شاعري

ديوانِ بلبل

ڊاڪٽر اسدالله شاھ ’بيخود‘ حسيني لکي ٿو تہ: ”عروضي شاعريءَ ۾ مزاحيہ طرز نگارش جو باني مرحوم رئيس شمس الدين ’بلبل‘ هو“. ديوان بلبل، مرحوم رئيس شمس الدين ’بلبل‘ جي غزلن جو الف ب وار ديوان آهي.  ’ديوان بلبل‘ ۾ 100 غزل آهن، جن مان اَٺ ڏھ غزل ظريفانہ، اردوءَ جي (غزلن جي) مضمونن جو ترجمو آهن. 

Title Cover of book ديوانِ بلبل

مرتب جا ٻه لفظ

”بلبل“ مرحوم پنهنجي دؤر جو قادر الڪلام شاعر ۽ سخن سنج هو. سندس فن ۽ مقام ڪنهن به تعارف جا محتاج ڪين آهي.
”بلبل“ جي فن جي ڄاڻ ۽ سڃاڻ جي سلسلي ۾، سندن لائق فرزند ۽ جانشين، مرحوم رئيس ضياءالدين ايس. ”بلبل“ جنهن شرح ۽ بسط سان، مقدمي ۾ بحث ڪيو آهي، اهو ڪافي آهي. الو لد سر الابيه.
بلبل جي سيرت ۽ فن جي تعارف تي هيٺيان مضمون، ڪتاب ۽ مقالا شايع ٿيا آهن.
شمس الدين بلبل، از محمد صديق ”مسافر“ : ادبي تحفو 31-1932ع، مسلم ادبي سو سائٽي حيدرآباد.
شمس الدين ”بلبل”، ازخانبهادر محمد صديق ميمڻ؛ سنڌي جي ادبي تاريخ جلد 2-حيدرآباد سنڌ 1951ع.
شمس الدين ”بلبل“ مولانا دين محمد وفائي: الوحيد جو سنڌ آزاد نمبر –1936ع.
بلبل هڪ مفڪر -حاجي محمود خادم مرحوم، لاڙڪاڻو، 1952ع.
شمس الدين ”بلبل“، مرحوم حافط ”بسمل“ ٽکڙائي، 1949ع.
شمس الدين ”بلبل“، مرحوم ”واصف“ حيدآبادي، 1951ع.
”بلبل سنڌ“، ڊاڪٽر محمد ابراهيم صاحب ”خليل“، 1951ع.
شمس الدين ”بلبل“، احمد خان سيال، 1953ع
”بلبل“ پير حسام الدين شاهه راشدي، 1953ع.
”بلبل“، جي صحافت، مولائي شيدائي، 1965ع.
رئيس ”بلبل“، شاھ محمد صوفي، 1965ع.
”بلبل“ جا همعصر، حافظ محمد احسن، 1965ع.
”بلبل“ جو اصلاحي ڪردار، ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ، 1965ع.
ظاهر آهي ته ملڪ جي مختلف محققن، بلبل جي فن ۽ شخصيت جي هر پهلوءَ تي لکيو آهي. هن وقت تائين اهڙي سعادت، تمام ٿورن شاعرن کي نصيب ٿي آهي.
ان سلسلي ۾، ”بورد“ پاران جڏهن ”بلبل“ جي نثر ۾ ڪيل تاليفات ۽ سندن شعر وشاعريءَ کي ترتيب ڏيڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيم، ۽ مرحوم رئيس ضياالدين ”ضياء“ کان مليل قلمي مسودا مطالع ڪيم، تڏهن سڀ کان اول، ”بلبل“ جي فن تي هڪ جامع ۽ مفصل فني تنقيد ۽ تعارف تي هڪ مقالو لکيم، اهو مقالو ان سلسلي ۾، پراڻن خيالن ۽ روايتي ڳالهين کي نطر انداز ڪري، ناقدانه ۽ محققانه نموني ۾ لکيو ويو. اهو ايترو ته پسنديده ۽ مقبول ٿيو، جو ان جي هڪ حصي کي جڏهن مهراڻ نمبر 3، 63ع ۾ شايع ڪيو ويو، تڏهن سنڌ جي اڪثر اديبن ۽ محققن ان جي تعريف ڪئي. اهو مطبوع حصو به ”مهراڻ“ جي 63 صفحن تي مشتمل رهيو، جو ڪتابي صورت ۾ اضافي ۽ مقدمي سان 200 صفحا ٿي سگهي ها. افسوس جو ان مقالي جو ٻيو ڀاڱو، جو به 200 صفحن تي مشتمل آهي، اهو ڪٿي به شايع نه ٿي سگهيو آهي ۽ اڃا غير مطبوع آهي. لهٰذا، هن ”ديوان بلبل“ تي ڪنهن به طول طويل بحث ڪرڻ جي گنجائش نٿو سمجهان.
فقط ايترو عرض ڪندس ته ”ديوان بلبل“ کي ترتيب ڏيندي، ڇپيل ۽ اڻڇپيل مسودن مان، ”ديوان بلبل“ جو جنوري 1891ع وارو ڇاپو، جو ليٿو ۾، ڪراچيءَ مان ڇپيل آهي، سو ٻين کان وري به چڱو نظر آيو. ان دؤر م ڪاتبن، جنهن بيدرديءَ سان ”ديوان بلبل“ جي ڪتابت ڪئي آهي، اهو مطالع مان معلوم ٿئي ٿو. ساري ”ديوان“ ۾ چند شعر ملن ٿا جي درست آهن، باقي سڀ معائب ۽ اغلاط سان ڀريل آهن. ان طرح ٻيا ڇاپا، جن جا ڪاتب غير سنڌي آهن، تن ته سارو ڪلام مسخ ڪري ڇڏيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ”بلبل جي ديوان“ کي پڙهڻ ۽ پرجهڻ ۾ هر ڪنهن کي دقت ٿي آهي، ۽ ان جو ذڪر ”بلبل“ جي سڀني سوانح نگارن ڪيو آهي.
”ديوان بلبل“ جي ان حيثيت جا پريشاني پيدا ڪئي هوندي، ان کي شعراء ڪرام چڱيءَ طرح سمجهي سگهن ٿا.
بهرحال، ساري ديوان کي نه فقط غور سان مطالع ڪرڻو پيو، پر هر هڪ شعر جي صحت تي به ڌيان ڏيڻو پيو. آخرڪار، هن مختصر ديوان جي ترتيب ۽ صحت جو ڪم، جو هوند ٻن -ٽن هفتن ۾ ڪري سگهجي ها، تنهن سال کن ورتو. اصلاح ۽ صحت جي سلسلي ۾، ”بلبل“ جي ظريفانه انداز، بيان جي پختگيءَ، خيال جي شوخيءَ گهڻي رهنمائي ڪئي. ڪلام جي سياق ۽ سباق کي نظر ۾ رکڻ سان ڪيترن مبهم ۽ مغلق شعرن جي اصلاح ۽ صحت، آسان نموني ۾ ڪري سگهيو آهيان.
لفظن جي صحّت جي بار ۾ اهو ظاهر ٿو ڪريان ته ”بلبل“ جي دؤر جي سڀني شاعرن، ٽحرفي، لفظن جي حرڪات ۽ سڪنات جي ادائگيءَ ۾ عام غلطيون ڪيون آهن جيئن صبر، شڪر، ختم، قبر، ڪرم، رحم، عقل، عشق، وغيره.
”بلبل“ جي ڪلام ۾ ان قسم جون ڪجهه ٿوريون غلطيون نظر آيون، جي به گهڻي ڀاڱي ڪاتبن جي بيپرواهيءَ ڪري پيدا ٿيون آهن، تن کي درست ڪيو ويو آهي.
ان طرح ”بحر“ ۽ ”وزن“ جي صحت متعلق به اڳئين دؤر ۾، بي اعتنائي ڪئي وئي آهي. گهڻو ڪري، متشابه بحرن ۾ ڪا به تميز ورا نه رکي وئي آهي. ان قسم جا به چند مثال ”بلبل“ جي ديوان ۾ نظر آيا، جن کي حتي المقدور درست ڪيو ويو آهي.
مرحوم ”بلبل“ جا ڪيترا شعر، نهايت مغلق ۽ مبهم نظر آيا، جي غالب جي ڪن شعرن وانگر، مغلق، پيچيہ ۽ وسيع الاطراف آهن، ۽ مختلف المعاني تي مشتمل آهن. اهڙن شعرن سان ڪا به هٿ چُراند ڪا نه ڪيل آهي، ۽ اهي شعر فقط لفظي صحّت، ۽ عروضي حدن تائين اصلاح ڪيا ويا آهن. هونءَ به:” المعنيٰ جي الشاعر“ چيو ويو آهي.
ٻيو ته ”ديوان بلبل“ جي آخر ۾ آيل ”ڪريما نيچرل“ کي، ”ڪلام بلبل“ ۾ ”رحيما نيچرل“ ۽ ”پليگي ڪريما“، ۽ ٻئي ”متفرقه ڪلام“ سان گڏ، جدا جلد ۾ آندو ويو آهي، باقي سارو مواد جيئن جو تيئن ڏنل آهي.
ناظرين ڪرام ”بلبل“ جي عبارت جي رنگيني، ادا جي نمڪيني، خيال جي شيريني، طنز ۽ مزاح جي چاشني خود محسوس ڪري داد ڏيندا. لهذا، مرتب پنهنجي پاران ڪنهن به طول طويل تشريح ۽ صنايع بدايع، اصطلاحات ۽ لوازمات شعري جي تفصيل کان احتراز ڪري، مرحوم ”بلبل“ جي خود نوشته ديپاچي ۽ سندس واجب التعظيم فرزند ارجمند مرحوم رئيس ضياءالدين ايس. ”بلبل“ جي ”مقدمي“ کي ڪافي سمجهيو آهي.
اميد ته فن ۽ ڪلام جا ناقد، هن لذيذ ۽ شيرين ڪلام مان حَظ ۽ سرور حاصل ڪندا، جنهن لاءِ مرحوم ”بلبل“ پاڻ پيشنگوئي ڪندي چيو آهي ته اسان وٽ ”بلبل“ جي اها هڪ علمي نشاني آهي:
ڏسي، دلبر منهنجي ديوان کي گلشن ۾ چيو،
بس، رڳي هيءَ رهي، ”بلبل“ جي نشاني افسوس!

هن نسخي جي ترتيب ۽ صحت تي اطمينان جي اظهار جو ذڪر، مرحوم رئيس ”ضيا“ صاحب پنهنجي مقدمي ۾ پڻ ڪيو آهي ۽ مرتب ڏانهن لکيل خطن ۾ به تائيد ۽ تحسين فرمائي اٿس.
رب ڪريم، شال هن علمي محنت کي قبول ڪري ۽ ”بلبل“ ۽ ”ضيا“ ٻنهي جي روح کي تسڪين بخشي.

غلام محمد ”گرامي“
حيدرآباد سنڌ