سفرناما

دنيا پنھنجي ديس پرايا

ھي ڪتاب اياز لطيف پليجي جي آمريڪا، انگلينڊ ۽ فرانس بابت سفرنامو آھي. اياز لطيف جي تحريرن ۾ سنجيدگي، شوخي ۽ شگفتہ مزاجيءَ کي ھڪ جيتري اھميت حاصل آھي. ٺاھوڪين تشبيھن سان سينگاريل سندس ھن سفرنامي ۾، ملڪ، ماڳ ۽ ماڻھن جي رھڻي ڪھڻيءَ جا عڪس ذھن جي اسڪرين تي اجاگر ٿيڻ سان گڏ، ليکڪ جي پنھنجي ھمہ گير شخصيت پڻ ھڪ وڻندڙ ڪردار جيان اڀري پڙھندڙ جي سامھون ٿي اچي. ھن سفر جو اھم مقصد SANA جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ ھو، انڪري ھن اتان جي بحث مباحثي کان پڻ واقف ڪرايو آھي.

Title Cover of book دنيا پنھنجي ديس پرايا

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري سياستدان ۽ اديب  اياز لطيف پليجي جو لکيل سفرنامو ”دنيا پنھنجي ديس پرايا“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
ھي ڪتاب اياز لطيف پليجي جي آمريڪا، انگلينڊ ۽ فرانس بابت سفرنامو آھي. اياز لطيف جي تحريرن ۾ سنجيدگي، شوخي ۽ شگفتہ مزاجيءَ کي ھڪ جيتري اھميت حاصل آھي. ٺاھوڪين تشبيھن سان سينگاريل سندس ھن سفرنامي ۾، ملڪ، ماڳ ۽ ماڻھن جي رھڻي ڪھڻيءَ جا عڪس ذھن جي اسڪرين تي اجاگر ٿيڻ سان گڏ، ليکڪ جي پنھنجي ھمہ گير شخصيت پڻ ھڪ وڻندڙ ڪردار جيان اڀري پڙھندڙ جي سامھون ٿي اچي. ھن سفر جو اھم مقصد SANA جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ ھو، انڪري ھن اتان جي بحث مباحثي کان پڻ واقف ڪرايو آھي.
ھي ڪتاب 1991ع  ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي شير علي چانڊيي  جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي