ڌيان طلب ڳالهه
بزرگان دين فرمائن ٿا ته جيڪڏهن عورت ديندار ۽ خوش اخلاق هجي ۽ مڙس تان قربان ٿيندڙ هجي ۽ ان جا وار ڪارا ڊگها هجن اها دنيا ۾ جنت جي حور آهي يعني انهن حورن جو اها عورت نمونه آهي اهي ئي وصفون قرآن پاڪ بيان ڪيون آهن جيڪي حورن جون وصفون آهن ڏسو قرآن پاڪ ۾ قاصراة الطرف مان اهي عورتون مراد آهن جيڪي پنهنجن مڙسن تان گهوربيون وڃن عرب جمع آهي عروب جو ان کان مراد آهي عورتون آهن جيڪي پنهنجن مڙسن تي عاشق آهن ۽ انهن کان هم بستري جو خواهش مند هجن حور ان عورت کي چوندا آهن جنهن جي اک ۾ اڇاڻ به زياده هجي ۽ ڪارنهن به زياده هجي ۽ عينا مان مراد اهي عورتون مراد آهن جنهنجون اکيون وڏيون هجن صحيح معني ۾ عورت ۾ اهي صفتون هجڻ کپن جنهن جي نشاندهي حضور پاڪ ﷺ جن فرمائي آهي. (احياء العلوم)
حديث: پاڻ سڳورن فرمايو ته منهنجي امت ۾ اها عورت ڀلي آهي جو مڙس سان سهڻو سلوڪ رکي ٿي ۽ پنهنجي مڙس جي خواهش مطابق هلي ٿي سو ان ڪمن جي جن ۾ خدا تعاليٰ جي نافرماني نه هجي اهڙي عورت کي رات ڏينهن ۾ هزار شهيدن جو ثواب ملي ٿو جيڪي خدا تعاليٰ جي راهه ۾ صبر سان شهيد ٿين ٿا ۽ ان اجر جي اميد خدا تعاليٰ ۾ رکن ٿا
( غنية الطالبين 134)
حضرت عمر رضه کان روايت آهي ته پاڻ سڳورن هڪ ڀيري فرمايو ته عورت تي مڙس جو حق ائين آهي جيئن توهان تي منهنجو حق پوءِ جنهن منهنجي حق کي وڃايو تنهن ڄڻ الله تعاليٰ جي حق کي وڃايو پوءِ اهو الله تعاليٰ جي قهر ۽ غضب جو حقدار ٿي ويو ۽ ان جي جاءِ دوزخ ۾ هوندي. (ايضا)
حديث: هڪ روايت ۾ آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته جا عورت پنهنجي مڙس جي فرمان بردار آهي ته ياد رکو جو ان لاءِ استغفار ۽ مغفرت جي دعا پکي هوا ۾ مڇيون سمنڊن ۾ جانور جهنگن ۾ فرشتا آسمانن ۾ گهرندا آهن. (بحر محيط)
حديث: حضرت علي ڪرم الله وجه کان روايت آهي ته فرمايو نبي ڪريم ﷺ ته جيڪڏهن ڪنهن عورت جو مڙس پنهنجي حاجت لاءِ کيس سڏي ٿو ۽ اها عورت تنور تي ويٺي ماني پچائي ٿي ۽ ماني جي سڙڻ جو به خيال آهي ته به اٿي مڙس ڏانهن وڃي.
حضرت اصمعي رضه جو بيان آهي ته هڪ عورت کي ڏٺم ته مصلي تي ويٺي آهي ۽ تسبيح تهليل ۾ مشغول آهي پر نهايت زيب زينت سان سندس هٿن کي ميندي به لڳل هئي حيرت ۾ پئجي ويم ۽ کانئونس پڇيم ته عبادت لاءِ اهڙو هار سينگار ڪيئن آهي جواب ڏنائين ته عبادت خدا تعاليٰ جي آهي ۽ زيب زينت مڙس لاءِ آهي تان ته خدا تعاليٰ به راضي هجي ۽ مڙس به راضي هجي ٻنهين جو حق ادا ٿي وڃي اهو منهنجي مٿان فرض آهي مون سمجهيم ته هي عورت نهايت نيڪ بخت آهي.
حديث: هڪ حديث پاڪ ۾ آهي ته فرمايو نبي ڪريم ﷺ ته جا عورت مڙس لاءِ هار سينگار ڪري ٿي ته ان کي ٻن سو سالن جي عبادت جو ثواب ملي ٿو بشرطيڪه اخلاص سان هجي.
فائده: جيڪڏهن ڪا عورت حسين جميل آهي ۽ سندس مڙس ڪاري شڪل ۾ آهي ته اها عورت پنهجي حسن جمال تي فخرنه ڪري ڇو ته اهو سڀ ڪجهه قدرت جي هٿ آهي نه تنهنجي نه منهنجي.(ڪاتب)
حديث: حضرت نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو ته عورت پنهنجي مڙس کي حقير ۽ ذليل نه سمجهي جيڪا عورت پنهنجي مڙس کي حقارت سان ڏسي ٿي ۽ ان سان بري طرح هلي ٿي ۽ ڪلام ڪري ٿي ته ان لاءِ جنت ته پري پر جنت جي بوءِ به نه ڏسندي. (طبراني)
حديث شريف ۾ آهي ته هڪ عورت مزدوري ڪري مڙس غريب جي خدمت ڪري ٿي ان جو هڪ درهم خيرات وارو ڀلو آهي جو الله تعاليٰ جي راهه ۾ ست سو پهاڙ خيرات ڪري.
حديث: پاڻ سڳورن ﷺ جن فرمايو ته جا عورت پنهنجي مڙس جو عيب ظاهر ڪري ٿي اها عورت جهنم جي باهه پاڻ تي تيز ڪري ٿي.(طبراني، غنيه الطابق)
حديث: حضرت ابو هريره رضه کان روايت آهي ته عورت پنهنجي مڙس جي گهر جي حڪمران آهي اها پنهنجي دائره حڪومت جي اندر پنهنجي ڪم ڪار جي جوابدار آهي.(بخاري شريف)
حديث: حضرت ابن عمررضه کان روايت آهي ته حضور جن ﷺ جن فرمايو ته عورت کي هي جائز نه آهي جو مڙس جي گهران بغير موڪل جي ڪائي شيءِ کڻي ٻين کي ڏي باقي اهڙو مال آهي جيڪو رکڻ سان خراب ٿي وڃي ٿو ته اهڙو کاڌو پيتو بغير موڪل مڙس جي ٻئي کي ڏئي سگهي ٿي ورنه ته عورت گنهگار ٿيندي ۽ مرد کي ان جو ثواب ملندو(بيهقي)
حديث: حضرت عبدالله بن مسعود رضه کان روايت آهي ته حضور ﷺ جن فرمايو ته عزت پنهنجي رب کي ان وقت ويجهي ٿيندي آهي جنهن مهل هو پنهنجي مڙس جي خدمت ۾ هوندي آهي ۽ نيڪ ڪمن ۾ ان جي تابعداري ڪندي آهي.
حديث: هڪ واقعه حضرت ابوبڪر رضه جي نياڻي حضرت اسماء رضي الله عنها فرمائي ٿي ته جڏهن منهنجي شادي حضرت زبير رضي الله عنه سان ٿي ان وقت ان وٽ نه زمين هئي نه باغ باغيچو نه مال متاع صرف هڪ گهوڙو ۽ هڪ اٺ مون گهرجي صفائي ۽ رنڌ پچا ڪندي هيس ۽ سندس گهوڙي جي خدمت ۽ اٺ لاءِ گاهه پٺو ڪري انهن جي به خدمت ڪندي هيس هڪ ڀيري حضور پاڪ ﷺ جن مون وٽان لنگهيا ۽ سارو حال منهنجو ڏٺائون پاڻ سڳورن فرمايو ته ڇوڪري تون ته نهايت نيڪ بخت آهين ۽ برڪت واري آهين ۽ تنهنجي آخرت نهايت ڀلي آهي ۽ پاڻ سونهارن آخر ۾ دعا ڪندا رهيا.
حديث: هڪ شخص بدشڪل رسول الله ﷺ جن جي خدمت اقدس ۾ اچي حاضر ٿيو ۽ ان جي گهرواري نهايت حسين جميل هئي ايتري قدر حسين جميل هئي جو ان وقت ماڻهن کي ان جي ڏسڻ جي حسرت هوندي هئي پوءِ ان شخص کان حضور پاڪ ﷺ جن پڇيو ته تنهنجي گهرواري توسان ڪيئن هلي ٿي ان شخص عرض ڪيو يا رسول الله ﷺ نهايت منهنجي عزت ۽ احترام ڪري ٿي گهر کان ٻاهر بنا موڪل جي به نه وڃي ٿي ۽ ان کي پنهنجي حسن ۽ جمال تي ڪوئي خيال نه هوندو آهي بلڪ منهنجي خدمت چڱي طرح ڪندي آهي پاڻ سونهارن اهو ٻڌي فرمايو ته وڃ ان کي چؤته تون جنت جي عورتن مان آهين ڇو ته باوجود حسن جمال جي پنهنجي مڙس سادي جي فرمانبردار آهين ۽ ان جي بدصورتي تان ان کي نفرت نه آهي.
حديث: حضرت ابوهريره رضه کان روايت آهي ته هڪ ڀيري حضور ﷺ جن هڪ مجلس ۾ ويٺا هئا پوءِ مردن کي سامهون ٿي خطاب فرمايائون توهان مان ڪوئي اهڙو مرد آهي جو پنهنجي گهرواري جون ڳالهيون مخفي ٻين کي نه ٻڌائيندو هجي ماڻهن يعني حاضرين مجلس جواب ڏنو ته هائو سائين اهڙا آدمي به آهن وري پاڻ ٻيهر فرمايائون ڇا اهڙا آدمي به توهان مان آهن جيڪي گهروارين جون مخفي ڳالهيون ٻڌائيندا وتن يعني جيئن هي ڪم ڪيمهي ڪم ڪيم سڀ آدمي خاموش ٿي ويا ان کانپوءِ حضور جن ﷺ عورتن کي خطاب ڪندي فرمايو ته ڇاتوهان ۾ به ڪا اهڙي عورت آهي جا مڙس جون ڳالهيون ٻين سان ڪري اهو ٻڌي اهي خماوش ٿي ويون ٿوري دير بعد هڪ نوجوان عورت پنهنجن گوڏن تي اڀي ٿي بيٺي ۽ عرض ڪيائين يا رسول الله ﷺ اهڙيون ڳالهيون ته مرد ڪندا آهن ۽ عورتون به. تڏهن پاڻ سڳورن فرمايو ته مرد يا عورت اهڙيون ڳالهيون ڪندا آهن انهن جي مثال ائين آهي ته جيئن هڪ شيطان شيطانڙي سان کلي بازار ۾برو ڪم ڪري وري خلق به ان کي بيٺي ڏسيپوءِ اهو شيطان ڪم ڪيون هليو وڃي اي انسانو! ياد رکو اهڙيون حرڪتون نازيبا مومن ۽ مومنياڻي جي شان وٽان نه آهن قيامت جي ميدان ۾ ان ڳالهه جي به پڪڙ ٿيندي.
حديث: حضرت اسماء رضي الله عنها کان روايت آهي ته هڪ عورت حضور پاڪ جن ﷺ وٽ آئي ۽ اچي عرض ڪيائين يا رسول الله ﷺ منهنجي هڪ پهاج آهي جيڪڏهن ان جي دل ساڙڻ لاءِ چوان ته مونکي مڙس هي ڏنو آهي هي ڏنو آهي حالانڪ مون کي مڙس ڪجهه نه ڏنو آهي ڇا مان ائين ڪري سگهان ٿي يا نه؟ پاڻ سڳورن فرمايو ته نه ڏنل شيءِ جو اظهار ڪري ڪور جون ٻه پوشاڪون پائيندڙ جي مثال آهن يعني ٻيڻو گناهه .
حديث: حضرت ابو سعيد خدري رضه کان روايت آهي ته هڪ ڀيري نبي ڪريم ﷺ جن جو گذر عيد نماز لاءِ ٿيو پوءِ واپسي ڪجهه کيس عورتون نظر آيون جڏهن پاڻ سڳورا انهن جي فريب ٿيا ته انهن کي خطاب ڪندي فرمايائون ته توهان عورتون خيرخيرات گهڻو ڪنديون ڪريو ڇو ته مان سڀ کان زياده جهنم ۾ عورتون ڏٺم هي ٻڌي عورتن عرض ڪيو يا رسول الله ﷺ عورتون جهنم ۾ سڀ کان زياده ڇو وينديون پاڻ سڳورن جواب ۾ فرمايو ان جا سبب چار آهن.
1. توهان لعنت گهڻي ڪنديون آهيو؟
2. ٻيو هي ته مڙس جي نافرماني ڪنديون آهيو؟
3. دين ۽ عقل ۾ ناقص آهيو؟
4. هي ته هوشيار ۽ پرهيزگار آدمي کي عقل مان ڪڍي ڇڏينديون آهيو؟
اهي ڳالهيون مون اوهان کان ٻين ۾ نه ڏٺيون آهن.
لهذا سوچي سمجهي حياتي گذارڻ ۽ ٻين جي برائي ڪرڻ کان پاڻ کي بچايو ۽ مڙس جي خدمت دل و جان سان ڪريو ۽ عبادت الاهي ۾ ڪوتاهي نه ڪريو ان ۾ توهان لاءِ ڀلائي آهي ان فرمائڻ کان پوءِ عورتن عرض ڪيو يا رسول الله ﷺ اسان جي دين ۾ ڪهڙو نقص آهي ۽ اسان جي عقل ۾ ڪهڙو نقص آهي پاڻ سڳورن فرمايو ته ڀلا توهان ئي ٻڌايو ته ڇا هڪ مرد جي عوض ۾ ٻن عورتن جي شادي قبول آهي يا نه عرض ڪيائون هائو سائين اهو ته ٺيڪ آهي پاڻ فرمايائون ته اهي شيون عورتن جي ناقص عقل هجڻ لاءِ ڪافي دليل آهي وري فرمايائون ته ڀلا هي به ٻڌايو ته جڏهن عورت کي ماهواري ايندي آهي ان وقت نماز روزو ڪري سگهي ٿي چيائون ته نه سائين بس اهوئي دين جو نقص انهن لاءِ ڪافي آهي. (بخاري)
حديث: حضرت اسماء بنت يزيد انصاري رضي الله عنها کان روايت آهي ته هڪ ڀيري حضور جن جو ﷺ اسان وٽان گذر ٿيو ان وقت هڪ جيڏين عورتن سان گڏ هيس پوءِ حضور جن ﷺ سلام فرمايائون پنهنجينيڪي ڪندڙ مڙسن جي ناشڪري ۽ بي قدري کان بچو توهان مان هڪ ته پيءُ ماءُ وٽ ڪافي عرصه تائين ويٺل هونديون هيون پر شادي کانپوءِ الله تعاليٰ مڙس جي نعمت سان اوهان کي نوازيو ويندو آهي. پوءِ الله تعاليٰ مڙس جي نعمت سان اوهان کي نوازيو ويندو آهي. پوءِ توهان وٽ ٻارن ٻچن جي رونق ٿيندي آهي انهن سارين نعمتن هوندي جيڪڏهن ڪنهن وقت ڪنهن ڪم تي مڙس سان ٿوري رنجش ٿي پوندي آهي ته پوءِ توهان ايتري قدر عرصي گذارڻ جي هوندي محنت ۽ محبت کي نظر انداز ڪري بلڪل اکيون ٻوٽي چونديون آهيو ته ماريا مڙس مون ته توهان کي ڪڏهن به سهڻو سلوڪ ڪندي نه ڏٺو آهي نه وري ڪا ڀلائي ڏٺي اٿم.(بخاري شريف ڪتاب الايمان)
حديث: حضرت ابوهريره رضه کان روايت آهي ته پاڻ سڳورن فرمايو صحابه رضه کي ته ٽن مصيبتن کان خدا تعاليٰ کان معافي گهرندا ڪريو ان مان هڪ مصيبت عورت آهي ان جو سبب هي فرمايائون ته” فانها الشيبة قبل الشيب“ يعني بري عورت وقت کان اڳي پوڙهو ڪري ڇڏي ٿي.(احياءُ العلوم)
حديث: ام سلمهؓ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته مان پهاڙ کان زياده مردن لاءِ عورتن جو فتنو نه ڇڏيم
حديث: حضرت ابو سعيد خدري رضه کان روايت آهي ته پاڻ سونهارن ﷺ جن فرمايو” اتقوا فتنه الدنيا و فتنه النساء فان اول فتن بني اسرائيل کانت من قبل النساء“ يعني ڊڄو دنيا جي فتني کان ۽ عورتن جي فتني کان ڇو ته بني اسرائيلن ۾ پهريون فتنو عورتن کان شروع ٿيو هو.(مسلم)
حديث: هڪ حديث ۾ حضور جن عليه الصلواة والسلام فرمايو ته بني اسرائين کي برباد ڪرڻ واري شيءِ عورت هئي سڀ کان اول فتنو عورتن کان پيدا ٿيو.(مشڪواة شريف)