سنڌ جو ڪلچر ۽ اُن جا مکيه جُزا
[/b]
آئون مٿي ذڪر ڪري آيو آھيان ته ڪلچر جا مکيه شعبا ھيٺيان ٿين ٿا.
(1) نظرياتي ۽ مذھبي عقيدا.
(2) سماجي زندگيءَ جا طور طريقا.
(3) قومي ڪردار.
(4) آرٽ [ادب ۽ فن لطيف]
بھتر آھي ته مٿي ذڪر ڪيل چئن شعبن جي سنڌي خصوصيت تي تفصيل سان روشني وجھان.
[b]مذھبي عقيدا
[/b]
پاڪستان اندر ماڻھن جو مذھب گھڻي قدر اسلام آھي، ليڪن ان جون تشريحون به جدا جدا ٿيل آھن، جن جو تفصيل سان احوال منھنجي ڪتاب ”جيئن ڏٺو آھي مون“ مان پئجي سگھي ٿو. ليڪن ھتي ھي ٻڌائڻ ضروري ٿو ڄاڻان ته اسلام جون ٻه تشريحون ڪيون ويون آھن، جن مان ھڪ کي مُلا جي تشريح سڏيو ويو آھي ۽ ٻئي کي اھل طريقت جي. سنڌ جي اڪثر درويشن جو اھل طريقت جي تشريح ۾ عقيدو رھيو آھي.
ھيٺ مختصر طرح ٻنھي تشريحن جي مکيه متن جو ذڪر ڪريان ٿو.
[b]مُلا جي اسلامي تشريح:
[/b](1) اسلام دنيا جو مڪمل ۽ آخري مذھب آھي. ان جي اچڻ کان پوءِ ٻيا سڀ مذھب منسوخ ٿي ويا آھن.
(2) انھيءَ دين ذريعي، انسان ذات جي جملي مشڪلات جي نجات حاصل ٿيڻ واري ھئي، ان ۾ ماڻھن جي ڀَلائي ۽ بھبوديءَ لاءِ مڪمل فلسفه حيات موجود آھي.
(3) پاڪستان جا مسلمان مذھب جي بنياد تي جداگانه قوم آھن، جن کي جملي قومن جي رھبري ۽ امامت ڪرڻي آھي.
(4) انسان ذات جي نجات لاءِ دين اسلام جو ساري دنيا تي غلبو ضروري آھي، جنھن لاءِ تبليغ ۽ جھاد کان ڪم وٺڻو ھو. ان ڪري مذھب ۽ سياست کي گڏي ھلائڻو آھي.
(5) پاڪستان ۾ سرشته حڪومت اسلامي روايات ۽ حُڪمن موجب ھلائڻ ضروري آھي.
[b]اھل طريقت جي اسلامي تشريح:
[/b](1) اسلام دين فطرت ھو، جنھن جو پيغام خدا طرفان ھر ملڪ، قوم ۽ زماني ۾ انسان ذات جي اتحاد، امن ۽ ترقيءَ واسطي جدا جدا پيغمبرن، رشين، حڪيمن ۽ اھل الله پئي پھچايو آھي. جن سڀني جي تعليم جو بنيادي مقصد ساڳيو ھو. انھن جي پيغام ۾ باوجود ظاھري گونا گونيءَ جي بنيادي وحدت سمايل ھئي. اسلام انھيءَ حقيقت جي اظھار جو شارح ھو. جنھن صورت ۾ جملي مذھب دين فطرت جا جزا ھئا، ان ڪري انھن جي منسوخ ٿيڻ جو عقيدو غلط ھو. ليڪن جملي مذھبن جو شريعتي شعبو، جنھن جو واسطو سماجي دستورن ۽ قانون سان ھو، سو حالتن جي تقاضا، معاشري جي تبديلي، وقتي ضرورتن مطابق تبديل ۽ منسوخ ٿي سگھيو ٿي. اھو قانون جھڙيءَ طرح ٻين مذھبن جي شريعتن سان لاڳو ٿيو ٿي. اھڙي طرح قديم دور جي حالتن، معاشري ۽ وقتي ضرورتن جي بنياد تي، مروج ٿيل اسلام جا شريعتي قانون به جديد تقاضائن جي بنياد تي تبديل ٿي سگھن ٿا.
(2) مُلا جي تخيل واري دين اسلام مان نه انسان ذات جي مشڪلات جي نجات ٿيڻ واري آھي، نه ماڻھن جي فلاح ۽ بھبوديءَ لاءِ منجھس مڪمل فلسفه حيات موجود آھي. اھي عقيدا روح اسلام ۽ دين فطرت جي بنيادي مَتن جي خلاف آھن. دين فطرت جي صحيح معنيٰ قانون ارتقا آھي، جنھن مطابق دنيا جي ھر شيءِ، مادي يا ذھني (روحاني) سدائين ترقي پذير آھي، ڪمال جي حصول لاءِ زندگي سدائين تحرڪ ۾ رھڻي آھي، تنھن ڪري دين فطرت کي چند عقيدن، شرعي قانونن ۽ عبادتن ۾ محدود ڪرڻ جو تصور ئي غلط آھي. جھڙيءَ طرح پاڻيءَ جي تازگي سندس روانيءَ ۾ آھي، رت جي صفائي ۽ پاڪيزگي ان جي دوري ۾ آھي، اھڙيءَ طرح دنيا جي ھر شيءِ تبديلي ۽ تحرڪ ذريعي قائم رھي ٿي. زندگي تحرڪ سان وابسته آھي، تنھن ڪري ان سان تعلق رکندڙ قانون به تبديل ۽ تحرڪ وارا ٿيڻا آھن.
(3) قومن جي تشڪيل مذھبن جي بنياد تي ڪرڻ، غير فطري ڳالھه آھي. مذھبن جي تشڪيل عقيدن تي ٿئي ٿي، جي نظرين مان پيدا ٿين ٿا، جي ذھني پيداوار آھن. ماڻھو ذھن ۽ جسم جو مرڪب آھي، ان کي فطري قوتن جي اثر کان جدا ڪري نٿو سگھجي. قومن جي بڻاوت ۾ وطني حالتون، جھڙوڪ آب ھوا، ماحول، گذر معاش جي ذريعن، باھمي رابطي ڪري پيدا ٿيل زبان، نسلي طبيعتن جي رجحان ڪري پيدا ٿيل قومي ڪردار ۾ ھزارن ورھين جي معلومات، تجربي، بودباش ۽ نفسياتي جذبات کي گھڻو اثر رھي ٿو. تنھن ڪري مسلمانن کي مذھب جي بنياد جدا قوم تسليم ڪري انھن کي انسان ذات جي ھدايت ۽ ليڊريءَ جي صنعتن سان منسوب ڪرڻ خوش فھمي ۽ خود فريبيءَ کان سواءِ ڪجھ نه آھي.
(4) آئون مٿي ٻڌائي آيو آھيان ته مُلا جي تخيل وارو اسلام نه مڪمل دين آھي نه انسان ذات جي اُن مان نجات حاصل ٿيڻ واري آھي، بلڪ خلاف فطرت ھئڻ ڪري، منسوخ ۽ مبدل ھئڻ جي لائق آھي. ان ڪري ان ۾ انسان ذات جي واحد رھبري ڪرڻ جي لياقت نه آھي، نه ممڪن العمل آھي. تجربي ۽ تعليم بعد ماڻھو ان نتيجي تي پھتا آھن، ته مذھب کي ماڻھوءَ جي شخصي عقيدي سان واسطو ھئڻ گھرجي. ھر مُلڪ جي سياست ماڻھن جو چونڊيل عيوضين جي ھٿ ھيٺ، ملڪي حالتن ۽ وقتي تقاضائن مطابق ھلڻ گھرجي. مذھب جو ان سان واسطو نه ھئڻ گھرجي.
(5) پاڪستان ۾ سرشته حڪومت کي اسلامي روايتن ۽ حُڪمن موجب ھلائڻ جو خيال جاھل متعصب ۽ مستقل مفاد ، وقتي تقاضائن ۽ مُلڪي ضرورتن کي نظرانداز ۽ مسلط ڪرڻ جي برابر آھي.
سنڌي ڪلچر جا مذھبي اعتقاد، پوئين گروھه اھل طريقت جا آھن. جنھن مطابق قومون نظري طرح جدا جدا مُلڪن ۾ مٿي ذڪر ڪيل اثرن ھيٺ ٺھن ٿيون، نه مذھب جي چند فرسوده عقيدن جي بنياد تي، جن ۾ ذھني موشگافين ڪري، سَوھا فرقا پيدا ٿي پيا آھن؛ جن مان ھر ڪو پاڻ کي حق تي ۽ ٻين کي ناحق تي ڄاڻي ٿو. ان کان سواءِ مٿي ذڪر ڪيل پنجن اختلافي مسئلن ۾ سنڌي ڪلچر، ھيٺين سببن ڪري ھيٺ بيان ڪيل نظرين ۾ ويساھه رکي ٿو.
دھريت ۽ روحانيت:
سنڌي درويشن جي نقطي نگاھه کان اھي ٻئي رايا ھڪ تصوير جا ٻه رُخ آھن. ھڪ کي قبولي ٻئي کي رد ڪرڻ ڪوتاھه نظريءَ جو باعث آھي. شاھه صاحب فرمائي ٿو:
پڙاڏو سو سڏ، ور وائيءَ جو جي لھين،
ھئا اڳھين گڏ، پر ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا.
انھيءَ ساڳي خيال جي بيدل فقير به وڌيڪ صفائي، ھيٺين طرح ڪرڻ فرمائي ٿو:
حقيقت ۾ ھڪ ٿيو، ڪُفر ۽ اسلام،
مظھر مولا پاڪ جي، ھندو مسلمان،
تارا ڪيا تالان، سورج سندي سوجھري!
سنڌي درويشن دھريت کي ڪفر ۽ جمله مذھبن کي اسلام سڏيو آھي. ھنن سڀني مذھبن ۾ ظاھري ڪثرت پويان بنيادي وحدت پرکي ھئي. ھنن جڏھين ڪُفر (دھريت) ۽ مذھبن (اسلام) کي ھڪ تصوير جا ٻه رُخ سمجھيو ھو، ته مذھبن جي نالي ۾ ماڻھن ۾ نفاق ۽ نفرت پيدا ڪرڻ کي ھو ڪھڙي طرح برداشت ڪري سگھيا ٿي.
روحل فقير انھيءَ جي سمجھاڻي ھيٺين طرح ڏئي ٿو.
ڪُفر ۽ اسلام ۾، ٿا ڀرين اُبتا پير،
ھڪ ھندو ٻيا مسلمان، ٽيون وچ وڌائون وير،
انڌن اوندھه نه لھي، تن کي سچ چوندو ڪير.
[b]جمھوريت ۽ آمريت:
[/b] سنڌي ڪلچر جمھوريت جي رستي جو حامي آھي. جنھن موجب ھر ھڪ ماڻھو، قوم، مذھب، ملڪ ۽ نسل جي جداگانه وجود ۽ حق خوداراديءَ جو حقدار آھي. جنھن ڪري ھر فرد جي اظھار راءِ، تقرير، تحرير ۽ جماعت سازيءَ جو حق تسليم ڪيو وڃي ٿو. ھو ماڻھن، قومن، مُلڪ ۽ نسلن ۾ مساوات آڻڻ گھري ٿو. ھو نظرئي يا مذھب جي نالي ۾ پيدا ڪيل لائق ۽ اڻ لائق، مضبوط ۽ ھيڻي، ڌڻيل ۽ ڌڪاريل، ترقي يافته ۽ پٺتي پيل مصنوعي تفاوتن کي نٿو مڃي. ھو ھر اڳرائي، ڏاڍائي، تشدد (ھنسا) جي ذريعي ٻين جي مٿان تسلط قائم ڪرڻ جي خلاف آھي. پوءِ اھو تسلط مذھب، برگزيدہ قوم يا نظرئي جي نالي ۾ ئي ڇونه قائم ڪيو ويو ھجي.
ھو سڀ ۾ پِرين پسي چوي ٿو ته:
ڪشي ڪان ڪمان ۾، متان مارين مون،
مون ۾ آھين تون، متان تنھنجو ئي توکي لڳي!
اڳ اڳرائي جو ڪري، خطا سو کائي،
پاند ۾ پائي، ويو ڪيني وارو ڪين ڪي!
ھن وٽ ھيٺيون عالم آھي:
نئون نياپو آيو، راڻي وٽان رات،
لڌي سون لطيف چئي، ڪنا ڏاتر ڏات،
ڪانه پڇي ٿو ذات، جي آئيا سي اَگھيا.
[b] قوم پرستي ۽ سامراج:
[/b] سنڌي ڪلچر قوم پرستيءَ جو حامي آھي، ۽ ھر قسم جي سامراج جو مخالف آھي، پوءِ اھو سامراج مذھب اسلام جي نالي ۾ پرچار ڪري، ننڍن صوبن ۾ قومن تي وڏن صوبن ۽ قومن جو تسلط قائم ڪرڻ وارو ھجي، يا فسطائي يا ڪميونزم جي نالي ۾ شخصي يا قومي آزاديءَ کي زوريءَ ختم ڪرڻ جو حامي ھجي.
يا اُھو سامراج پير، سيد. مُلا، شاھوڪار جي مستقل مفاد لاءِ عوام کي محڪوم ۽ مظلوم رکڻ وارو ھجي.
يا اڪثريت جو اقليت مٿان سندن رضامندي ۽ سمجھوتي کان سواءِ زوريءَ تسلط جو حامي ھجي.
يا ھڪ زبان جو ٻين قومن جي زبانن کي ڪمزور ڪري پاڻ کي زور وٺائڻ جو ھجي.
يا ھڪ تاريخي خطي زمين جي رھاڪن جي زمين، نوڪرين ڪارخانن ۽ واپار تي قبضي حاصل ڪرڻ وارو ھجي.
يا سياست، مذھب ۽ اقتصادي مسئلن بابت مستقل مفاد جي فائدي ۾ ھڪ طرفو پيدا ڪيل جواز وارو ھجي، سنڌي ڪلچر مخالف آھي.
ھن جي قوم پرست تعليم جا ڪي مکيه جُزا ھيٺيان آھن.
جيھا جي تيھا، مون مارو مڃيا،
مون جيڏيون ملير ۾، ٿيون چونڊين موڪ مھا،
منھنجي آس اِھا، ڪڏھين ڪيرائيندي ڪوٽ کي!
ايءِ نه مارن ريت، جو سيڻ مٽائين سون تي،
اچي عمر ڪوٽ ۾، ڪنديس ڪانه ڪريت،
پکن جي پريت، ماڙين تي نه مٽيان!
وري ھر قوم جي فطري حق آزاديءَ بابت ڳالھائيندي شاھه سائين فرمائي ٿو:
الله اِئين مَ ھوءِ، جيئن آءٌ مران بند ۾،
پھرين وڃان لوءِ، پوءِ مر پڄنم ڏينھڙا.
[b]اشتراڪيت ۽ سرمائيداري:
[/b] ان لاءِ سنڌي ڪلچر وچولو رستو اختيار ڪرڻ گھري ٿو، يعني سرمائيداري جي ختم ڪرڻ لاءِ، ھو خوني انقلاب جي بدران سوشلزم جي ارتقائي طريقي کي پسند ڪري ٿو.
شاھوڪارن خلاف شاھه سائين ذڪر ڪندي فرمائي ٿو:
پنجن مان پندرھن ڪري، ائين ٿا ورق ورن،
ڏُڪاريا ڏيھه مان، موذي شال مرن.
وري عوامي انقلاب جو ذڪر ڪندي فرمائي ٿو:
مند ٿي منڊل منڊيا، تاڙي ڪئي تنوار،
ھارين ھر سنڀائيا، سرھيا ٿيا سنگھار،
اڄ پڻ منھنجي يار، وَسڻ جا ويس ڪيا!
سنڌي ڪلچر جي شعبه عقيدي جا مکيه جزا ھيٺيان آھن.
(1) محبت (Love) پريم.
(2) عدم تشدد (Non Violence) اھنسا.
(3) رواداري (Co Existence) ھڪ ٻين سان برادرانه سلوڪ.
(4) لاڪوفيت (Non Alliance) غير جانبداري.
(5) حق خود ارادي (Right of self determination) آزاد راءِ ۽ قومي آزادي.
[b]محبت
[/b]
سنڌي ڪلچر ۾ محبت کي وڏو مقام حاصل آھي، ھو ان کي مٿي ذڪر ڪيل دنيا جي موجودہ مشڪلاتن، جھڙوڪ:
1- شڪ شبھن ۽ خوف خطرات.
2- نفرت ۽ نفاق.
3- تشدد ۽ تسلط.
4- غربت ۽ افلاس
جي دور ڪرڻ جي ڪُنجي ٿو سمجھي. ھر سنڌي درويش عشق جي ساراھه ڪندو رھيو آھي.
شاھ سائين فرمائي ٿو ته:
محبت سندي مام، ڪور پروڙي ڪين ڪي!
مصري شاھه چوي ٿو ته:
عشق سارو اسلام، مذھب محبت عين مبارڪ.
بيدل سائين آکي ٿو ته:
اٿان جاءِ نھين ڪنھن دي آوڻ دي،
ريءَ عشق بنا لئي پاوڻ دي.
محبت ماڻھن ۾ اتحاد آڻي ٿي. اتحاد امن جو پيش خيمو آھي. امن انسان ذات جي ترقي لاءِ مددگار ۽ معاون آھي. مذھب، مُلڪ، قوم يا نظرين جي نالي ۾ نفرت پيدا ڪندڙن کي، سنڌي ڪلچر ڪفر برابر سمجھي ٿو.
[b]عدم تشدد (اھنسا)
[/b] سنڌي ڪلچر بنيادي طرح اھنسا جو حامي آھي، ھو مخالفن کي محبت سان ۽ نصيحت ذريعي قائل ڪرڻ جو حامي آھي.
شاھه سائين فرمائي ٿو:
”ھو چونئي تون مَ چئو، واتان ورائي“
ٻي ھنڌ چوي ٿو ته:
مون کي اکڙين، وڏا ٿورا لائيا،
ته پڻ پرين پسن، کڻان جي کر سامھون!
ٽي ھنڌ فرمائي ٿو ته:
کر جا کڏ کنئين، پوڻ خاطر پرينءَ جي،
تنھن ۾ پاڻ پئي، غيبتي غار ٿيو.
ھن جو جھاد نفس سان آھي، نه خلق خدا جي مارڻ سان. ھو ھنسا کي حيواني صفت ڄاڻي ڌڪاري ٿو؛ ھن کي پتو آھي ته ھنسا ذريعي حاصل ڪيل ڪاميابي عارضي ۽ اکين جي ڍؤ برابر آھي.
تنھن ڪري ھر مقصد جي حصول لاءِ صحيح تعليم، تاليف قلوب، خدمت خلق ۽ ھر ڪنھن سان ڀلائي ڪرڻ جا طريقا استعمال ڪرڻ جي فائدي ۾ آھي. زور زبردستيءَ ذريعي عارضي ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي خلاف آھي، ھن کي تاريخي مطالعي مان معلوم آھي، ته سڪندر ۽ دارا سندن بادشاھين سميت ختم ٿي ويا.
پيغمبرن ۽ درويشن جي تعليم ۽ نالا صدين گذرڻ بعد به زندہ آھن.
[b] رواداري
[/b] جنھن کي اڄ ڪلھ انگريزيءَ ۾ (Live and let live) ”پاڻ به ۽ ٻين جو وجود به برداشت ڪر،“ سڏجي ٿو. اسان جي ماڻھن کي ولر ڪيو وتن، (Gregarious animal) سمجھي ان مطابق ھلڻ جي تلقين ڪئي آھي. شاھه سائين فرمائي ٿو ته:
ولر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾،
پسو پکيئڙن، ماڻھو ئان ميٺ گھڻو!
اِھا صفت حليمائي اختيار ڪرڻ سان حاصل ٿي سگھي ٿي. اڄ ڪلھ ڪي حڪمران طبقي جا فيلسوف ۽ اڳواڻ فسطائي نظرين ھيٺ باز- شير بڻجڻ، شمشير سنان کڻڻ جي تلقين ڪري، ماڻھن کي حيواني صفتن اختيار ڪرڻ جي تعليم ڏيڻ گھرن ٿا. ڇاڪاڻ ته سندن قومي، سندن طبقاتي مفاد جي اھا تقاضا آھي. اسان وٽ انھن لاءِ صرف ھي جواب آھي ته:
متو آھين مڇ، ٿلھو ٿو ٿونا ھڻين،
تو جا ڀائين اڇ، تنھن پاڻيءَ پڳئي ڏينھڙا!
اسان جي اکين اڳيان، اھڙي تعليم وارن، ھٽلر، مسولني، توجي وغيرہ جي ختم ٿيڻ جا مثال گھذري ويا آھن. غير برداشت ڪرڻ وارن جو حشر به اھڙو ٿيڻو آھي. اسان کي شاھه سائين، فرمائي ويو آھي:
صبر جِنين سِير، تير نه گُسي تن جو!
[b]لاڪوفيت (غير جانبداري)
[/b] غير جانبداري لفظ جي معنيٰ سمجھڻ ۾ پوري خبرداري اختيار ڪرڻي آھي. اسان ھيٺين حالتن ۾ غير جانبدار رھڻ جا طرفدار نه آھيون.
ھڪ طرف حق جو طرف ھجي، ٻي طرف ناحق جو،
ھڪ طرف اھنسا ۽ انصاف ھجي، ٻي طرف ڏاڍ ۽ ظلم ھجي،
ھڪ طرف ھدايت ھجي، ٻي طرف گمراھي،
ھڪ طرف آزادي ھجي، ٻي طرف غلامي،
ھڪ طرف محبت ھجي، ٻي طرف نفرت.
اھڙي حالت ۾ اسان کي علي الاعلان پھرين گروھه جي طرفداري وٺي ۽ حق ۽ انصاف جو پلؤ ڀاري ڪرڻو آھي. پر اسان کي غير جانبداري صرف ھيٺين حالتن ۾ اختيار ڪرڻي آھي.
(الف) جڏھن ٻه طاقتون سندن سامراجي ۽ طبقاتي اقتدار جي حصول لاءِ لڙنديون ڏسون.
(ب) جڏھين مختلف مذھبن جا علمبردار، مذھبن جي بنيادي وحدت ۽ دين فطرت جي قانونن کان اڻ واقفيت ڪري، سندن صداقت جي دعوا ڪري، انسان ذات ۾ نفاق پيدا ڪرڻ جو ڪارڻ بڻجن.
(ت) جڏھين سندن نظرين جي صداقت ۽ ٻين جي راين جي غلطي تي اصرار ڪندي، جنگ ۽ جدال ۽ بدامنيءَ جو باعث بڻجن.
(ث) جڏھين ڪي فردَ، قوتون ۽ قومون يا گروھه، سندن سائنسي ترقي، پيسي جي فراواني، تعداد جي گھڻائي، موتمار ھٿيارن جي آڌار تي پٺتي پيل، غريب، تعداد ۾ ٿورن ۽ بي ھٿيار فردن، قومن يا گروھه جي حَقن کي ماري، سامراجيت قائم رکڻ لاءِ گروھه ٺاھي ڪم ڪن.
ته اھڙي حالت ۾ اسان کي ڪنھن لالچ يا ڊپ کان مٿي ٿي، اھڙي گروھه بنديءَ کان پاسي رھڻو آھي. اسان جي درويشن به اُن لاءِ تعليم ڏني آھي.
شاھه سائين فرمائي ٿو:
صوفي لا ڪوفي، ڪونه ڀائينس ڪير،
منجھان ئي منجھ وڙھي، پڌر نه آھس پير،
جنين ساڻس وير، ھي تنين جو واھرو!
حق خود ارادي
دنيا ۾ اڄ ڪلھ ھر قوم جو حق خود ارادي، اصولي طرح قبول ڪيل آھي- اقوام متحدہ طرفان گھڻيون ئي ڪوششون ٿي رھيون آھن، پر اڃا طاقتور مُلڪ، قومون ڪيترن مُلڪن تي ناجائز قبضو رکيو ويٺيون آھن، جھڙوڪ: پورچوگال، سائوٿ آفريڪا، اسرائيل مکيه ملڪ آھن، ليڪن ڪيترا ٻيا ملڪ سندن ايراضيءَ اندر اقليت وارين قومن کي خود ارادي جي حق ڏيڻ کان نٽائين ٿا. ڀارت جمھوريت جو نالو وٺي به ڪشميرين جي حق خود ارادي کان انڪار ڪريو ويٺو آھي. پاڪستان حڪومت ڪشميرين جي حق خود ارادي وٺي ڏيڻ لاءِ ھر ڪا ڪوشش ڪري رھي آھي، ليڪن سنڌ، بلوچستان ۽ پختون ڳالھائيندڙ ايراضيءَ جي قومن کي زوريءَ وڏي صوبي جي ماتحت غلام رکيو ويٺي آھي. عراقي ڪُردن کي آٽونامي ڏيڻ لاءِ تيار نه آھن. روڊيشيا جي سفيد اقليت سياھه فام اڪثريت کي حق ڏيڻ لاءِ تيار نه آھي، وغيرہ مثال اکين اڳيان آھن.
قومن جي خود ارادي کي ھڪ طرف ڇڏي، انسانن جي بنيادي حَقن جي آزاديءَ جو اُصول، باوجود بين الاقوامي طور اقوام متحدہ جي چارٽر ۾ داخل ھئڻ جي، اڪثر ملڪن ۾ بنيادي حَقن جي آزادي ڪانه آھي. سياسي معاملن کي ڇڏي ڪلچرل ۽ ادبي ڳالھين، تقرير، تحرير ۽ جماعت سازيءَ تي ڪيترن ملڪن ۾ بندش آھي. ھِن ملڪ ۾ ھر آزاد راءِ جي اسلام جي مُلا واري تعبير جي نالي ۾ نڪته چيني ڪئي وڃي ٿي. سنڌي ڪلچر ان جي خلاف آھي. دنيا ھن وقت ھيٺين چئن مشڪلاتن ۾ ڦاٿي پيئي آھي.
(1) باھمي شڪ ۽ شبھا.
(2) خوف ۽ خطرا.
(3) نفرت ۽ نفاق.
(4) غربت ۽ افلاس.
[b](1) شڪ ۽ شبھا.
[/b]
ان مرض ۾ نه صرف افراد ڦاٿل آھن، پر قومون به انھيءَ آزار کان آزاد نه ٿي سگھيون آھن. ھر ڪنھن کي ٻين جي نيتن ۾ شڪ پوي ٿو. ان جو مکيه ڪارڻ، خود مطلبي ۽ خود فريبي آھي، ھرڪو انسان ذات جي مجموعي مفاد کي قطع نظر ڪري، پنھنجي شخصي يا قومي مفاد لاءِ ڪوشان آھي. ان کان سواءِ اڪثر ماڻھن ۽ قومن جي دماغي ڪيفيت اھا آھي ته ھر ڪو پاڻ کي حق تي ڄاڻي، ٻي کي ناحق تي ڄاڻي ٿو. اھي ماڻھو تصوير جو صرف ھڪ رخ ڏسن ٿا. ھڪڙا دھريت ۾ منجھيا پيا آھن ته ٻين مذھبن جي نالي ۾ ھر ڳالھ کي اکيون پوري کڻي ٻَک وڌا آھن ۽ دوئي جا دنيا ۾ رھڻ ڪري مذھبي، نظرياتي، قومي، نسلي، رنگن جي اختلافن ۽ خود مطلبي جي ڄار مان پاڻ ڇڏائي آجا ٿي نه سگھيا آھن.
”مئي ھاڻيءَ سين مامرو، اچي پيو انڌن“
جو حال وڃي رھيو آھي. سنڌي ڪلچر ان ڳالھ جا ٻئي رخ مسئله وحدت الوجود ۾ ايمان رکڻ سان ڏٺا آھن. شاھه سائينءَ چيو آھي:
سو ھي، سو اجل، سو الله،
سو پرين، سو پساہ، سو ويري، سو واھرو!
ھڪ قصر، در لک، ڪوڙين منجھس ڳڙکيون،
جيڏانھن ڪريان پرک، اوڏانھن سڄڻ سامھون.
اڄ ڪلھ پروفيسر انيسئٽين جي فلسفه ريليٽوٽي ۾ ھڪ حد تائين انجي جديد سمجھاڻي ملي ٿي. موجودہ دور جو بقائي باھمي (Co Existence) وارو اصول به ان مان نڪري ٿو. جنھن ڪري سنڌي ڪلچر رواداريءَ جي تعليم ڏئي ٿو. انھي ڪري سڀني مذھبن جي بنيادي وحدت ۾ اعتبار ڪندي، ساڳي مقصدن يعني اتحاد، امن ۽ ترقي انساني جي حاصل ڪرڻ لاءِ جدا جدا طريقا روا سمجھي ٿو.
”واٽون ويھ ٿيون، ڪوہ ڄاڻان ڪھڙي ويا.“
سنڌي ڪلچر نه رڳو سڀني مذھبن جي وچ ۾ رواداريءَ جو قائل آھي، پر دھريت ۽ مذھبن جي وچ ۾ به رواداري ضروري سمجھي ٿو. دھريت جو نظريو ھزارن ورھين کان دنيا ۾ مختلف صورتن ۾ موجود رھيو آھي. اھو به فطري پيداوار آھي، انجي وجود کان انڪار ڪرڻ حقائق دھر کان انڪار جي برابر ٿيندو.
افسوس جو پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ حڪمران طبقو ”لکم دين کم ولي اليدين“ جي اصول کي نظر انداز ڪري، مذھب جي آڙ ۾ غير برداشت ۽ نفرت جو رويو اختيار ڪيو آھي. ھن وقت سنڌ جي پيغام رواداري ۽ حڪمران طبقي جي جارحانه ۽ نفرت آميز نظرين جي وچ ۾ ٽڪراءُ، عارضي طرح حال ۾ سنڌين کي ناڪامي جو مُنھن ڏسڻو پيو آھي، پر آخري طرح سندن ڪلچر جو پيغام نه صرف پاڪستان جي رھاڪن جي صحيح رھبري ڪري سگھندو. ليڪن دنيا جي موجودہ شڪن ۽ شبھن گھٽائڻ ۾ مدد ڪري سگھي ٿو.
[b](2) خوف ۽ خطرا.
[/b]
جيڪڏھن چتائي ڏسبو ته حقيقت ۾ خوف ۽ خطرا شڪن ۽ شبھن مان پيدا ٿين ٿا. جڏھين ڪي فردَ، قومون يا گروھه انسان ذات جي بنيادي وحدت کي وساري، جزوي اختلافن يا مفاد کي مجموعي مفاد تي ترجيح ڏيڻ لڳن ٿا، ته شڪ پيدا ٿي، خوف جو ڪارڻ بڻجن ٿا. اڄ ڪلھ چوطرف خوف جي ھوا پکڙيل آھي. جيتري قدر مون غور ڪيو آھي، خوف جي پيدا ٿيڻ جا ھيٺيان ڪارڻ ٿين ٿا.
(1) خود مطلبي ڪري ھڪ ٻئي جي نيتن ۾ شڪ آڻڻ.
(2) باھمي رابطي ۽ تعلقات جي گھٽتائي.
(3) احساس ڪمتري يا برتري.
(4) قومي، مذھبي، اقتصادي ۽ نسلي تعصبن جو وجود.
پاڪستان ۾ حڪمران طبقو مستقل مفاد پيدا ڪري ويو آھي، سو به انھي مرض ۾ گرفتار ٿي چڪو آھي. جنھن ڪري کيس پاڪستان ۾ اندر ۽ ٻاھر چوطرف دشمن ئي دشمن نظر اچي رھيا آھن، جن کان محفوظ رھڻ لاءِ ھن کي ھيٺين تدبيرن اختيار ڪرڻ جي ضرورت پيئي آھي.
1. جمھوريت کي ختم ڪري ڪنٽرولڊ (ضابطي يا رھبري ھيٺ واري جمھوريت) ڊيموڪريسي کي مروج ڪيو آھي.
2. انساني بنيادي حقن تي ضابطو رکيو ويو آھي.
3. ڪارا قانون پاس ڪري، ماڻھن جي آزاديءَ کي گھٽايو ويو آھي.
4. بچاءَ تي خرچ کي وڌايو ويو آھي.
اھا حالت دنيا جي اڪثر ملڪن جي آھي. آمريڪا ۽ سندس ساٿين کي ڪميونسٽ ملڪن مان خطرو محسوس ٿئي ٿو. ڪميونسٽن کي سرمائيدار ۽ سامراج تي ڀروسو نه آھي. ڀارت کي پاڪستان مان خطرو محسوس ٿئي ٿو. پاڪستان کي ھندوستان جي نيت صاف نه ڏسي، خوف رھي ٿو.
مطلب ته چؤطرف اوندھه انڌوڪار پيو ڏسڻ ۾ اچي، ان وقت سنڌي ڪلچر مان ڪجھ روشنيءَ جو ترورو ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
اس چشم موري ني، ايسا اسرار ديکھا تھا،
که ليچ ابردي آفتاب کا انوار ديکھا تھا
(سچل)
خوف کي ٽارڻ لاءِ ھِن ڪلچر جا ڏسيل مکيه علاج ھيٺيان آھن.
1. اھنسا جي اصول ۾ ويساھه رکي، پيدا ٿيل شڪن ۽ خوفن کي گڏيل گفتگو ۽ ڏي وٺ جي بنياد تي ٽاري سگھجي ٿو. اقوام متحدہ به اِھو اصول قبول ڪيو آھي.
2. مذھبي، سياسي ۽ اقتصادي اختلافن جي باوجود به ھڪ ٻئي سان روادارانه طور رھي سگھجي ٿو. ليڪن ان لاءِ بنيادي ڳالھ خود مطلبي کان مٿي چڙھي پراپڪاري جو مادو ڌارڻ ضروري آھي.
[b](3) نفرت ۽ نفاق
[/b]
آئون مٿي ذڪر ڪري آيو آھيان ته جڏھن ماڻھو بنيادي وحدت کي وساري مايا واري ڄار ۾ ڦاسي پون ٿا، ته باھمي شَڪن جو شڪار ٿيو، ھڪ ٻين کان خوف ۽ خطرا محسوس ڪرڻ لڳن ٿا. ان ڪري کين مخالف لاءِ نفرت پيدا ٿي، نفاق جو ڪارڻ بڻجي ٿي. ھن وقت اھو مرض به عام ٿي ويو آھي. سرمائيدار ۽ سامراجي مُلڪ نه صرف ڪميونسٽ ماڻھن کي نفرت جي نگاھه سان ڏسن ٿا، ليڪن ان نعري جي آڙ ۾ سندن ملڪ جي ھر مخالف راءِ کي ڪميونسٽ، غدار قوم، وغيرہ نالا ڏيئي دٻائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.
ٻي طرف ڪميونسٽ نه صرف سرمائيدار ملڪن جي پاليسيءَ کي حقارت سان ڏسن ٿا، بلڪ سندن خاص راءِ سان اختلاف رکندڙ ڪميونسٽن کي سامراجين ۽ سرمائيدارن جا ايجنٽ، رويزنسٽ (بدعتي) مارڪسٽ (دقيانوسي) وغيرہ خطاب ڏئي تنگ ڪن ٿا. طبقي وار جنگ ۽ نفرت کي ڪِن ڪميونسٽ ملڪن سندن بنيادي اصولن ۾ داخل ڪيو آھي، روس وارن باھمي گفتگو، سمجوتي ۽ ڪواگزسٽنس (رواداري) جو آواز اٿاريو ته چين طرفان انھن تي لعنت ملامت شروع ٿي ويئي. پاڪستان به انھي مسموم ھوائن کان بچي نه سگھيو آھي. انجو بنياد اسلام جي غلط تعبير تي نفرت جي آڌار تي رکيو وڃي ٿو.
اول ۾ ھندن جي نفرت سندن اسلح جو مکيه اوزار ھو، مسلم ليگي، غير ليگي، کي ملڪ دشمن سمجھي، بدنام ڪرڻ شروع ڪيو. آھستي ٿي ھر مخالف راءِ رکندڙ کي ڪميونسٽ، دشمن جو ايجنٽ، صوبائي عصبيت، انتشار پسند، دھريو وغيرہ لقب ڏيئي، تنگ ڪرڻ شروع ڪيو ويو آھي.
حالتون ايتري قدر وڃي بيٺيون آھن، جو ڪي پاڻ کي پاڪستان جي حفاظت ۽ ڀَلائيءَ جو ٺيڪيدار سڏائي، مخالفن کي پاڪستان جو دشمن سڏي رھيا آھن. مخالف راءِ جي ميٽنگن، تقريرن ۽ تحريرن تي پابندي وڌي وڃي ٿي.
اڄ ڪلھ چند ماڻھن جو اھو پيشو ٿي پيو آھي ته جيڪڏھن ڪوبه ماڻھو بينگالي، پختون، سنڌي، بلوچي ۽ پنجابي حَقن جي حفاظت جي ڳالھ ڪري ٿو ته اُن کي انتشار پسند، صوبائي تعصب رکندڙ، اسلام دشمني ۽ پاڪستان جي مخالفت جي ڏوھن سان منسوب ڪري، ان کي سزا ڏني وڃي ٿي.
ھيءَ ڳالھ خوشيءَ جو سبب آھي ته سنڌ جو باخبر گروھه، ھاڻ مذھب جي غلط تشريح جي نالي ۾ ڌوڪي کائڻ کان آزاد ٿيندو وڃي. ھڪ سنڌي نوجوان مسلمان، گفتگو ڪندي، مون کي چيو ته ھو ھاڻ اُن راءِ تي پھتو ھو ته انھي فاشسٽ خيال مذھب جي ٺيڪيدارن جي خدا، رسول ۽ اسلام کي نٿو مڃي ۽ ھنن کان سندن ڪرتوتن ڪري، اھڙو بيزار ٿي چڪو ھو جو ساڳي جاءِ تي گڏجي رھڻ لاءِ تيار نه ھو، پوءِ اھا جاءِ کڻي بھشت ڇونه ھجي. اھڙي سخت ڳالھ ٻڌڻ بعد، جڏھن ان جا سبب پڇيامانس ته ھيٺيان جواب ڏنائين ته:
1- سندس خدا جو تصور رب العالمين ھو ۽ مذھب جي دعويدارن جو خدا لاءِ تصور سندن گروھه وارن مسلمانن جو خدا ھو. اھڙي خدا کي مڃڻ لاءِ ھو ڪھڙي طرح تيار ٿي سگھي ٿو.
2- ھن جي تصور وارو رسول رحمت العالمين ھو ۽ انھي طبقي جي ماڻھن جو تصور، رسول فسطائي خيال رکندڙ مسلمانن جي مخصوص گروھه جو ليڊر ھو.
3- ھن جي نقطه نگاھه وارو اسلام اتحاد، امن ۽ ترقي انساني وارو مذھب ھو، ھن طبقي جو اسلامي تصور ملڪ ۾ نفرت ۽ نفاق پکيڙي، سندس مستقل مفاد خاطر ننڍن صوبن ۽ قوميتن جا حق غضب ڪرڻ وارو ھو.
منھنجي نظر ۾ اھڙا انتھا پسنديءَ جا رايا پيدا ٿيڻ لاءِ ھيٺيون ڳالھيون ڪارڻ بڻجن ٿيون.
(1) مذھب جي غلط تعبير.
(2) ڪن ماڻھن جو سندن نظرين ۽ گروھن جي مڪمل ۽ برتر ھئڻ جو اعتماد.
(3) حڪومت ۾ دست رسي ۽ آباديءَ جي ڪثرت جو گھمنڊ.
(4) پيسي، تعليم، نوڪرين ۽ ڪارخانن تي تسلط جو ڪارڻ. دنيا ۾ ٻه طاقتون ھڪ ئي وقت اثر انداز آھن. ھڪ محبت جي ٻي نفرت جي.
محبت کي ڪشش (Integration) ملڪوتي قوت، قانون ارتقا (Law of Integration) جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.
نفرت کي (Power of Disintegration) نفاقي طاقت، شيطاني قوت (Satanic Power) سڏجي ٿو.
حضرت عيسيٰ عليه السلام ٻه ھزار ورھيه اڳ دنيا کي محبت جو پيغام ڏنو. اڪثر مذھبي ملڪن جا رھاڪو ان جا پوئلڳ ھئڻ جي باوجود نفاق جي ڪري گذريل ٻن مھاڀاري لڙاين جا ڪارڻ بڻيا.
ھندو مذھب جي مکيه اصولن ۾ ھر ساھه واري شيءِ کي مارڻ يا ڏکوئڻ پاپ آھي. پر انھي اھنسائي ڌرم جا رکپال اڄ ڪلھ جن سنگھي ۽ مھاسڀائي بڻجي پيا آھن، جن وٽ جانورن جي رکشا ٺيڪ آھي پر آزاد خيال ھندو يا غير ھندو کي قتل ڪرڻ به ثواب آھي. ايتري قدر جو مھاتما گانڌي کي قتل ڪرڻ کان نه رھيا.
اسلام دنيا ۾ اتحاد ۽ اَمن جو پيغام کڻي آيو جنھن جو پيغمابر رحمت العالمين ھو، جنھن کي جڏھين طائف ۾ اسلام جي تبليغ ڪندي، پٿر ھڻي رت ڪڍيو ويو ھو ۽ جڏھين سندس ساٿين انھن بي ادبن لاءِ بد دعا گھرڻ جي تقاضا ڪئي ته پاڻ فرمايائون ته اسان دنيا ۾ دعا ڪرڻ لاءِ آيا آھيون نه پِٽڻ لاءِ. منھنجو درگاھه الاھيءَ ۾ وري به عرض ٿيندو ته ھنن کي راھه ھدايت نصيب ٿئي. اڄ ڪلھ انھيءَ مذھب جا ڪيترا پوئلڳ نفرت پکيڙڻ، تشدد جون ڪاروايون ڪرڻ، برتري ۽ بزرگي جي بنياد تي پاڻ کي بھتر ڄاڻڻ، ھر ان ماڻھوءَ کي جو سندن مستقل مفاد جي خلاف ھجي نقصان پھچائڻ کي ثواب ٿا سمجھن.
اھڙي حالتن ۾ آئون اُن راءِ جو آھيان ته سنڌي ڪلچر واري مذھبي تشريح بنسبت مستقل مفاد جي وڌيڪ صلاحيت واري آھي. اھا باوجود موجودہ مشڪلاتن جي نيٺ علامگير ڪلچر جو جزو بڻجي برقرار رھندي ۽ مستقل مفاد جو ڪلچر باوجود ظاھري ۽ عارضي ڪاميابيءَ جي تاريخ جي فيصلي موجب ختم ٿي ويندو.
ھزارين آيا ھت، سڪندر ۽ دارا،
ڪري ويا ڪجھ گھڙيءَ لاءِ پنھنجي رارا،
مري ويا سنڌ جا جيڪي ٿيا مارا،
آ زندہ سنڌ ۾ سنڌڙيءَ جا پيارا،
ڇٽل آھي مرڻ کان سنڌ پياري،
ٿيون قربان توتان سنڌ پياري.
(حيدر)
[b]سماجي زندگيءَ جا طريقا
[/b]
(الف) کاڌو- لباس ۽ گھر (تمدن)
(ب) باھمي تعلقات ۽ رھڻي ڪرڻي جا طريقا.
(ث) سماجي دستور ۽ قاعدا.
انھن مان ھر ھڪ تي سنڌي ڪلچر جي خصوصيت بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.
کاڌو- لباس ۽ گھر (تمدن)
سڀ کان اول ھيءَ ڳالھ سمجھي ڇڏڻ ضروري آھي ته جھڙي طرح دنيا جي ھر شيءِ ترقي پذير ۽ تحرڪ ۾ آھي، اھڙي طرح ھر مُلڪ ۽ قوم جو ڪلچر به منجمد نه پر سدائين رو به ترقي رھي ٿو.
سنڌ گھڻي وقت کان ھر صديءَ ۾ ڌرتي ڌُٻڻ، سنڌونديءَ جي ڦيرين گھيرن، ٻوڏن ۽ سوڪن جي واقعن، آبپاشيءَ جي ذريعن جي پوري انتظام نه ھئڻ، بارش گھٽ پوڻ، اندروني ۽ بيروني حمله آورن ڪري دنياوي ترقي ڪري نه سگھي ھئي، شھري زندگي منجھس ڇڊي ھئي، ماڻھن جي گھڻي تعداد مال يا زراعت تي گذارو پئي ڪيو. ان مقابلي ۾ دھلي، گجرات ۽ پنجاب جون حالتون مختلف ھيون. بارش گھڻي، آبادي جام، خانه بدوش زندگي گھٽ ھئڻ ڪري، شھري زندگي گھڻي ھئي. ان ڪري اتي جا رھاڪو آسودگيءَ ۾ سنڌين کان وڌيڪ ھئا. جنھن ڪري ھر ٻاھران آيل ماڻھو مشھور مثال وانگر ”ولايت جي ڪَٻر سنڌ ۾ مينا“ شمار ٿيڻ لڳو. سنڌ جي مٿئين طبقي جي اڪثر ماڻھن پاڻ وساري، ابن الوقتيءَ جي پاليسي اختيار ڪئي ٿي، ان ڳالھ کي شاھه لطيف محسوس ڪندي ۽ سنڌ جي اڪثريت کي خانه بدوش، بدويانه زندگي گذاريندڙ، دنياوي ساز ۽ سامان کان بي بھر، برن، جھنگن پٽن ۾ گذاريندڙ، سمنڊ ۽ ڍنڍن جي ڪنارن تي رھندڙ، پھون ۽ مينھون چاريندڙ، کٿا ۽ لويون پھريندڙ، ڏٿ ۽ پيرون تي گذارو ڪندڙ، جھوپڙين ۾ رھندڙ ڏسي، صحيح جائزو وٺڻ بعد، ان زندگيءَ کان حقارت ڪرڻ جي عيوض فخر ڪرڻ جو سبق ڏنو.
ان لاءِ چوي ٿو ته:
آڻين ۽ چاڙھين، ڏٿ ڏھاڙي سومرا،
سَٿا ڪَيو، سيد چوي، سائون سُڪائين،
منجھان لُنب لطيف چئي، چائُر ڪيو چاڙھين؛
پُلاءُ نه پاڙين، عُمر! آراڙيءَ سين.
لباس لاءِ چوي ٿو ته:
سھسين سيبا ڪنجري، لوئي سين ليڙن.
وري چوي ٿو:
اسين تئان آئيون، جت کھنبو ناہ،
جي وڃون ڪنھن وھاڻ، ته پڻ مٿن لوئيون.
گھرن لاءِ چوي ٿو:
جت ڀنگا، ڀٽون، ڀيڻون، تت کوتون ٿيون کنون،
پائر سڀ پسايو، وسي وڄڙين.
ھن وقت حالتون ڪجھ بدلجي چڪيون آھن، بدويانه دور ختم ٿي زراعتي دور شروع ٿي چڪو آھي. ليڪن عوام جي حالت خاطر خواہ نموني ڪانه سڌري آھي. خاص ۽ عام کي پنھنجي حالت آھر کاڌي، لباس ۽ جاءِ رھائش، ڳوٺن ۾ تبديلي آڻڻ ضروري آھي. خانه بدوشي يا ڇڙو ڇڙ گھرن کي ڇڏي، ڳوٺاڻي زندگي اختيار ڪرڻي آھي، جتي تعليم، سلامتي، صحت، صفائي ۽ پاڻي وغيرہ جو انتظام ٿي سگھي. ھرو ڀرو ٻين جا محل ڏسي، پنھنجا ڀونگا نه ڊاھڻا آھن. پر زماني جي ترقيءَ جي رفتار سان اسان کي پنھنجا طور طريقا بدلائڻا آھن. سادگي، صفائي، سٺائي ۽ سھڻائي مٿي ذڪر ڪيل ٽنھي، تمدن جي ڳالھين ۾ اسان جو مطمع نگاھه ھجي.
[b]باھمي تعلقات ۽ رھڻي ڪرڻيءَ جا طريقا
[/b]
ان جا مکيه جزا ھيٺيان شمار ڪيا وڃن ٿا.
1- شادي غمي جا رسم رواج.
2- قبيلائي ۽ مذھبي ڏڻ وار.
3- ھڪ ٻئي سان گڏجڻ، کيڪار ۽ مجلس جا دستور.
4- ميلا ۽ انھن موقعن تي ماڻھن جي تفريح لاءِ وندرون.
اُن ۾ ھيءَ ڳالھ ذھن نشين ڪرڻي آھي ته جنھن صورت ۾ اسان سنڌ جي جملي رھاڪن کي بنا تفريق مذھب، نسل ۽ اصل رھائش جي ھڪ قوم ڪري مڃڻ جا قائل آھيون. ان ڪري ھتي جي جملي رھاڪن، پوءِ اُھي کڻي بلوچ، پٺاڻ، بنجابي، مھاجر، ھندو وغيرہ ڇونه ھجن، کي ھڪ بدن جا عضوا ڪري تسليم ڪرڻو اٿئون. آخر ۾ سڀني جا لباس، کاڌو ۽ گھرن جي جوڙجڪ، رھڻ جا طور طريقا، زبان ۽ رسم رواج ھڪ بڻجڻا آھن. اوھان کي معلوم ھوندو، سنڌ ۾ ڪيئي نسلن، زبانن، ڏند ڪٿائن، رسم رواجن ۽ مذھبن جا ماڻھو رھندڙ آھن، پر ھزار ورھين جي گذرڻ بعد ھو گھڻي قدر ھڪ ٻئي کي اھڙو ويجھو پئجي ويا، جنھن جو مثال برصغير ۾ مشڪل ملي سگھندو.
مون کي معلوم آھي ته سنڌ ۾ تازو لکھا ماڻھو جدا زبان، ڪلچر، طور طريقن ۽ رسم رواج جا آيل آھن، جن مان گھڻا ان طرفن کان آيل آھن، جن مرڪزي حڪومت جي نزديڪي، آسودگي وغيرہ سببن ڪري، بودباش جي طريقن، علم، پيسي ۽ ڪن ٻين ڳالھين ۾ اسان جي ماڻھن کان وڌيڪ ترقي يافته آھن. موجودہ حڪومت انھن کي وڌيڪ دست رسي آھي، ليڪن نظرياتي نقطي نگاہ ۾ اسان کان گھٽ آھن. ھو ڪھڙي به ڪوشش، اسان کي پاڻ ۾ ضم ڪرڻ جي ڪن پر ڪامياب نه ٿيندا، اسان کي حالتن جو اندازو ڪري انھن سان تصادم ۾ نه اچڻ گھرجي. تاليف قلوب، حسن اخلاق، محبت جي ذريعن سان اسان ٿوري وقت کان پوءِ ھڪ ٿي سگھون ٿا. سندن اردو زبان اسان کي کائي نه ويندي، نه اسان اُن کي ختم ڪرڻ گھرون ٿا. جھڙي طرح بلوچي، سرائڪي، مارواڙي اڃا تائين ڪيترا سنڌي گھرن ۾ ڳالھائين ٿا، اھڙي طرح آھستي آھستي اھي به سنڌي سِکي ويندا. گھرن ۾ سندن زبان صدين تائين قائم رھي ته ڪھڙو اعتراض آھي.
وطن زبان جي پاڙ آھي. اھا زبان وطن کان پَٽجي چڪي آھي. سرياني، سنسڪرت، لئٽن زبانن جا مثال اسان وٽ موجود آھن. باوجود عالمن جي مدد ۽ حڪومتن جي سرپرستيءَ جي اھي گھڻي وقت تائين قائم رھي نه سگھيون. ان ڪري باوجود ٻاھران آيل ماڻھن جي نفرت، احساس برتري، حاڪمانه ذھنيت جي اسان کي ميزبان جو رول ادا ڪري، انھن کي پاڻ ۾ سمائي ھڪ ڪرڻو آھي، ان لاءِ ڏي وٺ لازمي ڳالھيون آھن. بنيادي ۽ اصولي ڳالھين کي ڇڏي، فروعي ڳالھين ۾ گھڻو ڪجھ ميلاپ ٿي سگھي ٿو.
[b]شاديءَ ۽ غمي جا رسم رواج:
[/b]
مٽي مائٽيءَ ۾ تعلقات وڌائڻ کان عار نه ھئڻ گھرجي؛ اھڙن موقعن تي اچ وڃ جاري رکڻ گھرجي، اسان کي محبت سان سندن فخر ۽ نخوت کي ٽوڙڻ گھرجي.
مذھبي ڏڻ وارن ۽ مجلسن ۾ به ھڪ ٻئي سان شريڪ ٿجي، سواءِ ڪٽر مذھبي ذھنيت وارن ماڻھن جي، انھن ۾ ڪيترا اھڙا به آھن، جن جي تعليم ساڳي چشمه فيض مان ورتل آھي.
خواجه معين الدين اجميري رحه، خواجه قطب الدين ڪاڪي رحه، خواجه نظام الدين رحه، حضرت سرمد شھيد، بلا شاھه، شاھه باھو، خواجه غلام فريد، حضرت غوث بھاول الحق سڀ وحدت الوجود جا حامي ھئا. انھن کي سنڌ جي بزرگن جي درگاھن جي ميلن تي دعوت ڏئي گھرائڻ گھرجي ۽ انھن جي صوفيانه مجلس ۾ شريڪ ٿجي.
ھنن مان جيڪڏھن ڪن جو رويو نفرت آميز ۽ متحڪمانه آھي ته پرواھه نه آھي. پنھنجي خوداري قائم رکي اسان
”ھو چون، تون مهَ چئو، واتان ورائي“
جي اصول تي ھلندي، وري گڏيل ڪلچر ۽ قوم بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿي سگھون ٿا.
[b]سماجي دستور ۽ قاعدا
[/b] اھي حالتن، وقتي تقاضا، معاشري جي ضرورتن پٽاندڙ ٺھن ٿا، اھي اسان کي پنھنجي چونڊيل نمائندن ذريعي ٺھرائڻا پوندا، ھر ھڪ ڳالھ صاف ذھن ۾ وھارڻ گھرجي ته جتي به ۽ جو به ماڻھو انھن ڳالھين ۾ مذھب کي ٽَپائي آڻي ته اُن کان پاسو ڪرڻ گھرجي، ڇاڪاڻ ته اھو صرف ڌوڪو آھي. دنيا جي موجودہ عالمگير مذھبن جا دستور ۽ قاعدا اڄ ڪلھ جي معاشري ۾ سندن اھميت ۽ ضرورت وڃائي ويٺا آھن، تنھن ڪري جيڪو اھا ڳالھ ڪري ان سان رابطو نه رکڻ گھرجي.
[b]قومي ڪردار
[/b]
اھا حقيقت آھي ته سنڌ جا رھاڪو گذريل ھزارن ورھين جي تجربي ۽ روايتن سبب قومي ڪردار قائم ڪري چڪا آھن، جنھن کي ھو قيمتي ورثو سمجھن ٿا، ان تي قائم رھڻ کي ھو زندگيءَ جو مکيه فرض ڪري سمجھن ٿا. اھا ڳالھ به ظاھر آھي ته جيئن اڪثريت ماڻھن جي علم کان بي بھرہ، بزدل، خود مطلب، ابن الوقت ۽ قوم فروش ٿين ٿا، تنھن ڪري سموري قوم جي ڪردار کي انھن جي معيار تي شمار ڪرڻ غلطي ٿيندي. شير ۽ باز ٿورا ٿيندا آھن ۽ انھن جو درجو ۽ ڌاڪو لومڙين ۽ ڪانگن تي ھميشه قائم رھندو اچي.
جيتري قدر مون غور ڪري ڏٺو آھي، سنڌي ڪلچر جا مکيه ڪردار ھيٺيان آھن.
1. حب الوطني
2. پراپڪاري ۽ ايثار
3. اھنسا
4. رواداري يا بي تعصبي
5. روايات جي حمايت ۽ غيرت
6. آزاديءَ جي تمنا
7. ڏاڍ جو مقابلو
اُھي شيون ڪھڙي طرح سنڌي ڪرادر جو جزو بڻيل آھن، تنھن جو مثالن سان ذڪر ڪندس.
حب الوطني ۽ قوم پرستي.
حب الوطني سنڌي ڪردار جو مکيه جزو آھي، جنھن جي ڪري ئي شاھه عبداللطيف ۽ ٻين سنڌي شاعرن مارئيءَ جي بيان ۾ اُن جو نھايت عمدہ پيرائي ۾ ذڪر ڪيو آھي. سنڌ جا ھندو جي ولايتن ۾ وڃي، پيسا ڪمائيندا ھئا، سي سنڌ ۾ آڻي، ان جي واڌاري ۽ ترقيءَ لاءِ ڪتب آڻيندا ھئا. ھن وقت به ڪيترا ھندو جي لڏي ٻين ملڪن ۾ وڃي ويٺا آھن، سي وطن جي سِڪ ۾ روئي رھيا آھن. دودي سومري جو سنڌ جي آزادي، ناموس ۽ روايات لاءِ ڪٽنبن سميت قربان ٿي وڃڻ، دولھ دريا خان جي پُٽن سوڌي شھادت، شاھه بلاول جو گھاڻي ۾ پيڙجڻ، وغيرہ ڳالھيون ثابت ڪن ٿيون ته حُب الوطنيءَ ۽ قوم پرستيءَ جو جذبو گھڻي وقت کان سنڌين جي ڪردار ۾ سمائجي ويو آھي. ڪجھ وقت اڳي بمبئي صوبي کان جدائيءَ جي تحريڪ لاءِ ڪوششون به انھيءَ ڳالھ کي تقويت پھچائين ٿيون.
ھن وقت جيڪڏھن ڪثرت تعداد عام خاص طبقي جي ماڻھن ۾ قومي شعور جي گھٽتائي آھي ته اُن لاءِ جواب داري نوجوان گروھه تي آھي ته ھو ٻين نظرياتي ڦندن کان آجو ٿي، عام ۽ خاص ۾ حب الوطني ۽ قوم پرستيءَ جو جذبو پيدا ڪري نه سگھيا آھن. ڪي شاعر ۽ اديب ان ڏَس ۾ چڱو ڪم ڪري رھيا آھن.
ھيءَ ڳالھ صاف ذھن نشين ڪرڻ گھرجي، ته مذھبي تعصب ۽ حب الوطني يا قوم پرستي ٻئي ھڪ ٻئي جا ضد آھن. ٻه گدرا ھڪ مُٺ ۾ نه اچي سگھندا، نه وري ٻه تلوارون ھڪ مياڻ ۾ ٺھي سگھنديون.
[b]پراپڪاري ۽ ايثار
[/b] سنڌي ڪردار جو قرباني ۽ ٻين جي نفعي جو خيال رکڻ به ھڪ مکيه گڻ آھي.
مومل جو راڻي لاءِ راتيون وھائي، ڏينھن ڪرڻ، ۽ آخر ۾ پاڻ قربان ڪرڻ، سھڻيءَ جو ميھار لاءِ اونداھين راتين ۾ درياءَ ۾ تري وڃڻ ۽ آخر انھيءَ راھه ۾ ٻُڏي مرڻ، مارئيءَ جو مارن لاءِ عمرڪوٽ جي بنگلن، محلن، ست رڇين طعامن، پٽ پٽيھرن جي پرواھه نه ڪرڻ، سسئيءَ جو پنھونءَ لاءِ جھنگ جبل جھاڳڻ، انھيءَ صفت جا جزا آھن.
پاڻ کي مسڪين بڻائي ڇڏڻ، سامن لاءِ سِر ڏيڻ، سون تي سيڻ نه مَٽڻ، اُھي سڀ ڳالھيون ان جي گڏجي شھادت ڏين ٿيون.
ان حقيقت کان انڪار ڪري نٿو سگھجي، ته ملڪ ۾ خود مطلب، بخيل، قوم فروش يا بي ھمت به گھڻا آھن. بلڪ کڻي چئجي ته انھن جي ڪثرت آھي ته صحيح ٿيندو. پر شاعرن، اديبن جو قرباني جي صفت کي ساراھڻ ۽ تاريخ جا ڪيترا مثال ان ڳالھ جي دلالت ٿا ڪن ته اھا صفت سنڌين ۾ عدم موجود نه آھي، صرف ان کي وڌائڻ جي ضرورت آھي. زمين زرخيز آھي، صرف آبياري جي ضرورت اٿس. اسان کي مٿاھين طبقي جي خود مطلبي، عوام جي غير اتفاقي کان مايوس ٿيڻ نه گھرجي. اُن ڏس ۾ صحيح تعليم، تربيت ۽ مثالن قائم ڪرڻ سان گھڻو ڪجھ ٿي سگھي ٿو.
[b]اھنسا- عدم تشدد
[/b] سنڌي عام طور ڪم آزار، جھيڙي کي حتي الامڪان ٽارڻ جا عادي پئي رھيا آھن، ايتريقدر جو سندن مخالفن اھو نتيجو پئي ڪڍيو آھي، ته ھو بزدل ۽ بي ھمت آھن. پر بنيادي طرح سڀني سنڌين لاءِ اھو گُمان ساڻن نا انصافي ٿيندي. اھو مدار رکي ٿو نقطي نگاھه تي، ته سندن اھڙي طبيعت کي شرافت ۽ امن پسندي چئجي يا بزدلي ۽ بي ھمتي.
ڪيترا ماڻھو واقعي بزدل ۽ بي ھمت به آھن؛ پر انھن جي آڌار تي ساري قوم کي بزدل سمجھڻ بي انصافي ٿيندي. تشدد جا حامي سندن جوانمردي عارضي ڪاميابين تي کڻي ڪيترو به فخر ڪن، پر ديرپا ۽ آخري ڪاميابي عدم تشدد ۾ لِڪل آھي. شاھه ائين فرمائي ٿو ته:
صبر جِنين سير، تِير نه گُسي تن جو!
پر اسان جي عالمن، اديبن ۽ ڪارڪنن کي، اھنسا ۽ بزدليءَ جو تفاوت معلوم ڪرڻ ضروري آھي.
اھنسا اُن کي چئجي، جو سَرندي ٽَري وڃجي، خواہ مخواہ جھيڙو نه ڪجي، اختلاف جو فيصلو باھمي سمجھوتي سان ڪرڻ کي ترجيح ڏجي، ناحق جو مقابلو اھنسائي طريقن سان ڪجي، ڏاڍي اڳيان سچ چوڻ جي جرئت رکجي.
بزدلي اُھا ڳالھ آھي جو ڏاڍي کي ناحق تي ڏسي به اُن جي خوشامد ۽ تابعداري ڪجي، شخصي يا گروھي نفعي لاءِ مجموعي نفعي کي قربان ڪجي، سچ چوڻ کان ڇِرڪجي، ملڪ، قوم جي ناموس آزادي ۽ ترقيءَ جي راھه ۾ رڪاوٽون ڏسي خوف کان مقابلي ڪرڻ کان پاسو ڪجي. اھنسا ڪمزوريءَ جو نشان نه آھي، بلڪ اعليٰ ھمت جو مظاھرو آھي. زندگيءَ ۾ آزادي، امن ۽ ترقي لاءِ جدوجھد لازمي آھي، پر طريقي ڪار جو تفاوت آھي. ھڪڙا تشدد کي طريقي ڪار بڻائين ٿا، ٻيا عدم تشدد (اھنسا) کي. پھريون بدامنيءَ جو سبب بڻجي ٿو، ٻيو آخرڪار امن آڻي ٿو.
[b]رواداري ۽ بي تعصبي
[/b] رواداري ۽ بي تعصبي سنڌين جو مکيه اصول رھيو آھي. شاھه صاحب ھندو راجائن ۽ سورھين جھڙوڪ: سورٺ، راءِ ڏياچ، مومل ۽ راڻو، عمر ۽ مارئي، ليلا چنيسر، سسئي پنھون، وغيرہ جا قصا بيان ڪري، بي تعصبيءَ جو پورو ثبوت ڏنو آھي. ان کان سواءِ سچل سرمستؒ ، روحل فقير، بيدل وغيرہ، سندن ڪلام ۾ جنھن فراخ دليءَ ۽ ھمه اوستيءَ جو مثال پيش ڪيو آھي، اھڙو ٻئي ھنڌ ملڻ مشڪل ٿيندو. ھو نظريه ھمه اوست ۾ مڃڻ ڪري دوئي دور ڪري چڪا ھئا.
منجھان پنڊت ۽ مُلا جا مذھبن جي نالي ۾ پيدا ڪيل فرق گم ٿي ويا ھئا، جنھن ڳالھ کين باوجود جدا مذھبن جي ويجھو ڪري ڇڏيو ھو. آئيندي به اسان کي انھي نقطي نگاھه کان ھر مسئلي تي ھلڻو پوندو. جيڪڏھن اسان غير مذھب سان ھڪ ٿي سگھون ٿا، ته ساڳئي مذھب وارن سان حجت ۽ ميلاپ سان ملڻ ۾ ڪھڙي تڪليف ٿيندي سون. البت ھيءَ ڳالھ ذھن ۾ وھارڻي پوندي ته تعصب ۽ رواداري ٻئي متضاد ڳالھيون آھن. جتي محبت ھوندي، اتي تعصب پيدا ٿي ڪين سگھندو. جن دلين ۾ تعصب ھوندو، انھن کان رواداريءَ جي اميد رکڻ اجائي آھي. رواداري سخاوت آھي، تعصب بخل آھي، جو امن ۽ سلامتيءَ تي پيغمبر خدا جي چوڻ مطابق، ڪوبه بخيل رسي نه سگھندو، پوءِ کڻي ھو زاھد بر و بحر جو ھوندو.
[b]روايات جي حمايت ۽ غيرت
[/b]
سنڌين ۾ قديم روايتن جو لحاظ حد درجي اھم آھي. دودي سومري جو ڀيڻ جو سنڱ ڏيڻ ۽ ٻاھرين جي حڪم مڃڻ کان قبيلي سوڌو قربان ٿيڻ زيادہ پسند ڪيو. سنڌ جا اڪثر رھاڪو مسلمان آھن، پر قديم روايتن جو لحاظ رکندي، اڪثر ماڻھو قبيلي کان ٻاھر سڱاوتي ڪرڻ کي عيب سمجھن ٿا. لوئيءَ جي لڄ رکڻ، سون خاطر سيڻ نه مَٽڻ، سندن مکيه متا آھن. ھن زماني ۾ به اڃا ڪاري ڪاريءَ جو دستور ۽ انتقام وٺڻ جو رواج ڪيترن جاين تي مروج آھي. جيترا خوب خرابيون پنھنجي عزت ۽ غيرت جي تقاضا ڪري ھتي ٿيندڙ آھن، اوترا ٻئي ڪنھن ڇِٽي ھنڌ ٿيندا ھوندا. پر اھا قوت ۽ غيرت سھي ۽ فروعي ڳالھين تي صرف ڪئي پئي وڃي. ڪاش اسانجا قومي ڪارڪن انھيءَ جذبه غيرت کي، مُلڪ جي آزادي، زبان جي ترقي، مجموعي طور ڪتب آڻڻ لاءِ جلد ترتيب ڏئي، انھيءَ عظيم ورثي کي وڏين ڳالھين طرف صرف ڪرائين ته سنڌي قوم جي بلند ۽ برتر ٿيڻ ۾ ويرم ئي نه لڳي.
[b]آزاديءَ جي تمنا
[/b]
سنڌ جي ھزارين ورھين جي تاريخ شاھد آھي ته جيڪڏھن ھو ڪنھن وقت ڌارين جي تسلط ۾ اچي ويا آھن، ته سدائين سندن خواھش ڪوٽن جي ڪيرائڻ ۽ آزاديءَ جي ھوا ماڻڻ طرف مائل پئي رھي آھي. راجا ڏاھر کان عربن حڪومت کسي ۽ ھو ڪجھ وقت ھو ڌارين جي تسلط ھيٺ رھيا. وري سومرن، سمن جي ڏينھن ۾ ھو آزادي حاصل ڪري ويا. وري مغلن جي زير اثر رھڻ بعد ڪلھوڙن ۽ ٽالپرن جي ڏينھن ۾ پاڻ ڀرا ٿيا. ان کان پوءِ انگريزن جي ھٿ ھيٺ رھي، ٿوري عرصي لاءِ آزاد ٿي، ھاڻ وري مغربي پاڪستان جي زير تسلط ٿي ويا آھن. سندن ڪلاسيڪل شاعرن جي مارئيءَ جي قصي بيان ڪرڻ ۾ آزاديءَ جي خواھش، دودي سومري جي ساراھه جا قصا ڳائڻ، جديد شاعرن ۽ افسانه نويسن، اديبن جي قوم پرستي حب الوطني ۽ آزاديءَ جي جذبي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش، سڀ سندن ان جذبي جي شھادت ڏين ٿيون. ليڪن ھيءَ ڳالھ صاف ذھن ۾ وھارڻ جي لائق آھي ته خواھش جدا شي آھي ۽ آزاديءَ جو حصول جدا آھي.
ڪابه قوم ۽ مُلڪ آزادي حاصل ڪرڻ جي لائق ٿي نه ٿو سگھي، جيستائين ڪه ان جي ٻچي ٻچي ۾ حب الوطني، قوم پرستي، ايثار ۽ قربانيءَ جو جذبو ڀرجي نه ويو آھي. انگريزيءَ ۾ مثال ته: ”ھڪ ھنس جي موجودگيءَ ڪري اونھاري جو اچڻ شمار ڪري نٿو سگھجي.“ جتي لکھا ماڻھو خود مطلبيءَ جي مرض ۾ گرفتار ٿي پيا آھن، جتي لکھا ماڻھو بزدليءَ جي صفت سان ڀريل ھجن، ۽ جنھن مُلڪ ۾ قربانيءَ جي وَٿ اڻ لڀ ھجي، اتي صرف آزاديءَ جي تمنا رکڻ مان ڪجھ به ھڙ حاصل ٿيڻ جي اميد بيڪار آھي. شاھه سائين اھڙي حالت لاءِ فرمائي ٿو:
ھيج نه ھوندو جن، سي ڪيئن وندر وينديون،
وھو وچ رھن، سھسين سڌن واريون.
وري چوي ٿو ته:
ويٺي ور نه پون، ستي ملن نه سُپرين،
سي مر رويو رون، جن مسافر سُپرين.
[b]ڏاڍ جو مقابلو
[/b]
ڏاڍ جي مقابلي مان منھنجي مراد اُھا آھي ته جڏھن ڪنھن شخص، گروھه يا قوم کي سندن بي وسي، ڪمزوري، وسائل جي گھٽتائي، تعداد جي ٿورائيءَ جو پتو ھجي ۽ مخالف جي قوت، ھر طرح جي وسيلن جي گھڻائي، تعداد جي ڪثرت، جنگجو ذھنيت، جوان مرديءَ جو پتو ھجي، پوءِ به لوئيءَ جي لڄ يعني قومي روايتن جي حفاظت، قوم جي ناموس ۽ عزت، سچ جي آواز بلند ڪرڻ لاءِ ڄاڻي واڻي مقابلو ڪري، قربان ٿي وڃي، ان کي اڪثري سُنت حسيني سڏيو وڃي ٿو. ان صفت کان اسان جو ڪلچر خالي نه رھيو آھي. دودي سومري جي ٻن ھزار بي سر و سامان ماڻھن جو دھليءَ جي شھنشاھه جي ساز و سامان سان 20 کان 30 ھزار منظم فوج سان مقابلو، ان جو مکيه مثال آھي. دولھ درياہ خان جو سندس ڄام جي ڀڄي وڃڻ بعد مقابلو ڪري پُٽن سميت شھادت حاصل ڪرڻ، شاھه بلاول عليه جو اصولن خاطر گھاڻي ۾ پيڙجڻ کان نه ڊڄڻ، شاھه عنايت عليه جو حق جي ڪلمي چوڻ سان يار جي قدمن ۾ سر فدا ڪرڻ، مير شير محمد خان جو مکيه حڪومت جي شڪست ۽ خيرپور جي ميرن جي تابعداري مڃڻ جي باوجود به ورھين جا ورھيه جلاوطنيءَ ۾ رھڻ، ھوشو شيدي، ھيمو ڪالاڻي وغيرہ جا مثال ڏيکارين ٿا ته اُن ڪردار کان اسان جا ماڻھو خالي نه آھن. شاھه سائين اھڙي مواد جي ملڪ ۾ ڪمي نه ڏسي فرمايو آھي ته:
اڳيان اڏن وٽ، پوين سر سنباھيا،
ڪات ته پوين قبول ۾، مڇڻ ڀائين گھٽ،
مٿا مھاين جا، پيا نه ڏسين پٽ،
ڪلالڪي ھٽ، ڪُسڻ جو ڪوپ وھي!
سر جدا، ڌڙ ڌار، دوڳ جنين جا ديڳ ۾،
سي مر ڪن پچار، حاضر جني ھٿ ۾.
[b]سنڌي آرٽ
[/b]
آئون مٿي ڪلچر جي معنيٰ ۽ ترڪيبي اجزا ۾ ٻڌائي آيو آھيان ته آرٽ جي ھڪ حصي جو فلسفه حيات، نفسيات ۽ مذھبي عقيدن سان واسطو رھي ٿو، ۽ ٻئي جو ادب ۽ فن لطيف سان ٿئي ٿو. پھرين جو ذڪر نظرين ۽ مذھبي عقيدن جي احوال ۾ ڪري آيو آھيان. ھتي آئون ٻئي ڀاڱي تي روشني وجھڻ جي ڪوشش ڪندس، ان کي ھيٺين ٻن ڀاڱن ۾ ورھائي بيان ڪندس.
(الف) ادب
(ب) فن لطيف
ادب: ھر مُلڪ جي رھاڪن وٽ ھڪ ٻئي سان تعلقات قائم رکڻ، خيالن جي ڏي وٺ ۽ جذبن جي اظھار لاءِ ھڪ عام ٻولي ھوندي آھي. اھا ٻولي پنھنجي ابتدائي زماني ۾ خام ۽ اڻ پوري ھوندي آھي، ليڪن وقت گذرڻ ۽ ماڻھن جي ترقي ڪرڻ سان زبان ۾ لفظن، ڪھاڻين، پھاڪن، شعرن، افسانن ۽ علمي ڳالھين جو وڏو ذخيرو ڪَٺو ٿئي ٿو. جنھن جي مجموعي کي ان ٻوليءَ جو ادب يا ساھت سڏيو وڃي ٿو. ساڳئي وطن ۾ رھي، ھڪ زبان ڳالھائڻ ۾ ھڪ ٻئي سان تعلقات قائم ڪرڻ وسيلي ماڻھن ۾ ھم جنسيت جو مادو ٿي، منجھن ڪلچر پيدا ٿئي ٿو. جو قوم بڻجڻ لاءِ مکيه مواد پيدا ڪري ٿو.
ھر قوم جي ڪلچر يا سڀيتا جو ذخيرو، سندن ادب ذريعي محفوظ رھي ٿو. ڪوبه ماڻھن جو مجموعو زبان ۽ ڪلچر کان سواءِ قوم بڻجي نٿو سگھي. ساڳي طرح ڪا زبان ۽ ادب قوم جي وجود کان علحدہ رھي نٿا سگھن. دنيا جو ھر ڪم ڪونه ڪو مقصد ۽ مُراد رکي ٿو. خود ڪائنات جي پيدائس ڪنھن مقصد ۽ مراد کان سواءِ نه آھي. قرآن ۾ آھي، ”ما خلقت ھاذا باطلا“ معنيٰ ”ڇا ھي سارو مانڊاڻو مقصد کان سواءِ پيدا ڪيو ويو آھي.“ ادب انھيءَ عام قانون کان جدا ٿي نٿو سگھي.
عام طرح ادب جا ٻه رجحان رھيا آھن.
[b] ھڪ تفريح طبعي لاءِ، ٻيو قومي ترقيءَ لاءِ:
[/b]
جذبات ۽ اصولن جو مواد ميسر ڪرڻ واسطي ٻنھي قسم جي ادبن جي ضرورت آھي، پر ڏسڻو آھي ته ترجيح ڪنھن کي ڏني وڃي ٿي. سنڌي ادب تي نظر ڪنداسون ته اسان جي شاعرن ۽ اديبن، پوئين قسم جي ادب ڏي خاص توجه ڏنو آھي. مولانا روم فرمايو آھي ته:
خوشتران باشد کہ سر دلبران، گفتہ آيد در حديث ديگران
معنيٰ ”بھترين طريقو حقيقي ڳالھين جي اظھار ڪرڻ جو اھوئي آھي ته ٻين جي قِصن، ڪھاڻين ۽ تشبيھن طور پيش ڪيو وڃي.“ شاھه لطيف، سچل سرمست، روحل فقير، بيدل وغيرہ جملي شاعرن اعليٰ سلوڪ جون ڳالھيون، سرويچي، قرباني، حب الوطني، قوم پرستي، مشڪلات کي منھن ڏيڻ قومي روايات قائم رکڻ، سادگي، سچائي، قومي غيرت، آزاديءَ جي خواھش، اتحاد انساني امن وغيرہ جي ڳالھين کي سھڻي، سسئي، مومل راڻي، ليلا چنيسر، ھير رانجھي، ڄام تماچي وغيرہ جي ڪھاڻين ۾ بيان ڪيو آھي. اسان جي اصل شاعرن مان جن کي اسان ڪلاسيڪي شاعر سڏي سگھون ٿا، ڪنھن به ان طريقي کي نه ڇڏيو. ليڪن ڪجھ وقت کان ھڪ اھڙو رجحان به پيدا ٿيو، جنھن ۾ اردو ۽ فارسي جي تنزل واري دور جو تتبع ڪري، ھتي به شاعرن دماغي عياشيءَ لاءِ گُل، بلبل، يار جي زلفن، ناز انداز کي سڀ ڪجھ سمجھي، اُن طرف توجھ ڪيو. ٻيو وري ديون، پرين، بادشاھن جي قصن سان ادب کي ڀري ڇڏيو.
پري وري شُڪر آھي ته ھڪ گروھه پيدا ٿيو آھي، جنھن ادب کي نئين سر وقتي ضرورتن، قوم پرستي، سماجي سڌاري، اخلاقي درستي، جذبه آزادي ۽ جديد ترقي پسند خيالن سان معمور ڪرڻ شروع ڪيو آھي. ابتدا ۾ البت انھن جي ساڙ سڙين، ڪٽر فرقي پرستي، رجعت پسند لکندڙ ۽ شاعرن طرفان مخالفت ٿيندي، پر آخر اُھي ڳئونءَ جي مٿين ڏندن وانگر ختم ٿي ويندا. مندائتن مينھن جي موسم ايندي، گُل ڦل نڪري گلزاريون ٿينديون، ڏڪاريا ڏيھن مان نڪري ويندا. موذي مرندا، ساڻيھ ۾ سُڪار ٿيندو. جيڪڏھن اڄ اياز، جمال، نياز، امداد، گدائي ۽ ابراھيم منشي وغيرہ جھڙن محب وطن اديبن جي پوري طرح سڃاڻپ نه ٿي آھي ته مون کي اُھو ڏينھن نٿو ڏسڻ ۾ اچي ته سنڌ ۾ انھن جو آواز اُٿي کڙو ٿيندو ۽ رجعت پسند ڪيڙا مڪوڙا ختم ٿي ويندا.
پر اُھو ڪم اھڙو سؤلو نه آھي جھڙو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. جملي شاگردن، ماسترن، پروفيسرن، عالمن، اھل علم ۽ صاحب ذوق ماڻھن کي ھڙان وڙان ڪوشش ڪري، ان ادب جي وڌائڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻي پوندي. اسان جو موجودہ ادب بمقابله اردو ۽ بنگالي جي گھڻو پوئتي پيل آھي.
سڌائتي سڀڪا، بُک نه باسي ڪا،
جيھي تيھي ذات جي، جنبش ڪانھي ڪا،
مون سين ھلي سا، جا جيءُ مِٺو نه ڪري.
جڏھن سُتيون جي، پٿر پير ڊگھا ڪري،
تڏھين تنين کي، ساٿ سُتي ئي ڇڏيو!
ھيءَ ڳالھ ذھن نشين ڪرڻ جي لائق آھي، ته مُلا جي تشريح وارو مذھب ترقيءَ جي ھر راھه ۾ وڏي رنڊڪ آھي، ترقي پسند ادب جو پھريون فرض اھو آھي ته ان ناسور جي جراحي ڪري پاڙ پٽجي.
[b]فن لطيف
[/b]
آرٽ جي ٻئي ڀاڱي ۾ 1- راڳ، 2- ساز، 3- ڊراما، 4- رقص، 5- سٺو لباس، 6-عمدہ طعام، 7- ھُنر، 8- فن تعمير، 9- رانديون، 10- مصوري ۽ نقاشي وغيرہ اچي وڃن ٿا.
انھي راہ ۾ سنڌين وٽ ڪجھ ذخيرو موجود آھي، پر اُھو ڪافي نه آھي جو زماني جي ترقيءَ سان ساٿ ڏئي. ھر فن ۾ اسان کي اڳتي وڌڻو آھي.
[b](1) راڳ
[/b]
انھي سلسلي ۾ اسان ھندوستاني راڳ وديا جي پوئلڳي ڪندي ابتدا ۾ ڪجھ قدم کنيا ۽ ٻه ٽي راڳڻيون ايجاد ڪيون، جھڙوڪ، ڪوھياري، راڻو، سنڌي ڀيروري وغيرہ. پر ڪٽر فرقي پرستن تي خدا جي مار پوي، جن راڳ کي، جو روح جي راحت آھي، گناھه ظاھر ڪري ماڻھن کي انھن کان منع ڪئي، جيتوڻيڪ ھو مولود، مداحون مناسب سُرن سان چوندا رھيا.
ھاڻ وقت آيو آھي ته اسان جا نوجوان مشرق ۽ مغرب جي راڳ مان واقفيت پرائي، پنھنجي مڪاني راڳ کي ترقي وٺائين. ڪو دور ھو جو ڪي خاندان، ان فن جي حوصله افزائي ڪندا ھئا. ھاڻ انھن مان ڪري ٿورا وڃي رھيا آھن. ان جي واڌاري لاءِ اسڪول کولڻ گھرجن، جماعتون ٺاھي، انھن کي ھلائڻ گھرجي، راڳ جي ماھرن جي گذر معاش لاءِ انتظام ھئڻ گھرجي. درگاھن جا ميلا، ادبي مجلسون، اسڪولن ۽ ڪاليجن جا فنڪشن اھري ڪم لاءِ ڪارآمد ٿي سگھن ٿا.
[b](2) ساز
[/b] سنڌ کي پنھنجا قديم ساز آھن، جھڙوڪ يڪتارو، گھڙو، نڙ، سُرندو، بينسري، دھل، ڍولڪ، کڙتالون، تنبور، گھنگھرو، دنبورو وغيرہ. پاڻ انھن ۾ ٻين، طبلي، ستار، ڪلارونيٽ، الغوزا، ھارمونيم وغيرہ جو اضافو ٿيندو وڃي. پر اسان کي دنيا جي مختلف سازن مان گھربل مواد حاصل ڪرڻ يا پنھنجي سازن کي سڌارڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ گھرجي. ڀارت، ايران، عرب، اسپين، مصر، اٽلي يا ٻين مغربي ملڪن جي لئي، ڌُنن، تارن، نغمن، گرن، طرزن ۽ نوٽ ٿيل ڌُنن مان سبق سکڻ گھرجي. براڊ ڪاسٽنگ اسٽيشنون، سئنيمائن جا اسٽوڊيوز، ڪي ماھر ۽ استاد انھيءَ راھه ۾ ڪم ڪري رھيا آھن، پر جھڙي طرح اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ علم پڙھي ڊگريون وٺجن ٿيون، اھري طرح راڳ ۽ ساز جي سيکارڻ لاءِ ادارا کولڻ جي ضرورت آھي.
[b](3) ڊراما
[/b] ڪو وقت ھو جو اسڪولن ۾ ڊراما ٿيندا ھئا، شھرن ۾ ٿيٽر ھوندا ھئا، ڳوٺن ۾ ڀڳت. مسخرا انھيءَ فن کي زندہ رکيو آيا. پر ھاڻ سنڌ مان تقريباً اھو فن ختم ٿي چڪو آھي. سوسائٽيءَ جي اخلاقي درستي، تفريح، روح جي راحت ۽ تربيت لاءِ ان فن جي نئين سر زندہ ڪرڻ جي ضرورت آھي. سئنيمائون ان راھه ۾ ڪجھ ڪمي پوري ڪري رھيون آھن، ته ڪجھ اُن فن کي ڌڪ ھنيو اٿن. پر جيڪي ڪجھ ٿيو آھي، يا ٿئي پيو، ان کي خاص مقصدن ۽ مرادن لاءِ سڌارڻ گھرجي. ان کان سواءِ اھي سڀ واندڪائيءَ جي وندر کان مٿي ڪو اعليٰ قومي مقصد حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏئي نٿا سگھن. نوجوان مَردن ۽ زالن کي ان ۾ دلچسپي وٺڻ گھرجي، پر ان کي عياشي ۽ تفريح طبعي جي مقصد لاءِ ڪتب آڻڻ ڪري، قومي اخلاق سڌرڻ بدران بگڙندا. ان ڪري فلمن ۽ ٿيٽرن لاءِ اھل علم، صاحب اخلاق، سماج سڌارڪن کي ھٿ ۾ کڻڻ گھرجي، نه ڪه اوباش ۽ آوارہ پيشه وارن ماڻھن کي.
[b](4) رقص
[/b] مولا مار وجھي ڪٽر مذھبي ماڻھن ۽ فحش ڪلاس رقاصن تي، جن ان نھايت اعليٰ فن جي عزت گھٽائي، مھڻي ھاب ڪري ڇڏيو آھي. اڳئين وقت ۾ عيدن جي موقعن تي سماع، قلندر جي درگاھه تي ڌمال، صوفي ۽ ڀڳتن جو ڇيريون پائي نچڻ، ڏونڪا، جھمريون وغيرہ سڀ رقص جا قسم ھئا. پر آھستي آھستي ٿي اھي سڀ ختم ٿيندا وڃن ٿا.
ھندوستان جو ڪٿڪلي، مانيپوري رقص، مغرب جا ڪيترا جدا جدا رقصن جا طريقا ۽ مڪاني پراڻا لوڪ ڊانس (ڳوٺاڻا ناچ) سڌاري، وڌائي، گھڻو ڪجھ ڪري سگھجي ٿو.
ان لاءِ به راڳ ۽ ساز سان گڏ ان جي تربيت تعليم ۽ ترقيءَ لاءِ اسڪول ۽ ادارا کولڻ گھرجن.
رقص وجد جي حالت آھي، جنھن ۾ جانور، پکي، ماڻھو موج ۾ اچي، خوشيءَ جي انتھائي درجي کي پھچن ٿا. اھل تصوف ۽ فيلسوفن ان کي آرٽ ۾ وڏو درجو ڏنو آھي. ھنن جو چوڻ آھي ته زندگي خود ھڪ وڏو رقص آھي، جنھن کي جيترو خوش اسلوبيءَ سان ادا ڪبو، اوترو سبحاني ٿيندي.
[b](5) سٺو لباس
[/b] خدا حَسين آھي؛ ھو حُسن کي پسند ڪري ٿو. جانور ۽ ماڻھوءَ ۾ اھو تفاوت آھي ته ھڪ (اگھاڙو) آھي، ٻيو لباس وارو. ھر ملڪ ۽ قوم ۾ لباس جا قِسم آب ھوا، قديم روايات وغيرہ ڪري نرالا ٿين ٿا. جيئن معاشرو ترقي ڪندو وڃي ٿو ته لباس ۾ تبديلي ۽ ترقي لازمي آھي. سنڌ جو ڀرت، رليون ٺاھڻ، غاليچا، اجرڪن، ڇُر، کيسن ٺاھڻ، لونگي، گربين، وغيرہ جو ڪم پنھنجو مَٽ پاڻ آھن. سنڌ جي مردانه لباس ۾ سٿڻ، گوڏ، چولو، پھراڻ، قميص، انگوڇو، پَٽڪا، ٽوپيون، ٽوپ ۽ جُتيون پنھنجي خصوصيت رکن ٿا.
اھڙي طرح زالن جي لباس ۾ شلوارون چوڙين واريون، ان کان سواءِ پتلونون، پڙا، گھاگھرا، گھگھا، چولا، گج، ڪنجريون ۽ مختلف زيور خاص خصوصيت رکن ٿا. وقت آيو آھي ته اسان انھن کي ترقي وٺائي، جديد تقاضائن ۽ دستورن جي مقابلي ۾ پيش ڪريون. زنانن اسڪولن ۾ انھن جي تعليم ۽ تربيت ضروري آھي.
[b](6) طعام جا قِسم
[/b] سٺو، صحت بخش، زود ھضم ۽ عمدو طعام تھذيب جو مکيه جزو آھي. سنڌ جي عام ماڻھن جو کاڌو چانور، کير، مکڻ، ڏڌ، جوئر، ٻاجھري ۽ ڪڻڪ جي ماني، مڇي گوشت وغيرہ آھن. ميرن جي دور حڪومت ۾ خاندانن ۾ مغليائي، بلوچي ۽ سنڌي قسم جا طعام زيب دسترخوان ھوندا ھئا. ھن وقت انگريزي طرز جا طعام پيا مروج ٿيندا وڃن. پر اسان جا ماڻھو طعام جي نقطي نگاھه کان گھڻوئي پوئتي پيل آھن. ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته اسڪولن ۾ ڇوڪرين کي يا جدا طعام جي اسڪولن ۾ بورچين کي تعليم تربيت ڏئي، مغربي مشرقي قسم جي طعامن کي سِکي، روزمرہ جي زندگيءَ جو حصو بڻايو وڃي. ان ڏس ۾ باوجود خانگي ڪوشش جي حڪومت يا جماعت طرفان ڪابه خاطر خواہ ڪوشش ڪانه ڪئي ويئي آھي.
[b](7) ھُنر
[/b] سنڌ جا قديم دستڪاريءَ جا ھنر چڱا ترقي يافته ھئا، پر ھاڻ آھستي آھستي ٿي انھن جي ھمت افزائي نه ھئڻ ڪري گھٽبا پيا وڃن. ڪاشيءَ جو ڪم، جنڊيءَ جون شيون، چمڙي جي دٻن ۽ ٻين شين تي نقاشيءَ جو ھنر، دٻڪيون، وڃڻا، چلمون، فراسيون، مُوڙا وغيرہ خاص طرح مشھور آھن، جن مان ڪي گھٽبا وڃن. ضرورت اُن ڳالھ جي آھي ته نه رڳو اڳوڻن ھُنرن کي زندہ ڪري، ترقي وٺائي وڃي، پر نون دستڪاري ۽ مڪاني ھُنرن کي مروج ڪيو وڃي.
ان لاءِ ڪجھ سرڪار جي طرفان ڪوشش ٿي رھي آھي، ليڪن سماجي ڪارڪنن جو توجھ ان طرف ھئڻ گھرجي. جيئن اسان جي ڳوٺاڻن ماڻھن جي گذر معاش جو واڌارو ھڪ طرف ٿئي ۽ سنڌ جا ھُنر ٻئي طرف درست ٿين. پر تاريخ جي مطالعي مان ڪيئي اھڙا مثال مليا ھئم، جن مان معلوم ٿيو ٿي ته جڏھن ڪن قومن ۽ مُلڪن تي ٻاھرين حملي آورن جو سياسي تسلط قائم ٿيو ھو، جن مقامي قومن کي تباھه ڪرڻ ۾ ڪابه ڪوتاھي نه ڪئي ھئي ته ڪجھ حالتن ۾ اھي ملڪ ۽ قومون انھن مشڪلاتن مان پار پيئون ھيون. بشرطيڪ انھن قومن پنھنجا ٻيا قومي ورثا، زبان، ڪلچر، قومي ڪردار سلامت رکيا ھئا. اھڙين قومن جي وري زندہ ٿيڻ جا مثال تاريخ مان ملي سگھيا ٿي. تنھن ڪري اسان جون حالتون ھروڀرو نا اُميديءَ جھڙيون نه ھيون.
اھو تاريخي واقعو آھي ته رومي سامراجين يونانين تي حمله آور ٿي انھن جو سياسي اقتدار ختم ڪري پنھنجي ماتحت ڪيو ھو. ليڪن يوناني سندن زبان ۽ ڪلچر قائم رکڻ ڪري مورڳو رومين ڪلچر ۽ زبان تي پنھنجو سِڪو وھاري ڇڏيو. اھڙيءَ طرح سان منگولن جو مثال وٺو. جڏھن چنگيز خان ۽ ھلاڪو خان وچ ايشيا، ايران ۽ عراق جي حڪومتن تي فتح حاصل ڪري انھن ملڪن کي نيست نابود ڪري ڇڏيو ته ايرانين جي زبان ۽ ڪلچر سلامت ھئڻ ڪري مورڳو ھو انھيءَ کي اختيار ڪري ويا. ساڳي حالت منگولن جي چين ۾ ٿي. چين فتح ڪيائون ليڪن چيني زبان ۽ ڪلچر کي اختيار ڪرڻو پين.
سنڌ جي گذريل تاريخ جو مثال اکين اڳيان آھي. سنڌ جو ڪجھ وقت ايران، ڪجھ عرصو يونان، ڪجھ زمانو عربن، ڪو عھد غزنوي، پٺاڻن، ڪا مدت مغلن ۽ ڪو ٽائيم انگريزن جي تسلط ھيٺ رھي ھئي. جن سندن زبانن ۽ ڪلچرن کي سنڌين تي مڙھڻ جي ڪوشش ڪئي، مالي طرح ڏُھڻ ۾ ڪين گھٽايو پر اڄ ڇا ٿا ڏسون ته سنڌي زبان، سنڌي ڪلچر ۽ مالي حالت سلامت آھي. سواءِ ان دورن جي ڪجھ اثر جي ٻيو ڪجھ نه رھيو آھي.
[b](8) فن تعمير
[/b] فن تعمير ملڪ جي تھذيب ۽ تمدن جو مکيه جزو آھي. جيڪڏھن رھڻ لاءِ ھوادار، ڪشادہ، خوبصورت ۽ جديد ضرورتن وارو گھر نه آھي ته زندگيءَ جو لطف گھٽجيو وڃي. ان ڪري گھرن، ڳوٺن ۽ رستن جي درستي نھايت ضروري آھي.
سنڌ ان ڏَس ۾ سواءِ ڪجھ شھرن جي تمام پٺتي پيل آھي. اسان وٽ انجنيئر گھڻا ٿيندا وڃن پر آرڪيٽيڪٽ اصل ڪونه آھن، جي آھن ته اٽي ۾ لوڻ برابر. اسان گھڻو وقت انگريزن جي حڪومت ۾ رھڻ ڪري زيادہ توجھ جاين جي مضبوطي طرف کي مروج ڪرڻ ۾ دلچسپي ڪون ٿا وٺون. اسان کي ڳوٺن شھرن ۾ سٺن ھوادار، ڪشادہ خوبصورت گھرن، ڳوٺن جي جوڙجڪ ۽ پارڪن طرف خاص توجھ ڏيڻ گھرجي.
[b](9) رانديون
[/b] بدن جي مضبوط، برجسته، تندرست ۽ چُست بڻائڻ لاءِ رانديون نھايت ضروري آھن. ان کان سواءِ اُھي صحت بخش تفريح جو ڪم جدا ڏين ٿيون.
سنڌ ۾ قديم وقت کان مَلھون، ڪٻڊيون، ونجھ وٽيون، اٽي ڏڪر، کينھوڙي وغيرہ جون رانديون مروج رھيون آھن. ھاڻ انھن ۾ ڪرڪيٽ، فٽ بال، ٽينس ۽ ھاڪي وغيرہ راندين جو اضافو ٿيو آھي.
سنڌين طرفان سواءِ ملاکڙي ۽ ونجھ وٽيءَ جي راندين جي ھمت افزائيءَ جي ٻين راندين جي زور وٺائڻ لاءِ گھڻو ڪجھ نه ڪيو پيو وڃي. اھو به ڪن خاص زميندار ۽ صاحب ذوق ماڻھن جي مدد تي مدار رکندڙ آھي.
ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته ولايت جي ترقي يافته ملڪن وانگر ڪي اسوسيئيشنون ٺاھي، مڪاني راندين جي ترقي ۽ جديد راندين جي مروج ڪرڻ طرف توجھ ڏنو وڃي.
[b](10) مصوري ۽ نقاشي
[/b] سنڌ ۾ مذھبي اثر ڪري مصوريءَ طرف گھٽ توجھ ڏنو ويو آھي. پر ائين نه آھي ته ان طرف اصل توجھ ئي ڪونه ڏنو ويو آھي. جوھي تعلقي ۾ چند قديم قبرستانن ۽ قبن ۾ ان جا نشان اڃا تائين ملن ٿا. سنگ تراشيءَ ۾ چڱي خاصي ترقي ڪيل ھئي. پراڻين مسجدن، قبن ۾ نقاشيءَ جا چند مثال اڃان تائين يادگيري ڏياري رھيا آھن، ته ان طرف سنڌين چڱو توجھ ڏنو ھو. پراڻن ڪتابن ۽ قرآن شريف تي ڪڍيل نقش اڃا تائين ڪيترن جاين تي محفوظ آھن. ڪاشيءَ ۽ جنڊيءَ تي نڪتل نقش اڃان قائم آھن. ٺٽي جي مسجد ۽ سکر ۾ ڪن پراڻن قبرن جي ڪاشيءَ جا ڪم، خاص توجھ لائق آھن. سنگ تراشيءَ ۾ سنڌين خاص توجھ ڏنو آھي. مڪليءَ جي قبرستان، ھالن جي ڀر واري، خدا آباد ۽ ڪيترن ٻين قبرستانن تي سنگ تراشيءَ جو ڪم ڏسڻ وٽان آھي. ھاڻ وقت آيو آھي ته ھن ھنر کي نئين سر زندہ ڪيو وڃي. ان کان سواءِ سيمنٽ ۽ اُڪر جي ڪم کي زور وٺائڻ جي ضرورت آھي.