لطيفيات

طريقت تورين

شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي غلام محمد شاھواڻي جي رسالي مان سر ڪلياڻ جي بيتن کي سٽ وار ترتيب سان ڏنل ڪتاب ”طريقت تورين“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون، جنھن جي ترتيب صراط بلوچ ڪئي آھي. ترتيب ۾ پھريان ٻہ سٽا بيت، پوءِ ٽي سٽا ۽ چار سٽا ۽ پنجا سٽا بيت شامل ڪيا ويا آھن. ھر بيت جي آخر ۾ بيت جي قسم جي نشاندھي پڻ موجود آهي. آخر ۾ بيتن جي الف ب وار ڏسڻي پڻ ڏني وئي آھي

  • 4.5/5.0
  • 66
  • 3
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • صراط بلوچ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book طريقت تورين

پنج سٽا بيت

1
اَوَلُ، اللهُ، عَلِيمُ، اَعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي،
قَادِرُ پَنهِنجِي قُدرَت سين، قائِمُ آهِ قَدِيمُ،
والِي، واحِدُ، وَحَدهُ، رازِقُ، رَبُّ رَحِيۡمُ،
سو ساراهِه سَچوڌَڻِي، چَئِي حَمدُ، حَڪِيمُ،
ڪَري، پاڻَ، ڪرِيمُ، جوڙُون، جوڙَ، جَهانَ جِي.
دهو ميل( ٻه دوها اڌ سورٺو) ڪلياڻ 1-1
2
جوڙي جوڙَ جَهانَ جِي، جڏهن جوڙِيائين،
خاوَندُ خاص خَلِقي، مُحَمَّدُ مُڪائِين،
ڪلمو تنهن ڪَريمَ تي، چِٽو چايائين،
اَنا مولاڪَ و اَنتَ مَحبُوبِيۡ اِيَّ اُتائِين
ڏِکِي ڏِنائِين، ٻَئِي سَرائُون سَيّد چئي.
دوهو ميل ( ٻه دوها اڌ سورٺو) ڪلياڻ 1-2
3
وَحۡدَهُ لَا شَرِيۡڪَ لَہُ چَئِي، چُوندو آءُ،
فَرَضَ، واجِبَ، سُنَتُون، تِنِيئو تَرڪُ مَ پاءِ
توبَهَه سندِي تَسِبِيح، پَڙَهَڻَ ساڻُ پُڄاءِ
نِگا پَنهنجي نَفَسَ کي، ڪا سَئِين راهَ سُونهاءِ،
ته سَندِي دوزَخَ باهِ، تو اوڏِيائِي نه اَچي.
دوهو ميل(ٻه دوها اڌ سورٺو) ڪلياڻ 1-4