لطيفيات

طريقت تورين

شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي غلام محمد شاھواڻي جي رسالي مان سر ڪلياڻ جي بيتن کي سٽ وار ترتيب سان ڏنل ڪتاب ”طريقت تورين“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون، جنھن جي ترتيب صراط بلوچ ڪئي آھي. ترتيب ۾ پھريان ٻہ سٽا بيت، پوءِ ٽي سٽا ۽ چار سٽا ۽ پنجا سٽا بيت شامل ڪيا ويا آھن. ھر بيت جي آخر ۾ بيت جي قسم جي نشاندھي پڻ موجود آهي. آخر ۾ بيتن جي الف ب وار ڏسڻي پڻ ڏني وئي آھي

  • 4.5/5.0
  • 66
  • 3
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • صراط بلوچ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book طريقت تورين

2 سٽا بيت

1
وَحۡدَهُ جي وَڍِيا، ڪِيا اِلَااللهُ اَڌَ،
سَي ڌَڙَ پَسِي سَڌَ، ڪِنهن/ڪِہَ)اَڀاڳِيءَ نه ٿئي.
دوهو سورٺو ميل ( ڪلياڻ1-12)

2
وَحۡدَهُ لَا شَرِيۡڪَ لَہُ، ايُّ هيڪَڙائِيءَ حَقُّ،
ٻِيائِيءَ کي ٻَکُ، جَنِّ وِڌو سي وِرَسِيا
دوهو سورٺو ميل( ڪلياڻ1-16)

3
پاڻَهِين پَسي پاڻَ کي، پاڻَهِين مَحَبُوبُ،
پاڻَهِين خَلقي خُوبُ، پاڻَهِين طَالِبُ تَنِّ جو.
دوهو سورٺو ميل( ڪلياڻ1-20)

4
سو هِيءُ، سو هُو، سو اَجلُ، سو اَللهُ
سو پِرِين، سو پَساهُ، سو ويرِي، سو واهَرُو.
دوهو سورٺو ميل( ڪلياڻ1-21)

5
پَڙاڏو سو سَڏُ، وَرُ وائِيءَ جو جي لَهِين،
هُئا اڳِهِين گڏُ، ٻُڌڻَ ۾ ٻه ٿِيا.
سورٺو ( ڪلياڻ1-22)

6
ايڪُ قَصَرُ، دَرَ لَکَ، ڪوڙين ڪَڻِسِ ڳِڙکِيُون،
جيڏانهن ڪَرِيان پَرکِ، تيڏانهن صاحِبُ سامُهون.
سورٺو ( ڪلياڻ1-23)
7
اگَهِي اَگهائِي، رَنجُ پِرِيان کي رَسِيو،
چَکِيَمُ چَڱائِي، سُورانگَهي سُورِيءَ تان.
سورٺو (ڪ2-بيت 1)
8
سُورِيءَ سَڏُ ٿِيو، ڪا هَلَندِي جيڏِيُون؟
وَڃَڻُ تَنِ پِيو، نالو نِينهُن ڳِنَنِ جي.
سورٺو(ڪ2-بيت 3)
9
سُورِيءَ مَٿي سيڻَ، ڪِهَڙي ليکي سَنَرا!
جيلَہ لڳا نيڻَ، تي سُورِيائِي سيڄَ ٿِي.
سورٺو(ڪ2-بيت 7)
10
سُورِيءَ چَڙهَڻُ، سيجَ پَسڻُ، اِيُّ ڪَمُ عاشِقَنِ
پاهُون ڪِينَ پَسَنِ، سائُو هَلَنِ سامُهان.
دوهو سورٺو(ڪ2-بيت 8)
11
ڪاتِيءَ تِکِي مَ ٿِئي، مَرُ مُنِيائِي هوءِ،
مانَ وَرَمَنِ توءِ، مُون پرِيان جا هَٿَڙا.
دوهوسورٺو(ڪ2-بيت 12)
12
ڪاتِي جا قَرِيبَ جِي، سا هَڏُ چِيري چَمُ،
عاشِقَنِ پنهنجو اَڱُ، اَلله/للهُ) ڪارَڻِ وَڍِيو.
دوهو سورٺو(ڪ2-بيت 13)
13
جان وَڍِين تان ويہُ، نه ته وَٺِيو واٽَ وانءُ تُون،
هِيءُ تَنِين جو ڏيهُه، ڪاتِي جَنِين هَٿَ ۾.
سورٺو(ڪ2-بيت 15)
14
سِرَ جُدا، ڌَڙَ ڌارَ، دوڳَ جَنِين جا ديڳِ ۾،
سي مَرُ ڪَنِ پَچارَ، حاضِر/هڪيا) جَنِ جي هَٿَ ۾.
سورٺو(ڪ2-بيت 26)
15
ديڳَيين دوڳَ ڪَڙَهَنِ، جِتِ ڪڙِيين ڪَڙَڪو نه لَهي،
تِتي طَبِيبَنِ، چاڪَ چِڪَندا ڇَڏيا.
سورٺو(ڪ2-بيت 27)
16
سِسِي سي گُهرَنِ، جي واٽِندَڙَ وِچَ ۾،
اُوءِ ڪِي ٻِيو پُڇَنِ، سَرو جَنِ سَنباهِيو؟
سورٺو(ڪ2-بيت 28)
17
مُلِھه مَهانگو قَطَرو، سِڪَڻُ شَهادتَ،
اَسان عِبادتَ، نَظَرُ نازُ پرِيَنِ جو.
دوهوسورٺو(ڪ2-بيت 32)
18
هَڏِ نه وَڻي هاڻِ مُون، ويڄَنِ جِي وِصالَ،
هِنَّ منهنجي حالَ، حَبِيبُ، ئِي هادِي ٿِيو.
دوهو سورٺو(ڪ3-بيت 2)
19
سوئِي راهَ رَدِّ ڪري، سوئِي رَهَنُماءُ،
وَتُعِزُّ مَنۡ تَشَآءُ، وَتَذِلُّ مَنۡ تَشَآءُ.
دوهو سورٺو(ڪ3-بيت 7)
20
سِڪِين ڪُہَ سَلامَ کي، ڪَرِين ڪُہَ نه سَلامُ؟
ٻيا دَرَ تنِّ حَرامُ، اِيءُ دَرُّ جَنِين ديکِيو.
دوهو سورٺو(ڪ3-بيت 9)
21
مِٺايان مِٺو گَهڻو، ڪَڙو ناهِ ڪَلامُ،
سُڪُوتُ ئِي سَلامُ، پِرِيان سَندي پارَ جو.
دوهو سورٺو(ڪ3-بيت 10)
22
پِرِيان سَندي پارَ جِي، مِڙَئِي مِٺائِي،
ڪانهي ڪَڙائِي، چَکِين جي چيتُ ڪري.
دوهو سورٺو(ڪ3-بيت 11)
23
ڄاڻِي ٻُجِهي جَنِ، توسِين سُورَ سَڃَ ڪِي
تون ڪيئن سَندِيون تَنِ، پَرَ سين پَچارُون ڪَرين.
سورٺو(ڪ3-بيت 12)
24
حَبِيبَنِ هيڪارَ، مَنجهان مِهرَ سَڏُ ڪِيو،
سو مُون سَڀَ ڄمارَ، اورَڻُ اُهوئِي ٿِيو.
سورٺو(ڪ3-بيت 14)
25
ڪُهَنِّ تان ڪَرَ لَهَنِّ، ڪَرَ لَهَنِ تان ڪُهَنِّ،
سيئِي، ماءِ! مُهَنِّ، سيئِي راحَتَ رُوحَ جِي.
دهو سورٺو(ڪ3-بيت 19)