ديوانِ بلبل
ڊاڪٽر اسدالله شاھ ’بيخود‘ حسيني لکي ٿو تہ: ”عروضي شاعريءَ ۾ مزاحيہ طرز نگارش جو باني مرحوم رئيس شمس الدين ’بلبل‘ هو“. ديوان بلبل، مرحوم رئيس شمس الدين ’بلبل‘ جي غزلن جو الف ب وار ديوان آهي. ’ديوان بلبل‘ ۾ 100 غزل آهن، جن مان اَٺ ڏھ غزل ظريفانہ، اردوءَ جي (غزلن جي) مضمونن جو ترجمو آهن.