شاعري

تن تشنگي تار

اويس ساگر جو ھي پھريون مجموعو آھي، جيئن ماڻھو پھرين پيار ۾ جذباتي جوش سان ڀرپور ۽ اتاولو ھوندو آھي، تيئن اويس ساگر پڻ پنھنجي شاعريءَ جي ھن مجموعي جي پيار ۾ بيحد پرجوش لڳي رھيو آھي. اويس جي شاعريءَ ۾ انڊلٺي رنگ سمايل آھن، جنھن ۾ ڌرتيءَ سان محبت جو اظھار ھجي، سکر جي سونھن ھجي، فطرت جي سونھن ھجي، مجازي عشق ھجي يا محبوب جو عڪس ھجي، ھن سڀ رنگ شامل ڪيا آھن. 

Title Cover of book تن تشنگي تار

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نوجوان شاعر اويس ساگر سومري جي شاعريءَ جو پھريون مجموعو ”تَن تَشنگي تار“ اوھان اڳيان پيش ڪجي ٿو. 
اويس ساگر جو ھي پھريون مجموعو آھي، جيئن ماڻھو پھرين پيار ۾ جذباتي جوش سان ڀرپور ۽ اتاولو ھوندو آھي، تيئن اويس ساگر پڻ پنھنجي شاعريءَ جي ھن مجموعي جي پيار ۾ بيحد پرجوش لڳي رھيو آھي. اويس جي شاعريءَ ۾ انڊلٺي رنگ سمايل آھن، جنھن ۾ ڌرتيءَ سان محبت جو اظھار ھجي، سکر جي سونھن ھجي، فطرت جي سونھن ھجي، مجازي عشق ھجي يا محبوب جو عڪس ھجي، ھن سڀ رنگ شامل ڪيا آھن. 
ھي ڪتاب 2022ع ۾ ڪنول پبليڪيشن، قنبر پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي اويس ساگر سومري ۽ ڪنول پبليڪيشن جي سھڪار سان شيئر ڪجي ٿي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ : ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.