سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ڪھاڻيڪار ۽ شاعر ميمڻ روشن ”تبسم“ جي ڪھاڻين جو مجموعو ”مارئي ۽ مان“ اوھان اڳيان پيش آھي.
روشن تبسم جي ڪھاڻين ۾ جذبا ۽ احساس ڀريل آھن. سندس مُرڪ ۾ ڪيترن ئي احساسن ۽ پيڙائن جا ورق لڪل آھن. سندس ٽھڪن پٺيان الائي ڪيترا سڏڪا لڪل آھن. سندس اندر جو آواز ھن جي ڪھاڻين ۾ پڌرو آھي. ھو فطرتي ڪھاڻيڪار آھي جنھن بند ڪمري جي مصنوعي ماحول ۾ ويھي ڪونہ لکيو آھي. ھن جي قلم سدائين سچ ڀري تحرير لکي آھي.
ھي ڪتاب 1989ع ۾ گلشن پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي اسڪين ڪاپي شير علي چانڊيي جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي