ٽي سٽا بيت
وَحۡدَهُ لَا شَرِيۡڪَ لَہُ، جان ٿو چَئِين اِيئَن،
تان مَڃ مُحَمَّدُ ڪارَڻِي، نِرتُون مَنجهان نِيهَن،
تان تُون وَڃِيو ڪِيئَن، نائين سِرُ ٻِيَنِ کي.
دهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 1-5
2
وَحۡدَهُ لَا شَرِيۡڪَ لَہُ، جَڏِهۡن چَيو جَنِّ
تَنِّ مَڃِيو مُحَمَّدُ ڪارَڻِي، هيجان ساڻُ هِنيَئنِ،
تَڏِهۡن مَنجهان تَنِّ اَوَتَڙِ ڪونه اولِيو.
دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 1-6
3
وَحۡدَهُ لَا شَرِيۡڪَ لَہُ، جَنِّ اُتوسين اِيمانَ،
تَنِّ مَڃِيو مُحَمَّدُ ڪَارَڻِي، قَلبَ ساڻُ لِسانَ،
اُوءِ فائِقَ ۾ فَرمانَ، اَوَتَڙِ ڪِنهن نه اولِيا.
دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 1-7
4
اَوَتَڙِ ڪِنهن نه اوليا، سُتَڙِ وِيا سالِمَ،
هيڪائِي هيڪُ ٿِيا، اَحَدَ سين عالِمَ،
بي بَها بالِمَ، آڳي ڪِيا اَڳَهِين.
دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 1-8
5
آڳي ڪِيا اَڳَهِين، نِسورو ئِي نُورُ،
لَا خَوفُ عَلَّيۡهِمۡ وَلَا هُمۡ يَحۡزَنُوۡنَ، سَچَنِ ڪونَهي سُورُ،
موليٰ ڪِيو مَعمُورُ، اَنگُ اَزَلَ ۾ اُنِ جو.
دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 1-9
6
سِرُ ڍُونُڍِيان، ڌَڙُ نه لَهان، ڌَڙُ ڍونُڍِيان، سِرُ ناهِه،
هَٿَ ڪَرايُون آڱرِيُون، وِيا ڪَپَجِي ڪانہِه،
وَحدَتَ جي وِهانءِ، جي وِيا، سي وَڍِيا.
دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 1-13
7
وَحۡدَهُ لَا شَرِيۡڪَ لَہُ، ٻُڌئِي نه ٻوڙا،
ڪي(ڪِ) تو ڪَنين نه سُئا، جي گَهٽَ اَندَر گهوڙا،
ڳاڙِيندين ڳوڙَها، جِتِ شاهِدَ ٿِيندَءِ سامُهان.
دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 1-14
8
وَحۡدَهُ لَا شَرِيۡڪَ لَہُ، اِيءُ وِهائِج وِيءُ،
کَٽين يا(جي) هارائين، هَنڌُ تُنهنجو/تهجو) هِيءُ،
پاڻهان(پاڻا) چُوندَئِي/چُندءِ) پِيءُ، ڀَرَي جامُ جَنَّتَ جو.
دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 1-15
9
عاشِقُ چَئو مَ اُنَ کي، مَ ڪِي چَئو مَعشُوقُ،
خالِقُ چَئو مَ خامَ تُون، مَ ڪِي چَئو مَخَلُوقُ،
سَلِج تِنهَن سُلُوڪُ، جو ناقِصِئا نِڱَيو.
دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 1-17
10
وَحۡدَتان ڪَثرتَ ٿِي، ڪَثَرتَ وَحۡدَتَ ڪُلَّ،
حَقُّ حقِيقِي هيڪَڙو، ٻولِيءَ ٻِيءَ مَ ڀُلُّ،
هُو هُلاچو هُلُّ، بِااللهِ سَندو سَڄَڻين.
دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 1-18
11
ڪوڙين ڪايائون تُنهنجيون/تهجيون)، لِکَن لَکَ هَزارَ،
جِيءُ سَڀِ ڪنهن جِيءُ سين، دَرسَنُ ڌارو ڌارَ،
پرِين/پِريم)، تنهنجا پارَ، ڪِهَڙا چَئِي ڪِيئن(ڪِيءَ) چُوان.
دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 1-24
12
اَنڌا اُونڌا ويڄَ! کَلَ ڪُڄاڙِيا کانئِين؟
اسان ڏُکِي ڏِيل ۾، تُون پيارِئِين پيڄَ!
سُورِي جَنِينِ سيڄَ، مَرَڻُ تَنِ مُشاهِدو.
سورٺو ميل( سورٺو وچ دوهو) ڪلياڻ 2-2
13
سُورِي سَڏُ ڪَري، اُڀِي عاشِقَنِ کي،
جي اَٿِي سَڌَ سِڪَڻُ ۾، ته ڪَوءُ مَ، پيرُ پري،
سِسِي ڌارَ ڌري، پُڇج پوءِ پِرِيتَڻُون.
سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) ڪلياڻ 2-4
14
سُورِي آهِ سينگارُ، اَڳِهِين عاشِقَنِ جو،
مُڙڻُ موٽَڻُ مِيهڻو، ٿِيا نِظاري نِرَوار،
ڪُسَڻُ جو قَرارُ، اَصُلِ عاشِقَنِ کي.
سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) ڪلياڻ 2-5
15
سُورِي سِينگاري، اَصُلِ عَاشِقَنِ کي،
لُڏِيا ڪِينَ لَطِيفُ چئي، ٿِيا نيزي نِظاري
ڪوٺِيو ڪِناري، آڻِيو چاڙهي اُنِ کي
سورٺو ميل (سورٺو وچ دوهو) ڪلياڻ 2-6
16
سُورِيءَ تي سَئووارَ، ڏِهاڙِيو چَنگِ چَڙهِين،
جِمَ وِرچِي ڇَڏَئِين، سِڪَڻُ جِي پَچارَ،
پِرَتِ نه پسِين پارَ، نينهن/نيہُ) جِئان ئِي/جئَائِين) نِڱِيو.
سورٺو ميل (سورٺو وچ دوهو) ڪلياڻ 2-9
17
پهرِين ڪاتِي پاءِ، پُڇَجِ پوءِ پِرِيتَڻو،
ڏُکُ پِريان جو ڏِيلَ ۾، واڄَٽَ جِيئن(جِيَ) وَڄاءِ،
سِيخُنِ ماهُ پَچاءِ، جي نالو ڳِيَڙُءِ نينهن جو.
سورٺو ميل (سورٺو وچ دوهو) ڪلياڻ 2-10
18
ڪاتِيءَ ڪونهي(ڪونہ) ڏوهُ، ڳَنُ وڍِيندڙَ هَٿَ ۾،
پَسيو پَرِ عَجِيبَ جِي، لِچِيو وَڃي لوهُ،
عاشِقَنِ اَندوهُ، سَدا مَعشُوقَنِ جو.
سورٺو ميل (سورٺو وچ دوهو) ڪلياڻ 2-11
19
جي تو سِڪَڻُ سِکِيو، ته ڪاتِيءَ پَئي مَ ڪِنجُهه،
سُپيرِيان جي سُورَ جو، ماڙَهُنِ ڏجي نه مَنجُهه،
اَندَرِ اِيءُ اَهنجُ، سانڍِجِ سُکائُون ڪري.
دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 2-14
20
ڪاتِي جَنِّ ڳَري، مان لَنوءُ لَڳو تَنِ سين،
مُحَبَتَ جي مَيدانَ ۾، وَڃان پيرَ ڀَري
اَڏِيءَ سِرُ ڌري، مانَ ڪُهَنِئُون سُپِرِين
سورٺو ميل (سورٺو وچ دوهو) ڪلياڻ 2-16
21
جي اَٿيئي/اَٿِي) سَڌَ سُرڪَ جِي، ته وَنءُ ڪلاڙڪي هَٽِ،
لاهي رَکُ لطيف چَئي، مَٿو ماٽي وَٽِ،
سِرُ ڏيئِي ۾ سَٽِ پِيجِ ڪي پِيالِيون.
دهو سورٺو(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 2-19
22
جي اَٿيئِي/اَٿِي) سَڌَ سُرَڪَ جِي، ته وَنءُ ڪلاڙڪِي ڪُوءِ،
مَهيسَرَ جي مَنڌَ جِي، هُتِ هَڏهِين هُوءِ،
جان رَمزَ پَرُوڙِيَم رُوءِ، تان سِرَ وَٽِ سُرَڪِي سَڳُڻِي.
دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 2-20
23
جي اٿيئِي/اَٿِي) سِڪَ سُرَڪَ جِي، ته وَنءُ ڪلاڙڪي ڳَرِ،
وَڍَڻُ، چِيرَڻُ، چِچِرَڻُ، پَهَتِ اُنِيۡن جِي پَرِ،
جي وَٽِي پُويئِي وَرِ، ته سَهَنگِي آهِ سَيِّدُ چَئي
دهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 2-21
24
ناڻي ناهِ ڪَڪُوهُ، ڪِي/ڪِيۡن) مُلھه/مُلِ) مهانگو/مَهنگو) مَنڌُ،
سَنباهِجُ، سَيِّدُ چَئي، ڪاٽَڻَ ڪارَڻِ ڪَنڌُ،
هِيءُ تَنِين جو هَنڌُ، مَٽَنِ پاسِ مَرَنِ جي.
دوهو ميل (دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 2-22
25
مَ ڪَرِ سَڌَ سَري جِي، جي تون ٽارِيين ٽُوهُ،
پِيتي جنهن پاسي ٿِئي، مَنجهان رَڳُنِ رُوحُ،
ڪاٽي چَکُ ڪَڪُوهُ، لاهي سِرُ، لطيفُ چَئي.
دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 2-24
26
سَڌَڙِيا سَري جُون/جيون، ڪُہُ پَچارُون ڪَنِّ؟
جهُ ڪاتَ ڪُلاڙَنِ ڪَڍِيا، ته موٽِيو پوءِ وَڃَنِّ،
پِڪُون سي پِيَنّ، سِرَ جَنِ/جَنِين) جا سَٽِ ۾.
دهو ميل (دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 2-25
27
اَصُلِ عاشِقَ پنهنجي(پاهِجِي)، سِسِي نه سانڍِينِ،
لاهِيو سِرُ لطيفُ چَئي، ساهُ سلاڙِيو ڏينِ،
ڪُلنِئُون/ڪلهنئون) ڪاٽِين، پُڇَنِ پوءِ پِرِيتَڻُون.
دهو ميل (دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 2-29
28
اَصُلِ عاشِقَنِ جو، سِرُ نه سانڍَڻُ ڪَمُ،
سَئو سِسِنِئان اَڳَرو، سَندو دوسان دَمُ،
هِيءُ هَڏو ۽ چَمُ، پِڪَ پِرِيان جِي نه پَڙي.
دوهو ميل (دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 2-30
29
جي مَٿي وَٽِ مِڙَنِ، ته سڀ ڪنهن سَڌَ ٿِئي،
سِرَ ڏِني سَٽِ جُڙي، ته عاشقَ اِيئن/اِيَ) اَچَنِ،
لِڌا تي لَڀَنِ، مُلِھ مَهانگا سُپِرِين.
سورٺو ميل (سورٺو وچ دوهو) ڪلياڻ 2-31
30
اُٿِياري اُٿِي وِيا، مَنجهان مُون آزارَ،
حَبِيبَ ئِي هَڻِي وِيا، پِيڙا جِي پَچارَ،
طَبِيبَنِ تَنوارَ، هَڏِ نه وَڻي هاڻِ مُون.
دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 3-1
31
حَبِيبُ ئي هادِي ٿِيو، رَهنُما راحَتَ
پِيڙا نِيائِين پاڻُ سِين، لائي ڏيئِي لَتَ،
سُپيرِيان صِحَتَ، ڏِنِيَمِ منهنجا ڏُکَندي
دهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 3-3
32
اَورِ ڏُکَندو اوُ ٿِيئي، هادِي جنهن حَبِيبُ،
تِرُ تَفاوَتُ نه ڪَري، تِنهن کي ڪو طَبِيبُ،
رَهَنُمَا رَقِيبُ، ساٿَرِ صِحَتَ سُپِرِين.
دهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 3-4
33
تو جَنِين جِي تاتِ، تَنِّ پُڻِ آهي تنهنجِي،
فَاذۡکُرُوۡنِي اَذۡکُرُکُمۡ، اِيءَ پَرُوڙِج باتِ،
هَٿِ ڪاتِي ڳُڙُ واتِ، پُڇَڻُ پَرِ پِريَنِ جِي.
سورٺو ميل (سورٺو وچ دوهو) ڪلياڻ 3-13
34
پاٻوهي هيڪارَ، مُون کان پُڇِيو سَڄَڻين،
اَلَسۡتُ بِرَبِکُمۡ، چَيائُون جنهن وارَ،
سَندِي سُورَ ڪِنارَ، تَنَ تَڏاهَڪُون نه لَهي.
سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) ڪلياڻ 3-15
35
ڪوٺي ڪُهي سُپِرِين، ڪوٺي ڪُهَڻَ ساڻُ،
نيزي هيٺان نِينهن جي، پاسي ڪَرِ مَ پاڻُ،
ڄُلُ، وِڃائي ڄاڻُ، عاشِقَ! اَجَلَ سامُهون.
دهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 3-17
36
ڪوٺَڻُ قَرِيبَنِ جو، عينُ تَڙَڻُ آهِ،
اِيءَ اُلٽي ڳالَهڙِي، سِڪَ وَرَندِي ساهِ،
آسَرَ هَڏِ مَ لاهِ، ڇِنَڻُ ڳَنڍَڻُ اُنهَنِ/اُنِ) جو.
دهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 3-18
37
ڪُهي سو ڪَرَ لَهي، ڪوٺي سو قَرِيبُ،
اِها عادَتَ سِکِيو، هَر زَمانُ حَبِيبُ،
تِڇي سو طَبِيبُ، سوئِي راحَتَ رُوحَ جِي.
دهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 3-20
38
ڪُهَنِّ ۽ ڪوٺِينِ، اِيءَ پَرِ سَندِي سَڄَڻين،
سُورِي چاڙِهِيو سُپِرِين، ڏَنڀَ ڏِيهاڻِي ڏِين،
ويٺا وِرهُ وَٽِينِ، آءُ واڍوڙِيا وِهاءِ تُون.
سورٺو ميل( سورٺو وچ دوهو) ڪلياڻ 3-21