڻھن، گروھه يا طبقن جي مستقل مفاد لاءِ ھلائين ٿا. ان مان عارضي طرح ڪجھ انتظامي سختي ڪري مخالفت دٻجيو وڃي ۽ ماڻھن ۾ ھڪ قسم جو جمود پيدا ٿيو وڃي، عوام ملڪي معاملن ۾ دلچسپي وٺڻ ڇڏيو ڏين. ڊڪٽيٽر جو ھر لفظ سَند ڪري مڃڻو پوي ٿو. انھن جي چوڌاري خوشامندڙين ۽ جي حضورين جو ھجوم گڏ ٿيو وڃي، آزاد خيال ۽ ايماندار ماڻھن کي ويجھو اچڻ کان رڪاوٽ پئجيو وڃي. جنھن ڪري صاحب اقتدار، صحيح مشورا ۽ صلاح کان محروم ٿيو پون، ۽ انھن کان غلطيون سرزد ٿيڻ لڳن ٿيون. ڪامورن جي ٻيگھي مچيو وڃي. ھر نڪته چيني کي ناپسنديءَ جي نگاھه سان ڏٺو وڃي ٿو. ظاھري مخالفت دٻجيو وڃي، اندروني طرح ناراضگي وڌڻ لڳي ٿي. آئيني طريقن سان اختلاف ڪرڻ جي اجازت نه ھئڻ ڪري مخفي سازشون شروع ٿين ٿيون، جي ڳالھيون مُلڪ کي خانه جنگي ڏي ڌِڪين ٿيون. ھيءَ ڳالھ صاف سمجھڻ گھرجي ته اڪثر مذھب، ڪميونزم ۽ فاشزم ڊڪٽيٽرشپ ڏانھن ڇڪين ٿا.
[b]قومپرستي ۽ سامراج
[/b]
[b]قوم پرستي:
[/b] اڄ ڪلھ قوم پرستي دنيا ۾ مقبول عام نظريو آھي. ھر قوم ان ۾ اعتماد رکي سندس ترقيءَ لاءِ ڪوشان نظر اچي ٿي. قوم پرستيءَ جا دنيا ۾ ڪيترائي تخيل مختلف زمانن ۾ مروج رھيا آھن. جھڙوڪ، نسل، شھريت، سامراجيت ۽ مذھب جي بنياد تي قومن جا تخيل. ليڪن ھِن دور ۾ جنھن قوم پرستيءَ جو دنيا ۾ سِڪو چالو آھي، تنھنجو بنياد وطن، زبان، ڪلچر، قومي ڪردار، سياسي ۽ اقتصادي مفاد جي اُصولن تي ٻڌل آھي. ھن وقت دنيا ۾ اھڙين قومن مان اقوام متحدہ (United Nations) ٺھيل آھي. جنھن ۾ ھن وقت تائين 135 کن اھڙي قسم جون قومون ميمبر طور داخل ٿيل آھن. انھن جي ميمبرن جو تعداد روز بروز وڌي رھيو آھي.
قوم پرستيءَ جو آواز ھن وقت نھايت طاقتور آھي. ان ذريعي مُلڪن جي آزادي، ترقي ۽ تعمير لاءِ گھڻو ڪجھ ٿي رھيو آھي. ليڪن ان جي صحيح طور واڌاري جي راھه ۾ ھيٺيون رڪاوٽون پيل آھن، جي انھن کي دور ڪرڻ لاءِ اقوام متحدہ يا انسان ذات طرفان ڪو انتظام نه ڪيو ويو ته مستقبل ۾ دنيا جي امن کي خطرو آھي.
[b]1- قوم پرستيءَ جو اڳرائيءَ وارو رجحان:
[/b] اھو ان قسم جو رويو آھي جو جرمني، اٽلي ۽ جپان ھڪ وقت اختيار ڪيو ھو ۽ اڄ ڪلھ اسرائيل، سائوٿ آفريڪا ۽ چين اختيار ڪري رھيا آھن.
[b]2- مذھبي قوم پرستي:
[/b] ان جو اظھار ڀارت، پاڪستان، انڊونيشيا ۽ اسرائيل ۾ ڪي جماعتون ڪري رھيون آھن. جنھن جي زور وٺڻ ڪري ننڍين قوميتن جي مفاد ۽ وجود کي ھڪ طرف نقصان جو انديشو آھي ته ٻئي طرف ڪٽر پڻي، تعصب ۽ نفرت جي پيدا ٿيڻ جو امڪان آھي.
[b]3- سفيد رنگ جي قومپرستي:
[/b] ان جو اظھار سفيد قوم جي چند گروھن طرفان ٿي رھيو آھي، جھڙوڪ سائوٿ آفريڪا، روڊيشيا، پورچوگال ۽ ڪي آمريڪا جا گروھه. ان مان نسلي ۽ رنگ جي بنياد تي نفرت ۽ نفاق پيدا ٿي رھيو آھي.
[b]4- ڪثرت تعداد جي قوم پرستي:
[/b] ان جو اظھار چند ڪثرت تعداد قومن طرفان ٿي رھيو آھي، جھڙوڪ ڪئناڊا ۾ انگريزن جو فرينچن مٿان، ڀارت ۾ يوپيءَ جو ٻين صوبن مٿان، پاڪستان ۾ پنجابين جو مغربي پاڪستان جي ننڍن صوبن مٿان، آمريڪا ۽ چين جو ننڍين قومن سان رويو، اھي طريقا اڻ سڌي طرح سامراج کي ھٿي ڏين ٿا.
[b]5- ترقي يافته قومن جي قوم پرستي:
[/b] ھن وقت دنيا جون قومون ٻن گروھن ۾ ورھايل آھن. ھڪ ترقي يافته ۽ ٻيون پٺتي پيل ۽ ترقيءَ لاءِ ڪوشان قومون آھن. ايشيا، آفريڪا، لئٽن آمريڪا جون ڪثرت تعداد قومون، پوئين گروھه ۾ شامل آھن. يورپ، اتر آمريڪا جون اڪثر قومون، پھرين گروھه ۾ شامل آھن. پھريون تعليم، ھنر، سائنس، پئسي ۽ واپار ۾ ترقي ڪرڻ سبب، شاھوڪار آھن ۽ پويون غريب آھن. ھن وقت حالت اھا آھي ته پھرين گروھه واريون قومون روز بروز شاھوڪار ٿينديون، وڌيڪ ترقي ڪنديون وڃن ٿيون ۽ ٻي گروھن واريون پھرين تي مدار رکندڙ ۽ غريب آھن. مساويانه حيثيت اختيار ڪرڻ جو پھرين قومن جي موجودہ پاليسيءَ ڪري ظاھر ڪو امڪان نظر نٿو اچي. جي اھا حالت گھڻو وقت قائم رھي، ته اھا ڳالھ بدامني جو سبب بڻبو.
[b]سامراج:
[/b]
سامراج جي معنيٰ اھا آھي ته وڏيون، طاقتور ۽ ترقي يافته قومون يا مُلڪ ۽ حڪومتون ننڍين ڪمزور پٺتي پيل قومن ۽ مُلڪن کي سندن سياسي، اقتصادي، ڪلچرل ۽ لساني مفاد لاءِ مٿن تسلط قائم ڪري، کين استعمال غرضي (ايڪسپلائيٽيشن) لاءِ ڪتب آڻين.
ھن وقت سامراج جا اڳيان طريقا سواءِ ڪجھ مُلڪن جي گھٽبا وڃن، ليڪن اڃا به ڪي مُلڪ آھن، جي باوجود اقوام متحدہ جي ٺھرائن ۽ دنيا جي عام راءِ جي خلاف بيٺڪون رکيو ويٺا آھن.
پر سامراجي قوتن وري نيون صورتون اختيار ڪيون آھن. جن جا مثال ھيٺ ڏجن ٿا.
(1) ڪي طاقتور قومون ننڍن ۽ پٺتي پيل قومن کي سندن زير اثر آڻڻ لاءِ اقتصادي ۽ فوجي مدد جا ذريعا استعمال ڪن ٿيون.
(2) ڪي طاقتور قومون فسطائي نظريه موجب ٻين کي اڻ لائق سمجھي، پاڻ کي خودساخته اتاليق ۽ محافظ مقرر ڪري، ننڍن ۽ ڪمزور قومن کي تسلط ھيٺ رکن ٿيون.
(3) ڪي قومون ڪميونزم کي انساني نجات جو ڪارڻ ڄاڻي، اُنجي اثر ھيٺ، ٻين قومن کي مختلف طريقن سان آڻڻ ضروري ڄاڻن ٿيون.
(4) ڪن قومن جي مکيه گروھن، سندن مذھبن کي ديني نجات ۽ دنيوي ڄاڻي، انھن جي اثر ھيٺ قومن، فرقن ۽ حڪومتن کي آڻڻ پنھنجو مطمعه نگاھه بڻايو آھي.
(5) ڪٿي سفيد فام قومن يا نسلن پاڻ کي ترقي يافته، چونڊيل ۽ ليڊرشپ جو لائق سمجھي، غير سفيد قومن ۽ ماڻھن کي زيردست رکڻ جائز تصور ڪيو آھي.
(6) ڪٿي ھڪ ئي ملڪ ۽ حڪومت ۾ وڏا ۽ ترقي يافته صوبا، پٺتي پيل قوميتن ۽ صوبن جي سياسي آزادي، اقتصادي مفاد، ڪلچرل ترقي ۽ زبان جي واڌاري ۾ رڪاوٽون وجھي سندن مستقل مفاد لاءِ ڪتب آڻڻ کي صحيح ٿا سمجھن.
سامراج جي مٿي ذڪر ڪيل سڀني طريقن جو بنياد فسطائي نظرين، خود مطلبي، طاقت ۽ لياقت، زور زبردستي ۽ ڌوڪيبازي تي رھي ٿو. جنھن مان ننڍن ۽ پٺتي پيل قومن ۾ ناراضگي پيدا ٿي، بد امنيءَ جو سبب بڻجي ٿي. گذريل ٻه مھاڀاري لڙايون، ان جو ڪارڻ ھيون. ان جي سدباب لاءِ اقوام متحدہ قائم ڪئي ويئي آھي، ليڪن ھيٺين سببن ڪري، اھا ان جي دور ڪرائڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگھي آھي.
(1) اقوام متحدہ جي ايگزيڪيوٽو (سلامتي ڪاميٽي) ۾ پنجن وڏين قومن کي دائمي جايون مليل آھي، جن مان ھر ھڪ کي ڪنھن به تجويز کي رد ڪرڻ لاءِ ويٽو جو اختيار مليل آھي.
(2) آمريڪا ۽ روس جھڙين وڏين طاقتن کي به ھڪ ووٽ جو حق آھي ته يمن ۽ اسرائيل جھڙن ننڍن ملڪن کي به ھڪ ووٽ جو حق آھي.
(3) جيستائين انھن ننڍن ملڪن وڏين طاقتن جي سياسي گروھن ۾ رھي، سندن مرضيءَ مطابق ووٽ ڏنو ٿي ته وڏين طاقتن ڪڇيو ڪونه ٿي؛ ھاڻي جڏھن ايشيا ۽ آفريڪا جي مُلڪن مان ڪن گڏجي آزاديءَ سان ووٽ ڏيڻ شروع ڪيو آھي ته وڏين طاقتن اقوام متحدہ جي ٺھرائن کي سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح بيڪار بڻائڻ شروع ڪيو آھي. جھڙوڪ: سائوٿ آفريڪا، اسرائيل، پورچوگال، روڊيشيا وغيرہ جي معاملن ۾.
(4) اقوام متحدہ کي ڪميونسٽ بلاڪ ۽ مغربي سامراجي بلاڪ، سندن پروپيگنڊا ۽ سياسي شطرنج کڻي آکاڙو بڻايو آھي. ان ڪري ايشيا، آفريڪا، سائوٿ آمريڪا جي ڪيترن ملڪن جي ان ۾ وقعت ڪانه رھي آھي.
(5) ان کي سندس ٺھرائن کي عملي جامو پھرائڻ لاءِ ڪابه اختياري ڪانه آھي.
(6) اھا سامراجي سازشن، جنگي تيارين، خوفناڪ ھٿيار ٺاھڻ جي گھٽتائي ۽ ننڍين قومن جي داد رسي ۽ ترقيءَ لاءِ خاطر خواہ انتظام نه ڪري سگھي آھي.
انھن حالتن ھيٺ ائين پيو ڏسڻ ۾ اچي ته مٿين جماعت کي ذڪر ڪيل خامين کان آجي ٿيڻ ۾ وقت لڳندو.
ان وچ ۾ ننڍن ملڪن ۽ پٺتي پيل قومن کي سندن حفاظت ۽ ترقيءَ لاءِ باھمي سمجھوتي ۽ رضامنديءَ سان وفاق يا جماعتون بڻائي پاڻ کي ايراضي خواہ آباديءَ جي لحاظ کان وڌيڪ طاقتور بڻائڻ گھرجي.
عرب ملڪن، آفريڪا، مشرق بعيد جي ڪن حصن ۾ اھو احساس پيدا ٿي چڪو آھي. ليڪن ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڪي شڪ شبھا، اختلافي مسئلا، مذھبي ۽ فسطائي نظريا، باھمي سمجھوتو ڪرائي نه سگھيا آھن. باقي ڏي وٺ جي آڌار تي جملي پٺتي پيل ملڪن ۾ اتحاد جي ضرورت آھي.
[b]اشتراڪيت ۽ سرمائيداري
[/b]
[b]اشتراڪيت:
[/b] ھن نظرئي مطابق جملي ملڪيت، پيداوار ۽ ورھاست جا ذريعا، پئسو، جماعت (حڪومت) جي ھٿ ھيٺ آندا وڃن ٿا، جي عوام جي مفاد لاءِ ان کي ڪن منصوبن مطابق ڪتب آڻين ٿا. ان مطابق شخصن ۽ طبقن جي ڇڙواڳ استعمال غرضي (ايڪسپلائيٽيشن) ڪري، مخصوص طبقي کان سواءِ عوام مسڪين ۽ محتاج ٿيو پون، سو نٿو ٿئي. ھن نظرئي وارن کي به مذھبن جي پوئلڳن وانگر اھو ويساھه ويھي ويو آھي، ته جملي انسانذات جي دنوي نجات سندن نظرئي جي دنيا تي تسلط ٿيڻ جي وسيلي ٿيڻ واري آھي. ان ڪري ان کي خوشيءَ يا زور سان دنيا تي مڙھڻ ضروري آھي. مذھب ۽ ڪميونزم جي وچ ۾ تفاوت صرف ھي آھي ته پھرين جو مدار فوق العقل اختياريءَ تي رھي ٿو ۽ پوئين جو مدار تاريخي ارتقا جي تجزئي ۽ عقل تي رھي ٿو، ليڪن ھر ھڪ سندن عالمگير صداقت جو حامي آھي.
[b]سرمائيداري:
[/b] ھن نظرئي جو بنياد ھر شخص جي بنيادي آزاديءَ تي ٻڌو وڃي ٿو، جو اصل ۾ مذھبي نظرئي جي پيداوار آھي. ان مطابق ھر ماڻھو پنھنجي عملن لاءِ جوابدار آھي. تنھن ڪري کيس ملڪيت گڏ ڪرڻ پيدائش ۽ ورھاست جي ذريعن کي استعمال ۾ آڻڻ، پئسي ذريعي ڪمائي ڪرڻ جو حق آھي. ان واسطي ھنن مذھبي ۽ فلسفيانه جواز ڳوليا آھن. ان جو نتيجو اھو نڪتو آھي ته قومن جو گھڻو حصو غريب، بي گھر، بيمار ۽ محتاج رھي ٿو ۽ ڪي گروھه ۽ طبقا، ساري ملڪيت، پيدائش ۽ ورھاست جي ذريعن ۽ پئسي جا مالڪ بڻجي رنگ رليون ڪندا وتن ٿا.
مٿي ذڪر ڪيل نظرين ڪري، پيدا ٿيل مشڪلاتن سبب انسان ذات اھڙي ٻه واٽي منزل تي اچي پھتي آھي، جنھن مان يا ته ماڻھو ڪو خاطر خواہ باھمي سمجھوتي سان حل ڳولھي، ھن وقت تائين پيدا ڪيل تھذيب ۽ تمدن کي بچائي، ان کي ترقي وٺائي، زندگيءَ جي مکيه مقصدن: اتحاد، امن ۽ انساني ترقي ڏي ھلي، منزل مقصود تي پھچن يا باھمي شڪ شبھن، نفرت ۽ نفاق، تشدد ذريعي معاملن کي فيصل ڪرڻ ۾ ڦاسي، انسان ذات جي تباھي ۽ تنزل جو ڪارڻ بڻجن.
انھن مسئلن کي حل ڪرڻ واسطي، دنيا کي اھڙي فلسفه حيات ۽ ڪلچر جي ضرورت آھي، جو سندن رھبري ڪري سگھي. انھيءَ ڪسوٽيءَ جي بنياد تي، اسان کي دنيا جي مختلف ڪلچرن کي پرکڻو آھي. جي ڪلچر انھيءَ ڪسوٽيءَ تي ٺھڪي آيا، سي ورلڊ ڪلچر (بين الاقوامي ڪلچر) جي اوڄي ۾ تاڃي پيٽي جو ڪم ڏيئي سگھندا، ٻيا ڪلچر باوجود سندن حامين جي وڏن دعوائن، محنت، جانفروشي ۽ وسيلن جي تاريخي سيلاب جي وھڪري ۾ وھي، ختم ٿي ويندا.
ھاڻ اسان کي ڏسڻو آھي ته اسان جي ڪلچر ۽ ان مان پيدا ٿيل فلسفه حيات ۾ ڪي اھڙا جُزا آھن، جي مختلف نظرين جي ٽڪراءَ، انسان ذات ۾ موجودہ شڪ شبھن، نفرت ۽ نفاق جي ھوندي، سندن رھبريءَ لاءِ بين الاقوامي ڪلچر ٺاھڻ واسطي، ڪا امداد ڏيئي سگھن ٿا يا نه؟ جي نه، ته سياسي ميدان تي اڳي شڪست کائي ويٺا آھيون، باقي ڪلچر به بيڪار ھئڻ جي حالت ۾ اسان جون حالتون سڀ اجايون ٿينديون.
آئون ان مسئلي تي غور ڪرڻ بعد ھِن نتيجي تي پھتو آھيان ته سياسي ميدان تي اسان کي اسلام، مسلم قوم ۽ پاڪستان جي نالي ۾ غلام بڻائيندڙن جي ڪلچر کان، سنڌي ڪلچر وڌيڪ صلاحيت وارو آھي، ان ڪري موجودہ تڪليفن مان مشڪلاتن جي باوجود نيٺ وڃي لنگھي پار پونداسون ۽ اسان تي ظلم ڪندڙ، سندن نظرين ۽ بد اعماليءَ ڪري نا ڪامياب ٿيندا.