مذهب

زينت النساءِ

هن ڪتاب جو مرتب احقر الانام عبدالواحد شيخ ٿريچاڻوي آهي.اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي.
Title Cover of book زينت النساءِ

چند ڀلارن جا ٻول

مڙس کي پنهنجي گهر واري سان سختي سان پيش نه اچڻ گهرجي جيڪڏهن هڪ ڳالهه کان ناراض آهي ته ٻي ڳالهه کان ضرور خوش هوندو (سير)
2. توهان مان سڀ کان ڀلو اهو آهي جو پنهنجي گهرواري سان سٺو پيش اچي ٿو. (مشڪواة شريف)
3. جيتري قدر مڙس پنهنجي گهرواري سان چڱو پيش اچي ٿو اوترو ايمان ۾ مضبوط آهي. (ترغيب)
4. ٻن هستين جي باري ۾ خدا کان ڊڄو هڪ گهرواري ٻيو يتيم (ترغيب)
5. گهرواري سان محبت پيش اچڻ ۽ ان جي منهن ۾ گرهه ڏيڻ وڏو صدقو ۽ فياضي آهي (مواهب)
6. عورتن کي پاڻ ۾ هڪ ٻي سان سهڻي سلوڪ ۽ ڀلائي ڪرڻ لاءِ چئو ڇو ته اوهان جي انهن سان شادي ٿي آهي توهان کي ڪو اختيار نه آهي جيسيتائين انهن کان ڪا برائي نه ٿئي انهن سان سختي نه ڪيو. جيڪڏهن اوهان جا انهن تي حق آهن ته اوهان تي به انهن جا حق آهن. (حقوق والدين)
7. جيڪڏهن ڪنهن کي ٻه گهرواريون آهن ڪو هڪ سان زياده پيار ڪري ٿو ته قيامت ڏينهن ان حالت ۾ اٿندو جو سندس بدن جو اڌ حصو سُڪل هوندو (مشڪواة شريف)
8. انسان کي خوش ڪرڻ لاءِ دنيا ۾ ڪافي شيون آهن مگر ان کان زياده خوشي پهچائيندڙ نيڪ عورت آهي (ڪنز العمال)
9. جيڪڏهن ڪنهن کي نياڻي ڄائي آهي ۽ هو ان جي چڱي طرح پرورش ڪري ٿو ته اها کيس دوزخ جا باهه کان محفوظ رکي ٿي. (ڪنز العمال)
10. جيڪو نياڻين سان ڀلائي ڪندو ته دوزخ جي باهه کان محفوظ رهندو (خصائص الکبريٰ)
11. جڏهن بي بي فاطمة الزهرا رضي الله عنها خاتون جنت حضور عليه الصلواة والسلام جن وٽ ايندي هئي ته پاڻ سڳورا سندن استقبال لاءِ اٿي بيهندا هئا. ۽ کين پنهنجي جاءِ تي وهاريندا هوا. (سير)
12. زال مڙس جو پاڻ ۾ اهڙو تعلق آهي جيئن ٻه جاڙا ٻار (مواهب)
13. جڏهن ڪا به عورت پنج وقت نماز پڙهي ٿي ۽ روزا رمضان شريف جا رکي ٿي ۽ پاڪدامن آهي ۽ مڙس جي فرمان بردار آهي ته قيامت ڏينهن ان کي چيو ويندو بهشت ۾ جهڙي دروازي کان داخل ٿئين. (ترغيب)
14. جيڪڏهن سجدو غير کي ڪرڻ جائز هجي ها ته آءٌ عورت کي چوان ها ته تون پنهنجي مڙس کي سجدو ڪر.
(مشڪواة شريف)
15. ٽن شخصن جي نماز روزو قبول نه آهي ۽ سندن نه نيڪي مٿي وڇي تن مان هڪ اها عورت آهي جا مري وڃي ۽ ان کان ان جو مڙس راضي نه هجي. (مشڪواة شريف)
16. جا عورت مري وڃي ۽ ان جو مڙس ان کان راضي هجي هوءَ جنت ۾ داخل ٿيندي. (احياء العلوم)