لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پهاڪن جي پيڙهه

سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر (178) ”پهاڪن جي پيڙهه“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب الله بخش حسين بخش ٽالپر جو لکيل آهي.
Title Cover of book پهاڪن جي پيڙهه

حصو ٻيو

21. گهوڙا ڙي گهوڙا. (ندائيه ورجيس)
ڪلھوڙن، مدد خان پٺاڻ کي مدد لاءِ، لشڪر سوڌو سنڌ ۾ گهرايو هيو، پر ساڻس واعدي مطابق راه خرچ نه ڏيئي سگهيا. پيادا ته لشڪر ۾ هيا ڪونه. رڳو گهوڙيسوار هيا. تن جي گهوڙن لاءِ گاهه به ڪونه هيا ته فوج کي کائڻ لاءِ گوشت پلاءَ به ڪونه پئي مليا.
لشڪر ۾، بک تتان رڙو رڙ پئجي وئي. مدد خان به بيزار ٿي عوام کي سڌو سنئون ڦرڻ ۽ لٽڻ جو حڪم ڏنو. لشڪر مان رسو نڪتو ته رڻ ٻاري ڏنائون. نه ڇڏيائون ڪنھن جو ڪڪڙ جو ٻچو. جتي پئي پھتا ته رڳو ٻاڪر-ڪٽو هجي. ڳوٺ ڳوٺ ۾ مچايل ٻائيتال سببان، ماڻھو ڊڄي ويا. هر ڳوٺ ٻاهران راکا ويھاري ڇڏيائون، جيڪي ٺھرايل ٺلھن تان بيھي گهوڙن جي ٽاپن سان اڏايل ڌوڙ جو اندازو لڳائي ڳوٺ وارن کي انھن لفظن سان جان، مال ۽ عزتون بچائڻ لاءِ هوشيار ڪندا هيا؛ “گهوڙا ڙي گهوڙا!”
جنھن تي ماڻھو ويچارا گهر ڇڏيو، ٻار ٻچا کنڀيو، ڪن ٻوساٽيو جهنگن ۾ وڃي ٿي لڪيا.
مطلب:
21.1 مصيبت مٿان اچي رهي آهي.
21.2 مصيبت جو اطلاع.
21.3 تڪڙو ۽ ڀوائتو ندائيه اعلان.

22. لالچ ڪتن سان گڏ کارائي. (چوڻي) 83
هڪڙو بادشاهه، حسب معمول صبح جو نيراني، ڀنڀرڪي ويل اٿي شھر جي گهٽين ۾ پنڌ ڪندو ويو پئي جو کيس صبحڙي واري اونداهي ۾ پٽ تي چانديءَ جي روپئي نما چلڪندڙ شيءِ نظر آئي. کيس چانديءَ جو روپيو سمجهي، نوڙي هٿ وڌائين ته آلي شيءِ ۾ هٿ ڀرجي ويس. مڄاڻ ڪو اڳ ۾ انھيءَ واٽ سان موالڙي به لنگهيو هيو ۽ چيڙهيالي کانگهاري جو دوڳ پٽ تي دوڳيون ويو هيو.
“لالچ ڪھڙي بڇڙي بلا، آهي.” ڀريل هٿ لٽي سان اُگهندي دل ۾ چوڻ لڳو؛ “نه دل ۾ لالچ پيدا ٿئي ها ۽ نه ئي هٿ خراب ٿئي ها!”
اهي خيال پچائيندو جڏهن پنڌ کان موٽي اچي درٻار ۾ ويٺو ته ڪچھريءَ جي ٻين معاملن کان آجو ٿي وزير کان پڇيائين؛ “ٻڌايو ته دنيا ۾ ڪھڙي شيءِ بڇڙي آهي؟” جواب ۾ وزير ڪيئي مادي شيون ٻڌائي/ ڳڻائي ويو پر بادشاهه جي دل واري ڳالهه نه ڪيائين. آخر بادشاهه تنگ ٿي ڪاوڙجي پيس. تيش ۾ اچي چيائينس؛ “صحيح صحيح نه ٻڌائيندي ته ڦاسيءَ تي چاڙهيو ويندين.”
وزير، مھيني جي لاءِ مھلت ۽ سر-جيئدان گهريو، جيڪو کيس مليو. گهر آيو، قرار نه آيس. ٻئي ڏينھن صبح جو سوير گهوڙي تي چڙهي، جهنگ منھن ڪيائين. هڪڙي هنڌ جهنگ ۾، ٻڪرار جي واڙ نظر آيس. گهوڙو ۽ پاڻ ٿڪجي پيا هيا. وسنھن ڏسي، ڊاٻي ڪرڻ خاطر، گهوڙي تان لھي پيو. هڪڙي وڻ هيٺان گهوڙو ٻڌي، ليٽي پيو.
شام ڌاري، ٻڪرار ڌڻ پھرائي موٽيو. واڙ ۾ واڙي، اچي ساڻس حالي احوالي ٿيو. بادشاهه وارو سوال ٻڌايائينس ۽ جواب صحيح نه ڏيڻ جي ڪري مھيني جي مھلت بابت به ٻڌايائينس. اڳتي ٻڌايائينس؛ “ارادو اٿم ته زمين ۾ موجود ڪن دانائن سان ملان ۽ کانئن انھيءَ شيءِ بابت دريافت ڪيان ته جيئن سر-جيئدان حاصل ڪري سگهان.”
ٻڪرار، حال احوال وٺي گهر ڏانھن ويو، سندس واڙ جي ڳليءَ وٽ ٻه ڪتا ٻڌل هيا، انھن مان هڪ جي ڳچيءَ ۾ سچو موتي ٻڌل هيو. وزير جي جيئن مٿس نظر پئي ته سمجهيائين؛ “ٻڪرار کي خبر ئي ناهي ته اهو سچو موتي آهي جو ڪتي جي ڳچيءَ ۾ ٻڌي ڇڏيو اٿائين! اهو جيڪر کانئس ڪنھن بھاني ڪڍان!”
جڏهن ٻڪرار ماني وغيره کڻائي موٽيو ته کانئس پڇيائين؛ “ڪتي جي ڳچيءَ ۾ ڇا ٻڌو اٿئي!”
“هيڏانھن هڪڙي کڏ آهي، منجهس اهڙن مڻين جا ڍڳ پيا آهن.” ٻڪرار کيس مڻيي جي غير اهم هئڻ واري حيثيت بابت ٻڌايو؛ “منجهانئس هڪڙو کڻي ڪتي جي ڳچيءَ ۾ ٻڌي ڇڏيو اٿم؟”
“اها کڏ مونکي ڏيکاريندين.” وزير اڃا حرص ۾ ڪاهيندي پڇيس.
“هڪڙي شرط تي ڏيکاريندس.” ٻڪرار چيس.
“اهو ڪھڙو شرط آهي؟” وزير بيقراريءَ سان پڇيس.
“مان اها کڏ ان کي ڏيکاريندس!” وزير کي شرط ٻڌائيندي چيائين؛ “جيڪو منھنجي ڪتي سان گڏ، سندس چَٺِ ۾ کير لڪيندو.”
“ٻيلي ! مڙس ٿيءُ!” وزير ويچارو ٿيندي ۽ ليلائيندي چيس؛ “ائين نه ڪر! کڏ ڏيکارڻ سان تنھنجو ڪھڙو نقصان آهي ۽ تنھنجي ڪتي سان گڏ لڪڻ ۾ تنھنجو ڪھڙو فائدو آهي! مون کي کڏ ائين ڏيکار! هونئن به ڪتي سان گڏ، ماڻھو ڪيئن کائيندو؟ ٻيو جيڪو چوين سو ڪيان. جيڪو گهرين سو ڏيانءِ پر اهو ڳرو شرط نه رک.”
ٻڪرار پنھنجي هوڏ تان نه لٿو. هٺئون هيٺ هيءُ به نه ٿيو. دل ۾ چيائين؛ “هتي جهنگ ۾ هئين ڪير ڪونه ٿو ڏسي! جيڪڏهن ٻڪرار جي ڪتي سان گڏ لڪيم ته ڪھڙي اربعا خطا ٿي پوندي. موٽ ۾ موتين جي کڏ هٿ اچي ويندي. جنھن سان ڪنھن ملڪ جو بادشاهه ٿي سگهان ٿو. گهڙي سواءِ جي ذلت سان، ساري عمر جي راحت ملي ته ڇونه وٺان!” اهو سوچي ڪتي سان گڏ، چٺ ۾ کير لڪڻ لاءِ آماده ٿي ويو.
جڏهن ڪتي سان گڏ کير لڪي بيٺو ته ٻڪرار کي کڏ ڏيکارڻ لاءِ چيائين. ٻڪرار کيس هڪڙي خالي کڏ ڏيکاري، جنھن ۾ ڪو به مڻيو ڪونه هيو. کيس چيائين؛ “مون سان ٺڳي نه ڪر! مڻين واري کڏ ڏيکار!”
“صاحب! عجيب عقل اٿئي!” ٻڪرار دليل ڏيندي ٻڌايس، کڏ ۾ به موتي ٿيندا آهن ڇا؟” موتيءَ جو لفظ، ٻڪرار جي واتان ٻڌي حيران ٿي ويو. سمجهيائين ته هن مون سان سوچي سمجهي راند ڪئي آهي. ڇو ته مڻيي ۽ موتيءَ جي فرق جي کيس خبر آهي.
“توکي جڏهن ايتري ڄاڻ هئي ته پوءِ مون کي ڪتي سان کائڻ لاءِ آماده ڇو ڪيئي؟” وزير کانئس پڇيو.
“جيئن توکي خبر پوي ته لالچ، دنيا ۾ ڪيتري بڇڙي شيءِ آهي!” ٻڪرار، کيس سندس مراد وارو سبق ڏيندي چيو.
وزير، دنيا جي بڇڙي شيءِ بابت ٻڌڻ کانپوءِ حيران ٿي ويو. ٻي ڪنھن به چون چرا ڪرڻ کان سواءِ، ترت پنھنجي ملڪ ڏانھن راهي ٿيو.
شام واري ڪچھريءَ ۾ حاضر ٿيڻ لاءِ بادشاهه جي درٻار ۾ پھتو. بادشاهه ساڳيو سوال پڇيس؛ “ڏي خبر دنيا ۾ بڇڙي ۾ بڇڙي ڪھڙي شيءِ آهي!”
“حضور! لالچ!” وزير هٿ ٻڌندي ٻڌايس؛ “ان جھڙي ڪا بڇڙي شيءِ آهي ئي ڪانه!”
“توکي ڪيئن خبر پئي؟” بادشاهه، وضاحت طلبيندي پڇيس؛ “فقط لالچ ئي بڇڙي شيءِ آهي.”
“سائين! لالچ ڏاڍي بڇڙي آهي!” دليل ۾ ٻڪرارو وارو قصو ٻڌائيندي چيائين؛ “لالچ ڪتن سان گڏ کارائي ٿي!”
مطلب:
22.1 لالچ ۾ اچي، ماڻھو غلط ڪم ڪري ٿو.
22.2 لالچي، لعنتي.

23. لعل به لڀي، پريت به رهجي اچي. (ورجيسي فقرو)
هڪڙي بادشاهه کي ٽي پٽ هيا، جن کي پڙهائڻ لاءِ هڪڙو ڪامل استاد رکي ڏنو هئائين، جنھن کين پڙهائي ڪڙهائي گوهر ڪري ڇڏيو هيو. علم ادب سان گڏ کين شاهي آداب جي پڻ تربيت ڏني وئي هئي. وڏي ٿيڻ کانپوءِ، وڏا داناءَ ليکجڻ لڳا.
بادشاهه جڏهن پيرسن ٿيو ۽ هلڻ جا ڏينھن ٿيس ته ٽنھي کي گهرائي نصيحت ڪيائين؛ “منھنجو سج هاڻ لھڻ تي آهي. مانا کائي مٿي چڙهيو آهيان. هاڻ سمورا بار اوهان جي سر تي آهن. تنھنڪري چند نصيحتون ياد رکجو. حڪومت سنڀالڻ ۽ گهرداريءَ لاءِ اوهان لاءِ ڏاڍيون ڪارائتيون ٿينديون.
• حڪومت، عدل ۽ انصاف سان قائم رهندي آهي. اوهان انصاف جي گهوڙي کي هٿان ڇڏيو ته سمجهو پڪ زوال آيو.
• رعيت، اولاد مثل آهي. مٿس هميشه هٿ ڌرجو.
• پاڻ ۾ هميشه قرب ۽ محبت سان رهجو.
• اتفاق ۾ سڀڪجهه آهي.
• وڏن جو فرمان مڃڻ، فرض آهي.
پٽن ادب سان چيس؛ “اوهان جي حڪم جي حرف بحرف تعميل ڪئي ويندي.”
“پٽ دنيا دورنگي آهي.” بادشاهه اڃا کين نصيحت ڪندي چيو؛ “هوءَ ڪنھن سان به توڙ نه نڀائيندي آهي. سندس رنگ نيارا آهن. انسان هميشه ساڳيي حال ۾ نه رهندو. ڪڏهن شاهه ته ڪڏهن گدا. ڪڏهن امير ته ڪڏهن فقير. هڪ سج، ٻه پاڇا. اوهين به سدائين ساڳئي حال ۾ نه هوندؤ. تنھنڪري اوهان لاءِ ٽي لعلون گهوڙي جي پيٽ ۾ لڪائي رکيون اٿم. وقت پِئي، اوهان کي ڪم اينديون.”
چند ڏينھن کانپوءِ بادشاهه موڪلائي ويو. حڪومت جي واڳ پٽن جي هٿ آئي. سال اڌ، ڏاڍي انصاف سان حڪومت هلي. ان کانپوءِ هڪڙو غنيم ڪاه ڪري آيو. همت ڪري مقابلو ڪيائون پر قسمت ساٿ نه ڏنن ۽ شڪست کاڌائون. ڀڄڻ کان اڳ صلاح ڪيائون ته بابي واريون لعلون ڪڍي کڻون ته سفر ۾ ڪم اچن.
گهوڙن جي ڪُڙهه ۾ پھچي وڏي ڀاءُ چيو؛ “بابي ڏسيو هيو ته لعلون گهوڙي جي پيٽ ۾ آهن. اهي گهوڙي جي پيٽ ۾ نه هونديون، بلڪ پيٽ هيٺان زمين ۾ پوريل هونديون.”
گهوڙو پري ڪري، زمين کوٽيائون. کوٽيندي ٻه لعلون لڌيون، ٽين هٿ نه آين. تڏهن وڏي ڀاءُ چيو؛ “بابي جي زبان سچي آهي. لعلون ٽي هئڻ گهرجن. پاڻ ڌرتيءَ مان ٻه ڌرتيون ڪيون آهن، ٽين لعل نه ٿي لڀي ته پڪ اسان مان ڪنھن لڪائي آهي. پاڻ ۾ وڙهڻ کان بھتر آهي ته لعل لھڻ لاءِ ڪا رٿ رٿيون.”
“اول ته دشمن مان پلئه آجا ڪرائي ڀڄون!” وچين ڀاءُ صلاح ڏيندي چين؛ “پوءِ ٿا هلي اهو فيصلو ڪرايون.”
ڇڙا سرَ بچائي، گهوڙا ڀڄائي، ملڪ ڇڏيائون. منزلون هڻڻ پڄاڻان هڪڙي ملڪ جي وڏي شھر ۾ پھتا ته صلاح ڪيائون؛ “ڇو نه هلي هتان جي بادشاهه وٽ گم ٿيل لعل جو فيصلو ڪرايون. جنھن کي اهو چور بڻائي سو ڏوهه جو ڏوهاري سڏائي.”
رٿ رِٿي، ڏس پنڌ پڇي، بادشاهي محلات وٽ اچي گهوڙن تان لٿا. خير عافيت ۽ خبرن چارن کان پوءِ، گم ٿيل لعل واري مدعا پيش ڪيائون ۽ فيصلي لاءِ عرض ڪيائون. بادشاهه، اٻھرو ۽ ڇوٽ ۾ فيصلو ڪرڻ کان لنوائيندي کين چيو؛ “في الحال ماني ٽڪي کائي، وهنجي سھنجي آرام ڪيو. پوءِ ٿا ڏسون اوهان جي فيصلي کي.”
کين شاهي مھمان خانو کولائي ڏنو ويو، جنھن ۾ آرام پذير ٿيا. ٿڪ ڀڃي، وهنجي سھنجي هلڪا ڦلڪا ٿيا ته وٽن شاهي دسترخوان تان ماني اچي وئي. مانيءَ تي ويھڻ کانپوءِ، پھريون گرهه ڀڃي کائڻ پڄاڻان پھرئين شھزادي چيو؛ “ادا! مانيءَ مان ته مون کي مردن جي بوءِ ٿي اچي!”
“ادا! مون کي گوشت جي ٻوڙ مان، ڪتي جي گوشت واري بڻاس ٿي اچي.” ٻئي ڀاءُ ٻوڙ چکندي چيو.
“ادا! مون کي بادشاهه ڪنھن مڱڻھار جو ڦر ٿو لڳي.” ٽئين، دسترخوان جو ڍنگ جاچيندي چيو.
بادشاهه سندن بات بيٺي ٻڌي ۽ ٻڌندي برهم ٿي بنگلي ڏانھن ڀڳو. ويندي شرط اصل ماجرا ڄاڻڻ لاءِ مڙني ۾ ٻاڪر ڪُٽو وڌائين.
“پنھنجي گهر ۾ ان ڪٿان آيو آهي؟”
“ابا! پنھنجي زمينن تان آيو آهي!” ماڻس، جيڪا رڌ پچاءَ جو معاملو پاڻ سنڀاليندي، تنھن جواب ڏنس.
“ڪھڙي زمين جو ان آهي؟”
“الھندي طرف جيڪو ڦٽل مقام هيو، تنھن کي تنھنجي پيءُ سڌو ڪرائي زمين هٿ ڪئي هئي. انھيءَ زمين جو انُ آهي.” ماڻس وڌيڪ وضاحت ڪندي چيس؛ “ايامن کان اتان پيو ان اچي. اڳي ڪڏهن ڪونه پڇيئي، اڄ ڇو ايڏي پڇا ٿي آهي؟!”
“بس انھيءَ کي ڇڏ!” بادشاهه، وائڙائپ مان کيس ورندي ڏني ۽ دل ۾ چيو؛ “پھرئين شھزادي جي بات ته سچي نڪتي.”
“اڄ گوشت ڪٿان آيو هيو؟”
“پنھنجو نوڪر وٺي آيو هيو؟”
“ان کي پيش ڪيو.”
نوڪر پيش ٿيو ته کانئس گوشت جي آڻڻ بابت پڇيائين، جنھن ڪاسائيءَ جو نالو ٻڌايس. يڪدم ان ڪاسائيءَ کي گهرايائين. ڪاسائي پھتو ته کانئس پڇيائين؛ “اڄ گوشت ڇا جو هيو؟”
“سرڪار! ڇيلي جو هيو؟!”
“ڇيلو ڪٿان آيو هيو!” بادشاهه اڃا برهم ٿيندي چيس؛ “جنھن ٻڪرار کان ورتو هيئي تنھنکي پيش ڪر!”
ٻڪرار ڏڪندو پھتو، کانئس پڇيائين؛ “تو هن کي ڇيلو ڏنو هيو يا ڪتو!”
“سرڪار مون ته ڇيلو ڏنو هيو!” ٻڪرار هٿ ادب جا ٻڌندي عرض ڪيو.
“چڱيءَ طرح ياد ڪر!” بادشاهه مُڇن کي تاءُ ڏيندي اک ڏيکاريس.
“حضور ياد اچي ويو.” ٻڪرار، پاڻي پاڻي ٿيندي چيو؛ ڇيلو جڏهن ماءُ کي ڄائو هيو، تڏهن واڙيءَ ڀرسان هڪڙي ويايل ڪتيءَ به ڏر کنئي هئي. جڏهن ڌڻ، جهنگ پھرائي ويو هيس، تڏهن ڦرڙا واڙ ۾ واڙيا پيا هيا. هن کي بک لڳي هئي، جنھن ڪري ٻيڪٽ ڪندي ۽ مِمِ مِمِ ڪندي وڃي ڪتيءَ جي ٿڻ ۾ چڳڙون ڏنيون هيائين. تيستائين ٻڪريون به جهنگ ۾ چري موٽيون هيون، پر هڪ اڌ گوهو هن جي وات ۾ هليو ويو هيو. تنھن سببان مٿس ڪو اثر هجي!”
بادشاهه ٻڪرار جي روئداد ٻڌي وسامجي ويو. پڪ ٿي ويس ته ٻن شھزادن جون ڳالھيون سچيون ۽ دل سان لڳندڙ نڪتيون آهن، ٽئين جي به سچي هوندي. دل ۾ چوڻ لڳو؛ “آهيان مان به مڱڻھار جو پٽ!”
اهو ويچار ايندي ئي، تلوار ننگي ڪري، ماءُ جي مٿان “الريو آيو. کيس هڪڙي ڪمري ۾ نويڪلو ڪري، تلوار نڙيءَ تي رکي چيائين؛ “سچ سچ ٻڌاءِ ته مان ڪنھن مان ڄايو آهيان؟ سچ نه ٻڌايئه ته سسي ڌڙ کان ڌار هوندئي؟”
“ابا تو سان ڪھڙو ڪوڙ.” ماڻس حقيقت ڪري ٻڌايس؛ “تنھنجي پيءُ بادشاهه جي مون سان شادي ٿي پر منجهس مردانگيءَ جا جزا هيا ئي ڪين. سڄي سڄي رات گڏ سمھون پر هو مون ڏانھن اچي ئي ڪونه. مھينو ٻه، ٻيا به حيلا هلائي ٿڪياسين پر ٿيو مڙئي خير. گهڻيئي ڊاڪٽر، حڪيم، پير به ڀيٽياسين پر وريو ڪي ڪين. هڪ علاج به اثر نه ڪيو. نيٺ پاڻ ئي خلق خواريءَ کان، مون کي اجازت ڏنائين ته گهرج ڪٿان وڃي پوري ڪيان!” وڌيڪ چيائين؛ “توکي آفرين آهي جو ايترو صبر ڪيئي پر مون ۾ ڪمي ئي آهي، تنھن جي سزا توکي ڇو ملي! نمونو اهڙو وٺجانءِ جو اها ٻاڦ ٻاهر نه نڪري.”
“ابا! مون لاءِ ٻيا امير زادا ته کوڙ هيا پر منجهن ڳالهه لڪي ڪانه ها. تنھنڪري چيم ته ڪو غريب هوندو ته ڳالهه لڪي ويندي. ڀؤ کان اهو ڳالهه ڪندو ڪونه. ڪندو ته ڪير مٿس اعتبار ڪندو ڪونه. کيس ڪنھن به ڪم ڪار جي بھاني، نويڪلائيءَ ۾ گهرائڻ به سولو. ڪنھن جو اوڏانھن شڪ به نه ويندو. اهو خيال ڪري، شڪم پارڻ لاءِ در تي ايندڙ مڱڻھار سان اٺين ڏھين ڏينھن جو آهت رکيم. نيٺ تون به خيرن سان ڄائين!”
بادشاهه، ٽيئي حقيقتون معلوم ٿيڻ کانپوءِ تپرس ۾ اچي ويو. دل ۾ چيائين؛ “شھزادا ايڏا داناءَ ۽ ڄاڻ رکندڙ آهن جو ٿوري حرڪت اکين سان ڏسي، گهڻيءَ ڳالهه جو اندازو ڪري ٿا وڃن، سي پنھنجي لعل جي باري ۾ اندازو رکندا هوندا. جڏهن اهي به فيصلو ٿا ڪرائين ته پوءِ ڪا رمز آهي. هاڻي فيصلو ڪرڻ به ڏکيو مسئلو آهي. نه ڪرڻ به وڏي خلق خواري آهي.”
انھن ويچارن ۾ ايڏو غرق ٿيو جو اونڌي منجي اچي ويس. سڄو ڏينھن ۽ رات، ڪمري مان نه نڪتو ۽ اوجاڳي ۾ اکيون لال ٿي ويس. سندس ڌيءَ ڏاڍي داناءِ هئي. دل جهلي اها ڪمري ۾ آيس. کيس ويڳاڻو ڏسي، حيرت مان پڇيائينس؛ “بابا، اوهان سان خير ته آهي؟ ڏاڍا مغموم آهيو!”
ڌيءَ کي شھزادن جي لعل گم ٿيڻ وارو قصو سربستو ڪري ٻڌايائين ۽ وڌيڪ چيائينس ته؛ “شھزادا پڻ داناءَ ۽ مدبر آهن. تن جو هيءُ فيصلو آءٌ ڪيئن ڪري سگهندس!”
“بابا اهو ڪو ايڏو مسئلو ناهي، جنھن ۾ اوهان مغموم ٿيا آهيون. اهو فيصلو مون تي ڇڏيو! مان اهو فيصلو ڪنديس.”
بادشاهه کيس اجازت ڏني ته مٿان شرط رکندي چيائينس؛ “جڏهن مان فيصلي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيان ته منجهانئن مون کي ور چونڊڻ جو حق هوندو.”
اها به اجازت ڏنائينس ته ڌيءُ مٿان چيس؛ “اوهين وٽن وڃو ۽ کين چئو ته اوهان کي ٻاهر ڪم ٿي پيو آهي، جنھن ڪري تڪڙا آهيو ۽ اوهان جي جاءِ تي اوهان جو پٽ سندن فيصلو ڪندو! اهو چئي توهان هليا اچو، پوءِ ٿي مان وڃي سندن فيصلو ڪيان!”
بادشاهه، شھزادن وٽ وڃي، پنھنجي جان آجي ڪرائي آيو ۽ وٽن پنھنجو پٽ موڪلڻ جو انجام پڻ ڪري آيو.
شھزادي مرداڻو ويس ڪري، درٻار ۾ آئي ۽ اچي شھزادن جا بيان ٻڌائين.
شھزادن آخر ۾ کيس التجا ڪئي؛ “اسان پاڻ ۾ ڀائر آهيون، لعل اسان ۾ گم ٿي آهي. چاهيون ٿا ته اها به لڀي پر اهڙي نموني سان جو ڀائپي به نه ٽٽي. لعل سان گڏ، چور به لڀڻو آهي!”
“آءٌ اوهان جو فيصلو ڪيان ٿو! پر ان کان اڳ اوهان کي هڪڙو داستان ٻڌايان ٿو، ٿورو غور سان ٻڌو!” شھزاديءَ، فيصلي ڪرڻ جي نوع ۾، کين چتائيندي چيو؛ “آخر ۾ اوهان کان سوال جواب ٿيندا جن جا جواب انھيءَ قصي مان ئي اوهان کي ڏيڻا پوندا. جيڪڏهن اوهان جواب ڏيڻ ۾ ڪامياب ويندؤ ته اوهان جو فيصلو به ٿيندو. لعل به لڀندي، چور به لڀندو ۽ ڀائپي به نه ٽٽندي.”
شھزادن، جڏهن شرط قبول ڪيو ته شھزادي کين قصو ٻڌائڻ شروع ڪيو.
هڪڙي شھر ۾ هڪڙو غريب ڇوڪر، مڪتب ۾ پڙهندو هيو، جتي ساڻس بادشاهه جي ڌيءَ پڻ پڙهندي هئي. ٻئي هم-عمر ۽ هوشيار هئڻ سبب، آهسته آهسته هڪٻئي جي ويجهو اچڻ لڳا ۽ ائين سندن پاڻ ۾ وڏي پريت ٿي وئي. ايستائين جو سارو ڏينھن مڪتب ۾ گڏ گذارڻ کانپوءِ دل نه ڍاپندي هين.
وقت گذرندو رهيو، پڙهندا، درجا چڙهندا، عمر ۾ وڏا ٿيندا ويا. بادشاهه، ڌيءَ جي وڌندڙ جوانيءَ ڏانھن نظر ڪندي، کيس مڪتب ۾ وڃڻ کان بند ڪرايو. شھزاديءَ جي دل تي پھاڙ ٽٽي پيا. اول استاد کان، پوءِ پرين پياري کان گونگن ڳوڙهن ۽ آلين اکين سان وڇوڙي جو ويراڳ وٺندي چيائين؛ “جيڪي وقت گذريو، واه گذريو پر هاڻي هٿ نه ايندو. ان کي سارڻ به عذاب آهي. تون به وساري ڇڏ، مان به وساري ڇڏيان ته چڱو.”
غريب ڇوڪر، شھزاديءَ کان روئندي موڪلايو ۽ آخر ۾ چيائين؛ “تون ته وري به محلاتن ۽ باغن ۾ هوندينءَ. هيءَ نيم بسمل خبر ناهي ته ڪھڙي عذاب ۾ گذاري. ان کي ائين وساري ڇڏيندينءَ!”
“ٻيو منھنجي وس ۾ ڪجهه ناهي.” شھزاديءَ موڪلائيندي چيس؛ “سينڌ جو اقرار آهي ته شاديءَ جي رات پھرين تون سان ملاقات ڪنديس پوءِ ور ڏي ورنديس!”
ائين چئي ٻنھي موڪلايو. شھزادي محلات ۾ ۽ غريب ڇوڪر مڪتب ۾ پھتا. غريب لاءِ دنيا ئي ويران ٿي وئي. مڪتب زهر ٿي لڳو. دل پڙهڻ کان کڄي ويس. اڪيلائي محسوس ڪندي، پڙهڻ ڇڏي وڃي ڪنھن ڌنڌي ڌاڙيءَ سان لڳو.”
ڳچ ڏينھن پڄاڻان شھزاديءَ جي شادي ٿي. شاديءَ واري رات، ڄڃ به ڪافي دير سان پھتي ۽ پرڻي کي به چڱي رات گذري وئي. اڌ رات ڌاري، جڏهن گهوٽ ڪنوار، سيج واري ڪمري ۾ پنھنجي منھن ٿيا ته شھزادي جي اچڻ شرط، شھزادي سيج تان اٿي کڙي ٿي ۽ ڪڇ اندر لڪايل خنجر ڪڍي چوڻ لڳس؛ “خبردار! مون کي هٿ لاتئي ته مان پاڻُ ماري وجهندس.”
شھزادي جا پير اتي ئي ڄمي ويا ۽ بيخبرائيءَ مان چيائينس؟ “تون منھنجي نڪاح ۾ رضا خوشيءَ سان آئي آهين ۽ هاڻي پاڻُ ٿي مارين سو ڇو؟ اهو اڳ ۾ ڇونه سوچيو هيئي!”
“منھنجو مڙس به تون آهين ۽ توکي قبول به خوشيءَ سان ڪيو اٿم.” شھزاديءَ حقيقت کان آگاهه ڪندي چيس؛ “پر منھنجو ڪنھن سان قول ٻڌل آهي، اول اهو پاڙينديس پوءِ توکي ويجهو اچڻ ڏيندس!”
“قول ڇا هي؟” شھزادي پڇيس.
“اول انجام ڪر ته هر صورت ۾ موڪل ڏيندينم” شھزاديءَ شرط رکندي چيس؛ “پوءِ ئي توکي حقيقت ٻڌائيندس.”
“مون توکي بنا ٻڌڻ جي موڪل ڏني.” شھزادي راز معلوم ڪرڻ لاءِ پڇيس؛ “هاڻي ته حقيقت بيان ڪر!”
شھزاديءَ مڪتب ۾ پڙهڻ ۽ غريب ڇوڪر سان پريت ٿيڻ وارو سمورو قصو ٻڌائڻ کان پوءِ چيس؛ “منھنجو ان سان اقرار ٿيل آهي. پھرين وٽس ويندس، پوءِ ٻي ڳالهه ٿيندي! تو به انجام ڪيو آهي. هاڻي خوشيءَ سان موڪل ڏينم ته وڃان!”
شھزادو، اٻھري ڪيل ها تي، ڏاڍو پشيمان ٿيو. دل تي پٿر رکي، هٿ جي اشاري سان، کيس وڃڻ جي اجازت ڏنائين.
شھزادي محلات کان نڪري، گهٽين مان ٿيندي جيئن وئي پئي ته هڪ گهٽيءَ ۾، کاٽ هڻڻ جي تاڙ ۾ بيٺل چور جي منھن پئجي وئي. سونن زيورن سان جنجهيل عورت ڏسي، چور جو سڄو ڌيان سونن زيورن جي ڇمڪار ڏانھن هليو ويو. ڪنواري عورت، نون لباسن ۽ سونن ڳھن ڳٺن ۾ ڏسي کيس ننڍي هوندي ڏنل ماءُ واري دعا ياد اچي وئي؛ “ابا رستي ويندي لال ڪنوار ملندءِ.”
چور جڏهن شھزاديءَ آڏو لالچ ۾ ڦري آيو ته کانئس پڇيائين؛ “مان ڪير به آهيان، ان کي ڇڏ! پھرين ٻڌاءِ ته تون ڪير آهين ۽ هن بيگاه وقت ۾ زيورن سان سجي سجائي ڪيڏانھن پنڌ پئي آهين؟”
شھزاديءَ کيس تڪڙ تڪڙ ۾، مختصر لفظن ۾ سمورو قصو ٻڌايو ۽ ٻڌايائين؛ “مڙس جي اجازت سان، زندگيءَ ۾ ڏنل وچن، پاڙڻ وڃي رهي آهيان.”
“تنھنجي مڙس توکي موڪل ڪيئن ڏني هوندي؟” چور اڳ وٺندي پچيس؛ “اهو کوڙو ئي ڪونه ٿو لڳي.”
“کيس واعدو پورو ڪرڻ لاءِ چيم. ٻي صورت ۾ خنجر ڪڍي سيني تي رکيم.” شھزاديءَ چور آڏو خنجر ڪڍي سيني تي رکندي ٻڌايس؛ “جيڪڏهن اجازت نه ڏنئي ته پاڻ کي هتي پورو ڪنديس.”
چور، انھيءَ ڌمڪيءَ تي پڻ ڍرو ٿي ويو. يڪدم خيال مٽ ڪندي پڇيائينس؛ “ڀلا مون سان ڪھڙو انجام ٿي ڪرين!”
“پھرين پرين پياري سان ملان!” شھزاديءَ زباني سينڌ ڏيندي چيس؛ “پوءِ تو وٽان ٿي گهر ويندس!”
انھيءَ اقرار تي چور کيس اجازت ڏني ۽ جلد موٽڻ جو پڻ تاڪيد ڪيو.
شھزاديءَ جڏهن وڃي دل گهريي دوست جو بيگاهه وقت در کڙڪايو ته اهو پڻ ششدر ٿي ويو. زيورن ۾ ڏٽيل ڏسي کانئس پيڇائين؛ “توکي تنھنجي مڙس مُھاري رات جو اجازت ڪيئن ڏني؟”
“مون کيس ڪيل وچن پاڙڻ بابت، خنجر سيني تي رکي، ڌمڪيءَ واري نوع ۾ اجازت گهري. جيڪڏهن اجازت نه ڏئي ها ته پاڻ ماريان هان. پر تڪڙ ۾ پاڻ به انجامي ٿي ويٺو. دل تي پٿر رکي اجازت ڏنائين!” شھزاديءَ کيس مختصر لفظن ۾ ساري حقيقت ڪري ٻڌائي.
“هاڻي تون ٻين جي امانت آهين. امانت ۾ خيانت نه ڪجي.” دوست پنج روپيه گنديءَ جا مٿي تي رکندي چيس؛ “هڪدم موٽي مڙس وٽ وڃ. توکي هاڻي ان سان ئي ملڻو آهي. منھنجي لاءِ هاڻ تون سڳي ڀيڻ برابر آهين.”
شھزادي جڏهن ساڳين پيرن تي چور وٽ پھتي ته اهو پڻ وائڙو ٿي ويو. دل ۾ چوڻ لڳو؛ “هيءَ ته تاڪيد ڪيل وقت کان به اڳ پھتي آهي. ڇا ماجرا آهي!”
“ڇو خير ته آهي، جهٽ موٽي آئين!” چور کانئس پڇيو؛ “تنھنجو من گهريو مشتاق موجود نه هيو ڇا؟”
“موجود هيو.” شھزاديءَ پنج رپيا گنديءَ جا ڏيکاريندي چيس؛ “هن مون کي ٻين جي امانت چيو ۽ ڀيڻ ڪوٺي پنج رپيا گنديءَ جا مٿي تي رکي، جلد مڙس وٽ پھچڻ لاءِ چيائين. بھرحال مون قول پاڙيس، هُن به امانت ۾ خيانت نه ڪئي. هاڻي تو وٽ پھتي آهيان!”
“تنھنجي دوست انصاف ڪري ڇڏيو. آفرين اٿس.” چور گنديءَ طور، هڪڙو رپيو مٿي تي رکندي چيس؛ “جيڪڏهن هُن توکي ڀيڻ ڪوٺيو آهي ته مان به توکي ڌيءَ سڏيان ٿو! وڃ ۽ وڃي وَرَ سان وصال ڪر.”
شھزادي اهو رپيو وٺي، يڪدم گهر پھتي. سندس گهوٽ اونڌي منھن ڪريو پيو هيو. کيس جلد موٽي آيل ڏسي اٿي کڙو ٿيو. شھزاديءَ کان جلد موٽڻ جو سبب پڇيائين. شھزاديءَ کيس، پنج روپيا ۽ رپيو ڏيکاريندي، سربستي ڳالهه ڪري ٻڌائي.
شھزادو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي ويا.
جڏهن مٿيون داستان، شھزادي ٻڌائي بس ڪيو ته مٿان، ٽنھي شھزادن کان پڇيائين؛ “هاڻي ٻڌايو ته انھيءَ ڳالهه ۾ انصاف ڪنھن جو هيو؟ مڙس جو، دوست جو يا چور جو؟”
“انصاف مڙس جو هيو!” وڏي شھزادي کيس چيو؛ “ان قول پاڙڻ جي اجازت ڏني.”
“انصاف دوست جو هيو!” وچٽ شھزادي چيو؛ “ ان امانت ۾ خيانت نه ڪئي!”
“انصاف چور جو هيو!” ننڍي شھزادي چيو؛ “جنھن ڪک لاءِ ڪشالا ڪڍڻ جي باوجود، سونن زيورن سان جنجهيل عورت کان ڦر نه ڪئي آهي! هٿائين رپيو به کيس ڏنائين. وڏي ڳالهه آ.”
“جيڪڏهن تنھنجي حمايت چور سان آهي ته پوءِ پڪ!” بادشاهزادي قصي جي تھه تائين پھچندي چيس؛ “لعل به تو لڪائي آهي.”
“جيڪڏهن لعل مون لڪائي آهي ته پوءِ” ننڍي شھزادي، مرداڻي لباس ۾ ويٺل بادشاهه زاديءَ کي چيو؛ “تون به بادشاهه جي ڌيءَ آهين. پٽ نه آهين. تڏهن شھزاديءَ جي قصي ۾ کيس ڪٿي به قصوروار ڪونه ڄاڻايئه!”
“جيڪڏهن مان شھزادو نه، بادشاهه جي ڌيءَ آهيان ته پوءِ” شھزاديءَ عورتاڻو روپ ظاهر ڪندي ننڍي شھزادي کي چيو؛ “منھنجو به هاڻي کان پوءِ مڙس تون ٿيندين!”
اها ڳالهه ڪري، ڪچھري برخواست ڪري هڪدم گهر پھتي ۽ پيءُ کي ساري حقيقت ڪري ٻڌايائين. آخر ۾ کيس ٻڌيائين؛ “لعل لڀي وئي اهي ۽ ڀائرن جي پريت به رهجي آئي آهي. ڇو جو جنھن شھزادي لعل لڪائي آهي، تنھن منھنجي دل پڻ ڦري آهي.”
ننڍي شھزادي کي شھزادي ملي ۽ ائين لعل به لڌي ۽ ڀائرن جي پريت به رهجي آئي.
مطلب:
23.1 اهڙو ڪم ڪجي جو نانگ به مري، لٺ به نه ڀڄي. (چوڻي)
23.2 اهڙو ڪم ڪجي جو لعل به لڀي، پريت به رهجي اچي. (چوڻي)
23.3 لعل به لڀڻ، پريت به رهجي اچڻ. (ورجيس)
23.4 اهو ڪي ڪجي جو مينھن وسندي ڪم اچي.

24. لڳي ته لائي، نه ته رن پرائي. (تڪبند ورجيسي جملو)
هڪڙو شخص زال سميت گهوڙيءَ تي چڙهيو، جهنگ واري واٽ وٺيو پئي آيو جو واٽ تي هڪڙو انڌو نابين ويٺل نظر آيس. ساڻس عليڪ سليڪ ڪري اتي ويھڻ جو سبب پڇيائين. جنھن ٻڌايس؛ “واٽ جو سونھون آهيان پر ٿڪجي هتي ويھي رهيو آهيان. هاڻي ويٺو آهيان ته من ڪو الله جو بندو اچي ۽ مون کي منزل رسائي.”
انڌي تي رحم کائي، کيس اڳيان گهوڙي تي ويھاريائين ۽ زال پويان ويٺل ئي رهي. گهوڙي کي واڳ کان وٺي اڳتي هليو. جڏهن هڪڙي ڳوٺ وٽ پھتا ته انڌي وٺي واويلا ڪئي. ماڻھو مڙي ويا، انڌي جي رڙورڙ هجي، چي؛ “زال سميت گهوڙي ٿو ڦري!”
ماڻھن جي پڇڻ تي، گهوڙي جي مالڪ سربستي ڳالهه ڪري ٻڌائي؛ “واٽ تي رحم کائي هن جڏڙي کي گهوڙي تي ويھاريو اٿم. پويان منھنجي زال آهي. منزل تي پھتو آهي، چوانس ٿو لھه ته بجاءِ لھڻ جي گهوڙي جو ھسوار ٿي ويھي رهيو آهي. چڱائي ته ڇٽي، هٿئين هچا نرڙ ۾ لڳي وئي.”
“ابا! نابين!” ماڻھن انڌي کي چيو؛ “تون ڇو نه ٿو گهوڙي تان لھين!”
“ابا! گهوڙو منھنجو” انڌي، ٻليءَ وارو ٻک هڻندي چيو؛ “هيءَ زال به منھنجي! هيءُ الائي ڪير!”
“مئا انڌا! کوٻلا” مائيءَ اتي رڙيون ڪيون؛ “تون الائي ڪير! منھنجي مڙس رحم کائي گهوڙي تي ويھاريئه ته وري مالڪ ٿي ويٺو آهين. ٻڏي نه ٿو مرين!”
“ابا ظلم!” انڌي ويتر رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون؛ “هاڻي هيءَ رن به مون کي انڌو ڏسي، هُن سڄي تي اڪن ڇڪن ٿي آهي. پاڻ ته وڃي ٿي پر گهوڙو به ٿي ڦرائي.”
گيڙ بگيڙو ۽ هُل بکيڙو گهڻو ٿيو. ماڻھو معاملو نبيري نه سگهيا ته ٽنھي کي گهوڙي سميت شھر جي قاضيءَ آڏو آڻي پيش ڪيائون. قاضيءَ شھر مان ٻيو انڌو گهرائي، ٻنھي انڌن کي نويڪلي ڪمري ۾ ويھاري پاڻ ۾ ڪچھري ڪرائي. شھر جي انڌي جي خبرن چارن تي ۽ حال احوال وٺڻ تي، هن انڌي پھرين لنوايو، نيٺ ساڳي جنس هئڻ سبب سچي ڪيائين. قاضيءَ به اوٽ ۾ ويٺي ٻڌو جو انڌو چئي رهيو هو؛ “ادا لڳي ته لائي، نه ته رن پرائي.”
مطلب:
24.1 هگدو لڳو ته واهه واهه نه ته بک تي ته هُهئين ويٺا آهيون.
24.2 دادا ڌورا، ليکا پورا.
24.3 نانا نورا، ليکا پورا.
24.4 الله صمد، کاراءِ ڪمند.
24.5 اول، انڌيءَ کي رڻ ۾ نه رول.
24.6 الک، ڏي ڪي ٻه ٽي لک.
24.7 بک، ملندءِ وڏا سک.
24.8 صبح جا سائين، ٻيڙا ٻني لائين.
24.9 چلھه ۾ اماڙي، رنڙ کي جوءِ پياري.
24.10 رن! پٽيانءِ ڪـَنَ.
24.11 ڪارو ڪاري، هڻ ڪھاڙي.
24.12 لڳو نه لڳو، تنھنجو هڏ گڏ ڀڳو.
24.13 لھي لٽاڪو، ڇٽي ڦٽاڪو.

25. ماٺ ڏاڍي مِٺي آهي. (چوڻي) 30
هڪ بادشاهه جي ٻنيءَ جي ونگار ۾ ڪي ڏاهري مڙس آيا ته سندس حڪم تحت هنن لاءِ تانھري تياري ڪرائي وئي.
شام جو ونگار وهي، ڪم تان لٿا ته اچي تانھريءَ تي ٽُٽا. سڄو ڏينھن اڙھيا هيا. ٿڪ سبب، بک به ڏاڍي لڳي هين. بک تي کين سڻڀي ۽ مٺي تانھريءَ ڏاڍو مزو ڏنو.
اڳي ڪڏهن نه کاڌي هئائون ۽ نه وري ڏٺي هئائون. تنھنڪري نالي جي به خبر نه هين. دل ۾ خيال ڪيائون؛ “جيڪر هن طعام جو نالو ۽ رڌڻ جي ڏانءَ جي خبر پئجي وڃي ته هوند ڳوٺ موٽي وڃي گهر وارن کان رڌرائي چڙهه ڪيون.” اهو خيال ايندي، وزير کان پڇيائون؛ “هن مٺي طعام جو نالو ڇاهي؟”
“ابا انھيءَ طعام جو نالو آهي!” وزير کين پوريءَ طرح جاهل ڄاڻندي، ڀلائڻ وارو نالو ٻڌايو؛ “ماٺ!”
“ٻيلي واه واه!” پاڻ ۾ ويھي چوڻ لڳا؛ “ماٺ ڏاڍي مٺي هئي!”
مطلب:
25.1 چپ رهڻ ۾ گهڻا فائدا آهن. ڳالھائڻ ۾ گهڻا نقصان به آهن.

26. مون ڀانيو درويش، پر هئين بازن کان بڇڙو. (ورجيسي جملو)
هڪڙو ڳيرو، هڪڙي وڻ تي ويٺو هيو جو مٿانئس هڪڙي باز لامارا ڏيندي پئي لُوهون ڏنيون. وڻ هيٺان وري هڪڙو شڪاري به گز ڪمان کنيو شڪار لاءِ پئي ڦريو جو باز جي لوهن تي ان جو ڌيان به ڳيري ڏانھن کڄي ويو.
ڳيري ٻه خطرا، هڪ ئي وقت ڏٺا ته وچ ڏئي اڏاڻو. گازڙيي کان ته پاڻ گسايائين پر بازڙو پويان لڳو آيس. ڀڄي ڀڄي ساڻو ٿيو ته ٻي واهه نه ڏسي هڪ جهنگ ۾ ويراڳ پچائيندڙ فقير جي جهوليءَ ۾ وڃي ڪريو. فقير کي الفي ڍڪيل هئي ۽ جهنگ ۾ دونھين دکايو، پوڄا پاٺ/ پرارٿنا ڪري رهيو هيو. شڪل مان به بزرگ لڳي رهيو هيو.
جيئن ڳيرو سندس هنج ۾ ڪريو، تيئن ئي کيس مولى طرفان موڪليل روزي سمجهي، چاقو ڪڍي ڪھي ڇڏيائين. ‘ڪنڌ تي ڪاتي اچڻ’ کان اڳ، ڳيري سسندي ڪرڪيو؛ “مون ڀانيو درويش، پر هئين بازن کان بڇڙو.”
مطلب:
26.1 مون، تو مان چڱائيءَ جي اميد رکي هئي پر تنھنجو رويو بدفضيلت ماڻھن وارو آهي.
26.2 ٻاهران درويش، اندران باز کان بڇڙو. (ورجيس)

27. مون ته ڪا اربع خطا ڪانه ڪئي. (ورجيسي جملو) 78
هڪڙي بزرگ جي مزار تي، هر اربع رات ميلو لڳندو هيو، جنھن ۾ تر جا ننڍا وڏا، پوڙها پڪا، زائفون مرد، جوان جڙا اچي ڪُتر ٿيندا هيا.
هڪڙي جوان جي به هڪڙيءَ جوانڙيءَ سان اک اٽڪيل هئي، سي به ديدار درشن واسطي، هر اربع تي ميلي جي بھاني سان، اچي چار چشمي ڪندا هيا. واعدا اقرر اهڙا هين جو ڪير به ڏينھن جو ڪوڙو نه ٿيندو هيو.
اتفاق سان جوان کان ڪو ڏوهه يا خطا ٿي، جنھن ۾ ٻارنھن مھينا ٽيپ کائي ويو. هوڏانھن سنگتياڻيءَ کي سڻس ئي نه پئي. خلق ۾ خوار ٿيڻ کان بچڻ واسطي، پڇڻ جي بھاني سان به، ٻڙڪ ٻاھر نه پئي ٻاڦيائين. ليڪن هر اربع تي سندس انتظار ضرور ڪندي هئي.
جنھن لا ءِ دل ۾ عشق ۽ اندر ۾ هورا کورا هجي، تنھنجي تات به هوندي آهي. نيٺ ٻاٻور پيس ته يارڙو ته قيد بند ۾ آهي. صدمو ته گهڻو ئي رسيس پر ڪري ڪجهه نه سگهي ۽ هر اربع تي اچي، سندس انتظار سان، ياد تازي ڪري، واپس ويندي هئي.
نيٺ عاشق به سزا ڪاٽي آزاد ٿيو پر ڪنھن مجبوريءَ تحت ميلي تي نه پئي آيو. گهڻيئي اربعائون آيون، ميلا مڙيا پر سڄڻ نه آيو ته نيٺ نياپا سنيھا شوع ٿيا؛ “اربع اسان خطا نه ڪئي آهي. تو ڇا تي روسامو ڪيو آهي جو نه ٿو اچين.”
نياپي تي يار، ايندڙ اربع واري ميلي جي حاضري ڀري. وڇڙيا پاڻ ۾ مليا ته ڏک ڏوراپا شروع ٿيا. عاشق پڪ ڪرڻ خاطر پڇيو؛ “واقعي تو ڪا به اربع خطا نه ڪئي آهي.”
“نه بلڪل نه !” پڪ ڏياريندي محبوبه چيس؛ “مون ته ڪا اربع خطا ڪانه ڪئي آهي.”

مطلب:
27.1 مون ڪو وڏو جرم يا ڏوهه نه ڪيو آهي.
27.2 اربعا خطا ڪرڻ (اصطلاح): غلطي يا ڏوهه ڪرڻ، چوٿون ڀيرو غلطي ڪرڻ.
27.3 اربعا خطا نه ڪرڻ. (ناڪاري اصطلاح) (چوٿون ڀيرو غلطي نه ڪرڻ. ٽي دفعا معاف ۽ چوٿون دفعون معاف نه ٿيڻ واري غلطي نه ڪرڻ).

28. ميٽ مٿي ۾ هجئي ته مون وٽ اچي ڪڍ. (ورجيسي جملو)
هڪڙي مائي پيڪين گهمڻ وئي ته مائٽن کيس جهلي ڇڏيو. سيڻن سان چپقلش هين، بدلي ۾ هن کي رهائي ڇڏيائون.
ڳچ ڏينھن تائين مڙس به صبر ڪيو پر هو مُڙيا ڪين ۽ پنھنجيءَ کي پاڻمرادو اجازت ڏنائون ڪونه. نيٺ مڙسھس، پٽن کي چيو؛ “ماءُ ڏي وڃو ۽ وٺي اچوس. چئوس؛ سگهو اچي! ايترو جو ميٽ مٿي ۾ هجيس ته به نه ڪڍي ۽ هتي اچي ڪڍي! ٻي صورت ۾ منھنجو به جواب اٿس.”
پٽ جڏهن ناناڻي گهر پھتا ته ماڻَھن واقعي مٿي ۾ ميٽ وجهيون سڪائي رهي هئي. کيس پيءُ جو پيغام ڏنائون. ھوءِ پاڻ به پٽن ۽ مڙس کان سواءِ، پيڪي گهر ۾ ڀاڄاين جي طعنن تنڪن ۾ اچي بيزار ٿي هئي. کيس به پيڪن مان نڪرڻ لاءِ بھانو کپندو هيو، سو يڪدم اٿي کڙي ٿي. چي؛ “ميٽ ڪڍندم ته ڪلاڪ ٻه لڳي ويندو. تنھنڪري اتي هلي ٿي ڪڍان!”
ڪپڙو مٿي کي ٻڌي، بڊ ڪپڙن لٽن جي، پٽن کي کڻائي پيڪن مان نڪتي ۽ ٿڏي تي پنھنجي گهر اچي پڳي. مڙسس ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو.
مطلب:
28.1 ايڏو جلدي اچڻ، جو ٻيو ڪم به نه ڪرڻ.
28.2 نياپي ملڻ کانپوءِ، گرڙا گاهه کائڻ حرام آهي.
28.3 اهڙو تڪڙو نياپو موڪلڻ، جو سنبرڻ جي مھلت به نه ڏيڻ.
28.4 اهڙو تڪڙو، جو مٿي ۾ پيل ميٽ به نه ڪڍڻ ڏئي. (ورجيس)
28.5 مٿي مان ميٽ به ڪڍڻ نه ڏيڻ. (ناڪاري اصطلاح)

29. همت بندا، مدد خدا. (چوڻي) 80
هڪڙو فقير، بادشاهي محلات وٽان لنگهيو ته عين ان وقت بادشاهه جي ڌيءَ دريءَ وٽ بيٺي درشن ڪيا. مٿس نظر پوندي ئي موهت ٿي پيو ۽ دل ڦرائي ويھي رهيو. عشق جو تير؛ بي پير، جگر ۾ پيوست ٿي ويس. حسن جي حملي، پير اُتي ڄمائي ۽ خمار چاڙهي ڇڏيس. ڪا پھر پلڪ ته اکيون اتي اڙيل رهيس. آخر تجلو ٽٽو، خيال کٽو. پاڻ سنڀالڻ جي ڪيائين، سنڀالي نه سگهيو.
جهنگ منھن ڪيائين. ساوڪ ڏٺائين، پر روح نه وندريس. وڻ پسيائين، پر فرحت نه آيس. ميدان گهميو، پر اندر نه ٺريس. لُوهون ڏنائين، پر آرام نه آيس. سِيرَ پيل پکيءَ وارا بُل هيس. موٽي شھر آيو ته به ڪنھن شيءِ مزو نه ڏنس. وس کان بيوس، ڀانئي ته پـَرَ ڪري اڏامي محلات جي دريءَ وٽ وڃي ويھان. ڪا واهه نظر نه آيس.
لڳي لٿي، پڪو ارادو ڪري بادشاهه جي ڀريءَ درٻار ۾ اچي صدا هنيائين؛ “فقير به عام انسانن جھڙو آهي. کيس شاني شريڪ سمجهندي، سڱ ڏيڻ جي عنايت ڪئي وڃي.”
بادشاهه، بي شانائتا گفتا ٻڌي تپي لال ٿي ويو. وزير بادشاهه جو غصو سمجهي ويو. خيال- مٽ ڪرائڻ لاءِ عرض رکيائين؛ “جيئندا قبلا! فقيرُ، ڪل ٿڙيل معلوم ٿو ٿئي. عقل وارو اهڙيون ڳالھيون ڪونه ڪندو آهي. بلڪ جھڙي ڪچھري، اُهڙو گفتو ڪڍندو آهي. تنھنڪري اهڙي بي وس ماڻھوءَ تي غضب ڪرڻ کان بھتر آهي ته کيس اهڙو ڪم ڏسجي جنھن ۾ ڦاسڻ کان پوءِ جان ئي نه ڇٽيس!”
“پوءِ صلاح ڏي ته ڪھڙو ڪم ڏسيونس!” بادشاهه پڇيو.
“جيئندا قبلا! کيس هڪڙو ڪم ٿا ڏسيون!” وزير ڏکيو ڪم ٻڌائڻ لاءِ چيس؛ “کيس حڪم ڪيو وڃي ته سمنڊ مان سچا موتي ڳولھي اچي!”
بادشاهه انھيءَ راءِ تي متفق ٿيو ۽ فقير کي تعميل لاءِ حڪم ٿيو.
فقير سچن موتين جو نمونو گهريو. کيس اھو ملي ويو ۽ همت ڪري سمنڊ ڏانھن نڪري پيو.
سمنڊ تي پھچي، ڪستي سان پاڻي ٻاهر ڌنئڻ شروع ڪيائين. ڏينھن رات هڻ هڻان هيس. هڪڙي ڏينھن صبح جو ڏسي ته رات واري ڌنئيل پاڻيءَ واري جاءِ تي موتين جو ڍير لڳو پيو آهي. نموني طور آندل موتيءَ سان، سمنڊ مان نڪتل موتين جي ڀيٽ ڪيائين. پڪ ٿيس ته هڪجھڙا آهن. ڪستو موتين سان ڀري، درٻار ۾ حاضر ٿيو ۽ واعدي مطابق سڱ جي تقاضا ڪيائين.
موتي ڏسي، بادشاهه وزير ڏانھن ڏٺو، موٽ ۾ وزير چيو؛ “سائين فقير وٽ ايترا موتي آهن، جيترا اسان جي محلات ۾ ڪونھن. هاڻي ته هيءُ امير هئڻ جي ناتي سان به سڱ جي قابل ٿي ويو آهي.”
مطلب:
29.1 همت ۽ محنت ڪرڻ واري جي الله به مدد ڪري ٿو.